ديبل
سنڌ ۾ ديبل جي امڪاني هنڌ، ڀنڀور ۽ گهارو ڪريڪ جي ڀرپاسي | |
| متبادل نالو | ديبل بندر |
|---|---|
| مقام | ڀنڀور ۽ گهارو ڪريڪ جي ڀرپاسي، ٺٽو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
| علائقو | سنڌو درياهه جي ڊيلٽا، عربي سمنڊ جو سامونڊي علائقو |
| مقانيت | 24°45′06″N 67°31′17″E / 24.75167°N 67.52139°E |
| قسم | قديم بندرگاهه ۽ قلعي بند شهر |
| تاريخ | |
| بنياد پيو | قديم دور |
| ترڪ ٿيو | وچئين دور ۾ |
| زمانو | اسلام کان اڳ وارو دور؛ عربن جي فتح؛ اسلامي دور |
| ثقافتون | ٻڌ، هندو ۽ اسلامي ثقافت |
| جي تابع | سنڌ جون مقامي حڪومتون |
| سان لاڳاپيل | سنڌي |
| واقعو | محمد بن قاسم جي ڪاهه ۽ ديبل جي فتح |
| جڳھ بابت | |
| کوٽائي | 1912ع کان پوءِ مختلف آثار قديمه جون کوٽايون |
| حالت | آثار قديمه جو ماڳ |
| سنڌ جي اهم قديم سامونڊي بندرگاهن مان هڪ | |
ديبل يا ديبل بندر سنڌ جي هڪ قديم بندرگاهه ۽ قلعي بند شهر هو، جنهن کي تاريخي طور عربي سمنڊ جي ڪناري تي سنڌ جي اهم واپاري مرڪزن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. ديبل جي صحيح جاگرافيائي سڃاڻپ بابت عالمن ۾ اختلاف رهيو آهي، پر ڪيترن محققن ان کي موجوده ڀنڀور جي آثار قديمه واري ماڳ سان سڃاتو آهي، جيڪو ڪراچي کان لڳ ڀڳ 37 ميل پري واقع آهي.
ديبل کي سنڌ تي عربن جي فتح جي تاريخ ۾ خاص اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻتہ اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ عرب فوج سنڌ تي پنهنجي ڪاهه دوران پهرين ديبل تي حملو ڪيو ۽ شهر تي قبضو ڪيو. ان کان پوءِ ديبل سنڌ ۾ عربن جي سياسي ۽ واپاري سرگرمين جو هڪ اهم مرڪز بڻجي ويو.
اسلام کان اڳ ديبل ۾ هندو ۽ ٻڌ ثقافتي اثر موجود هئا. تاريخي روايتن موجب شهر ۾ ڪيترائي مذهبي ماڳ هئا ۽ هتي هڪ وڏو مندر پڻ موجود هو. شهر چوڌاري قلعي بند هو ۽ سامونڊي واپار سبب سنڌ جي اهم شهري مرڪزن ۾ شمار ٿيندو هو. فتحنامي مان پڻ ديبل جي قدامت ۽ سنڌ جي فتح دوران ان جي اهميت بابت ڄاڻ ملي ٿي.
آثار قديمه جي کوٽاين دوران ڀنڀور مان اهڙا آثار هٿ آيا آهن، جيڪي اسلام کان اڳ ۽ اسلامي دور ٻنهي سان تعلق رکن ٿا. 1912ع ۾ ٿيل شروعاتي کوٽائيءَ دوران پڻ اسلامي دور سان واسطو رکندڙ آثار مليا. بعد وارين آثار قديمه جي تحقيقن ڀنڀور جي هڪ اهم قديم بندرگاهي ۽ شهري مرڪز هجڻ جي تصديق ڪئي، جيتوڻيڪ تاريخي ديبل کي ڀنڀور سان قطعي طور سڃاڻڻ بابت علمي بحث جاري رهيو آهي.
هڪ راءِ موجب ديبل سنڌو درياهه جي بگهاڙ واري وهڪري جي ويجهو واقع هو، جيڪو ان دور ۾ سنڌو درياهه جي اهم وهڪرن مان هڪ هو. هيملٽن 1699ع ۾ پڻ اهڙي راءِ جو اظهار ڪيو هو. بعد واري دور ۾ ديبلي يا ديبل وارو وهڪرو لاڙي بندر تائين ويندو هو، جيڪو پير پٺو جي ڏکڻ-اولهه ۾ واقع هو.
ديبل سنڌ جي قديم ۽ مشهور واپاري بندرگاهن مان هڪ هو ۽ ان جي چوڌاري دفاعي قلعو موجود هو. تقريباً ڇهين صدي عيسويءَ کان وچئين دور تائين هن بندرگاهه سنڌ جي سامونڊي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڏهين صديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ عرب سياسي اقتدار جي ڪمزور ٿيڻ سان گڏ ديبل جي سياسي ۽ واپاري اهميت پڻ آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي.
سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ تبديلين سان هڪ ٻيو بندرگاهه اُڀريو، جيڪو لوهاراني يا لاهري بندر جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي ترقيءَ سان ديبل جي واپاري حيثيت وڌيڪ گهٽجي وئي.
1334ع ۾ جڏهن مراڪشي سياح ابن بطوطه سنڌ پهتو ته هن لاهري بندر کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت تائين سنڌ جي سامونڊي واپار جو اهم مرڪز ديبل مان منتقل ٿي لاهري بندر ڏانهن وڃي چڪو هو. ديبل ڪيترين صدين تائين سنڌ جي اهم بندرگاهن مان هڪ رهيو ۽ ان جو سنڌ جي سياسي، سامونڊي ۽ اقتصادي تاريخ سان گهرو لاڳاپو رهيو.
نالي جي معنيٰ
[سنواريو]ديبل اصل ۾ ديول ٻول تان ورتل آھي ۽ ديول جي معنيٰ آھي مندر (ٽيمپل).[1]
ديبل جو جاگرافيائي مقام
[سنواريو]جيتوڻيڪ قديم ديبل وقت گذرڻ سان تباهه ۽ ويران ٿي ويو، پر سنڌ ۾ پوءِ قائم ٿيندڙ بندرگاهن لاءِ پڻ ”ديبل“ جو نالو استعمال ٿيندو رهيو. لڳ ڀڳ ڇهن صدين تائين ديبل سنڌ جي سامونڊي واپار سان ايترو ويجهو لاڳاپيل رهيو، جو ”ديبل“ ۽ ”بندر“ جا نالا هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا. پوئين دور جا تاريخي حوالا پڻ ان روايت جي تصديق ڪن ٿا. سورهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيز ليکڪن لاهري بندر کي ”دربل“، ”ديوئل“ ۽ ”ديوئلسند“ جهڙن نالن سان لکيو. ابوالفضل آئين اڪبري ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي، جڏهن ته مير معصوم پڻ لاهري بندر ۽ ٺٽي لاءِ ”ديبل بندر“ جو نالو استعمال ڪيو آهي.[2]
انهن حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم جي فتح ڪيل اصل ديبل جي زوال کان پوءِ به ان جو نالو ختم نه ٿيو، بلڪه پوءِ لوهاراني يا لاهري بندر ۽ ٺٽي سان پڻ وابسته ٿيندو رهيو. سنڌ جي تاريخدان مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏيو آهي. اهڙيءَ طرح بگهاڙ شاخ تي موجود هڪ بندرگاهه لاءِ پڻ ديبل جو نالو استعمال ٿيو. اتي مدفون شيخ حسين، عرف پير پٺو کي پڻ ”ديبلي“ سڏيو ويو آهي.[3]
البيروني جي بيان موجب ديبل هڪ سامونڊي بندر هو، جڏهن ته لوهاراني کان اوڀر طرف سنڌو درياهه جي هڪ شاخ تي ٻيو بندر پڻ موجود هو.[4] ان بنياد تي پاٽنجر ۽ ڪيننگهام لاهري بندر کي اصل ديبل سان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي ابتڙ رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪمرڊو، دلاروشي، رينيل، همئلٽن ۽ هينري ڪزنس ٺٽي کي قديم ديبل سان منسوب ڪيو. ايليٽ وري ڪراچيءَ کي ديبل قرار ڏنو. البت ڪراچيءَ جي بندرگاهه طور نمايان استعمال جي شروعات ارڙهين صديءَ، خاص طور 1729ع ڌاري، سان منسوب ڪئي وڃي ٿي؛ تنهنڪري ڪراچيءَ ۽ قديم ديبل جي سڃاڻپ بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت رهي ٿي.
آرميني جاگرافيدان ۽ تاريخدان موسيٰ خوريني چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ ۾ لکيل پنهنجي جاگرافيائي بيان ۾ ساساني سلطنت جي سياسي ورهاست بيان ڪندي ڏاکڻن علائقن ۾ مڪران ۽ سنڌ سان گڏ ”دي بول“ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته ”ديبل“ يا ان سان ملندڙ نالو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان گهڻو اڳ رائج هو.[5] موسيٰ خورينيءَ جي بيان ۾ ”دي بول“ ڪنهن مخصوص شهر يا بندر بدران هڪ علائقي يا ضلعي طور ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو مڪران ۽ سنڌ کان ڌار ڄاڻايو ويو آهي. ان بنياد تي اهو پڻ تجويز ڪيو ويو آهي ته ”ديبل“ رڳو هڪ شهر جو نالو نه، پر ڪنهن وڏي علائقي جو نالو به ٿي سگهي ٿو.
ديبل جي نالي جي اشتقاق بابت پڻ مختلف رايا آهن. آرميني ماخذ ۾ موجود ”دي بول“ ۽ عربي ”الديبل“ جي هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي اهو خيال پيش ڪيو ويو آهي ته عربن اهو نالو پنهنجي ايراني پاڙيسرين وسيلي حاصل ڪيو هجي؛ ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻيو نظريو ان کي سنسڪرت لفظ ”ديوالہ“، يعني بتن جي مندر، سان ڳنڍي ٿو.
چيني جاگرافيدان ۽ سياح ڪياتان، جنهن جا جاگرافيائي بيان 785ع کان 805ع جي وچ واري عرصي سان تعلق رکن ٿا، ڪئنٽن کان فارسي نار تائين سامونڊي ماڳن ۽ بندرگاهن جو ذڪر ڪندي ”تي يو“ نالي هڪ ملڪ جو بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ”مي لان“ نالي هڪ وڏو درياهه وهندو هو. ”مي لان“ کي مهراڻ ۽ ”تي يو“ کي ”دي بول“ يا ديبل جو چيني اچار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.[6][7] چيني بيان ۾ پڻ ان کي هڪ شهر بدران ”ملڪ“ طور پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو آرميني بيان سان هڪ حد تائين مطابقت رکي ٿو.
قديم عربي شاعريءَ ۾ پڻ ديبل جا حوالا ملن ٿا. شاعر جرير ديبل جي ڍڳيءَ جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي،[8] جڏهن ته سندس همعصر خالد القناس پڻ ديبل جي ڍڳين جو ذڪر ڪيو آهي.[9] انهن حوالن مان ديبل جي علائقي ۾ چوپائي مال ۽ چراگاهن جي موجودگيءَ جو اندازو لڳايو ويو آهي. وڌيڪ اهم حوالو ابن العربي جي هڪ شعر ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ”الديبلان“، يعني ”ٻه ديبل“ جو ذڪر آهي.[10] ان حوالي کي ٻن مختلف ديبلن يا ساڳئي نالي وارن ٻن آبادين جي موجودگيءَ جي دليل طور پيش ڪيو ويو آهي.
انهن قديم حوالن جي بنياد تي ڪجهه محققن اهو نظريو پيش ڪيو آهي ته ”ديبل“ اصل ۾ ڪنهن ضلعي، ملڪ يا سياسي علائقي جو نالو هو ۽ ان علائقي اندر ساڳئي نالي سان ٻه اهم بندر يا شهر موجود هئا؛ هڪ سامونڊي بندر ۽ ٻيو دريائي بندر. ان جي ابتڙ اهو امڪان پڻ موجود آهي ته علائقي جو نالو ان جي ڪنهن اهم شهر يا بندر تان پيو هجي.
سامونڊي ۽ دريائي ديبل
[سنواريو]البيروني سامونڊي جاگرافي بيان ڪندي نار، کاري ۽ درياهي ڇوڙ سان ٺهندڙ کاري مٺي پاڻيءَ جي سنگم ۾ فرق ڪيو آهي. سندس بيان موجب اهڙو سنگم وهندڙ مٺي پاڻيءَ جي سمنڊ سان ملڻ سبب ٺهي ٿو ۽ جهاز رانيءَ جي لحاظ کان خطري وارو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڳرا جهاز مٺي پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ کاري پاڻيءَ ۾ وڌيڪ آسانيءَ سان ترندا آهن.[11][12]
ان بنياد تي هڪ نظريي موجب سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جي انتهائي ڏاکڻي حصي کي پنجين صدي عيسويءَ کان ايراني ۽ سندن پاڙيسري آرميني توڙي عرب ”ديبل“ جي نالي سان سڃاڻندا هئا. هن علائقي جي واپاري ضرورتن سبب ٻه بندر موجود هئڻ جو تصور پيش ڪيو ويو آهي: هڪ سامونڊي بندر، جيڪو سامونڊي جهازن لاءِ وچولي بندرگاهه جو ڪم ڪندو هو، ۽ ٻيو دريائي بندر، جيڪو ملڪ اندر واپار جو مرڪز هو. سنڌو درياهه جي وهڪرن ۽ لٽ جي مسلسل تبديليءَ سبب انهن بندرگاهن جا هنڌ وقت سان بدلجندا رهيا هوندا.
عربن جا ديبل تي شروعاتي حملا سامونڊي ڪناري ۽ سامونڊي بندر تائين محدود هجڻ جو نظريو پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بعد ۾ حملو ”خور الديبل“، يعني ديبل جي کاري مٺي پاڻيءَ واري سنگم وٽ موجود بندر تي ٿيو.[13] هن بندر جي ملڪ اندر هجڻ سبب حملي ۾ پيدل فوج جي استعمال کي وڌيڪ اهميت حاصل هئي. هيگ سنڌو درياهه ۾ سامونڊي جهازن جي گهڻو اندر تائين آمد بابت شڪ ظاهر ڪندي لکيو ته سمنڊ کان وڏي فاصلي ۽ سنڌو جهڙي درياهه ۾ سامونڊي جهاز هلائڻ جي مشڪلاتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.[14][15]
ان سلسلي ۾ اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته حجاج بن يوسف سنڌ جي مهم لاءِ خاص جنگي ٻيڙيون تيار ڪرايون، جيڪي ڪوڪن سان جڪڙيل ۽ ڏامر سان لتل هيون. الجاحظ ۽ ابن رسته، المدائنيءَ جي حوالي سان، حجاج کي اهڙي قسم جون جنگي ٻيڙيون تيار ڪرائيندڙ پهريون شخص قرار ڏين ٿا.[16]
ڀنڀور سان سڃاڻپ
[سنواريو]
ديبل جي هنڌ بابت مختلف نظرين مان ڀنڀور سان ان جي سڃاڻپ کي آثار قديمه جي تحقيق ۾ خاص اهميت حاصل آهي. ڀنڀور ۾ ٿيل کوٽاين مان اسلامي دور سميت ان کان اڳ جي آبادڪاريءَ جا وسيع آثار مليا آهن. انهن آثارن جي بنياد تي ڪيترن آثار قديمه جي ماهرن ڀنڀور کي عرب دور جي ديبل سان سڃاتو آهي. ڪجهه محققن موجب عربن جي سنڌ تي ڪاهه واري زماني ۾ ديبل جو سامونڊي بندر، جنهن کي ”بحري ديبل“ پڻ چيو ويو آهي، موجوده ڀنڀور واري علائقي ۾ هو.[17]
ان نظريي موجب بعد ۾ دريائي واپار لاءِ هڪ بندر ملڪ اندر وڌيڪ اتر طرف قائم ٿيو، جڏهن ته سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ تبديلي ۽ لٽ گڏ ٿيڻ سبب پراڻن دريائي رستن کي قائم رکڻ ڏکيو ٿيندو ويو. وقت سان ٺٽو دريائي بندر ۽ واپاري مرڪز طور اڀريو، جڏهن ته ڀنڀور جي اهميت گهٽجندي وئي. ان کان پوءِ لاهري بندر، جنهن کي البيرونيءَ جي ”لوهاراڻي“ سان پڻ سڃاتو ويو آهي، سامونڊي واپار ۾ اهميت حاصل ڪئي. ارڙهين صديءَ جي آخر تائين لاهري بندر پڻ زوال پذير ٿيو، جڏهن ته ٺٽو وچئين دور ۾ هڪ اهم شهري ۽ واپاري مرڪز طور قائم رهيو.[18]
ڀنڀور جي آثار قديمه واري کوٽائيءَ کان پوءِ ان کي ديبل قرار ڏيڻ وارو نظريو وڌيڪ مضبوط ٿيو. تنهن هوندي به ديبل جي صحيح جاگرافيائي سڃاڻپ بابت تاريخي ماخذن ۾ موجود اختلافن سبب هن موضوع تي مختلف رايا موجود رهيا آهن. ڀنڀور جي کوٽائين بابت آثار قديمه جي ماهرن طرفان اهو پڻ چيو ويو ته ”ڀنڀور کي ديبل سمجهڻ جو سوال هاڻي بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي حل ٿي ويو آهي“.[19] بهرحال، تاريخي جاگرافيءَ جي لحاظ کان ديبل، ڀنڀور، ٺٽي، لاهري بندر ۽ سنڌو درياهه جي بدلجندڙ ڇوڙن جي پاڻ ۾ تعلق بابت مختلف مفروضا پيش ڪيا ويا آهن.
قديم جاگرافيدانن جا بيان
[سنواريو]بشاري مقدسي پنهنجي ڪتاب احسن التقاسيم ۾ ديبل کي سامونڊي ڪناري تي واقع سنڌ جو بندرگاهه قرار ڏيندي لکي ٿو ته شهر جي چوڌاري لڳ ڀڳ هڪ سؤ ڳوٺ هئا، جن جي آباديءَ جي اڪثريت هندو هئي. سندس بيان موجب سمنڊ جون لهرون شهر جي فصيل تائين پهچنديون هيون، شهر جا رهاڪو واپاري هئا، سنڌي ۽ عربي ٻوليون ڳالهائبيون هيون ۽ حڪومت کي بندرگاهه مان وڏي آمدني حاصل ٿيندي هئي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ديبل جي ڀرسان مهراڻ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.[20]
هڪ ٻئي جاگرافيائي بيان موجب فارس ۽ سنڌ جي سرحد کان ديبل اٺن ڏينهن جي مسافت تي هو ۽ ديبل کان مهراڻ جو سامونڊي ڇوڙ لڳ ڀڳ ٻه فرسخ پري هو. مهراڻ کان اڳتي ٽن کان چئن ڏينهن جي مسافت تي هندستان جي شروعاتي علائقن جو ذڪر ملي ٿو، جڏهن ته اڳتي ميد، سندان ۽ ملي جهڙا ماڳ ڄاڻايا ويا آهن.[21]
ڏکڻ ايشيا ۾ اسلام جي آمد سان ديبل جو اهم تاريخي تعلق آهي. تاريخي لکڻين ۾ ديبل جي ماڳ کي ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي سان پڻ منسوب ڪيو ويو آهي.[22]
الادريسي ديبل بابت لکي ٿو:
ديبل هڪ گهڻي آباديءَ وارو شهر آهي، پر ان جي زمين خشڪ ۽ گهٽ زرخيز آهي. اتي نه وڻ آهن ۽ نه کجيون؛ ان جا جبل وڻن کان خالي ۽ ميدان خشڪ ۽ نباتات کان وانجهيل آهن. ان جون گهڻيون عمارتون مٽيءَ ۽ ڪاٺ جون ٺهيل آهن. ان جا رهواسي هتي ان ڪري آباد آهن، جو هي سنڌ ۽ ٻين علائقن لاءِ هڪ اهم بندرگاهه آهي. شهر جا ماڻهو مختلف قسمن جي واپار ۽ ڪاروبار ۾ رُڌل آهن. عمان جا جهاز پنهنجو سامان ۽ واپاري شيون کڻي هتي اچن ٿا، جڏهن ته چين ۽ هندستان جا جهاز پڻ چيني ڪپڙا ۽ سامان ۽ هندستاني خوشبودار مصالحا کڻي هتي پهچن ٿا. ديبل جا واپاري اهي شيون وڏي مقدار ۾ خريد ڪندا آهن، ڇاڪاڻتہ اهي آسودا آهن ۽ وٽن گهڻو مال آهي. اهي سامان پاڻ وٽ ان وقت تائين محفوظ رکندا آهن، جيستائين جهاز روانا ٿي وڃن ۽ بازار ۾ سامان گهٽجي وڃي؛ پوءِ پنهنجو مال ڪڍي وڪڻندا آهن، ٻين ملڪن ڏانهن سفر ڪندا آهن، واپاري ڀائيواري ڪندا آهن ۽ پنهنجي دولت کي جيئن چاهين تيئن ڪاروبار ۾ لڳائيندا آهن.
— الادريسي، نزهة المشتاق في اختراق الآفاق
الادريسيءَ جي بيان موجب ديبل ۽ مهراڻ اعظم جي ڇوڙ جي وچ ۾ ڇهن ميلن جو فاصلو هو ۽ مهراڻ جو ڇوڙ ديبل جي اوڀر طرف واقع هو.

تاريخ الخلفاء ۾ جلال الدين سيوطي ڄاڻائي ٿو ته مسلمانن وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ 93هه ۾ ديبل تي قبضو ڪيو. ساڳئي ماخذ موجب 280هه ۾ المعتضد بالله جي دور ۾ هن علائقي ۾ هڪ زلزلو پڻ آيو.

ديبل تي عربن جي حملن جو ڪارڻ
[سنواريو]وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ ڪجهه عرب واپاري سرانديپ ۾ وفات ڪري ويا هئا. سندن زالن ۽ ٻارن کي سرانديپ جي حڪمران اَٺن جهازن ۾ سوار ڪري، خليفي لاءِ تحفن سميت، بصري ڏانهن روانو ڪيو. رستي ۾ مخالف هوائن سبب اهي جهاز ديبل جي سامونڊي ڪناري ڏانهن اچي ويا، جتي ديبل جي سامونڊي ڦورن جهازن کي لُٽي، انهن ۾ سوار زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪري ورتو.[23]
ان واقعي کان پوءِ حجاج بن يوسف، راجا ڏاهر ڏانهن احتجاجي پيغام موڪلي، قيدين جي آزاديءَ ۽ ڦريل مال جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو. ڏاهر جواب ڏنو ته ديبل جا سامونڊي ڦورو سندس اختيار هيٺ نه هئا. ان جواب کان پوءِ حجاج بن يوسف دمشق جي درٻار کان سنڌ تي فوجي مهم موڪلڻ جي اجازت گهري.[24][25]
ديبل جا بحري قزاق
[سنواريو]رحيمداد خان مولائي شيدائي موجب، سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخي ماخذن ۾ ديبل سان لاڳاپيل بحري قزاقن جي سڃاڻپ بابت واضح ڄاڻ نٿي ملي. عرب ليکڪن اهڙن سامونڊي ڦورن لاءِ ”بوراج“ جو نالو استعمال ڪيو آهي. اسلام کان اڳ به هن خطي ۾ سامونڊي ڦورن پاران واپاري جهازن کي لٽڻ جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن. مولائي شيدائي موجب، سندن حملن کان بچاءَ لاءِ حيره جي آل منذر حڪمرانن حيره ۽ ساساني حڪمرانن ابله جي بندرگاهه کي مضبوط ڪيو هو. وڏن واپاري جهازن تي سوين ملاح رکيا ويندا هئا ۽ بچاءَ لاءِ آتشي مادا پڻ کنيا ويندا هئا. سندس بيان موجب مڪران جو سامونڊي ڪنارو، ديبل ۽ سومناٿ اهڙين سامونڊي سرگرمين جا اهم مرڪز هئا.[26][25]
بزرگ بن شهريار پنهنجي ڪتاب عجائب الهند ۽ ابوريحان البيروني ڪتاب الهند ۾ هن خطي جي سامونڊي ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي. مڪران جي سامونڊي ڪناري تي سونمياڻي کان گوادر تائين ”ميد“ ۽ ”ڪورا“ نالي گروهن جي رهائش جو ذڪر ملي ٿو، جن جو گذر سفر سامونڊي جهاز راني ۽ مڇي مارڻ سان لاڳاپيل هو. مولائي شيدائي، مڪران بابت گزيٽيئر ۽ ٻين تاريخي ماخذن جي بنياد تي، ميدن کي هن علائقي جي قديم سامونڊي آباديءَ سان ڳنڍي ٿو.[26]
تاريخي بيانن موجب اهي سامونڊي ماڻهو عربي سمنڊ ۽ ايراني نار کان وٺي هندستان جي اولهندي سامونڊي ڪناري تائين جهاز راني ڪندا هئا ۽ سنڌ، گجرات ۽ ڪونڪن جي حڪمرانن جي بحري ٻيڙن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. ڊچ مستشرق ڊي گوئجي ميدن ۽ ڪورن کي ماهر سامونڊي ماڻهن ۾ شمار ڪيو آهي.[26]


جيمس ٽاڊ ميدن کي چندرونسي نسل سان وابسته ڪندي سندن ٽي گروهه، ”پورا ميد“، ”اُجا ميد“ ۽ ”ديو ميد“ ڄاڻايا آهن. مولائي شيدائي ٽاڊ جي انهيءَ نسلي درجابنديءَ سان اختلاف ڪندي ٻين ماخذن جي بنياد تي ميدن جون ”جالارزئي“، ”گزير“، ”اُرماڙي“ ۽ ”چل مارزئي“ نالي شاخون بيان ڪري ٿو. سندس بيان موجب انهن گروهن جي نسلي سڃاڻپ بابت مختلف روايتون موجود آهن ۽ انهن مان ڪجهه پاڻ کي بلوچ، افغان يا لاسي سڏين ٿا.[26]1[25]


البيرونيءَ جي دور تائين هن سامونڊي علائقي ۾ آزادانه ڦرلٽ ڪندڙ گروهن جو ذڪر ملي ٿو. بعد جي صدين ۾ به عربي سمنڊ ۽ ايراني نار جي سامونڊي رستن تي قزاقي جاري رهي. ارڙهين ۽ اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ برطانوي ماخذن ايراني نار، سنڌ ۽ ڪڇ جي سامونڊي ڪنارن تي قزاقن جي حملن جو ذڪر ڪيو آهي. 1819ع ۾ برطانوي بحري فوج، مسقط جي امام جي بحري مدد سان، وليم گرانٽ جي ڪمان هيٺ انهن خلاف مهم هلائي؛ جنهن کان پوءِ 8 جنوري 1820ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ايراني نار جي سامونڊي گروهن وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو.[26]

مولائي شيدائي ميدن جي ڪجهه گروهن کي رفاعي سلسلي سان پڻ وابسته ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته ان سلسلي جا خليفا گوادر ۽ پسني ۾ موجود هئا. هو ڪڇي ۾ ڍاڍر ڀرسان سخي تنگوءَ جي مقبري جو پڻ ذڪر ڪري ٿو.[26][25]
بذيل جمالي جي ديبل تي ڪاهه
[سنواريو]
رحيمداد خان مولائي شيدائي موجب، اموي خلافت جي فوجي ۽ مالي وسيلن جي ڀيٽ ۾ ان وقت سنڌ جي حڪومت نسبتاً ننڍي هئي. مڪران جو عرب حاڪم محمد بن هارون سنڌ جي سياسي ۽ فوجي حالتن بابت معلومات حاصل ڪندو رهيو. مولائي شيدائي لکي ٿو ته نيرون ڪوٽ جي سمنيه حڪمرانن کي الور ۽ دمشق جي وچ ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ جي ڄاڻ هئي ۽ نيرون جي سمنيه حاڪم ڀنڊرڪر، حجاج بن يوسف سان رابطو ڪري کيس سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي دعوت ڏني[25].


مولائي شيدائيءَ جي بيان موجب، ان کان پوءِ حجاج بن يوسف پنهنجي سپهه سالار بذيل جمالي کي چار هزار سپاهين سان ديبل ڏانهن روانو ڪيو. ديبل وٽ بذيل جي فوج جو مقابلو راجا ڏاهر جي پٽ جئسيه جي فوج سان ٿيو، جنهن ۾ عرب لشڪر کي شڪست آئي ۽ بذيل مارجي ويو. بذيل جي شڪست کان پوءِ حجاج، خليفي وليد بن عبدالملڪ سان سنڌ ڏانهن وڌيڪ وڏي فوجي مهم موڪلڻ بابت خط و ڪتابت ڪئي. مولائي شيدائي موجب، خليفو شروعات ۾ مهم جي خرچ سبب هٻڪ محسوس ڪري رهيو هو، پر حجاج طرفان خرچ جي ذميواري کڻڻ کان پوءِ سنڌ خلاف نئين مهم جي اجازت ڏني وئي.[25]
بلاذري جي فتوح البلدان ۾ بذيل جي مهم بابت ڪجهه مختلف تفصيل ملن ٿا. سندس بيان موجب، حجاج پهرين عبيدالله بن نبهان کي ديبل ڏانهن موڪليو، جيڪو مهم دوران مارجي ويو. ان کان پوءِ حجاج بذيل بن طهفه بجلي ڏانهن حڪم موڪليو، جيڪو ان وقت عمان ۾ هو، ته هو ديبل ڏانهن روانو ٿئي. بلاذري موجب، ديبل پهچڻ کان پوءِ بذيل جو گهوڙو ٽاهه کائي ويو ۽ کيس ڪيرائي وڌائين، جنهن کان پوءِ مخالف فوج کيس گهيري ماري ڇڏيو؛ بلاذري هڪ ٻي روايت پڻ نقل ڪري ٿو، جنهن موجب کيس ٻڌهه جي جتن قتل ڪيو هو. بذيل جي موت کان پوءِ حجاج، وليد بن عبدالملڪ جي خلافت دوران، محمد بن قاسم کي سنڌ جي سرحدي مهم جي قيادت سونپي.[27]
چچ نامو سان لاڳاپيل تاريخي روايتن ۾ پڻ بذيل جي شڪست کان پوءِ واري صورتحال جو ذڪر ملي ٿو. انهن موجب، عرب فوج جي شڪست ۽ بذيل جي مارجڻ واري زماني ۾ نيرون جي رهواسين حجاج کان امان حاصل ڪري ورتي هئي ۽ خراج ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ نيرون ڏانهن وڌيو ته اها اڳوڻي مفاهمت اتي جي سياسي صورتحال تي اثرانداز ٿي.[28]
ديبل جي فتح
[سنواريو]
رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته ديبل ان دور ۾ سنڌ جو هڪ اهم بندرگاهه ۽ واپاري مرڪز هو. سندس بيان موجب سمنڊ جون لهرون شهر جي ڀتين تائين پهچنديون هيون ۽ شهر مهراڻ جي اولهندي شاخ سان لاڳاپيل هو. مسعودي جي بيان موجب ديبل سمنڊ کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي واقع هو، جڏهن ته تاريخ طاهري جو مصنف، جيڪو 1606ع ۾ ٺٽي آيو هو، ديبل کي ٺٽي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي ڄاڻائي ٿو. بشاري مقدسي 375هه ۾ ديبل جي چوڌاري لڳ ڀڳ هڪ سؤ ڳوٺن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ گهڻو ڪري هندو واپاري رهندا هئا.
ميجر جنرل هيگ، جنهن جو ڪتاب دي اِنڊس وئلي ڊيلٽا ڪنٽري 1894ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو، تنهن ۾ ديبل کي سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جي اولهندي ڪپ تي ڏيکاريو آهي. انگريز سفير رابرٽ شرلي ايران ڏانهن ويندي 1613ع ۾ ٺٽي کان جهاز رستي هڪ ڏينهن جي مسافري کان پوءِ ديبل پهتو هو. ميجر ريورٽي سترهين صديءَ ڌاري ديبل کي ٺٽي کان 15 ڏينهن جي مفاصلي تي بگهاڙ جي ڇوڙ وٽ ڏيکاري ٿو. ڪپتان جان ووڊ، جنهن اوڻيهين صديءَ ۾ ڪراچيءَ کان آمو درياهه جي منهن تائين سفر ڪيو، پنهنجي نقشي ۾ ديبل کي پير پٺي وٽ ڏيکاريو آهي. ابو حامد اندلسي غرناطي (وفات 565هه) جي تحفة الالباب ۾ پڻ ايراني نار جي بندرگاهن ۽ سامونڊي جاگرافيءَ جو احوال ڏنل آهي.[25]
مولائي شيدائي موجب، ابن بطوطه پڻ ديبل جي کنڊرن جو ذڪر ڪيو ۽ انهن کي لاهري بندر کان ستن ڪوهن جي فاصلي تي ڄاڻايو.[29][25]
محمد بن قاسم جو گهيرو
[سنواريو]

711–712ع ڌاري محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ اموي فوج مڪران کان اڳتي وڌندي ديبل پهتي. جنت السنڌ ۾ ڏنل روايت موجب، ديبل جي دفاع جي اڳواڻي راجا ڏاهر جا پٽ ڪيشب ۽ جئسيه ڪري رهيا هئا. ابن اثير جي بيان موجب عرب فوج ديبل جو ڪيترن ڏينهن تائين گهيرو ڪيو.[30]
روايتن موجب ديبل جي قلعي اندر هڪ وڏو مندر موجود هو، جنهن جي مٿان هڪ بلند گنبذ يا منارو ۽ جهنڊو هو. مولائي شيدائي لکي ٿو ته محمد بن قاسم جي فوج منجنيق استعمال ڪئي ۽ مندر جي مٿئين حصي کي نشانو بڻايو. سندس بيان موجب منجنيق جي حملي سان جهنڊي وارو حصو ڪري پيو، جنهن کان پوءِ شهر جي محافظن ۾ افراتفري پکڙجي وئي. جئسيه پنهنجي فوج جي هڪ حصي سان رات جو شهر ڇڏي ويو، جڏهن ته باقي محافظن قلعي اندر مزاحمت جاري رکي.[25]
مولائي شيدائيءَ جي روايت موجب، حزيمه ڪوفي نالي هڪ عرب سپاهي قلعي جي ڀت تي چڙهندڙ پهرين ماڻهن مان هو ۽ اتي عرب فوج جو جهنڊو نصب ڪيو. ان کان پوءِ قلعي جي مزاحمت ختم ٿي ۽ شهر عرب فوج جي قبضي هيٺ اچي ويو.[25]
فتح کان پوءِ
[سنواريو]

مولائي شيدائي موجب، ديبل تي قبضي کان پوءِ اتي موجود قيدخاني مان بذيل جي اڳوڻي مهم سان تعلق رکندڙ ڪجهه عرب سپاهي آزاد ڪيا ويا. هو وڌيڪ لکي ٿو ته شهر جي هڪ وڏي مذهبي عهديدار بعد ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ محمد بن قاسم کيس مقامي انتظام سان لاڳاپيل ذميواري سونپي.[25]
مولائي شيدائي جي بيان موجب، منجنيق جي حملي ۾ مندر جو مٿيون حصو متاثر ٿيو، جڏهن ته عمارت جو باقي حصو برقرار رهيو ۽ اها عمارت ٽين هجري صديءَ تائين موجود هئي. ديبل ۾ مسلمانن لاءِ هڪ مسجد پڻ قائم ڪئي وئي ۽ حميد بن ذراع کي شهر جي انتظام لاءِ مقرر ڪيو ويو.[25]
فتح کان پوءِ مڪران مان ڪجهه آباديءَ جي ديبل ڏانهن منتقل ٿيڻ جو پڻ ذڪر ملي ٿو. مولائي شيدائي لڳ ڀڳ چار هزار بلوچن جي مڪران کان اچي ديبل ۾ آباد ٿيڻ جو بيان ڏئي ٿو؛ البت هن انگ ۽ ان آباديءَ کي جديد ڪراچيءَ جي ڪنهن مخصوص آباديءَ سان سڌي طرح ڳنڍڻ واري دعويٰ کي سندس روايت طور ئي ڏسڻ گهرجي.[25]
بلاذري جي فتوح البلدان جي روايت موجب، ديبل جي فتح کان پوءِ حاصل ٿيل مال مان پنجون حصو حجاج بن يوسف ڏانهن موڪليو ويو ۽ باقي حصو فوج ۾ ورهايو ويو.[24]
ديبل ۾ سنڌ جو پهريون جيل ۽ مسجد
[سنواريو]
سنڌ جي تاريخ جي مصنف مولانا عبدالحليم شرر جي بيان موجب، عباسي خلافت جي دور ۾ سنڌ جي گورنر عنبسه بن اسحاق، منصوره جا انتظام سنڀالڻ کان پوءِ ديبل ڏانهن رخ ڪيو. سندس بيان موجب، ان وقت سنڌ ۾ سرڪاري ڏوهارين ۽ قيدين کي رکڻ لاءِ مخصوص قيدخاني جي عمارت موجود نه هئي. علائقي ۾ فسادن ۽ بغاوتن کي منهن ڏيڻ دوران ڪيترن ماڻهن کي قيد ۾ رکڻ جي ضرورت سبب عنبسه ديبل جي هڪ پراڻي عمارت کي قيدخاني طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.[31]
شرر موجب، اها عمارت هڪ قديم مندر جي هئي، جنهن کي محمد بن قاسم جي ديبل تي حملي دوران منجنيق جي گولاباريءَ سان نقصان پهتو هو، پر ان جا ڪجهه حصا اڃا تائين موجود هئا. عنبسه ان عمارت جي ڊگهي گنبذ جو مٿيون حصو ڊهرائي، ڇت کي سنئين نموني ٻيهر ٺهرايو ۽ پراڻي عمارت مان نڪتل پٿر شهر جي ٻين سرڪاري ۽ ضروري عمارتن جي مرمت لاءِ استعمال ڪرايا. ساڳئي ماخذ ۾ هن عمارت کي سنڌ جو پهريون سرڪاري جيل يا قيدخانو قرار ڏنو ويو آهي.[31]
ديبل جي قديم مسجد
[سنواريو]ديبل سان منسوب ڀنڀور جي آثارن مان هڪ وڏي اوائلي اسلامي مسجد جا کنڊر پڻ دريافت ٿيا آهن. آثار قديمه جي کوٽائين موجب مسجد جي عمارت لڳ ڀڳ 34 × 35 ميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ کليل اڱڻ هو، جنهن جي چوڌاري ورانڊا ٺهيل هئا. اولهندي ورانڊي کي نمازگاهه طور استعمال ڪيو ويندو هو ۽ ان جي ڇت ڪاٺ جي 33 ٿنڀن تي بيٺل هئي، جن جا پٿري بنياد آثارن مان مليا آهن. مسجد ۾ محراب جو واضح نشان نه مليو آهي.[32]

مسجد واري علائقي مان مليل هڪ ڪوفي لکت 109هه (727–728ع) سان تعلق رکي ٿي ۽ ان کي مسجد جي تعمير يا توسيع سان لاڳاپيل سمجهيو ويو آهي. پاڪستان جي آثار قديمه کاتي جي تحقيق ۾ پڻ اها تاريخ ڄاڻايل آهي. يونيسڪو موجب، هيءَ عمارت خطي ۾ محفوظ رهجي ويل اوائلي مسجدن جي اهم مثالن مان هڪ آهي. مسجد ۾ اڳوڻين عمارتن مان حاصل ڪيل تراشيل پٿرن جي ٻيهر استعمال جا ثبوت پڻ مليا آهن.[33][34]
ديبل جي فتح بابت روايتي تاريخي بيانن ۾ محمد بن قاسم طرفان مسلمانن لاءِ مسجد قائم ڪرائڻ جو ذڪر ملي ٿو؛ پر ڀنڀور مان هن وقت تائين مليل تاريخ رکندڙ آثارِ قديمه واري شاهدي 109هه (727–728ع) جي آهي، جيڪا محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه کان لڳ ڀڳ سورهن سال پوءِ جي آهي. تنهنڪري موجود آثارن واري مسجد کي سڌيءَ طرح محمد بن قاسم جي تعمير ڪرايل اصل مسجد قرار ڏيڻ بدران، ان کي ديبل جي اوائلي اسلامي دور جي مسجد طور بيان ڪرڻ وڌيڪ محتاط آهي.[35]
ديبل بندر جو اجڙڻ
[سنواريو]
رحيمداد خان مولائي شيدائي موجب، ديبل بابت پوئين دور جا احوال سومرن جي زماني تائين ملن ٿا. سندس بيان موجب چنيسر جي دور ۾ ديبل کي تختگاهه جي حيثيت حاصل هئي، پر چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ابن بطوطه هن علائقي ۾ پهتو، تڏهن ديبل ويران ٿي چڪو هو. ابن بطوطه سان منسوب بيان موجب، اتي ڀڳل بتن جا پٿر پکڙيل هئا ۽ هڪ وڏي بت جو مجسمو اڃا موجود هو. ديبل جي زوال کان پوءِ لاهري بندر اهم واپاري بندرگاهه طور اڀريو. مولائي شيدائي موجب، لاهري بندر ديبل کان اٽڪل پنج ميل پري ۽ سمنڊ کان لڳ ڀڳ ويهه ميل اندر، مهراڻ جي هڪ اولهندي شاخ تي واقع هو.[25]

ديبل جي زوال جا سبب مڪمل طور واضح ناهن. تاريخي ۽ جاگرافيائي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ بندر سنڌو درياهه جي ڊيلٽا ۽ عربي سمنڊ سان ڳنڍيل اهڙي علائقي ۾ واقع هو، جتي درياهي وهڪرن جي تبديلي، لٽ جي گڏ ٿيڻ ۽ سامونڊي حالتن ۾ ڦيرڦار بندرگاهن جي اهميت تي اثرانداز ٿيندي رهي. ديبل جي زوال سان گڏ لاهري بندر جهڙن نون بندرگاهن جو اڀرڻ پڻ سنڌ جي سامونڊي واپار جي مرڪزن ۾ تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿو.[25]
محمد سومار شيخ جي لاڙ جا ماڳ مڪان ۾، اڳوڻن تاريخي ماخذن جي حوالي سان، ديبل ۾ هڪ وڏي زلزلي جو ذڪر ملي ٿو. بيان موجب خليفي معتمد جي دور ۾ آيل زلزلي شهر کي سخت نقصان پهچايو ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو مارجي ويا؛ روايتي ماخذن ۾ فوتين جو انگ ڏيڍ لک تائين ڄاڻايو ويو آهي.[36][37] اهڙي وڏي انگ بابت بيان کي تاريخي ماخذ جي روايت طور ڏٺو وڃي ٿو.
ديبل ۽ ان جي ڀرپاسي جي مذهبي عمارتن بابت پوئين دور جون روايتون پڻ ملن ٿيون. چچ نامو جي سنڌي ترجمي ۾ ڏنل حوالي موجب، جلال الدين خوارزم شاهه جي هن علائقي ۾ رهڻ دوران ديبل جي هڪ قديم بتخاني کي ڊاهي مسجد سان شامل ڪيو ويو. ساڳئي بيان ۾ پير پٺي جي ڏکڻ طرف هڪ مسجد ۽ ان جي ڀرسان موجود قديم اڏاوت يا مينار جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن کي روايتي طور سامونڊي جهازن لاءِ نشان يا سگنل طور استعمال ٿيندڙ اڏاوت سان منسوب ڪيو ويو آهي.[38]
ديبل جي زوال کان پوءِ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مرڪز آهستي آهستي ٻين بندرگاهن ڏانهن منتقل ٿيو. لاهري بندر وچئين دور ۾ سنڌ جي اهم سامونڊي بندرگاهن مان هڪ بڻيو ۽ ابن بطوطه جي چوڏهين صديءَ واري سفرنامي ۾ پڻ ان جي واپاري اهميت جو ذڪر ملي ٿو. اهڙيءَ طرح ديبل جو اجڙڻ ڪنهن هڪ واقعي جو نتيجو سمجهڻ بدران درياهي وهڪرن جي تبديلي، قدرتي آفتن، سياسي حالتن ۽ واپاري رستن جي منتقلي سان لاڳاپيل هڪ تدريجي عمل طور ڏسي سگهجي ٿو.[25]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Medieval India: Enslavement of Hindus by Arab & Turkish Invaders". Sanskriti - Hinduism and Indian Culture Website (آمريڪي انگريزي ۾). 2014-12-10. 2020-02-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڏسو نزهة الخواطر ج1 ص35، ڇاپو حيدرآباد دکن
- ↑ مخدوم امير احمد ”تاريخ معصومي“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، دفعو اول 1953ع، ص6
- ↑ البيروني، ڪتاب الهند، ص102
- ↑ {”ايرانشھر“ بحوالھ حسن پيرينيا ”ايران – باستائي“ تھران 1304 ھجري ص520؛ پڻ ”ايران – باستان“ تھران 1311 ھجري ص93.}
- ↑ سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ {Quoted and commented upon ھرٿ ۽ راخيل، چاؤ جو ڪُوا، سينٽ پيٽرس برگ، 1911ع ص9.}
- ↑ {السوي ”شرح ديوان جرير“ قاھره 1352ھھ، ص 528.}
- ↑ {الميمني ”طرائف الادبيه“ قاھره 1937 ص102}
- ↑ {البرڪي ”معجم ما استعجم“ قاھره، 1935ع جلد2 ص569.}
- ↑ {”ڪتاب ملل ھند“ حيدرآباد دکن نسخو 1958ع، ص 167، سچاؤ “Indico” I:208.}
- ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{ديبل جا ٻہ بندر
قدرت الله فاطمي}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)} - ↑ {البلاذري ”فتوح البلدان“ ليڊن ص436.}
- ↑ {ھيگ The Indus Delta Country ص51، نوٽ 72.}
- ↑ {ھيگ The Indus Delta Country ص51، نوٽ 47.}
- ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{(25) موجوده مصنف اھو پنھنجي ھڪ مضمون بعنوان ”ھندي وڏي سمنڊ ۾ جھازن جوڙڻ جي ھنر ۾ حجاج جا آندل سڌارا“ ۾ بحث ھيٺ آندو، جيڪو پنجاب يونيورسٽي اورنٽيل ڪاليج جي سؤ سالي تقريب جي سلسلي ۾ لاھور ۾ ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس (973) ۾ پڙھيو ويو.}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)} - ↑ {. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{ديبل جا ٻہ بندر
قدرت الله فاطمي}} http://www.sindhiadiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{ديبل جا ٻہ بندر
قدرت الله فاطمي}} http://www.sindhiadiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page9.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)} - ↑ سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ ڪتاب = عہد نبوی کا ہندوستان معہ ہندوستان صحابه کے زمانے میں; مصنف = قاضی محمد اطہر مبارکپوری; اشاعت = ممبئی سال = 2005; صفحو = 19
- ↑ مدينة الديبل وتاريخها الاسلامي ، محمد محمود ، مجلة الفكر الاسلامي ، الباكستان ، 1976 ص 43
- ↑ مڪران جو ڪنارو بلڪل خطرناڪ هنڌ آهي، تنهن ڪري جهاز ڪنارو ڏيئي خبرداريءَ سان لنگهندا آهن. اهوئي سبب هو، جو سرانديپ جي جهازن ديبل جو ڪنارو ورتو هو، مڪران جي خطرناڪ ڪناري لاءِ ڏسو ڪتاب: Captain Constable & Liet, A.W. Stiffe: The Persian Gulf Pilot, London, 1898.
- 1 2 فتوح البلدان: بلاذري، ص- 435، 437.
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 شيدائي, رحيمداد خان مولائي (2006). جنت السنڌ (ٻيون ڇاپو). ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي. ص. 184.
- 1 2 3 4 5 6 (1) An-1. Elliot. H. (Dowson): History of India, Vol-I, P-60 J. Tod: The Annals & antiquities of Rajasthan, Vol. I, P-55. R. Hughes-Buller: Gazetteer of Makran, Papulation. The Meds. ڪتاب الهند: البيروني، ص – 102، ليڊن سنه 1797ع ۾ انگريزن جي هڪڙي جهاز بسبن نالي کي دريائي ڌاڙيلن ايرانين جي نار ۾ لٽيو. انهن ڌاڙيلن جو صدر مڪان مڪران جي ڪناري تي راس الخيما هو. 19 صديءَ جي شروعات ۾، ڌاڙيلن سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪناري تي پنجاه جهازن جي آرماڙ سان ويهن جهازن کي لٽيو. سنه 1819ع ۾ انڊين رائل نيويءَ مسقط جي امام جي ٻيڙي جي مدد سان برٽش اميرالبحر سر وليم گرانٽ جي ڪمان هيٺ ڌاڙيلن کي شڪست ڏني ۽ 8 جنوري 1820ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمنيءَ ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ صلح ٿيو. C.R. Low, I, N: Historical Back Ground of the Royal Indian Navy, "The Joasmis" PP. 13-16, New Delhi, 1944. رفاعن جو بزرگ سيد احمد ڪبير رحه عيسوي 12 صديءَ جي وچ ڌاري عراق ۾ ٿي گذريو. سندس عقيدا عبدالسميع هاشميءَ گڏ ڪيا هئا، جن کي سنه 1302ھ ۾ ترڪي مؤرخ احمد ثريا قسطنطنيه مان شايع ڪرائي، ڪتاب تي ’برهان المويد‘ نالو رکيو. رفاعي بزرگن مان شيخ شرف الدين اوساوليءَ کان گجرات وارن فيض پرايو. سندس شاگرد الجمال نوساريءَ کان به گجرات وارن فيض پرايو. رفاعن جو صدر مڪان بمبئي آهي، سندن خليفا گوادر ۽ پسني ۾ رهن ٿا، جن کي ميدن جا وڏيرا (ڪاهدا) چندا گڏ ڪري نذراني طور ڏين ٿا. ميدن جي هڪڙي بزرگ سخي تنگوءَ جو مقبرو ڪڇيءَ ۾ ڍاڍر جي ويجهو آهي. يادِ ايام: سيد عبدالحي، ص -48 لکنؤ.
- ↑ احمد بن يحيى البلاذري. "فتح السند". فتوح البلدان (عربي ۾).
- ↑ H. M. Elliot; John Dowson, مرتب (1867). "The Chach-Nama". The History of India, as Told by Its Own Historians (انگريزي ۾). جلد 1. ص. 157–158.
- ↑ عجائب الاسفار، جلد 2، ص 81، ذڪر لاهري بندر ۽ ديبل. ابن بطوطه جو بيان رابرٽ شرلي جي بيان سان ٺهڪي ٿو.
- ↑ ڪامل ابن اثير، جلد 4، ص 285؛ ديبل جي گهيري جو ذڪر.
- 1 2 ڪتاب جو نالو؛ سنڌ جي تاريخ؛ مصنف: مولانا عبدالحليم شرر؛ سنڌيڪار: فقير اشرف علي سمون؛ ايڊيشن: پهريون 2005ع، 2007ع؛ ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي.
- ↑ "Port of Banbhore" (انگريزي ۾). يونيسڪو World Heritage Centre. 15 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan Archaeology. Department of Archaeology and Museums, Government of Pakistan. 1964.
- ↑ "Port of Banbhore" (انگريزي ۾). يونيسڪو World Heritage Centre. 15 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Port of Banbhore" (انگريزي ۾). يونيسڪو World Heritage Centre. 15 August 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڪتاب لاڙ جا ماڳ مڪان؛ مصنف: محمد سومار شيخ؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
- ↑ تاريخ الخلفاء، ص 380، ڪلڪتو؛ بحواله تمدن سنڌ، مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص 184.
- ↑ مخدوم امير احمد، چچ نامو (سنڌي ترجمو)، ص 156، پهريون ڇاپو، 1954ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.