مواد ڏانھن هلو

اسٽيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسٽيل (steel) لوھ ۽ ڪاربان جي ملاوٽ آهي جنھن ۾ لوھ جي ٻين شڪلين جي مقابلي ۾ بھتر طاقت ۽ ڀڃڻ جي خلاف مزاحمت آهي. ان ۾ ٻيا ڪيترائي عنصر موجود يا شامل ٿي سگهن ٿا. اسٽينلیس سٽیل، جيڪي ڳار ۽ آڪسائيڊشن جي مزاحمتي آهي، ان ۾ عام طور تي اضافي 11% ڪروميم جي ضرورت هوندي آهي. پنھنجي اعليٰ ٽينسائيل جي طاقت ۽ گهٽ قيمت جي ڪري، فولاد عمارتن، انفراسٽرڪچر، اوزارن، جھازن، ٽرينن، ڪارن، سائيڪلن، مشينن، برقي سامان، فرنيچر ۽ هٿيارن ۾ استعمال ٿيندو آهي.

فولاد (عربي: حديدالجواهر، فارسي: پولاد، هندي/اردو وغيره: فولاد، شاربو قان، پنرانگ ۽ قزند) صفا ڪيل لوھ جو قسم آهي، جيڪو جوهردار اڇي رنگ تي ٿئي ٿو.

خاصيت: هن کي ڄمونءَ جي ڇوڏن جي رس جي هڪ پاءُ ۾ کرل ڪري سڪائي لغدو ڪري بوتي ۾ رکي مٿان گلحڪمت ڪري ان کي سڪائي، ڏهن سيرن ڇيڻن جي باھ ڏجي. (اهڙيون چار باهيون ڏجن) تہ فولاد تمام چڱو مري ويندو. اهو تيار ٿيل ڪشتو، قوت باھ، طعام جي هضم ڪرڻ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، گڙدن، مثاني ۽ جگر جي بيمارين لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.