ديبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديبل بندر
علائقو سنڌ جو عربي سمنڊ وارو ڪنارو
قسم قديم ڦٽل بندر
تاریخ
ترڪ سمن جي شروعاتي دور ۾
دور سنڌ م عربن جي آمد ۽ ان کان اڳ وارو زمانو
ثقافت ھندو ۽ ٻڌ ثقافت
مضافت سنڌ جي راجائن جي حڪومت
رھائش پذير سنڌي
واقعا عربن جي ڪاھ ء شھر جو زوال

ديبل (Debal) ڪراچي کان 37 ميل پري ڀنڀور جي هنڌ تي قديم بندرگاهه آهي۔ مسلمانن هندوستان ۾ سڀ کان پهريان ان ئي بندرگاهه تي پنهنجو جهنڊو لهرايوڦڙڪايو. هتي هندن جا مندر گهڻا هئا ۽ هو هن شهر کي ديول چوندا هئا. 1912ع جي کوٽائي ۾ هتي اهڙا آثار مليا آهن، جيڪي اسلامي دور سان تعلق رکن ٿا۔ اهو به امڪان آهي ته، ديبل بندر ديبل بندر، سنڌو درياءَ جي بگهاڙ واري وهڪري تي هجي جيڪو ان وقت سنڌو نديءَ (Sindhu Nadi) جو مرڪزي وهڪرو هو. اها ڳالهه هيملٽن 1699ع ۾ چئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ديبلي يا ديبل وارو وهڪرو لاڙي بندر تائين ويندو هئو، جيڪو پير پٺو جي ڏکڻ اولهه ۾ هئو.ديبل، سنڌ جي قديم ۽ مشهور واپاري بندرگاهه هئي. ديبل کي چوگرد قلعو هو. فتحنامي مان هن شهر جي قدامت جو احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسوي کان وٺي تقريبن تيرهين عيسوي صدي جي اڌ تائين ديبل بندر زبون حالت ۾ سنڌ پرڳڻي ۾ قائم هو. ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ اندر عربي دور اقتدار جو زور هوريان هوريان ختم ٿي ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي ويئي. سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستين ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو، جيڪو ”لوهاراني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. سن 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه (Ibn-e-Batoota) سنڌ ۾ آيو ته هن ”لاهري“ بندر (Laahiri Bandar) کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل بندر اٽڪل ڇهه سو ورهيه سنڌ جو مکيه بندر ٿي رهيو ۽ ان سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو.

نالي جي معنيٰ[سنواريو]

ديبل اصل ۾ ديول ٻول تان ورتل آھي ۽ ديول جي معنيٰ آھي مندر (ٽيمپل).[1]


ديبل جو جاگرافيائي مقام[سنواريو]

جيتوڻيڪ ديبل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، پر سنڌ وارن نئين بندرگاهه کي به ديبل ئي سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سو ورهين جي عرصي ۾ ”بندر“ ۽ ”ديبل“ جا لفظَ لازم ملزوم بڻجي ويا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي. سورهين عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن هن ساڳئي لاهري بندر کي لاهري بندر، دربل، ديوئل ۽ ديوئلسند ڪري لکيو آهي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي. مير معصوم لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ”ديبل بندر“ ڪري لکيو آهي. [2] انهن احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل ۾ ديبل، جنهن کي بن قاسم فتح ڪيو هو، اهو زماني جي انقلابن ڪارڻ تباهه و برباد ٿي ويو، تڏهن به ان جو اهو نالو هلندو رهيو ۽ پوءِ لوهاراني يا لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ديبل بندر سڏڻ لڳا. سنڌ جو مشهور تذڪري نگار مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏي ٿو. ساڳيءَ طرح بگهاڙ شاخ تي هڪ بندرگاهه کي به ديبل ڪري سڏيو ويو آهي. اتي دفن ٿيل شيخ حسين عرف پير پٺي کي ديبلي ڪري سڏيو آهي. [3] محقق بيروني جو چوڻ آهي ته ديبل هڪ سامونڊي بندر هو ۽ لوهاراني کان اڀرندي ڏانهن سنڌو نديءَ جي شاخ جو هڪ بندر هو. [4] ان ڪري پاٽنجر ۽ ڪيننگهام لاهري بندر کي اصلي ديبل سمجهن ٿا. رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪمرڊو، دلاروشي، رينيل ڊبليو، همئلٽن ۽ هينري ڪزنس وري ٺٽي کي قديم ديبل ڪري لکن ٿا، جيڪا ڳالهه بي بنياد لڳي ٿي. ايليٽ صاحب ڪراچي کي ديبل ٺهرايو آهي. پر ٻئي پاسي ڪجهه ٻين محققن جو خيال آهي ته ڪراچي بندر طور سن 1729ع ڌاري ڪتب اچڻ شروع ٿيو هئو، تنهنڪري ڪراچيءَ جي ديبل بندر هئڻ واري ڳالهه تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي. آرميني جاگرافيدان ۽ تاريخ نويس موسيٰ خوريني (Mosses Chorenazi) چوٿين يا پنجين عيسوي ۾ جاگرافيءَ بابت هڪ ڪتاب لکيو. ايراني حڪومت سان سانيءَ جي سياسي ورهاست جو ذڪر ڪندي هن ڏاکڻن ضلعن ۾ مڪوران (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ”دي بول“ ذڪر ڪيو آهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”ديبل“ جي نالي سان ٻه بندر هئا هڪ دريائي بندر ۽ ٻيو سامونڊي ۽ ٻئي هڪ ئي نالي سان سڏبا هئا. ان مان اهو به واضع ٿئي ٿو. ته ديبل شهر به هو، ته علائقو به.چيني سياح ڪياتان جاگرافيدان ۽ سياح‎ ڪئنٽن کان ايراني نار تائين جڳهن ۽ بندرن جا نالا ڄاڻايا آهن. هن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو درياءُ ”مي لان“ آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي”مي لان“ ”مهراڻ“جو چيني اچار آهي، ۽ ”تي يو“ ”دي بول“ جو چيني اچار آهي.[5]سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل بابت بشاري مقدسي پنھنجي ڪتاب احسن التقاسيم ۾ لکي ٿو: ”سامونڊي ڪناري تي واقع آهي. ان جي چوڌاري لڳ ڀڳ سو ڳوٺ آهن، جن جي آبادي گهڻو ڪري هندو آهي سمنڊ جون لهرون شهر جي فصيل سان اچي ٽڪرائجن ٿيون. سمورا رهاڪو واپاري آهن سنڌي ۽ عربي ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌ جو بندرگاهه آهي. حڪومت کي ان مان تمام گهڻي آمدني ٿئي ٿي. ان جي لڳ مهراڻ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ماڻهو سليقي وارا ۽ خوش آهن.“[6]”ديبل“ جي جاءِ جو نالو قديم دور ۾ پھرين پھرين آرميني تاريخ نويس ۽ جاگرافيءَ جي ماھر موسيٰ خوريني (Moses Chorenaz) جي جاگرافيءَ بابت لکيل ھڪ رسالي ۾ ملي ٿو، جيڪو چوٿين يا پنجين صديءَ عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ساساني حڪومت جي سياسي ورھاست جو بيان ڪندي ھن ڏاکڻين ضلعن ۾ ’مڪوران‘ (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ’دي بول‘ جو بہ ذڪر ڪيو آھي. [7] انھيءَ مان اھو نتيجو نڪري ٿو تہ اھو نالو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان گھڻو اڳ مشھور ھو. ان جي عربي اچار سان گھري ھڪجھڙائي ٻڌائي ٿي تہ اھو نالو عربن پنھنجن پاڙيسري ايرانين کان ورتو ۽ نہ مڪاني ماڻھن کان جيئن شڪ ڪيو وڃي ٿو تہ ان جو اشتقاق سنسڪرت لفظ ”ديوالہ “ (يعني بتن جو مندر) مان ورتل آھي. اھا بہ اھم ڳالھ آھي تہ آرميني جاگرافيدان جو ’دي بول‘ ڪنھن شھر يا بندر جو نالو ڪونھي، پر ھڪ ضلعي جو نالو آھي، جيڪو مڪران ۽ سنڌ ٻنھي کان ڌار ھو. انھيءَ مان راجا ڏاھر جي انھيءَ حجت جي تصديق ٿئي ٿي تہ سامونڊي ڦورو ميد، جن جو صدر مقام ديبل ھو، سندس رعيت نہ ھئا. ٻيو غير عرب مصنف، جنھن ھن جاءِ جي نالي جو ذڪر ڪيو آھي، اھو آھي چيني جاگرافيدان ’ڪياتان‘، جنھن جا سفرناما 785ع ۽ 805ع جي وچ ڌاري مرتب ڪيا ويا ھئا. ڪئنٽن کان وٺي ايراني نار تائين جاين ۽ بندرن جي ڳڻپ ڪندي، ھن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ملڪ ۾ ھڪ وڏو درياءُ ”مي لان“ (مھراڻ) آھي.[8] چيني اُچارپڻ آرميني جاگرافيدان جي ڏنل نالي جي ويجهو آهي ۽ سندس ان بيان جي تہ اھو ھڪ ”ملڪ“ آھي، پڻ تصديق ڪري ٿو. ھاڻي وري عربن ڏانھن اچون ٿا، جن جي ٽن شاعرن سڀني کان پھرين انھيءَ نالي کي پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي. پھريون مشھور معروف شاعر ’جرير‘ (740-827ع) آھي، جنھن قبيلي بنو تميم جي ھجو ڪندي لکيو آھي: ’شريف انسان جو ڌڪ ديبل (الدبيلة) جي ڍڳيءَ جي ڌڪ جھڙو ھوندو آھي، پر بنو تميم جو ڌڪ ٻڪريءَ جي ڌڪ جھڙو آھي‘.[9] ھن جي ھمعصر خالد القناس پڻ ديبل جي ڍڳين جو ذڪر ڪيو آھي. [10] انھن ٻن حوالن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ديبل ھڪ چڱي چراگاھ واري سرزمين ۾ واقع ھو. پر ديبل بابت وڌيڪ اھم حوالو ابن العربي (767-845ع) جي ھڪ شعر ۾ ملي ٿو، جنھن پاڻيءَ جي پخال کي ديبلان (الديبلان) يعني ”ٻہ ديبل)[11] جي ھڪ ٿلھي ۽ ڪاري شخص سان تشبيھ. ڏني آھي. اھو ٻن ’ديبلن‘ جو قديم ۽ واضح ذڪر آھي. ديبل جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کان پھرين، اسين مٿي ڄاڻايل قديم حوالن جي آڌار تي چئي سگھون ٿا تہ اصل ۾ اھو نالو ھڪ ’ضلعي‘، ’بادشاھت‘، ’ملڪ‘ جو نالو ھو، جتي سٺا چراگاھ ھوندا ھئا ۽ جتي ٻہ ھنڌ (بندر يا شھر) ’ملڪ‘ جي نالي پٺيان سڏبا ھئا. جيتوڻيڪ ائين بہ ٿي سگھي ٿو تہ اھا بادشاھت يا ضلعو پنھنجي مکيہ شھر يا شھرن جي نالي پٺيان سڏبو ھجي. جن عرب ليکڪن ديبل جو حوالو ڏنو آھي، انھن ۾ سڀني کان وڌيڪ صحيح ۽ ڄاڻو عالم البيروني (وفات 1048ع) ھو. ھڪ کاري، ھڪ نار (الغب) ۽ ’کاري مٺي جو سنڌو‘ (الخور) ۾ جيڪو فرق آھي، ان کي ھو سائنسي طريقي تي ھن ريت ٻڌائي ٿو: ”ھڪ نار (الغب) ھڪ اھڙي ڪنڊ يا پاڻيءَ جي ڪن وانگر ھوندي آھي، جيڪو سمنڊ مان کليل ميدان ۾ گھارو ڪندو آھي ۽ خاص ڪري وير جي لھڻ ۽ چڙھڻ سبب ان ۾ جھاز راني ڪرڻ خطرناڪ آھي. کاري مٺي جو سَنڌو (الخور) بہ نار وانگر ھوندو آھي، پر اھو سمنڊ جي کليل ميدان ۾ گھاري ڪرڻ سببان نہ ٺھندو آھي، بلڪ وھندڙ پاڻيءَ جي ڦھلاءِ جي ڪري ٺھندو آھي، جيڪو اتي پھچي بيھي رھندو آھي ۽ سمنڊ سان ملي ويندو آھي. اھي کاري مٺي جا سَنڌا بہ جھازن لاءِ خطرناڪ ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تہ ڳرن غورابن کي مٺي پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ کارو پاڻي چڱيءَ طرح کڻي سگھي ٿو.“ [12][13]سنڌو درياءَ جي ڪيٽيءَ جي بلڪل ڏاکڻي طرف کي مغرب وارا (يعني ايراني ۽ شايد سندن پاڙيسري آرميني ۽ عرب، پنجين صدي عيسويءَ کان ديبل ڪري سمجھندا ھئا. انھيءَ ملڪ جي مخصوص ضرورتن جي ڪري اتي بھ بندر ھوندا ھئا؛ ھڪ سامونڊي بندر، جيڪو درمياني بندر جو ڪم ڏيندو ھو ۽ ٻيو دريائي بندر، جيڪو واپار جو مرڪز ھوندو ھو. درياءُ جي لٽ جي ڪري انھن بندرن جي اصل جاءِ ۾ فرق ھو. الديبل جي علائقي تي عربن جا پھريان حملا سامونڊي ساحل ۽ انھيءَ جي بندر تائين محدود ھئا، جنھن ڪري ھنن کي گھڻو نقصان پھتو، ڇاڪاڻ تھ بچاءُ ڪندڙن جي اصل طاقت ملڪ اندر يعني بندر ۾ موجود ھئي، جيڪو الديبل جي کاري مٺي جي سنڌي (خوار الديبل) وٽ واقع ھو. ٽيون حملو کاري مٺي جي سنڌي (خور) تي واقع بندر تي ٿيو ھو.[14] جيئن تھ اھو ھنڌ گھڻو ملڪ اندر ھو، تنھن ڪري انھيءَ حملي ۾ پيدل فوجن کان گھڻي مدد ورتي وئي ھئي. ھيگ جو اصرار ڪرڻ بلڪل درست آھي تھ ايترو مٿي سنڌو درياءَ ۾ سامونڊي جھازن لاءِ جھازراني ڪرڻ بلڪل ناموزون آھي.[15] ھو لکي ٿو تھ: ”عجب آھي تھ سمنڊ کان انھيءَ جي فاصلي ۽ سنڌو ندي جھڙي درياءَ ۾ ڪنڊاون جھازن جي ھلڻ جي تڪليفن کي انھن ماڻھن نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي، جن کي ”پڪ“ آھي تھ اھو ڪنھن زماني ۾ سامونڊي جھازن جو مشھور بندر ھو.“ [16] پر ھن کي خبر ئي ڪانھي تہ انھيءَ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ حجاج خاص ۽ بلڪل انقلابي انتظام ڪيا ھئا. ھن ڪنڊاون جھازن کان سواءِ ڪوڪا لڳل ۽ ڏامر سان لِتل جنگي ڪشتين جو ھڪ ٻيڙو تيار ڪريو. الجاحز (وفات 868ع) ۽ ابن رسة (903ع ڌاري) اوائلي دور جي مشھور عرب مورخ المدائني (840-752) جي حوالي سان لکن ٿا تھ: حجاج پھريون شخص ھو، جنھن اھڙا جنگي ٻيڙا تيار ڪرايا ھئا. حقيقت ۾ عربن جي ھٿان ديبل جي فتح کان اڳ ھندي وڏي سمنڊ ۾ اھڙي قسم جا جھاز ھليا ئي ڪونھ ھئا.< ref>{ [17] تنھن ڪري جنھن ديبل کي محمد بن قاسم فتح ڪيو ھو، اھو يقينًا ٺٽو ھو، جيئن جاگرافيائي نقشن ۽ قديم آثارن جي حوالن سان ڪزنس ثابت ڪيو آھي.[18] انھيءَ ھوندي بھ ڪزنس پڻ ان زبردست چالاڪيءَ کان اڻ واقف آھي، جيڪا حجاج پنھنجن طاقتور مخالفن سامونڊي ڦورن سان ڪئي ھئي. انھن کان سواءِ قديم آثارن ۾ ڀنڀور جي کنڊرن کي گھٽ اھميت ڏئي ڪزنس غلطي ڪئي آھي. عربن جي ڪاھ وقت ديبل جو سامونڊي بندر يا ’بحري ديبل (ديبل بحرية)‘ البشاري جي لفظن ۾ ڀنڀور واريءَ جاءِ تي ھوندو ھو، جيئن آثار قديمھ جي کوٽائين مان ھاڻي آخرڪار ثابت ٿيو آھي. جيئن اسين اڳ ۾ چئي آيا آھيون تھ عربن بعد ۾ دريائي بندر گھڻو مٿي قديم بھمن آباد جي ويجھو ٺاھيو ھو. پر انھيءَ بندر کي قائم رکڻ لاءِ ضروري ھو تہ واھ ۾ درياءَ جي رءُ کي رھڻ نہ ڏنو وڃي، جيڪو عربن جي دور کان پوءِ واري زماني جي مشڪل حالتن ۾ ناممڪن ھو؛ تنھن ڪري ٺٽو ھڪ ڀيرو وري ھڪ دريائي بندر ۽ تجارتي مرڪز جي حيثيت ۾ اوج تي پھتو ۽ سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ٿيو. انھيءَ زماني تائين ڀنڀور جي حالت بھ ابتر ٿي وئي ھئي، جنھن ڪري انھيءَ جي بدران لاھري (يا البيرونيءَ جي لوھاراڻي) بندر کي استعمال ڪيو ويو، جيڪو يقينًا ھڪ ”ننڍو شھر“ ھوندو يا البشاري جي لفظن ۾ ’تقريبًا سؤ ڳوٺن جو شھر، جنھن جي چوڌاري ديبل جو سامونڊي بندر ھو.‘ انھيءَ انومان جي آثار قديمھ جي ثابتين مان پوري پٺڀرائي ٿئي ٿي. ارڙھين صديءَ جي آخري ڌاري لاھري بندر پنھنجي پاڙيسري شاھھ بندر جي ڀيٽ ۾ ڦٽي ويو، پر سڄي وچئين دور ۾ ٺٽو قائم ۽ دائم رھيو.[19] ڀنڀور ۾ آثار قديمہ جي شاندار کوٽائين مان فقط ھڪ حقيقت ثابت ٿي آھي تھ: پوري خاطريءَ سان چئي سگھجي ٿو تھ اھا جاءِ عرب دور جي عرب تاريخ واري ديبل جي جاءِ آھي. پر آثار قديمھ وارن ھن دعويٰ ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي تھ: ”ڀنڀور کي ديبل سمجھڻ جو سوال ھاڻي بنان ڪنھن شڪ ۽ شبھي جي حل ٿي ويو آھي.[20]

ديبل تي عربن جي حملن جو ڪارڻ[سنواريو]

وليد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ ڪن عرب واپارين سرانديپ ۾ وفات ڪئي هئي، جن جي زالن ۽ ٻارن کي سيلون وارن اَٺن جهازن ۾ چاڙهي، خليفي لاءِ تحفن سميت، جهازن کي بصري ڏانهن روانو ڪيو. مٿين جهازن کي مخالف هوا ديبل جي ڪناري تي ڌڪي آندو، جن کي ديبل جي دريائي ڌاڙيلن لٽي، زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو [21] . مٿئين حادثي متعلق، حجاج بن يوسف، ڏاهر کي احتجاجي نوٽ موڪليو، جنهن جو جواب ڏاهر نهايت مغروريءَ سان ڏنو، ته ”ديبل جا ڌاڙيل سندس حڪم کان ٻاهر آهن.“ حقيقت ۾ سندس جواب عذر لنگ هو، جنهن حجاج جهڙي ڪهنه مشق گرگ کي اهڙو مشتعل ڪيو، جو هن دمشق جي درٻار کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اجازت گهري.[22] [23]

ديبل جا بحري قزاق[سنواريو]

مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخن ۾ ڪنهن به مؤرخ ڪين ڏيکاريو آهي ته ديبل جا بحري قزاق ڪير آهن. عرب انهن ڊاڪن کي ’بوراج‘ سڏيندا هئا. اوهين پڙهي چڪا آهيو ته اسلام کان اڳ به اهي دريائي ڌاڙيل تجارتي جهازن کي لٽيندا هئا. سندن خوف ڪري، حيره جي آل منذر اميرن حيره کي ۽ ساساني فرمان روائن اُبله جي بندر کي مضبوط قلعا ڏياريا هئا. ان کان سواءِ وڏن جهازن تي پنج پنج سؤ ملاح رهندا هئا، جي پاڻ سان آتشي مادا به ساڻ کڻندا هئا. مڪران جو ڪنارو، ديبل ۽ سومناٿ گجرات ۾ ڌاڙيلن جا مکيه اڏا هئا. بزرگ بن شهريار ڪتاب ’عجائب الهند‘ ۾، علامه البيروني ’ڪتاب الهند‘ ۾ سندن ذڪر ڏنو آهي. سون مياڻيءَ کان وٺي گوادر جي بندر تائين ميڊ ۽ ڪورا ٻه قومون رهن ٿيون، جن جو گذران جهازرانيءَ ۽ مڇي جي شڪار تي آهي. گوادر جي هڪڙي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته سندن اصل وطن ڪڇي هو ۽ ايليٽ جي بيان موجب سندن اپر سنڌ جي مهاڻن سان مائٽي هئي. اتان نڪرڻ کان پوءِ هنن مڪران جي ڪناري کي وسايو. اهي مانگر مڇن جي هڏن مان جڙيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا. سندن خوراڪ مڇي هئي ۽ گهوڙن کي سڪل مڇيءَ جو گوشت کارائيندا هئا. اشور جي راڻي سميراس ۽ سڪندر مقدوني کي، مڪران جي ڪناري کان لنگهندي انهن گهڻو تنگ ڪيو هو. ايراني نار کان وٺي ملبار تائين جهازراني ڪندا هئا. سنڌ، گجرات ۽ ڪوڪن جي راجائن جي بحري ٻيڙن تي نوڪر هئا. محقق ڊي گوئجي ٻنهي قومن کي ايشيا جي بهترين ملاحن جو نمونو لکي ٿو. ڪرنل جيمس ٽاڊ، ميدن کي چندر ونسي اسوا خاندان مان شمار ڪري ٿو ۽ سندن ٽي فرقا هن ريت ڏيکار يٿو: 1- پورا ميد، 2- اُجا ميد ۽ 3- ديو ميد. ڪرنل جيمس ٽاڊ، تاريخ راجسٿان لکندي، جيڪي ڏسي ٿو، سو آريائي عينڪ جي ذريعي ڏسي ٿو. حالانڪ جديد تحقيقات ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اُهي عرب آهن. البت منجهن افغاني ۽ راجپوتي خون گڏيل آهي. جديد تحقيقات موجب سندن چار شاخون هن ريت آهن: 1- جالارزئي، 2- گزير، 3- اُرماڙي ۽ 4- چل مارزئي. منجهانئن گزير پاڻ کي بلوچ سڏين ٿا، اوماڙي افغان ۽ چل مارزئي لاسي سڏائين ٿا. علامه البيرونيءَ جي زماني تائين، هو پنهنجي منهن ڌاڙا هڻندا هئا، تنهن کان پوءِ عربن سان گڏجي 19 صديءَ تائين سمنڊ تي ڌاڙا هڻندا هئا. آخر انگريزي ٻيڙي کان شڪست کاڌائون، اهي رفائي مذهب جا پيروڪار آهن.[24][23]

بذيل جمالي جي ديبل تي ڪاھ[سنواريو]

مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:عظيم الشان اسلامي سلطنت اڳيان دولت ۽ فوجي لحاظ سان سنڌ جي ننڍڙي حڪومت هڪڙي صوبي جي برابر مس هئي. محمد بن هارون بلوچ تجربيڪار سياستدان هو ۽ جيڪي واپاري مڪران ۽ سنڌ ۾ ٻانهن جو واپار ڪندا هئا، هو تن معرفت سنڌ جا اندروني حالات معلوم ڪرڻ لڳو. نيرن ڪوٽ جي سمنين کي الور ۽ دمشق جي سياسي ڪشيدگيءَ جي خبر هئي؛ کين پڪ هئي ته سنڌ جي برهمڻ حڪومت هر حال ۾ اسلامي طاقت سان مقابلو ڪري نه سگهندي، ان سبب ڪري هتي جي سمنيه حاڪم، ڀنڊرڪر، اڳواٽ حجاج بن يوسف کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت نامو لکي مڪو. دعوت ملڻ کان پوءِ حجاج پنهنجي هڪڙي جرنيل، بذيل جماليءَ کي چئن هزارن جي لشڪر سان، ديبل ڏانهن روانو ڪيو؛ مگر بذيل ڏاهر جي پٽ جئسيه سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف جي خليفي وليد بن عبدالملڪ سان خط و ڪتابت جاري هئي، ويتر جو بذيل جماليءَ جي شڪست ۽ شهادت جون خبرون دمشق جي درٻار ۾ پهتيون، تنهن تي خليفي حجاج کي سنڌ تي مهم رواني ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني. اڳ خليفو جنگ جي خرچ کان البت ڪيٻائڻ لڳو هو، مگر هينئر حجاج خرچ جو ذمو پاڻ تي کنيو هو.[23]

ديبل جي فتح[سنواريو]

رحيمداد خان مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکي ٿو تہ: ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. سمنڊ شهر جي ڀتين سان موجون هڻندو هو.هي شهر مهراڻ جي اولهندي واريءَ شاخ تي هو. مسعوديءَ جي بيان موجب سمنڊ کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ’تاريخ طاهريءَ‘ جو مصنف جو سنه 1606ع ۾ ٺٽي ۾ آيو، تنهن جي بيان موجب ٺٽي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. بشاري سنه 375ھ ۾ ديبل جي چؤگرد هڪ سؤ ڳوٺ بيان ڪري ٿو، جن ۾ هندو واپاري رهندا هئا.[25] .[23] ابن بطوطه ديبل جي کنڊرن جو معانو ڪيو هو ۽ لاهريءَ کان ستن ڪوهن جي مفاصلي تي بيان ڪري ٿو[26] . ڏاهر جي پٽن ڪيشب ۽ جئسيه قلعي اندران مقابلو ڪيو. عرب فاتحن اَٺن ڏينهن تائين شهر جو مقابلو ڪيو[27] . شهر وارن جو اعتقاد مندر جي گنبذ ۾ هو، جنهن تي پتل جو سوار جو مجسمو جهنڊي سميت هو، جنهن کي اميرالبحر جعوبه منجنيق جي پهرئين ڌڪ سان ڪيرائي وڌو. بت جي ڪرڻ سان شهر وارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي، جئسيه راتورات چئن هزارن فوجن سان شهر ڇڏي ڀڄي ويو. قلعي اندر رهيل فوج مقابلو ڪرڻ لڳي. حزيمه ڪوفي پهريون مجاهد هو، جنهن قلعي جي ديوار تي چڙهي اسلامي جهنڊي کي کوڙيو. مٿئين واقعي کان پوءِ شهر وارن هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي. شهر جي جيلخاني مان بذيل جماليءَ جي لشڪر جا ڪي سپاهي هٿ لڳا، جن جيلخاني جي محافظ وڏي پنڊت جي تعريف ڪئي. غازي محمد بن قاسم شهر وارن لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو. سندس فياضيءَ کي ڏسي وڏو پنڊت مسلمان ٿيو. محمد بن قاسم ان کي شهر مٿان حاڪم مقرر ڪيو. بتخاني جو فقط گنبذ منجنيق ڪري ڊهي ويو هو، باقي عمارت کي مسلمانن ڪوبه نقصان ڪين رسايو هو. مندر جي عمارت هجري 3 صديءَ تائين قائم رهي. غازيءِ اعظم مسلمانن لاءِ جدا مسجد تعمير ڪرائي ۽ حميد بن ذراع کي شهر مٿان نائب مقرر ڪيو. اٽڪل 4 هزار بلوچ مڪران کان اچي شهر ۾ رهڻ لڳا، جن جي مڪراني بيٺڪ اڃا تائين ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. قلعي مان جيڪي به هٿيار ۽ خزانو هٿ لڳو، تن جو پنجون حصو حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو، باقي لشڪر ۾ ورهايو ويو[22] .

ديبل ۾ سنڌ جو پھريون جيل[سنواريو]

سنڌ جي عباسي خلافت جي گورنر عنبسا بن اسحاق، منصوره جي سڀني انتظامن کان واندو ٿي، شهر ديول جي واٽ ورتي، هيستائين سرڪاري ڏوهارين کي بند رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪا به خاص عمارت موجود نه هئي. عنبسه کي هتي جي فسادن، بغاوت ۽ آپي خاني ٽولن کي دٻائڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جي قيد ۾ رکڻ جي ضرورت پيش آئي. تنهنڪري هن ديول ۾ پهچي، انهيءَ قديم شڪسته حال مندر کي ان ڪم لاءِ رٿيو، جو محمد بن قاسم جي حملي وقت منجنيق عروس جي مار کائي چڪو هو ۽ ڏيڍ سؤ ورهيه گذري وڃڻ هوندي به هو اڃان تائين بيٺو زماني کي پنهنجو گذريل حال ٻڌائي رهيو هو. عنبسه مندر جي طولائي گنبذ جي چوٽي ڀڃائي ڪيرائي ڇڏي ۽ سندس ڇت وري نئين سر عام جاين وانگي سنئين سڌي ٺهرائي ۽ اڳوڻي عمارت مان جيڪي پٿر نڪتا، سي شهر جي ٻين ضروري عمارتن جي مرمت ۾ ڪم آندا. هن کي شهر ديول جي اصلاح جي بلڪل گهڻي خواهش هئي، جنهن ڏي هو هاڻي پوري آزادي ۽ فارغ البالي سان توجهه ڪري سگهيو.[28]. اھو سنڌ جو پھريون جيل يا سرڪاري قيد خانو ھيو[28].

ديبل بندر جو اجڙڻ[سنواريو]

ديول جي آخري احوال سومرن جي ڏينهن ۾ چنيسر جي زماني ۾ ملي سگهي ٿو، جڏهن هن ديول کي تختگاه مقرر ڪيو هو، پر ابن بطوطا جڏهن ديول کي ڏٺو، تڏهن اهو ويران هو، زمين تي ڀڳل بتن جا پٿر هئا ۽ هڪڙي وڏي بت جو مجسمو باقي بيٺل هو. لاهري بندر جنهن ديول کان پوءِ ناموري حاصل ڪئي، سو ديول کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي سمنڊ کان ويهه ميل اندرئين پاسي مهراڻ جي هڪڙيءَ اولهندي واري شاخ تي واقع هو[23]،آثارن مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل اهڙو شهر هو، جيڪو دريائي ۽ سامونڊي بندر هو. جنهن کي ڪڏهن درياءَ پئي ڌڪيو ته ڪڏهن سامونڊي زلزلن پئي تباهه ڪيو. تاريخ ۾ لکيل آهي ته خليفي معتمد جي ڏينهن ۾ ديبل اندر زلزلو آيو، جنهن سان ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا ۽ شهر کي وڏو نقصان پهتو[29][30]انهيءَکانپوءِ سن 417ع کان 419ع تائين جلال الدين شاهه خوارزم ديبل ۾ ٻه سال کن رهيو، انهي عرصي ۾ هن ديبل جو بتخانو مسمار ڪري ان کي مسجد سان ملائي ڇڏيو، جيڪا مسجد پير پٺي کان ڏکڻ طرف موجود آهي، جنهن جي قريب اها ڏيوري يا مينار پڻ بيٺل آهي، جيڪو قديم دور ۾ جهازن جي سنگنل طور ڪم ايندو هو [31]

حوالا[سنواريو]

  1. "Medieval India: Enslavement of Hindus by Arab & Turkish Invaders". Sanskriti - Hinduism and Indian Culture Website. حاصل ڪيل 2020-02-13. 
  2. ڏسو نزهة الخواطر ج1 ص35، ڇاپو حيدرآباد دکن
  3. مخدوم امير احمد ”تاريخ معصومي“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، دفعو اول 1953ع، ص6
  4. البيروني، ڪتاب الهند، ص102
  5. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  6. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  7. {”ايرانشھر“ بحوالھ حسن پيرينيا ”ايران – باستائي“ تھران 1304 ھجري ص520؛ پڻ ”ايران – باستان“ تھران 1311 ھجري ص93.}
  8. {Quoted and commented upon ھرٿ ۽ راخيل، چاؤ جو ڪُوا، سينٽ پيٽرس برگ، 1911ع ص9. }
  9. { السوي ”شرح ديوان جرير“ قاھره 1352ھھ، ص 528.}
  10. { الميمني ”طرائف الادبيه“ قاھره 1937 ص102}
  11. { البرڪي ”معجم ما استعجم“ قاھره، 1935ع جلد2 ص569. }
  12. { ”ڪتاب ملل ھند“ حيدرآباد دکن نسخو 1958ع، ص 167، سچاؤ “Indico” I:208.}
  13. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{ديبل جا ٻہ بندر قدرت الله فاطمي}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  14. { البلاذري ”فتوح البلدان“ ليڊن ص436.}
  15. { ھيگ The Indus Delta Country ص51، نوٽ 72.}
  16. { ھيگ The Indus Delta Country ص51، نوٽ 47.}
  17. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{(25) موجوده مصنف اھو پنھنجي ھڪ مضمون بعنوان ”ھندي وڏي سمنڊ ۾ جھازن جوڙڻ جي ھنر ۾ حجاج جا آندل سڌارا“ ۾ بحث ھيٺ آندو، جيڪو پنجاب يونيورسٽي اورنٽيل ڪاليج جي سؤ سالي تقريب جي سلسلي ۾ لاھور ۾ ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس (973) ۾ پڙھيو ويو.}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  18. {. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  19. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{ديبل جا ٻہ بندر قدرت الله فاطمي}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  20. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{ديبل جا ٻہ بندر قدرت الله فاطمي}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  21. مڪران جو ڪنارو بلڪل خطرناڪ هنڌ آهي، تنهن ڪري جهاز ڪنارو ڏيئي خبرداريءَ سان لنگهندا آهن. اهوئي سبب هو، جو سرانديپ جي جهازن ديبل جو ڪنارو ورتو هو، مڪران جي خطرناڪ ڪناري لاءِ ڏسو ڪتاب: Captain Constable & Liet, A.W. Stiffe: The Persian Gulf Pilot, London, 1898.
  22. 22.0 22.1 فتوح البلدان: بلاذري، ص- 435، 437.
  23. 23.0 23.1 23.2 23.3 23.4 ڪتاب جنت السنڌ، باب ٻيون،تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  24. (1) An-1. Elliot. H. (Dowson): History of India, Vol-I, P-60 J. Tod: The Annals & antiquities of Rajasthan, Vol. I, P-55. R. Hughes-Buller: Gazetteer of Makran, Papulation. The Meds. ڪتاب الهند: البيروني، ص – 102، ليڊن سنه 1797ع ۾ انگريزن جي هڪڙي جهاز بسبن نالي کي دريائي ڌاڙيلن ايرانين جي نار ۾ لٽيو. انهن ڌاڙيلن جو صدر مڪان مڪران جي ڪناري تي راس الخيما هو. 19 صديءَ جي شروعات ۾، ڌاڙيلن سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪناري تي پنجاه جهازن جي آرماڙ سان ويهن جهازن کي لٽيو. سنه 1819ع ۾ انڊين رائل نيويءَ مسقط جي امام جي ٻيڙي جي مدد سان برٽش اميرالبحر سر وليم گرانٽ جي ڪمان هيٺ ڌاڙيلن کي شڪست ڏني ۽ 8 جنوري 1820ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمنيءَ ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ صلح ٿيو. C.R. Low, I, N: Historical Back Ground of the Royal Indian Navy, "The Joasmis" PP. 13-16, New Delhi, 1944. رفاعن جو بزرگ سيد احمد ڪبير رحه عيسوي 12 صديءَ جي وچ ڌاري عراق ۾ ٿي گذريو. سندس عقيدا عبدالسميع هاشميءَ گڏ ڪيا هئا، جن کي سنه 1302ھ ۾ ترڪي مؤرخ احمد ثريا قسطنطنيه مان شايع ڪرائي، ڪتاب تي ’برهان المويد‘ نالو رکيو. رفاعي بزرگن مان شيخ شرف الدين اوساوليءَ کان گجرات وارن فيض پرايو. سندس شاگرد الجمال نوساريءَ کان به گجرات وارن فيض پرايو. رفاعن جو صدر مڪان بمبئي آهي، سندن خليفا گوادر ۽ پسني ۾ رهن ٿا، جن کي ميدن جا وڏيرا (ڪاهدا) چندا گڏ ڪري نذراني طور ڏين ٿا. ميدن جي هڪڙي بزرگ سخي تنگوءَ جو مقبرو ڪڇيءَ ۾ ڍاڍر جي ويجهو آهي. يادِ ايام: سيد عبدالحي، ص -48 لکنؤ.
  25. ميجر جنرل هيگ، جنهن جو ڪتاب ”دي اِنڊس وئلي ڊيلٽا ڪنٽري“ 1894ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو، تنهن ۾ ديبل سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا تي اولهندي ڪپ تي ڏيکاريل آهي. انگريزي سفير سر رابرٽ شرلي ايران ڏانهن ويندي، 1613ع ۾ ٺٽي کان جهاز رستي هڪ ڏينهن جي مسافري ڪرڻ کان پوءِ ديبل پهتو هو. ميجر ريورٽي عيسوي 17 صديءَ ڌاري ديبل کي ٺٽي کان 15 ڏينهن جي مفاصلي تي بگهاڙ جي ڇوڙ وٽ ڏيکاري ٿو. ڪپتان جان ووڊ، جنهن 19 صديءَ ۾ ڪراچيءَ کان آمو نديءَ جي منهن تائين مسافري ڪئي هئي، ديبل کي پير پٺي وٽ سنڌو نديءَ جي نقشي ۾ڏيکاريو آهي. ابو حامد اندلسي غرناطي (المتوفي 565ھ) جي جاگافي ”تحفة الالباب“ ص 91-92، پئرس ۾ ڇپي؛ منجهس ايراني نار جي بندرن ۽ سمنڊن جي پوري جاگافي ڏنل آهي.
  26. عجائب الاسفار: جلد-2، ص-81، ذڪر لاهري بندر ۽ ديبل. ابن بطوطه جو بيان رابرٽ شرلي جي بيان سان ٺهڪي ٿو.
  27. ڪامل ابن اثير، جلد-4، ص-285، ڏيکاريل آهي ته اسلامي لشڪر تن ڏينهن تائين ديبل تي گهيرو ڪيو هو.
  28. 28.0 28.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  29. ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  30. تاريخ الخلفاءَ صفحو 380، ڪلڪتو، بحواله تمدن سنڌ مصنف مولائي شيدائي صفحو 184.
  31. مخدوم امير احمد، چچ نامو سنڌي صفحو 156، ڇاپو پهريون سال 1954ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.