تصوف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

عام طرح " صوفي " ، " تصوف " (اُن) مان نڪتل سمجهو ويندو آھي، عربي لغت جي لحاظ کان " تصوف " جي معنٰي آھي؛ " ھن صوف (اُن) جو لباس پھريو "۔ ڪي بزرگ لفظ " صوفي "، صفا مان نڪتل سمجهن ٿا، يعنٰي صوفي اھو آھي جنهن کي الله تعاليٰ دل جي صفائي بخشي آھي۔ ڪن جي راءِ ۾ ھي لفظ " صف " مان نڪتل آھي۔ يعني صوفي الله تعاليٰ جي حضور ۾ پنهنجي دل جي پاڪيزگيءَ جي ڪري پھرين صف ۾ حاضر ٿين ٿا۔ ڪي عالم صوفي کي مسجد نبويءَ ﷺ جي صف " ڏانهن منسوب ڪن ٿا۔ پاڻ سڳورن ﷺ جي دور مبارڪ ۾ ڪي اصحابي (جن جو تعداد 70 سمجهو وڃي ٿو) دنيوي تعلقات کي ترڪ ڪري ڇڏيو ھو، ۽ " فقر الي الله " اختيار ڪيو ھو، انهن کي فقط گوڏن تائين ڪپڙو ھوندو ھو، ۽ ڪن کي ته ان کان به گهٽ ھو۔ انھن وٽ ٻه ڪپڙا ته ھوندا ئي ڪونه ھئا، ۽ نه انھن کي ڪڏهن ٻن قسمن جو طعام نصيب ٿيو۔

تصوف جا ٻه مڪتب فڪر آهن. هڪ نوفلاطوني، اشراقي ۽ اطلاقي، جنهن جو تعلق يوناني فلسفه ۽ ويدانيت سان آهي. ان مڪتب فڪر جا شارح منصور، شيخ فريد الدين عطار ۽ رومي آهن. جن جو اصول ’وحدت الوجود‘ آهي. ان نظريي کي فلسفيانه انداز ۾، ملت مسلمه ۾، شيخ ابن العربي محي الدين اندلسي بيان ڪيو. جنهن جي شاگرد علامه قونويءَ کان جلال الدين رومي مستفيد ٿيو. ٻيو مڪتب فڪر ’وحدت الشهود‘وارن جو آهي، جنهن جو سربراهه امام رباني مجدد الف ثاني آهي ۽ ان جو مقلد علامه اقبال آهي. انهن ٻنهين جي فڪرن کي اعتدال تي آڻڻ وارو شاهه ولي الله محدث دهلوي آهي. جو دراصل آهي ته وحدت الوجود جو قائل؛ پر ان سان گڏ شطحيات ۽ خرافات، غيرشرعيه عملن ۽ دعوائن کان پري آهي.[1]

اسلامي تصوف جي تاريخ[سنواريو]

اسلامي تصوف جي تاريخ " اصحاب صفه " کان شروع ڪئي وڃي ٿي.البته لفظ " صوفي " يا " تصوف " جو استعمال ڪجھ پوءِ ٿيو، ان کان اڳ ۾ اسلامي تعليم ۾ " احسان " لفظ ملي ٿو، جنهن کي " تصوف " جي ھم معنٰي سمجهو وڃي ٿو۔ چيو وڃي ٿو، ته سڀ کان پھريائين شيخ ابوالھاشم کي " صوفي " لقب سان سڏيو ويو، جنھن 161ھ (1777_78ع) ۾ وفات ڪئي۔ شيخ عين القضاه ھمداني پنهنجي ڪتاب " مھيدات " ۾ لکيو آھي ته؛ سڀ کان پهريائين بغداد جي بزرگ " عبدڪ الصوفي "، "صوفي ‌ " لقب سان سڏيو ويو، جيڪو ٻي صدي ھجري جو بزرگ آھي، مطلب ته تصوف جي معرفت ۽ طريقت جي ابتدا ٻي صدي ھجريءَ ۾ ٿي.

تصوف جا جز[سنواريو]

ذڪر ۽ فڪر ، فنا ۽ بقا،فقر ۽ گوشه نشيني، تصوف جا بنيادي جزا آھن۔

سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا[سنواريو]

صوفيانه مسلڪ سان وابسته ٻي ۽ ٽين صدي ھجري ۾ جن بزرگن جا نالا ملن ٿا، انھن مان حضرت بايزيد بسطامي رح جو نالو قابل ذڪر آھي۔ ھن 261ھ (875ع) ۾ وفات ڪئي، تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت بايزيد بسطامي جي ملاقات سنڌي بزرگ ابوعلي سنڌي سان ٿي ھئي، ابو علي سنڌي صوفيانه تعليم کان واقف ھو۔ حضرت بايزيد بسطامي رح چوي ٿو ته مون کانئس فنا ۽ توحيد يعني تصوف جو علم سکيو، ۽ ابو علي مون کان الحمد شريف ۽ سورت اخلاص جي تفسير معلوم ڪئي، ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته ٻي کان ٽين صدي ھجري تائين سنڌ ۾ تصوف جي تعليم رائج ھئي۔ بلڪه ان کان پوءِ به سنڌ جي عالمن ۾ تصوف جي اصولن جو اثر نظر اچي ٿو۔ ابو العباس محمد بن محمد وراق ديبلي اصل ۾ ديبل جو رھاڪو ھو، ديبل مان عرب دنيا ڏانهن اسھيو۔ اتي وڃي علم حديث حاصل ڪري، وڏو عالم ، فاضل ۽ محدث ٿيو۔ ان کان پوء اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير و سفر ڪيائين، ۽ سنه 345ھ (956ع) ۾ وفات ڪيائين۔ ھو محدث به ھو ته وڏو عابد ۽ زاھد به ھو۔ " زاھد " جي لقب سان ياد ڪيو ويندو ھو۔ ان دور جي ھڪ ٻئي سنڌي عالم احمد بن سنڌي جو نالو به ملي ٿو۔ جيڪو بغداد ۾ رھندو ھو۔ ھو عالم ۽ فاضل ھجڻ سان گڏو گڏ عابد ۽ زاھد به ھو ۔

مطلب ته ٽين ۽ چوٿين صدي ھجريءَ ۾ اھڙن ڪيترن ئي سنڌي عالمن جا نالا ملن ٿا، جيڪي سنڌ مان وڃي بغداد ، بصري ۽ ٻين شھرن ۾ رھيا۔ ۽ اتي ئي علمي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍيائون۔ ھنن جي جيڪا رھڻي ڪھڻي بيان ٿيل آھي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ، ھو صوفيانه تعليم جو عملي نمونو ھئا۔ اھو ڏيکاري ٿو ته سنڌ ۾ صوفيانه تعليم موجود ھئي، ۽ ان جا اصول ھي ھئا ؛

۔ اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ شريعت جي پابندي ڪرڻ

۔ خدا جي عبادت ڪرڻ ۽ پاڪيزه زندگي گذارڻ

۔ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ ۽ انھن کي سنئون رستو ڏيکارڻ

۔ ھٺ ، وڏائي ، عملي غرور کان پري رھڻ ۽ سادي نموني زندگي گهارڻ

۔ پنهنجي نفساني خواھشن کي پنهنجي قابو ۾ رکڻ ۽ خدا جو خوف دل ۾ ڌارڻ

۔ پنهنجي خالق ۽ مالڪ سان لنوَ لڳائڻ ۽ دنيا جي محبت کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏيڻ

۔ صبر ،فقر ، استغنا ۽ توڪل اختيار ڪرڻ

سنڌ ۾ صوفيانه سلسلا[سنواريو]

ٽين صدي ھجري کان صوفيانه سلسلن جي شروعات به ٿئي ٿي۔ صوفيانه سلسله " الطيفوريه " مذڪوره بزرگ حضرت بايزيد بسطامي ڏانھن منسوب آھي۔ " الجنيديه " حضرت جنيد بغدادي ڏانھن منسوب آھي جنهن سنه 293ھ (906ع) ۾ وفات ڪئي ۔ اھڙيءَ طرح ٻيا سلسلا به جاري ٿيا۔ جهڙوڪ، محاسبيه ، قصاريه ، السھيليه، الحڪيميه، الخزاريه، نوريه، خفيفي، ساريه، حلوليه وغيره، پر اھي سلسله گهڻو وقت قائم رھي نه سگهيا۔ بعد ۾ قادريه ، چشتيه ، سھرورديه ، ۽ نقشبندي سلسله جاري ٿيا، ۽ گهڻو مشھور ۽ مقبول ٿيا۔ سنڌ ۽ ھند ۾ به اھي سلسله پھتا، ۽ اڄ تائين موجود آھن۔

صوفي[سنواريو]

صوفي يعني تصوف جي اعتقاد ۽ خيال وارا ماڻھو. اصل ايران ۽ سعودي عرب کان ڀارت ۾ آيا ۽ پوءِ اتان سنڌ ۾ ۽ ٻين پاسي آيا. سنڌ ۾ صوفين جو خاص مڪان جھوڪ آھي ۽ شاه عنايت مرشد ھو، جنھن کي ميان نوي محمد ڪلھوڙي بادشاھ جي حڪم سان مارايو. ٻي گادي روھڙيءَ ۾ سيد جان شاھ واري آھي. ٿر واري ناري ڏي به صوفين جو ڳوٺ آھي. انھيءَ طرح سنڌ ۾ گھڻن ھنڌن تي صوفي آھن. ھندو ۽ مسلمان ٻئي گڏ ھڪ مرشد جا مريد آھن. ظاھري ڪري گيڙوان ڪپڙا ڍڪيندا آھن ۽ راڳ ۽ سماعڪندا آھن. شاهہ عبداللطيف ڀٽائي يا سچل فقير يا ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي شاعرن کي صوفي شاعر چئي سگھجي ٿو. عام رواجي فقير اڪثر پنندا به وتن.[2]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. سچل سرمست- غلام احمد گرامي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

[1]

  1. http://www.sindhsalamat.com/threads/35829/