پاڪستان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رهنمائي, ڳولا
پاڪستان جو نقشو-اردو ۾
Pakistan (orthographic projection).svg
Flag of Pakistan.svg
پاڪستان جو قومي ترانو
پاڪستان جا قومي نشان ۽ علامتون
قومي جانور Markhor.jpg
قومي پکي Keklik.jpg
قومي وڻ Pedrengo cedro nel parco Frizzoni.jpg
قومي گل Jasminum officinale.JPG
قومي ورثو جانور Snow Leopard 13.jpg
قومي ورثو پکي Vándorsólyom.JPG
قومي سامونڊي پستانيہ Platanista gangetica.jpg
قومي جيت Persiancrocodile.jpg
قومي پاڻي ۽ خوشڪي ۾ رهندڙ جانور Bufo stomaticus04.jpg
قومي ڦر Chaunsa.JPG
قومي مسجد Shah Faisal Mosque (Islamabad, Pakistan).jpg
قومي مزار
قومي درياءُ Indus river from karakouram highway.jpg
قومي جبل K2, Mount Godwin Austen, Chogori, Savage Mountain.jpg

پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان برصغير جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.

فهرست

تاريخ[سنواريو]

گڏيل هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ دوران هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽي منجهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي اختلافن کي اڀاريو ويو. نتيجي ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن مان مسلمانن کي ڪي شڪايتون پيدا ٿيون ۽ انهن مسلم ليگ نالي جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جي پلئٽفارم تان هندستان جي مسلمانن، مسلم اڪثريت وارن علائقن تي مشتمل ڌار ملڪ جو خيال پيش ڪيو. تڏهن مسلم ليگ، قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ 1940ع ۾ لاهور واري اجلاس ۾ هڪ مطالبو قراردار ذريعي منظور ڪرايو. ان کانپوءِ 1946ع ۾ ليگ ڪنوينشن دهليءَ هن قرارداد جي وضاحت لاءِ هڪ تجويز منظور ڪئي. اهي ٻئي قراردادون ”مينار پاڪستان“ لاهور تي اڪريل آهن. جنهن جو متن هن ريت آهي.

مسلم ليگ[سنواريو]

مسلمانن جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حفاظت جي سلسلي ۾ مسلم ليگ (Muslim league) هڪ وڏي پارڻي بڻجي اڀري ۽ محمد علي جناح، جنهن کي سروجني نيڊو ’سفير اتحاد‘ سڏيو آهي، سو به اڳتي هلي ڪانگريس کي ڇڏي اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.

محمد علي جناح کان گهڻو اڳ، ان قسم جي جدوجهد، سر سيد احمد جي زماني ۾ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏ آئيني سڌارن جو سلسلو به جاري هو، جنهن ڪري، آهستي آهستي مسلمانن جي الڳ حيثيت ٺهندي وئي، مسلمانن جي الڳ حيثيت جي جو سلسلو ان ميموريڊم کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو، 1 آڪٽوبر 1906ع تي مسلمانن جي هڪ وفد سر آغا خان (Sir Agha Khan) جي اڳواڻيءَ ۾، وائسراءِ هند لارڊ منٽو (Lord Mintto) کي پيش ڪيو.

1909ع ۾ منٽو مارلي سڌارن، مسلمانن جي آئيني جدوجهد جي لاءِ چڱا موقعا پيدا ڪيا.

1919ع ۾ مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن ۾، مسلمانن جي الڳ حيثيت جو اصول مڇيو ويو.

1934ع ۾ محمد علي جناح، مسلم ليگ جو مستقل صدر بڻايو ويو،

اڳتي هلي 1948ع ۾ محمد علي جناح، هندو مسلم اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ’چوڏهن نڪات‘ پيش ڪيا. جناح جي ان قدم سان مسلمانن جي الڳ حيثيت لاءِ راهه هموار ٿي.

1935 ۾ گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ جي تحت صوبائي خودمختياري لاڳو ٿي. جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي، اتي کين مڪمل سياسي اقتدار حاصل رهيو، اڳتي هلي ’پاڪستان‘ جي ٺهڻ تائين پهتو.

1 اپريل 1937ع ۾ نئون قانون هند لاڳو ٿيو ۽ 36- 1937ع ۾ چونڊو ڪرايون ويون. ڪانگريس کي مدراس، يوپي، بمبئي، سي پي، بهار، اوڙيسا ۽ سرحد، ستن صوبن ۾ اڪثريت حاصل ٿي؛ پنجاب، سنڌ، بنگال ۽ آسام ۾ مسلمانن کي ڪاميابي ملي.

ڪانگريس وزارتون[سنواريو]

مسلم ليگ، 10 مارچ 1938ع تي، هڪ ڪاميٽي راجا سيد محمد مهدي آف پيرپور جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي، جنهن جي حوالي اهو ڪم لڳايو ويو ته هو انهن واقعن جي تحقيق ڪري، جي واقعا ڪانگريس وزارتن جي دور ۾ رونما ٿيا آهن. ان ڪاميٽيءَ جي رپورٽ پيرپور رپورٽ (Pirpur Report) جي نالي سان پڌري ٿي.

پيرپور ’رپورٽ کان پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڪوپ لينڊ جي رپورٽ پڌري ٿي، جنهن ڪانگريس حڪومتن لاءِ هيٺين رپورٽ درج ڪئي آهي:

آڪٽوبر 1937ع جي شروعات کان وٺي، سيپٽمبر 1939ع جي آخر تائين، ڪانگريسي صوبن ۾، 57 زبردست فساد ٿيا. انهن مان بهار ۾ 15، يو پي ۾ 14، سي پيءَ ۾ 11، مدراس ۾ 8، بمبئيءَ ۾ 7، اوڙيسا ۾ 1 ۽ سرحد ۾ 1، انهن فسادن ۾ قتل ٿيلن جو اندازو 17000 هزار هو!“

اهو فسادن جو سلسلو هلندو رهيو. 1944ع ۾ محمد علي جناح، علي ڳڙه ۾ هڪ تقرير ۾ تقرير ڪئي.

پشاور ۾ 27 نومبر 1945ع تي جناح مزيد وضاحت ڪندي فرمايو: ”اسان ٻنهي قومن ۾، صرف مذهب جو فرق ناهي؛ اسان جو ڪلچر، هڪ ٻئي کان جدا آهي؛ اسان جو دين، اسان کي هڪ جداگانه قانون حيات ٿو ڏئي، جو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان ان نصب العين تي زندگي گذارڻ گهرون ٿا.“ [1]

جون 1945ع ۾، فرنٽيئر مسلم اسٽوڊنٽس جي نالي پنهنجي پيغام ۾ محمد علي جناح فرمايو: ”پاڪستان مان اسان جو مطلب اهو ناهي ته اسان غير ملڪي حڪومت کان آزادي ٿا گهرون، پر ان مان اها مراد آهي ته اسان جو ’اسلامي نطريه حيات‘ هجي، جنهن جي حفاظت ضروري آهي. اسان کي رڳو پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻي ناهي، پر قابل به ٿيڻو آهي، جيئن اسان ان جي حفاظت به ڪري سگهون ۽ اسلامي تصورن ۽ اصولن تي زندگي به گذاري سگهون.“

ان حوالي سان، جواهر لال نهرو اعلان ڪيو ته: ”هندوستان ۾ رڳو ٻه قومون آهن، هڪ انگريز ٻي ڪانگريس!“

جنهن جي جواب ۾ جناح چيو ته ”بيشڪ! ٽين قوت به آهي، جيڪا آهي مسلمان!

1946ع ۾، برطانيه مان هڪ وزارتي مشن آئي، جنهن هندو مسلم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر مسلمانن ان کي رد ڪري ڇڏيو. ان جي رد عمل طور بمبئيءَ ۾ مسلم ڪائونسل ’راست اقدام‘ جو اعلان ڪيو.

16 - آگسٽ 1946ع تي ڪلڪتي ۾ وڏا فساد ٿيا، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي ويا، ان کان پوءِ بمبئي، ڳڙه مڪتيشر، ڪوئٽا ۽ الهه آباد ۾ فساد ٿيا. نواکلي ۽ بهار ۾ خونريز واقعا ٿيا، هزارين شهري ماريا ويا، ڪروڙن جي جائداد ساڙي وئي. محمد علي جناح اعلان ڪيو ته: ”پاڪستان هاڻي مسلمانن لاءِ زندگيءَ جو هڪ لازمي شرط بنجي چڪو آهي، ان کي دنيا جي ڪا به طاقت ٽاري نه ٿي سگهي!“ [2]

قرارداد[سنواريو]

پاڪستان جو ٺهراءُ/ قرارداد لاهور: (آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ منظور ٿيل: 22 کان 24 مارچ 1940ع).

  • (1) آئيني مسئلي تي آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ مجلس عامله جي هن پيش قدميءَ جي تائيد ۽ توثيق ڪندي، جيڪا 27 آگسٽ، 17- 18 سيپٽمبر، 22 آڪٽوبر 1939ع ۽ 3 فيبروري 1940ع جي قراردادن مان واضح ٿئي ٿي. آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس پر زور طريقي سان اهو دهرائي ٿو ته، اهو وفاقي منصوبو، جنهن جو اظهار گورنمنيٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ ڪيو ويو آهي. بلڪل غير موزون، هن ملڪ جي خاص حالتن جي پيش نظر ناقابل عمل ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ مڪمل طور ناقابل قبول آهي.
  • (2) هن اجلاس جي اها حتمي راءِ آهي ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي جيڪو اعلان وائسراءِ، حڪومت جي طرفان ڪيو هو، اهو ان حد تائين ته اطمينان بخش آهي، جو جنهن ملڪ ۽ منصوبي تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ٻڌل آهي. ان تي هندستان جي مختلف جماعتن، مفادن ۽ فرقن جي مشوري سان ٻيهر غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي، پر هندستان جا مسلمان ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندا، جيستائين پوري آئيني منصوبي تي ٻيهر نئين سر غور نه ڪيو ويندو ۽ ڪو به نئون منصوبو انهن جي رضامندي ۽ منظوري سان مرتب نه ڪيو ويندو.
  • (3) طئي ٿيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هيءَ منظور شده راءِ آهي، ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ قابل عمل ۽ مسلمانن لاءِ قابل قبول نه هوندو، جيستائين اهو هيٺ ڄاڻايل بنيادي اصولن تي وضع نه ڪيو وندو، يعني جاگرافيائي طور ويجهڙائي وارن علائقن جي حد بندي اهڙي خطي ۾ ڪئي وڃي، جو جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مثلاً: هندستان جا اتر اولهندي ۽ اڀرندي وارا حصا. انهن جي تشڪيل اهڙي ته آزاد رياستن جي صورت ۾ ڪئي وڃي، جو اهي خود مختيار ۽ مقتدر هجن.

گڏوگڏ انهن ويجهڙائي وارن علائقن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ مؤثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، انهن جي ٻين اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان شامل ڪيو وڃي.

وڌيڪ هيءُ اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته اها انهن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪري، جنهن جي مدد سان ذڪر ڪيل علائقن کي پورا اختيار حاصل ٿي وڃن، جيئن: دفاع، پرڏيهي مامرا، مواصلات، محصولات ۽ ٻيا مامرا جيڪي ضروري سمجهيا وڃن.

ان کان پوءِ 1946ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان ”قرارداد“ ۾ تبديلي آڻي، ”آزاد ۽ خود مختيار رياستن“ جي جاءِ تي ”هڪ رياست (State)“ جو لفظ ڪم آندو ويو.

1946ع واري دهلي قرارداد: قرارداد پاڪستان جي وڌيڪ تشريح هن ليگ ڪنوينشن جي هڪ قرارداد ۾ مرڪزي ۽ صوبائي قانون ساز مجلس جي چونڊيل ميمبرن گڏيل راءِ سان ڪئي، جيڪا قائداعظم جي صدارت ۾ 9 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ٻين مامرن مان صرف هي نڪتو واضح ڪيو ويو ته: ’هندستان جي اتر اڀرندي ۾ بنگال ۽ آسام ۽ اتر الهندي ۾ پنجاب، صوبو سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان، يعني مسلم اڪثريت وارا علائقا آهن، اتي واحد ۽ خود مختيار مملڪت جي تشڪيل ڪئي وڃي ۽ ان امر جو واضح اعلان ڪيو وڃي ته پاڪستان جو قيام بنا دير عمل ۾ آندو وڃي.

پهرئين قرارداد[سنواريو]

ان کان پوءِ پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان پهرين اپريل 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ پاس ڪيو هو. انگريز دؤر ختم ٿيڻ سان هندستان کي ٻن آزاد ملڪن: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهايو ويو. پاڪستان جي حصي ۾ برطانوي هند جا اتر الهندي وارا پرڳڻا آيا، جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي، جهڙوڪ: اولهندو پنجاب، سنڌ، بهاولپور رياست، خيرپور رياست، بلوچستان ۽ سرحد صوبو (هاڻوڪو خيبر پختونخوا) ۽ اُن جون رياستون آيون. اوڀر بنگال وارو حصو به پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو ”مشرقي پاڪستان“ سڏيو ويو. پاڪستان جي اڀرندي حصي ۾ اوڀر بنگال ۽ سلهٽ جو ضلعو شامل ٿيا. ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڪو فيصلو نه ڪيو ويو. ڪاٺياواڙ جي ڪجهه رياستن جهڙوڪ: جهوناڳڙهه، ماناوادر ۽ مانگرول جو پاڪستان سان ظاهري الحاق ڪيو هو، پر عملي طرح ٿي نه سگهيو. حيدرآباد دکن پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو هو، پر اها رياست ڀارت سان ئي رهي.

ايراضي ۽ حدون[سنواريو]

شروع ۾ پاڪستان پنجن صوبن ۽ ڪجهه رياستن تي مشتمل هو، پر 1954ع ۾ الهندي حصي جي سمورن صوبن ۽ رياستن کي ملائي ”وَن يونٽ“ ٺاهيو ويو ۽ ملڪ جو الهندو حصو ”مغربي يا اولهه پاڪستان“ سڏيو ويو ۽ بنگال کي ”مشرقي يا اوڀر پاڪستان“ سڏيو ويو. مغربي پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان جي حدن ۾ ايندڙ رياستون شامل هيون. پاڪستان جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڀارت جو هڪ هزار ميلن تي محيط ملڪ هو. اوڀر پاڪستان جي اتر، اولهه توڙي اوڀر ۾ ڀارت، ۽ ڏکڻ ۾ بنگال جو اپسمنڊ هو. اولهه پاڪستان جي حدن جي اتر اوڀر ۾ ڀارت آهي. ان وقت پاڪستان جي ڪل ايراضي 363529 چورس ميل هئي. اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي 90 سيڪڙو زمين سنوت واري هئي، جنهن کي ”گنگا واديءَ واري زمين“ چيو ويندو آهي. هن واديءَ ۾ ٽي مکيه درياهه آهن: گنگا (پدما)، برهمپترا (جمنا) ۽ مينگهنا. ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ چٽگام جون پهاڙيون آهن، جيڪي آسام جي جبلن ۽ برما جي پهاڙن جون شاخون آهن. انهن پهاڙين جي لهواري حصي ۾ تمام گهڻي برسات پوندي آهي. هن علائقي جي مشهور ندي ’ڪرنافلي‘ آهي.

پاڪستان سان اوڀر بنگال جي شرڪت 24 سال رهي، ان بعد پاڪ- ڀارت جنگ جي نتيجي ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي ”بنگلاديش“ جي نالي سان نئون ملڪ وجود ۾ آيو. هن ملڪ کي قديم تاريخي پسمنظر اڳ ئي هو. پاڪستان کان بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا، جن ۾ پهريون وڏو سبب هڪ هزار ميلن جو فاصلو هو، جنهنڪري ان علائقي جي سرحدن جي صحيح طرح سنڀال نه پئي ٿي سگهي. ٻيو سبب سياسي ادارن ۾ اڻبرابريءَ جو هو. اولهه پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو جاگيردار ۽ وڏا زميندار چونڊجي ٿي آيا، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو وچولي طبقي جا نمائندا اسيمبلين ۾ چونڊبا هئا. ان ڪري ڪنهن به معاملي تي منجهن هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڀارتي مداخلت هو، جنهن پاڪستان خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.

عام موڪلون[سنواريو]

موڪل نالو سبب يا اهميت
12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو ڏينهن
1 مئي مئي ڏڻ مزدورن جو عالمي ڏينهن
14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن پاڪستان جي قيام جو ڏينهن
25 ڊسمبر قائد ڏڻ قائداعظم جي ولادت جو ڏينهن
10 ذوالحج عيد الاضحيٰ ابراهيم عليه السلام جي قربانيءَ جي ياد ۾
1 شوال عيد الفطر مسلمانن جي ٻن وڏين عيدن مان هڪ
23 مارچ پاڪستان ڏڻ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو ڏينهن (تڪراري)
9,10 محرم الحرام عاشورو حسين رضي الله عنه جي ياد ۾

صوبا[سنواريو]

هن وقت پاڪستان چئن صوبن: سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه (اڳوڻي سرحد) تي مشتمل آهي. آزاد ڪشمير پاڪستان جي پاڙيسري رياست آهي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي سالن کان راءِ شماريءَ جي منتظر آهي. جڏهن ته 2009ع ۾ اترين علائقي گلگت کي صوبي جهڙي حيثيت ڏئي، ’گلگت- بلتستان‘ جو نالو ڏئي، قمر الزمان ڪائرا کي اتان جو پهريون گورنر مقرر ڪري اتي چونڊون ڪرايون ويون ۽ ، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ ان پارٽي جي ئي چونڊيل اميدوار سيد مهدي شاهه کي گلگت- بلتستان جو پهريون وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ گـورنـر ڊاڪٽر شمع خالد جي وفات کان پوءِ فيبروري 2011ع ۾ پيــر ڪرم علي شاهه کي گلگت- بلتستان جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.

ارضياتي خطا[سنواريو]

ارضياتي طور پاڪستان کي هيٺين ٽن خطن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

جابلو علائقو[سنواريو]

پاڪستان جي اتر ۽ اولهه ۾ جابلو علائقو آهي. هن ۾ اتر وارا جبل، هماليه جون شاخون آهن، جن جون قطارون ديوارن وانگر هڪٻئي پٺيان بيٺل آهن. انهن ۾ چترال ۽ مريءَ جا پهاڙ، ڪاغان وادي ۽ قبائلي علائقن جا پهاڙ شامل آهن. انهن جبلن مان هماليه جبل جي سراسري اوچائي 20 هزار فوٽ آهن، جنهنڪري اُن جون چوٽيون سدائين برف سان ڍڪيل رهنديون آهن، گلگت جي ويجهو نانگاپربت جي چوٽي 26 هزار فوٽ اوچي آهي، ۽ قراقرم جابلو قطار ۾ K-2 جي پهاڙي 28250 فوٽ اوچي آهي، جتي وسيع برف موجود رهندي آهي. اتر- اولهه واريءَ سرحد تي هندوڪش جبل پکڙيل آهي، جنهن جي چوٽي (تيرچ مير) 25353 فوٽ آهي. پهاڙي لڪن جهڙوڪ: بابُوسر، دره خنجراب ۽ لواري وغيره به گهڻو ڪري برف سان ڍڪيل هوندا آهن، گرمين ۾ برف ڳرڻ کان پوءِ ئي آمدرفت ٿيندي آهي.

ميداني علائقو[سنواريو]

پاڪستان جو تقريباً اوڀر وارو حصو ميداني آهي. ان کي سنڌو ماٿري چوندا آهن، ڇوته سنڌو درياهه ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون: ڪابل، جهلم، ستلج، راوي، بياس ۽ چناب آهن. سنڌو درياهه وارو علائقو وسيع ميدان آهي، جيڪو ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي، اُن جا ٻه حصا آهن؛

  • (الف) سنڌوءَ جو مٿيون حصو: هن حصي ۾ پنجاب ۽ بهاولپور جا علائقا شامل آهن. هتي جي زمين زرخيز آهي، ڇو ته هتي نهرن جو ڄار وڇايل آهي. بهاولپور واري خطي ۾، اوڀر طرف جيڪو حصو خشڪ آهي، ان کي ”چولستان“ چوندا آهن.
  • (ب) سنڌوءَ جو هيٺاهون ميدان: هن حصي ۾ سنڌو درياهه جو پيٽ وڌيڪ ويڪرو آهي. اُن کان سواءِ برسات جي اڻاٺ سبب ڪجهه زمين ريگستان بنجي وئي، انهيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وٽان بئراج ٺاهي، ڪيتريون ئي شاخون ڪڍيون ويون آهن.

مٿانهون پٽ: هن علائقي جا ٻه حصا آهن: (الف) پوٺوهار، جهلم درياهه جي ڪناري سان، ٻه هزار فوٽ اوچو جابلو لوڻ (سينڌي لوڻ) جو پهاڙي سلسلو الهندي طرف هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ هر هنڌ لوڻ جون ڇپون ملن ٿيون. اهو سڄو علائقو باراني آهي. ان ۾ گاسليٽ، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. ڪوهستان لوڻ، جهلم نديءَ جي الهندي ڪناري سان لڳو لڳ ڏکڻ اولهه طرف سنڌو درياهه تائين پکڙيل آهي. ان سلسلي جي اوچائي لڳ ڀڳ ست سؤ ميٽر ٿيندي. ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولهه وارن جبلن وچ ۾ پوٺوهار جو مٿانهون پٽ آهي. ان ۾ اٽڪ، راولپنڊي (خاص ڪري ڪوهه مري ۽ ڪهوٽا جا علائقا) ۽ جهلم ضلعو شامل آهن.

  • (ب) سليمان جبل ۽ کيرٿر جبل جي الهندي ۾ بلوچستان نهايت مٿانهون علائقو آهي، جنهن جي اوچائي 600 کان 900 ميٽر ٿيندي. هتي جي هوا نهايت خشڪ آهي ۽ برسات نه پوڻ ڪري سبب صوبي جي گهڻي ايراضي غيرآباد آهي. وچ ۾ لوڻ واري پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، اترئين حصي ۾ ڪروميم جا ذخيرا ملن ٿا.

آبهوا[سنواريو]

پاڪستان پُوري پُني ڪمربند ۾ اچي ٿو. پاڪستان جو گهڻو حصو سمنڊ کان پري آهي ۽ اتر ۾ اوچا جبل اٿس. اهوئي سبب آهي، جو هتان جي آبهوا مجموعي طور خشڪ ۽ گرم آهي. گرميءَ جي موسم ۾ پاڪستان جو گرمي پد سڀ کان وڌيڪ سبي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ آهي. تازو جون 2010ع ۾ موهن جي دڙي واري علائقي۾ گرمي پد 54 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو هو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ٿيو. ان کان اڳ سبي، جيڪب آباد، سکر ۽ نوابشاهه ۾ وڌ کان وڌ 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد مختلف وقتن تي رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته سياري ۾ پاڪستان ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ برسات تمام گهٽ پوندي آهي. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سراسري 5 انچ برسات پوندي آهي. پاڪستان ۾ وڻڪار جي ايراضي هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان وڌيڪ آهي، جيڪو ملڪ جي جملي ايراضيءَ جو ساڍا 4 سيڪڙو آهي. پاڪستان جو گهڻو علائقو ويران ۽ خشڪ آهي. هتي فقط 2 سيڪڙو ٻيلا ۽ جهنگ آهن. گهڻي وڻڪار اترئين ۽ اولاهين پهاڙي علائقي ۾ آهي. اڪثر درياهي ڪنارن تي ٻيلا آهن. ميداني علائقن ۾ ٽالهي، توت، ٻٻر ۽ لئيءَ جا وڻ ٿيندا آهن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ انب، ڪيلا، زيتون، سنگتڙا ۽ مالٽا وغيره ٿيندا آهن. بلوچستان ۽ صوبي سرحد ۾ بادام، صوفن، زردالن ۽ انگورن وغيره جا باغ گهڻا آهن. جابلو ايراضيءَ ۾ جدا جدا اوچائيءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٿيندا آهن. مثال طور: ٽن هزارن فوٽن جي اندر چِنار وغيره جا وڻ ٿيندا آهن. ٽن هزارن فوٽن کان مٿي چيل ۽ ديال جا وڻ آهن. ستن هزارن فوٽن تي صنوبر جا وڻ ۽ ڏهن هزارن فوٽن تي فقط ”برج“ جا وڻ ٿيندا آهن. انهن جهنگن ۾ بي انداز ٻوٽيون ۽ گل ٿيندا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ’سوات‘ جا پهاڙ قابل ذڪر آهن.

جاندار[سنواريو]

پاڪستان ۾ قسمين قسمين جانور/ جاندار ملن ٿا، جن ۾ شينهن، برفاني چيتا (هماليه ۽ چترال ۾)، جهنگراڙ ٻلا (ريگستاني علائقن ۾)، مُشڪ ٻليون، نوريئڙا، چراخ، ڳورپٽ، بگهڙ، لومڙ، گدڙ، ڪتا، رڇ، ڀولڙا، لڌڙا، گڏهه، ٻڪريون، رڍون، مارخور (بلوچستان، چترال ۽ سوات ۾)، سرهه ۽ گڍ (سنڌ جي جابلو علائقي ۾)، هرڻ (ڪارو هرڻ سنڌ جي ريگستاني علائقي ۾)، روجهه (نيل گانءِ)، ڦاڙها، مشڪ هرڻ، سانڀر، سُوئر، ڍڳيون/ گانيون، مينهون، گهوڙا، اُٺ ۽ ٻُلهڻ (سنڌو درياهه ۾) شامل آهن. پکي: پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن قسمن جا پکي عام جام ٿين ٿا، جن ۾: تتر، تلور، ٻٽير، چڪور، ٻَگهه، بدڪ، مرغابيون، مينا، مَور، ڪوئل، هُد هُد (ڪاٺ ڪُٽو)، طوطا، ڪبوتر، ڳيرا، ڪانوَ، جهرڪيون، ڪڪڙ، ڊيلون، نيرڳيون، آڙيون، ابابيل، سرڻيون، ڳجهون، باز، عقاب ۽ شڪرا وغيره اچي وڃن ٿا. ريڙهيون پائيندڙ جانور: پاڪستان ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانورن ۾ واڳون، مانگر مڇ، ڪڇون، ڪرڙيون، سانڊا، گِلوئيون، مڇيون (ڪُرڙا، پلا، موراکيون ۽ پاپليٽ وغيره اچي وڃن ٿا)، سامونڊي پيداوار ۾ مرجان ۽ جهينگا قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ٻيا به هزارين جيت ۽ سُرڻا هن سرزمين جي پيداوار آهن.

زراعت[سنواريو]

پاڪستان بنيادي طور هڪ زرعي ملڪ آهي. هتان جي مکيه پيداوار ۾: ڪڻڪ، ڪپهه، چانور، ڪمند، سڻي، تيلي ٻج، ڀاڄيون ۽ ميوا شامل آهن. زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ حڪومت زرعي سڌارا نافذ ڪيا آهن. زرعي سڌارن جو مقصد زراعت کي وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن جي هڪ هٽي کان بچائڻ، هاري ۽ زميندار جي ناتن کي سڌارڻ، ايراضيءَ جي ونڊ ورڇ جي ڪم کي سولو بنائڻ ۽ زراعت ۽ مشينريءَ جي استعمال کي ممڪن بنائڻ هوندو آهي. ان ريت هٿرادو ڀاڻ، سٺا ٻج ۽ زرعي قرض سولائي سان ڪتب آڻي سگهجن ٿا. 1958ع کان اڳ زرعي سڌارا جدا جدا صوبن ۾ محدود پيماني تي نافذ ڪيا ويا هئا. انهن کي نافذ ڪري واسطيدار صوبن جي مرضيءَ تي ڇڏيو ويو هو، جنهنڪري جنوري 1959ع ۾ مختلف صوبن ۾ اڻپورا سڌارا نافذ ڪيا ويا. انهن پٽاندڙ ڪو به ماڻهو پنج سؤ ايڪڙ نهري يا هڪ هزار ايڪڙ باراني ايراضي کان وڌيڪ زمين رکي نه پئي سگهيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اولهه پنجاب جي علائقن ۾ في ايڪڙ پيداواري يونٽن جو اندازو مقرر ڪيو ويو هو. سٺي زمين جي هڪ ايڪڙ ۾ 72 پيداواري يونٽ مڃيا ويندا هئا. ان ريت ڪو به ماڻهو 36000 پيداواري يونٽن کان وڌيڪ زمين پاڻ وٽ رکي نٿي سگهيو، البت ان ايراضي کانسواءِ هڪ زميندار وٽ 150 ايڪڙ باغن لاءِ ۽ 183 ايڪڙ ايراضيءَ تائين ورهائي سگهيو ٿي. ان ايراضيءَ کانسواءِ باقي سڄي ايراضي حڪومت وٺي، هارين ۽ حقدار آبادگارن ۾ ورهائي ڇڏي. 1972ع ۽ 1977ع جي دوران ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ زرعي آندا ويا. انهن سڌارن تحت هارين ۽کي زرعي مقصدن جي لاءِ بهتر سهولتون ۽ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شامل هئا. انهن سڌارن موجب زمين جي حد ملڪيت ۾ ڪمي ڪري هڪ فرد جي حد ملڪيت 500 نهري ايڪڙن مان گهٽائي 100 ايڪڙ ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح غير نهري ايراضيءَ جي في سيڪڙو حد ملڪيت 300 ايڪڙ ڪئي وئي. انهن سڌارن تحت هارين کي زرعي مقصدن لاءِ گهڻيون سهولتون ۽ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شامل هئا.

پاڪستان جا زرعي تحقيقاتي ادارا[سنواريو]

حڪومت زرعي تحقيق لاءِ ادارا قائم ڪيا آهن، جتي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ تجربا ڪيا وڃن ٿا ۽ ٻج کي ترقي ڏياري پيداوار ۾ واڌارو ممڪن بنايو پيو وڃي. ملڪ جون ٽئي زرعي يونيورسٽيون، جيڪي فيصل آباد، ٽنڊي ڄام ۽ پشاور ۾ واقع آهن ۽ زرعي تحقيق جا ٻيا ادارا جيڪي رسالپور، راولپنڊي، ڪالا شاهه ڪاڪو، ڏوڪري ۽ سڪرنڊ (وڌيڪ ڏسو: زرعي تحقيقي مرڪز، سڪرنڊ) ۾ آهن، اهي تمام ڪارائتو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن کانسواءِ سرگوڌا، رحيم يار خان ۽ سڪرنڊ ۾ زرعي سکيا جا ادارا به قائم ڪيا ويا آهن. ڪن چونڊ اسڪولن ۾ زرعي ٽيڪنيڪي تعليم کي لازمي ڪيو ويو آهي. زرعي ترقياتي ڪارپوريشن ٻجن جي بهتر قسمن کي مقبول بنائڻ ۽ هٿرادو ڀاڻ کي ڪتب آڻڻ جون سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ڏاڍو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. سٺو ٻج ۽ ڀاڻ حڪومت رعايتي گهه تي ڏئي ٿي ۽ انهن ڪوششن جي ڪري زرعي پيداوار ۾ نمايان واڌارو آيو آهي ۽ پاڪستان غذائي لحاظ کان پاڻ ڀرو ٿيڻ کي ويجهو اچي رهيو آهي.

سٺي ٻج ۽ هٿرادو ڀاڻ کان به وڌيڪ اهم ڪم فصلن کي بيمارين ۽ موذي جيتن کان بچائڻ آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ان مقصد لاءِ هوائي توڙي زميني جيت مار دوائون ڇٽڪاري، سٺي فصل لاءِ جوڳيون ڪوششون ڪيون آهن، جڏهن ته زرعي دوائون جيڪي فصلن کي نقصانڪار جيتن کان محفوظ رکن ٿيون ۽ ڀاڻ جي پيداوار جون صنعتون به هن وقت عروج تي آهن، انهن جي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ تي نظر رکڻ به حڪومت جي فرضن ۾شامل آهي.

قدرتي وسيلا:[سنواريو]

سڄو پاڪستان هر قسم جي کاڻين سان مالامال آهي، جهڙوڪ: ڪوئلو، سينڌو لوڻ، تيل ۽ گئس، ڪرومائيٽ، جپسم، گندرف، لوهه، سنگمرمر، سُرمو ۽ جست وغيره. توانائيءَ جو استعمال: ڪوئلي ۽ معدني تيل جي کوٽ جي صورت ۾ زراعت ۽ صنعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ بجليءَ جي سخت ضرورت پوندي آهي. پاڪستان ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جتي درياهن ۽ نهرن مان آبشارن ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مالاڪنڊ- درگئي منصوبو، پن بجلي رسول منصوبو، وارسڪ ڊئم منصوبو ۽ منگلا ڊئم کان سواءِ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي آبشار ٺاهي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي.

ڪوئلو[سنواريو]

توانائيءَ جي پيداوار ۾ ڪوئلو به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ لڌا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب جي مڪڙوال، بلوچستان جي خوست، مچ ۽ هرنائي واري علائقن ۽ سنڌ ۾ ٿر کان علاوه جهمپير ۽ لاکڙا ۾ به ڪوئلو ملي ٿو. پنجاب 0.257 (ارب ٽن)، بلوچستان 0.196 (ارب ٽن)، خيبر پختونخوا 0.082 (ارب ٽن)، سنڌ184.123 (ارب ٽن). سنڌ ۾ لاکڙا، ضلعي دادو ۾1.328 (ارب ٽن)، جهرڪ، جهمپير ۽ ميٽنگ، ضلعي ٺٽي ۾ 7.112 (ارب ٽن)، ضلعي بدين ۾0.16 (ارب ٽن) ۽ ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ 175.505 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن.

ٿر جو ڪوئلو[سنواريو]

1988ع ۾ برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ (ODA) اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ ٿهاريي هاليپوٽا ۾ ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڪامياب ٿي. 1989ع ۾ هڪ تنظيم ‘GSP/ UGS’ ڇاڇري جي ڀرسان سازدا طرفان کوٽايل پاڻيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو ۽ ٻڌايو ته ٿر واري رڻ پٽ ۾ ڪوئلي جو وسيع ذخيرو موجود آهي. فيبروري 1992ع ۾ ٿر ۾ ڪوئلي جي موجودگيءَ لاءِ ڊرلنگ وسيلي چار سوراخ ڪيا ويا. هن وقت تائين ٿر ۾ 9100 چورس ڪلوميٽرن کان مٿي ايراضيءَ ۾ 224 ڊرل سوراخ ڪيا ويا آهن ۽ مجموعي طور ٿر مان 175 ارب ٽن ڪوئلي ملڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن سان دنيا ۾ ڪوئلي جي پيداوار وارن ملڪن ۾ پاڪستان ستون نمبر وڏو ملڪ شمار ٿيندو. ٿر ۾ ڪوئلي جي ايراضيءَ جو وچور هن ريت آهي:

  • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو سنڌ جي اوڀرندي طرف ٿر واري رڻ پٽ ۾ آهي ۽ اهو علائقو ويڪرائي ڦاڪ 24030’ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7003’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي واري ايراضيءَ جي پکيڙ اٽڪل 9100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. (اها ايراضي ٿر جي ڪل ايراضي 22000 چورس ڪلوميٽرن مان آهي) ۽ اها (اتر- ڏکڻ) طرف 140 ڪلوميٽر ۽ (اوڀرندي- اولهندي) طرف 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ آهي.
  • ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي.
  • ڪوئلي جي هن ذخيري جي حساب سان ڪوئلي جي پيداوارن وارن وڏن 12 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ستون نمبر بيهي ٿو.
  • ٿر جي ڪوئلي جو معيار لگنئيٽ A کان B آهي، جيڪو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي.

عوام، آبادي ۽ ٻوليون[سنواريو]

تاريخ جي دور کان اڳ ئي پاڪستان ۽ هندستان ۾ اترالهندي حصي جون سرحدون پار ڪري، مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻهو هتي اچي آباد ٿيندا رهيا آهن. اهي لڏي آيل گهڻو ڪري وچ ايشيا ۽ مغربي ايشيا کان آيا هئا. هتي اصلوڪا رهاڪو، سنڌو واديءَ جا معمار آهن. دراوڙ ۽ ٻيا انهن جي نسل مان آهن. هتي ٻاهرين ماڻهن جي آمد جو سلسلو به جاري رهيو آهي، جنهنڪري هڪٻئي جي پٺيان آريا، يوناني، ايراني، عرب، ترڪ، منگول، ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين قومن جا ماڻهو آيا ۽ ڪيترا هتي آباد ٿيا ۽ ڪي ڦري لٽي واپس هليا ويا. آهستي آهستي سڱابندين جي ڪري سندن نسل گاڏڙ ٿي ويو. بهرحال اڄ به پاڪستان جي رهواسين جو وڏو تعداد انهيءَ نسل سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي هند آريائي نسل چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي قلات واري علائقي ۾ دراوڙي نسل (بروهي) جا ماڻهو اڄ به موجود آهن. بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ گهڻو ڪري ترڪن ۽ ايرانين، يعني آرين جي ٻن شاخن جو ميلاپ چيو وڃِ ٿو، جن جي ابن ڏاڏن بابت هڪ خيال آهي ته اهي عربستان کان آيا هئا ۽ نسل جي لحاظ کان سامي نسل جا آهن. پاڪستان، مسلم اڪثريت وارو علائقو آهي، هتي ٻين مذهبن وارا ماڻهو به رهن ٿا، جن مان هندو ڌرم جي اڪثريت ۾ آهي. هندن جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. پاڪستان ۾ عيسائي به ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. پارسي مذهب جا ماڻهو به آباد آهن، ليڪن سندن تعداد ٿورو آهي. مذهبي لحاظ کان پاڪستان ۾ رهندڙن جي آدمشماري هيٺينءَ طرح آهي:

  • مسلمان 89 سيڪڙو،
  • هندو 10 سيڪڙو،
  • عيسائي، ٻڌ، پارسي ۽ ٻيا مذهب هڪ سيڪڙو.

ٻوليون[سنواريو]

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجن ٿيون. پاڪستان جي اصلوڪن رهاڪن جون مکيه ٻوليون سنڌي، پنجابي، سرائڪي (ڌني، شاهه پوري، پوٺوهاري، هندڪو)، پشتو، بلوچي ۽ براهوي آهي. ان کان سواءِ ڀارت مان لڏي آيل ماڻهن جي ٻولي اردوءَ سان گڏ گجراتي، ڪڇي، ميواتي، مارواڙي، رانگڙي، ميمڻي ٻوليون به هتي ڳالهايون وڃن ٿيون، ليڪن اردو رابطي جي زبان ۽ قومي ٻولي بنائي وئي آهي. اردوءَ کي انگريزيءَ جي جاءِ وٺڻ ۾ ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي آهي ۽ اڃا تائين انگريزي، سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ صوبن جا رهاڪو پنهنجي ٻولين کي ”قومي ٻوليون“ سڏين ٿا. پاڪستان ۾ جدا جدا ٻولين ڳالهائيندڙن جو تعداد هيٺينءَ طرح آهي:

  • پنجابي 44.17 سيڪڙو
  • سنڌي 14.12 سيڪڙو
  • پشتو 15.44 سيڪڙو
  • سرائڪي 10.42 سيڪڙو
  • اردو 7.59 سيڪڙو
  • بلوچي 3.59 سيڪڙو
  • براهوي 96 .0 سيڪڙو
  • فارسي 80 . 0 سيڪڙو
  • ٻيون ٻوليون 2.91 سيڪڙو، جيڪي ڪشمير، گلگت ۽ لداخ وغيره ۾ ڳالهائيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: ڪشميري، هندڪو، بلتي، کوار، شينا، شورسيني، پشاچي، توروالي وغيره.

ٻيلا ۽ جهنگل[سنواريو]

پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان به گهٽ آهي. اهو اندازو مجموعي ايراضيءَ جو ساڍا چار سيڪڙو آهي، ان مان اڌ وڻن جو ڪاٺ اڏاوتن ۽ ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو، باقي حصو بيڪار ٻوٽن ۽ ولين تي مشتمل آهي. اهوئي سبب آهي، جو ٻيلن جي پيداوار اڻ پوري آهي، انهيءَ ڪري ملڪ لاءِ عمارتي ڪاٺ ٻين ملڪن مان گهرائڻو پوندو آهي. حڪومت جي اها ئي ڪوشش آهي ته جديد طريقن سان موجوده ٻيلن کي ترقي ڏني وڃي. صنعت ۽ حرفت: گڏيل پاڪستان سڻيءَ جو گهر هوندي، پاڪستان ۾ سڻيءَ جو هڪ به ڪارخانو موجود نه هو، جيڪي هئا سي به ننڍا ۽ معمولي درجي جا هئا. ورهاڱي کان اڳ کنڊ ٺاهڻ جا ننڍا ننڍا ڪارخانا هئا. فقط اٽي پيهڻ جون چڪيون، هڪ ٻه بسڪوٽ ٺاهڻ جا ڪارخانا، هڪ اڌ شراب ٺاهڻ ۽ بناسپتي گيهه جا ڪارخانا هئا. ورهاڱي کان پوءِ صنعتن ۾ واڌارو آيو. ملڪي ضرورت واريون شيون ٻاهران گهرائڻ بدران پاڪستان ۾ ئي ٺهڻ شروع ٿيون. ان مقصد سان ترقياتي بورڊ، پاڪستان صنعتي مالياتي ڪارپوريشن (جنهن اڳتي هلي صنعتي ترقياتي بئنڪ (I.D.B.P) جو روپ ورتو، صنعتي سرمايه ڪاري ڪارپوريشن، ٽيرف ڪميشن، ڇهن سالن واري رٿا، صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن، گهريلو هنرن جي صنعت، پهرين پنج ساله رٿا (1955ع کان 1960ع) ٻي پنج ساله رٿا (1965ع تائين)، ٽين پنج ساله رٿا (1970ع تائين)، چوٿين پنج ساله رٿا (1975ع تائين) ۽ انهن کان علاوه وقت بوقت پاڪستان ۾ سائنسي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ادارا پڻ قائم ٿيندا رهيا. هن وقت پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي صنعتون قائم آهن. جن ۾ لوهه، کنڊ، گيهه جا ڪارخانا ۽ سمال انڊسٽريز ۾ پڻ واڌارو آيو آهي. جڏهن ته اڃا به وڌيڪ پرڏيهي سيڙپ ۽ صنعتي موقعن جي ضرورت گهڻي آهي. ملڪ ۾ هن وقت فولاد جا ڪارخانا (ڏسو: پاڪستان اسٽيل ملز)، ڪپڙي جون صنعتون، کاڄرو تيل، ڪيميڪل انڊسٽري، سيمينٽ، شگر ملز، چمڙي ۽ ڪپهه جا ڪارخنا وڏي تعداد ۾ موجود آهن، پر پوءِ به عالمي سطح تي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت پيش اچي ٿي.

ٻارڻ ۽ معدنيات[سنواريو]

پاڪستان جي قيام وقت ڪوئلو، ڪچو لوهه ۽ ٻي معدنيات ڀارت جي حصي ۾ آيون. پاڪستان ۾ معدني کاڻيون نه هئڻ جي برابر هيون ۽ انهن جي پيداوار ملڪي ضرورت ۾ ناڪافي هئي. انهيءَ ڪري ٻاهران گهرائڻ ۾ گهڻو سرمايو ضايع ٿيندو هو. گذريل 25/30 سالن ۾ معدنيات جي ڳولا ۾ جيڪي قدم کنيا ويا، ان جو خاطر خواهه نتيجو نڪري رهيو آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي.

تيل[سنواريو]

1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ساڍا چار لک ٽن هئي، جنهن مان ملڪ جي 12 سيڪڙو ضرورت پوري ٿيندي هئي. هن خطي ۾ تيل جو پهريون کوهه 1886ع ۾ ڪُنڊل (پنجاب) ۾ کوٽيو ويو هو ۽ 1915ع ۾ پوٺوهار ۾ تيل جو ذخيرو معلوم ٿيو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ خيرپور ضلعي مان تيل نڪتو. قيام پاڪستان بعد تيل جي ڳولا جاري رهي. 1949ع ۾ چڪوال ۾ تيل ملڻ ۾ ڪاميابي ٿي، 1950ع ۾ برما آئل ڪمپنيءَ جي شراڪت سان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪمپنيءَ 1952ع ۾ سُئي جي ڳوٺ (بلوچستان) وٽ گئس ڳولي لڌي. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن جون ڪمپنيون تيل جي ڳولا ۾ مصروف آهن. سنڌ جي بدين، دادو، حيدرآباد ۽ سانگهڙ وارن علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن. اٽڪ آئل ڪمپني، راولپنڊيءَ جو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل 50 سالن ۾ ٻيو ڪارخانو 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ٽيون ڪارخانو 1966ع ۾ قائم ٿيو. ٻنهي ڪارخانن جي پيداوار 41 لک ٽن سالياني آهي. هن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيل دريافت ٿيو آهي، جتي پلانٽ لڳائي تيل جي صفائي ڪري توانائي طور ڪتب آڻجي ٿو. سنڌ ۾ خيرپور کانسواءِ دادوءَ جي جوهي تعلقي (ڀت جبل)، بدين ضلعي جي گولاڙچي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڌارو ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ جي عادلپور واري علائقن ۾ به تيل جا کوهه دريافت ٿيا آهن (وڌيڪ ڏسو: پيٽروليم). قدرتي گئس: مغربي پاڪستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان هن وقت تقريباً 82 ارب مڪعب فوٽ گئس سالياني نڪري ٿي. ان جو 47 سيڪڙو ڪيميائي ڀاڻ جي تياريءَ ۾ ڪچي مال طور استعمال ٿيندو آهي ۽ 48 سيڪڙو گئس گهرو استعمال ۾ ايندي آهي. گئس جو وڏو ذخيرو بلوچستان جي ’سُئي‘ واري علائقي ۾ آهي، جتان پاڪستان جو اڪثر حصو گئس جي سهولت ماڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڀِت جبل، قادرپور ۽ حيدرآباد مان به گئس لڌي وئي آهي.

خام لوهه/ ڪچو لوهه[سنواريو]

اندازو آهي ته پاڪستان ۾ 40 لک ٽن کان به وڌيڪ لوهه جا ذخيرا آهن. لوهه جو گهڻو ذخيرو مڪڙوال ۽ ڪالاباغ واري علائقي ۾ آهي. ان کان سواءِ هزارا ۽ چترال ۾ به کاڻيون موجود آهن. چاغي (بلوچستان) ۾ به اعليٰ قسم جو لوهه مليو آهي. معدنيات جي لحاظ کان بلوچستان شاهوڪار خطو آهي.

لوڻ[سنواريو]

پاڪستان ۾ نهايت ئي اعليٰ قسم جو لوڻ ملي ٿو. سمنڊ جي پاڻيءَ مان به لوڻ ٺاهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جابلو لوڻ جون 6 کاڻيون آهن، جن مان کيوڙا (ضلعي جهلم) جي سڀ کان وڏي کاڻ مشهور آهي. معدني پيداوار جي انهن کاڻين ۽ ذخيرن کان سواءِ ٻيون به قيمتي کاڻيون آهن. مثال طور جپسم، ڪرومائيٽ، سنگمرمر، چُن جو پٿر، چيني مٽي ۽ شيشي ٺاهڻ لاءِ واري وغيره.

پاڻي[سنواريو]

پاڪستان ۾ 19 ڪروڙ 90 لک ايڪڙ ايراضيءَ مان فقط 6 ڪروڙ 60 لک ايڪڙ زمين اهڙي آهي، جيڪا پاڻي جي سهوليت هجڻ تي آبادي ڪري سگهجي ٿي. هن وقت تائين فقط اڍائي ڪروڙ ايڪڙ ايراضي واهن ذريعي آباد ٿيندي آهي. پهرين ۽ ٻي پنج ساله منصوبي ۾ ڪن رٿائن جي شروعات ٿي، مثلاً: سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج، وارسڪ ڊئم، جناح بئراج، چشمه بئراج، گڊو بئراج، تونسه بئراج ۽ راول ڊئم وغيره. ٽئين پنج ساله منصوبي ۾ هيٺيان ڪم مڪمل ڪيا ويا. ڪوهاٽ جي ويجهو 116 فوٽ اوچو، 2200 فوٽ ڊگهو بند تعمير ڪيو ويو، جيڪو ٽنڊا ڊئم جي نالي سان مشهور آهي. جنوبي وزيرستان ۾ گومل درياهه تي بند ٻڌي ضلعي ديري اسماعيل خان جي هڪ لک 15 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي وئي آهي ۽ 83 هزار ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم هلندڙ آهي. سنڌ طاس معاهدي (1960ع) هيٺ ٻه وڏي ۾ وڏا بند تعمير ٿيا: انهن مان جهلم درياهه تي منگلا ڊئم 1968ع ۾ تعمير ٿيو. هن ڍنڍ ۾ ساڍا 55 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. هن ڊئم جو ٻيو مقصد بجلي پيدا ڪرڻ آهي. هن وقت منگلا پاور هائوس مان ٻه لک ڪلو واٽ بجلي مهيا ٿئي ٿي. منگلا ڊيم سان گڏ ترمو، سڌنائي، ميلسي، ميلسي ڀلوال ۽ بلوڪي- قادرآباد رابطي جون نهرون به مڪمل ٿيون.

سنڌ طاس معاهدي جو ٻيو وڏو منصوبو تربيلا ڊئم آهي. هن ڊئم ۾ سنڌو درياهه جو هڪ ڪروڙ 11 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش رکيل آهي. پاڪستان جو گهڻو حصو ٻارهوئي وهندڙ واهن تي آباد ٿيندو آهي. سنڌو درياهه جو ميداني علائقو پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب بندوبست نه هئڻ سبب سم ۽ ڪلر ۾ وڪوڙيل آهي. پنجاب جي 50 لک ايڪڙن کي سخت نقصان پهتو آهي. سم ۽ ڪلر کان نجات ڏيارڻ لاءِ واپڊا هڪ وسيع رٿا جوڙي پنجاب ۾ 1800 ٽيوب ويل لڳايا هئا. ٻئي پنج ساله منصوبي تحت 1966ع ۾ وڌيڪ 1400 ٽيوب ويل هنيا ويا. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ساڍا چار سؤ ميل سم ناليون کوٽيون ويون، جن ۾ سم جو پاڻي سمنڊ تائين پهچايو ويو. خيرپور اسڪيم هيٺ سم هيٺ آيل زمين ۾ ٽيوب ويل لڳائي زمين کي سم کان آجو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور اسڪيم هيٺ 126 ڊگهيون ناليون کوٽي، سم کي پاڻيءَ جي ڍنڍن ڍورن ۾ نيڪال ڪيو ويو. ماضيءَ ۾ نواز ليگ ۽ ٻين حڪومتن ڪالاباغ واري هنڌ ”ڪالاباغ ڊئم“ ٺاهڻ تي زور ڏنو، سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ٺهندڙ ڊئم تي سنڌ سميت خيبر پختونخوا واسين به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جو موقف آهي ته ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ سان سنڌ کي پهچندڙ پاڻي ۾ گهڻي گهٽتائي اچي ويندي ۽ سنڌ جون زمينون غيرآباد ٿينديون ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌَڪ رسندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هن وقت به پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب پريشانيءَ واري صورتحال آهي. ڪيترو عرصو ان ڊئم جي خلاف احتجاج ڪيا ويا، تازو پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ سان ئي ان تڪراري ڊئم جي منصوبي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي تائيد سنڌ سميت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان اسيمبلي به ڪئي.

بجلي[سنواريو]

بجليءَ جي پيداوار کي مناسب ۽ صحيح طريقي سان پهچائڻ لاءِ اُتر ۽ ڏکڻ جي حصن ۾ ورهايو ويو آهي. اترئين حصي ۾ پنجاب، صوبو سرحد ۽ بهاولپور شامل آهن. انهن سڀني کي هڪڙي ”گرڊ“ (Grid) ۾ ملايو ويو، جنهن ۾ وارسڪ، مالاڪنڊ، درگئي، ڪرم ڳڙهي، رسول، شادي وال، چيچوڪي مليان، گوجرانوالا ۽ رينالا جو هائيڊل بجلي گهر، لائلپور، ساهيوال ۽ ملتان جا اسٽيم بجلي گهر ۽ لائلپور جو ڊيزل بجلي گهر، ڏاکڻي اترين سنڌ، ڪوئيٽا ۽ قلات جي علائقن تي مشتمل آهي. پاڪستان جا اهم بجلي گهر هيٺيان آهن:

  • (1) ملتان بجلي گهر
  • (2) موبائل گئس ٽربائن، شاهدره لاهور،
  • (3) ڪويئٽا ٿرمل پاور اسٽيشن
  • (4) ڄامشورو ٿرمل پاور اسٽيشن
  • (5) سکر ٿرمل پاور پراجيڪٽ
  • (6) لائلپور اسٽيم پاور اسٽيشن
  • (7) گوجرانوالا هائيڊل اسٽيشن
  • (8) شادي وال هائيڊل اسٽيشن
  • (9) چيچوڪي مليان هائيڊل اسٽيشن
  • (10) وارسڪ پاور اسٽيشن
  • (11) ڄامشورو بجلي گهر
  • (12) لاکڙا پاور هائوس
  • (13) ڪوٽ ادو
  • (14) حب ۽ ٻيا ڪيترائي پاور هائوس ڪم ڪري رهيا آهن.

آمدرفت جا ذريعا[سنواريو]

ملڪ ۾ آمدورفت جا 5 مکيه ذريعا آهن: ريلوي، هاءِ وي، موٽر وي، سمنڊ، درياهه ۽ هوائي رستا.

ريلوي[سنواريو]

روڊ رستا[سنواريو]

مسافرن ۽ سامان، ٻنهي جي آمدورفت ۽ باربرداريءَ لاءِ ريلوي کان پوءِ وڏو ذريعو روڊ ۽ پڪا رستا آهن، جيڪي ريلوي کان وڌيڪ آرامده آهن. ڳوٺن کان مارڪيٽن تائين زرعي پيداوار، ڪارخانن تائين خام مال ۽ سڀني شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچڻ ۾ روڊ رستا ئي بهتر ذريعو آهن. هر پنج سالا رٿا ۾ گهڻو ڪري اوليت روڊن ۽ رستن کي ڏني پئي وئي. 1967ع جي آخر ۾ پاڪستان ۾ رستن جي ڊيگهه ٻه هزار ميل ٿي وئي. پاڪستان جي قديم ترين سڙڪ ”گرانڊ ٽرنڪ روڊ“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا سورهين صدي عيسويءَ ۾ شيرشاهه سوريءَ ٺهرائي هئي. ورهاڱي وقت پاڪستان ۾ رستن جي ڪل ڊيگهه 13781 ميل هئي. انهن ۾ گهڻا رستا پنجاب ۽ سرحد صوبن ۾ هئا. 1949ع ۾ هڪڙو سينٽرل روڊ فنڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جو 85 سيڪڙو پُلين جي تعمير ۽ 15 سيڪڙو تحقيقي ڪمن تي صرف ڪيو ويو، جن ۾ سپرهاءِ وي، نئشنل هاءِ وي ۽ موٽروي وغيره جا منصوبا شامل آهن. هن وقت ملڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇائڻ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مصروف عمل آهي.

بندرگاهه[سنواريو]

ملڪ جي ورهاڱي وقت پاڪستان جو اڪيلو بندر ڪراچي هو. ان جي لنگر گاهه ۽ ورڪشاپ وغيره لاءِ 2474 ايڪڙ زمين مختصر ڪئي وئي هئي. سڄي بندر جوانتظام ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وٽ آهي. هڪ اعليٰ بندرگاهه ۾ جيڪي سهوليتون موجود هئڻ گهرجن، سي سڀ هتي موجود آهن. موجوده وقت ۾ پاڪستان جي سامونڊي ڪناري سان مڪاني طور مڇي مارڻ لاءِ ڪم ايندر مياڻيون ۽ ننڍڙا بندر به سڌاري وڌائي وڏن بندرگاهن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته جيئن ڪراچي بندرگاهن تان جهازن جي آمدورفت تان بار گهٽجي. مثال طور گوادر، سون مياڻي، قاسم بندر ۽ ڪيٽي بندر وغيره.

يونيورسٽيون[سنواريو]

پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ ۾ فقط هڪ ’پنجاب يونيورسٽي‘ ڪم ڪري رهي هئي، جيڪا 1882ع ۾ قائم ٿي هئي. هن جديد دؤر ۾ پاڪسان ۾ لڳ ڀڳ 132 يونيورسٽيون تعليمي ميدان ۾ خدمتون آڇين پيون. مُک يونيورسٽين ۾ هيٺيون يونيورسٽيون ملڪ ۾ هر سطح تي تحقيق جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن:

  • سنڌ يونيورسٽي (1947ع)
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام، پشاور يونيورسٽي (1950ع)
  • ڪراچي يونيورسٽي (1951ع)
  • زرعي يونيورسٽي لائلپور (فيصل آباد) (1961ع)
  • يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، لاهور (1961ع)
  • قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد (1967ع)
  • بلوچستان يونيورسٽي (1970ع)
  • گومل يونيورسٽي ديره اسماعيل خان (1974ع)
  • علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد (1974ع)
  • بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان (1974ع)
  • اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور (1975ع)
  • مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ڄام شورو (1977ع)
  • اين. اِي. ڊي يونيورسٽي ڪراچي (1977ع)
  • انٽرنئشنل اسلاميه يونيورسٽي (1980ع)
  • يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ڪشمير (1980ع)
  • آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي (1983ع)
  • شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (1986ع)
  • همدرد ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي (1991ع)
  • سر سيد احمد خان انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي (1995ع)
  • بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي (1996ع)
  • اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد (1997ع)
  • لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (2001ع)
  • بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لاڙڪاڻو (2009ع).

جوهري توانائيءَ جي ڪميشن[سنواريو]

جوهري توانائيءَ جي دريافت انساني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. ”پاڪستان انرجي ڪائونسل“ جي نالي سان هڪ ادارو جوهري توانائيءَ جي پُر امن استعمال جي انهي مقصد سان قائم ٿيو هو. ٻئي سال هن اداري جو نالو ”ائٽامڪ انرجي ڪميشن“ ۾ بدلايو ويو. هيءُ ادارو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: پهريون تحقيقاتي ۽ ترقياتي مرڪز، ۽ ٻيو جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو عملي مرڪز. پهرئين مرڪز جو ذيلي ادارو آهي ”جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي“ اسلام آباد. هتي ڊسمبر 1965ع ۾ پنج ميگاواٽ جو هڪ جوهري ري ائڪٽر لڳايو ويو ۽ ان ۾ جوهري طبعيات، جوهري ڳاڻيٽي، جوهري ڪيميا، طبي طبعيات ۽ برقيات تي ڪم ٿي رهيو آهي. ٻيو جوهري توانائيءَ جو مرڪز لاهور ۾ آهي، جيڪو 1961ع ۾ قائم ٿيو. ٽيون جوهري توانائيءَ جو زرعي تحقيقاتي مرڪز ٽنڊي ڄام ۾ 1965ع ۾ قائم ٿيو، چوٿون مرڪز ميڊيڪل ريڊيو آئسوٽوپ ٽنڊوڄام آهي. هن وقت پاڪستاني سائنسدانن جي ڪامياب تجربن جي بدولت، پاڪستان هن وقت دنيا جي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي حڪومت ۾ سائنسدانن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائڻ جو خواب نيٺ تڪميل تي پهتو. ويجهي ماضيءَ ۾ مئي 1998ع ڌاري پهريون ائٽمي تجربو ڪيو ويو.

ان کانسواءِ ٻيا ننڍا ننڍا تحقيقي مرڪز ڪراچيءَ، ڄامشوري، ملتان، لاهور ۽ پشاور ۾ کوليا ويا آهن. جوهري توانائيءَ سان بجلي پيدا ڪرڻ جو مرڪز ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 137 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو آهي. پاڪستان ۾ ائٽم کي ٽوڙڻ جو پهريون تجربو نيلور واري هنڌ 1965ع ۾ ڪيو ويو. انرجي ڪميشن، اعليٰ توانائيءَ جا طبعياتي مسئلن تي به تحقيق ۾ مصروف آهي. اهو ڪم ٻين الاقوامي معيار جو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام (تڏهوڪي مشير سائنسي امور) ۽ ڊاڪٽر. آءِ. ايڇ عثماني (صدر ائٽامڪ انرجي ڪميشن) سرگرم رهيا. جوهري توانائيءَ لاءِ ڳري پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي. قدرتي گئس مان مصنوعي ڀاڻ تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانن مان تيار ٿيل پاڻي حاصل ڪرڻ جو ڪم ورتو ويو آهي. ائٽمي توانائيءَ جي باري ۾ پاڪستان، روس سان ”پاڻي“ وٺڻ جو معاهدو ڪيو آهي.

صحت[سنواريو]

پاڪستان جي آئين مطابق هر فرد جي صحت جي سنڀال ۽ مفت علاج وغيره حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. پاڪستان جي ٽئين پنج سالا منصوبي مطابق حڪومت اهو عزم ڪري ڇڏيو هو ته 1985ع تائين ملڪ جي سموري آباديءَ کي صحت جا بنيادي لوازمات مهيا ڪيا ويندا ۽ ڪو به شخص طبي مراعات کان محروم نه رهندو. طبي سهولتن جي فراهمي صوبائي صحت کاتي جي ذمي آهي. مرڪزي حڪومت جو ڪم آهي صحت جي پروگرامن جي رهنمائي ڪرڻ. قيام پاڪستان وقت صحت جو قومي معيار نهايت خراب هو. ملڪ ۾ سنديافته ڊاڪٽرن جو تعداد گهٽ هو. اسپتالون نه هيون. دوائن ٺاهڻ جا ڪارخانا نه هئا. هن وقت ضلعن جي صدر مقامن (شهرن) ۾ وڏيون اسپتالون آهن، جيڪي صحت جي سلسلي ۾ ناڪافي آهن. 1961ع ۾ مليريا جي مرضن ۾ ورتل ٻه ڪروڙ ماڻهو رڪارڊ ڪيا ويا هئا. هڪ اندازي مطابق هن وقت به هڪ لک ماڻهو سلهه جي مرض ۾ مبتلا آهن، پر هن وقت سلهه (ٽي. بي) جو علاج ممڪن ۽ آسان آهي، جيڪو اٺن مهينن جي ڪورس تي مشتمل هوندو آهي ۽ هر تعلقي اسپتال ۾ ٽي. بيءَ جي مريضن کي رجسٽرڊ ڪري مفت ۾ علاج جي سهولت ڏني وئي آهي. انهيءَ جي علاج لاءِ مرڪزي حڪومت جي امداد سان ضلعي بالاڪوٽ ۾ 50 بسترن جو شفاخانو آهي. مرض پيدا ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ دخل ماحول ۾ گندگيءَ جو آهي. 1966ع ۾ صفائيءَ جي هڪ مهم هيٺ صفائيءَ جو پرچار ڪيو ويو، جنهن ۾ تازي هوا، صاف پاڻي ۽ متوازن غذا جي اهميت کان ماڻهن کي روشناس ڪرايو ويو هو. هن وقت پاڪستان سميت پوري سنڌ ۾ جگر جي بيماري هيپاٽائيٽس عام ٿي وئي آهي. جنهن جو سبب ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب آلوده (گدلو) پاڻي، انجيڪشنن ۽ بليڊن جو بار بار استعمال ۽ متاثر ٿيل رت جي منتقلي آهي. ان بيماريءَ جا ٽي قسم عام آهن. جن مان اي، بي ۽ سي جي علاج لاءِ حڪومت انتظام ڪيا آهن ۽ هر سرڪاري اسپتال ۾ هينئر ”هيپاٽائٽس ڪنٽرول پروگرام“ تحت مريضن جي مفت ٽيسٽ ۽ علاج ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻارن کي حفاظتي ٽڪن جو قومي پروگرام، ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت قومي پروگرام ۽ قومي ايڊز ڪنٽرول پروگرام به صحت کاتي جي ترجيحي سرگرمين ۾ شامل آهن. تنهن کان سواءِ عالمي صحت واري اداري جي تعاون سان ملڪ ۾ پوليو خلاف ڪيترن سالن وئڪيشن ٻارن کي فراهم ڪيون پيون وڃن.

خانداني منصوبه بندي[سنواريو]

پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي هڪ مسئلو بڻجي ويو آهي. اقتصاديات جي ماهرن، اقتصادي ترقيءَ جي هر پهلوءَ تي غور ڪيو. هنن جي رٿا موجب تيزيءَ سان وڌندڙ ڄم جي روڪ به اقتصادي خوشحاليءَ جو هڪ حصو آهي. ان جو مقصد اهو هو ته پاڪستان جي آباديءَ ۾ عمر جي ناهمواريءَ کي ختم ڪيو وڃي. 1970ع تائين خوراڪ جي معاملي ۾ ملڪ کي خود ڪفيل بنايو وڃي. نه فقط موجوده آمدنيءَ کي برقرار رکجي، بلڪه منصوبه بنديءَ هيٺ آمدنيءَ ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن وقت آهستي آهستي شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن خانداني منصوبه بنديءَ جي فائدن کي سمجهيو آهي. هن وقت به سرڪار پاران ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ذريعي گهر گهر ماڻهن ۾ خانداني منصوبه بنديءَ بابت آگاهي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

سماجي بهبود: پاڪستان هڪ فلاحي مملڪت آهي. 1955ع ۽ 1962ع جي آئين ۾ حڪومت جو فرض قرار ڏنو ويو آهي ته هو مذهب، ملت، رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ هر شهريءَ جي معيارِ زندگيءَ کي ترقي ڏئي، دولت جي ارتڪاز (هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ) کي روڪي، ملڪ جي سڀني طبقن جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪري. هر شخص لاءِ کاڌو، ڪپڙا، گهر، علاج ۽ تعليم جون بنيادي ضرورتون مهيا ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جسماني نقص يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري روزي ڪمائي نه سگهندا هجن، انهن جي ڪفالت ڪري. 1947ع جي ورهاڱي وقت وسيع پيماني تي لڏپلاڻ ٿي، جنهن کي حڪومت سنڀالي نه سگهي. ڪي ماڻهو پنهنجي ڪوشش سان ته ڪي ماڻهو تعليم، صحت عامه، عدالت، زراعت ۽ امداد باهمي ۽ عوامي انجمنن ذريعي روزگار سان لڳا. پر انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جي اڳيان بي انتها تڪليفون هيون. سماجي بهبود جو ڪم محنت جي وزارت جي حوالي هو. هن وقت سماجي ڀلائيءَ جو الڳ کاتو ۽ وزير مقرر ڪيل آهي. پهرئين پنج ساله منصوبي (1955ع) ۾ جن ٽن مسئلن طرف خاص ڌيان ڏنو ويو، سي هئا: سماجي منصوبه بندي، سماجي تحقيقات ۽ سماجي ڪم. 1961ع ۾ ”سوشل ويلفيئر ايجنسيز آرڊيننس“ جاري ڪيو ويو ته جيئن نجي ادارن ۾ ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪيو وڃي. گداگري وڏي لعنت آهي. اسلام ان کي سختيءَ سان روڪيو آهي. ليڪن ان لاءِ ضروري آهي ته بي پهچ ماڻهن جي حفاظت ۽ امداد جو بندوبست ڪيو وڃي. افلاس، جهالت، عصمت فروشي، گداگري، بيروزگاريءَ، ٻوڏ ۽ طوفان مان پيدا ٿيل خرابين جي ڪري ملڪ ۾ ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿي رهيون آهن. جن کي دور ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪڙي ڪميشن به مقرر ڪئي آهي. رٽائرڊ فوجين ۽ پٺتي پيلن جي بهبوديءَ لاءِ به حڪومت ڪي شعبا قائم ڪري ڇڏيا آهن. تنهن هوندي به سماجي بهبود جي سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي. مختلف قدرتي آفتن جهڙوڪ: 2005ع واري زلزلي جي صورت ۾ پاڙيسري ملڪ پڻ مدد لاءِ فلاحي ڪم ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستان به مختلف وقتن تي ٻين ملڪن جي مدد ڪندو رهي ٿو.

رهائشي رٿائون ۽ اڏاوتون: شهري ضرورت جي تڪميل لاءِ ٽائون ڪاميٽيون ۽ ميونسپالٽيون ته ملڪ ۾ شروع کان ئي موجود هيون، پر اها ذميداري روز روز ايتري وڌندي وئي جو وڏن شهرن ۾ ”امپروومينٽ ٽرسٽ“ قائم ڪيا ويا. حڪومت طرفان پي. ڊبليو. ڊي ۽ رٿابنديءَ واري کاتي، شهرن ۾ اڏاوت جي سلسلي ۾ ذميداريون پنهنجي ذمي ڪيون. گاديءَ واري شهر جي تعمير جو ڪم ڪئپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي سپرد هو. اهڙيءَ طرح ريلوي، ٽپال، آبپاشي وغيره جي کاتن، پنهنجن ملازمن لاءِ خود گهر اڏائڻ جو سلسلو جاري ڪيو.

نشريات[سنواريو]

هن وقت پاڪستان ۾ 33 ريڊيو اسٽيشنون ۽ 29 ايف. ايم اسٽيشنون آهن، جيڪي: لاهور، پشاور، ڪراچي، راولپنڊي، اسلام آباد، ملتان، آزاد ڪشمير، خيرپور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، لاڙڪاڻي، مٺي، نوابشاهه، خضدار، گلگت ۽ اسڪردو ۾ آهن، جن ۾ 20 ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ نجي ايم. ايف چينل به وڏي تعداد ۾ نشريات ڏئي رهيا آهن. ٽيليويزن: پاڪستان ۾ ٽيليويزن اسٽيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو 1964ع ۾ ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ جپان جي نوپن اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ سان معاهدو ڪيو ويو ۽ تجرباتي طور ننڍي پيماني تي ٻه ٽيليويزن اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 26 نومبر 1964ع تي لاهور ۾ هڪڙو يونٽ قائم ڪيو ويو. فيبروري 1965ع ۾ پنجن ڪروڙن رپين جي لاڳت سان ٽيليويزن ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اڌ رقم حڪومت طرفان ۽ اڌ رقم جپان ۽ برطانيا جي ڪمپنيءَ مهيا ڪئي. 1967ع ۾ ڪراچي ٽيليويزن اسٽيشن ڪم شروع ڪيو. جنوري 1967ع ۾ راولپنڊي- اسلام آباد ۾ به هڪ اسٽيشن قائم ڪئي ويئي. ملڪ ۾ لکين ٽيليويزن سيٽ اچي ويا. نين ڪمپنين، درآمد لائسنس ذريعي سيٽ تيار ڪرڻ شروع ڪيا. هن وقت ريڊيو وانگر ٽيليويزن ڪمرشل سروس شروع آهي. پاڪستان جي سرڪاري ٽي. وي ڪارپوريشن جو نالو پي. ٽي. وي آهي، جڏهن ته هينئر هڪ اندازي موجب چاليهه کن نجي چئنل پڻ نشريات ڏئي رهيا آهن، تن ۾ تفريحي ۽ نيوز چينل شامل آهن. انهن ۾ سنڌي چئنل ڪي. ٽي. اين، سنڌ ٽي. وي، ڪشش ٽي. وي، مهراڻ ٽي. وي، آواز ٽي. وي، ڌرتي ٽي. وي به شامل آهن.

فلم انڊسٽري[سنواريو]

پاڪستان قائم ٿيڻ وقت لاهور ۾ صرف ٻه اسٽوڊيو هئا، جيڪي به نامڪمل هئا، ان ڪري هتي فلم سازي وڏي پئماني تي ترقي نه ماڻي. 1948ع ۾ هڪ صرف فلم ٺهي، 1949ع ۾ ست (7)۽ 1950ع ۾ نوَ (9) فلمون مڪمل ٿيون. هن وقت 6 فلم اسٽوڊيو لاهور ۾ ۽ ٻه ڪراچيءَ ۾ آهن، جن مان ڪي اسٽوڊيو ساز ۽ سامان جي لحاظ سان معياري آهن. گهڻيون فلمون پنجابي ٻوليءَ ۾ ٺهن ٿيون. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي اردو فلمون آهن. پشتو ۽ سنڌي ٻولين ۾ به ڪي فلمون ٺهيون آهن. هن وقت پاڪستاني سئنيمائن ۾ ڪي خاص معياري فلمون ڪو نه ٿيون هلن. پر ٽيلي فلم پراڊڪشن عام ٿي آهي، جيڪي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ به ٺهن ٿيون ۽ انهن ۾ نجي ادارا ڪم ڪن ٿا. جڏهن ته فلم انڊسٽريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي سخت ضرورت آهي.

پاڪستان جون ڪجهه دستاويزي فلمون بين الاقوامي ميلن ۾ انعام به کڻي آيون، جن مان هڪڙي فلم ”پاڪستان جي ڪهاڻي“ 1966ع جي مقابلي ۾ پيش ڪئي وئي. فلمي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت گهڻيون سهوليتون مهيا ڪري رهي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ فلم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جو قيام قابل ذڪر آهي.پر ويجهي ماضيءَ ۾ ڪيتريون ئي دستاويزي ۽ ٽيلي فلمون عالمي سطح تي مشهور ٿيون.

صحافت[سنواريو]

پاڪستاني صحافت آزاديءَ کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ موجود مسلم پريس، صحافت جي وارث آهي. هندستان ۾ جڏهن مسلمانن اخبارون ڪڍيون ته هندن ۽ سکن جون اخبارون پنهنجا قدم پختا ڪري چڪيون هيون. ويهين صديءَ ۾ ’الهلال‘ (ڪلڪتو)، ’ڪامريڊ‘، ’همدرد‘ ۽ ’الجميعت‘ (دهلي)، ’زميندار‘ (لاهور) مسلمانن جي ترجماني ڪئي. مسلم ليگ جي قيام کان پوءِ اخبارن ۾ اضافو ٿيو. قيام پاڪستان وقت ’پاڪستان ٽائيمس‘ ۽ ’نواءِ وقت‘ پاڪستان جي حصي ۾ آيون. ’سول ائنڊ ملٽري گزيٽ‘ (لاهور)، ’سنڌ آبزرور‘ (ڪراچي) اڳيئي هتي موجود هيون. ’ڊان‘ (دهلي)، عين قيام پاڪستان واري ڏينهن ڪراچيءَ ۾ منتقل ٿي. ٿوري عرصي کان پوءِ ’جنگ‘ ۽ ’انجام‘ اخبارون به دهليءَ مان ڪراچي منتقل ٿيون. جلدئي ’امروز‘ ۽ ڪي نيون اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون. 1951ع کان پوءِ پاڪستان جي تقريباً هر وڏي شهر مان انگريزي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون، جن جو اهم مقصد عوامي مسئلا بااختيار حاڪمن تائين پهچائڻ هو. ڪي اخبارون ذاتي ۽ پارٽي پروپئگنڊا جي مقصد سان به شايع ٿينديون رهيون. اخبارن جي زندگيءَ جو مدار سرڪاري ۽ عوامي اشتهارن تي هوندو آهي، تنهنڪري جن اخبارن جا اشتهار بند ٿيندا هئا، اهي جي نه سگهنديون هيون. اهڙيون ڪئين اخبارون ڄمنديون ۽ مرنديون رهيون. صحافين جي ملازمت جي تحفظ ۽ سٺي اجرت لاءِ سرڪار ويج بورڊ مقرر ڪيو، جيڪو هر سال ملازمن جي پگهارن جو تعين ڪندو آهي. هن وقت هر ٻوليءَ جون قابل ذڪر ممتاز اخبارون هيٺينءَ طرح ڳڻائي سگهجن ٿيون. اردو: جنگ، امروز، مشرق، نواءِ وقت، امن ڪوهستان، جسارت ۽ مساوات. انگريزي: پاڪستان ٽائيمس، مسلم، مارننگ نيوز، ڊان ۽ پاڪستان آبزور، ۽ انڊس ٽائيمس.

سنڌي ٻوليءَ جون اخبارون ۽ رسالا[سنواريو]

سنڌيءَ ۾ به ڪافي اخبارون نڪتيون. ماضيءَ ۾ ’الوحيد‘ اخبار ورهاڱي کان اڳ آزاديءَ جي هلچل ۾ سنڌ جي جدوجهد جي نمائندگي ڪئي. ان کان سواءِ سکر، شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ٻيون به اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيندا رهيا. هن وقت به ڪيتريون ئي اخبارون سنڌيءَ ۾ نڪرن پيون، جيئن: عبرت، ڪاوش، ڪوشش، شام، سنڌو، سنڌ، مهراڻ، خبرون، خلق، سچ، سنڌ بُليٽن، تعمير سنڌ، هلچل، سوڀ، فيصلو، سُڪار ۽ احساس وغيره آهن، جڏهن ته آفتاب، سنڌ نيوز، خادم وطن ۽ سرواڻ وغيره، اهي اخبارون به حيدرآباد مان شايع ٿينديون آهن. هلال پاڪستان، عوامي آواز، سنڌ سجاڳ، برسات ۽ پاڪ اخبارون، ڪراچيءَ مان شايع ٿينديون آهن. پاڪ سنڌ سکر مان ۽ مقدمو لاڙڪاڻي مان نڪرن ٿيون. گهڻو ڪري سڀ اخبارون ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿين ٿيون.

انهن کان سواءِ هفتيوار، پندرهن وار، ماهوار ۽ ٽماهي ادبي رسالا پڻ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا رهندا آهن. جن ۾ سنڌو، عبرت مئگزين، ماهوار نئين زندگي، ماهوار سرتيون، ٽماهي مهراڻ، ماهوار سوجهرو، ماهوار امرتا، ٽماهي سارنگا، همرچو، پرک، پرهه، جاکوڙ، ٽماهي سنڌي ٻولي، ٽماهي ڪلاچي، ڇماهي ادب، ڪينجهر، افيئر نيوز مئگزين وغيره. الوحيد ۽ قرباني سنڌ جون اهي تاريخي اخبارون هيون، جن پاڪستان جي قيام کان اڳ نه فقط پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ورتو، پر مسلمانن جي سجاڳيءَ لاءِ پڻ تبليغ جو ڪارنامو انجام ڏنو. هفتيوار ۽ ٽه روزه اخبارن ۽ رسالن جو وڏو تعداد سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ آهي.

صحافت ۾ مددگار شعبا[سنواريو]

پاڪستان جي صحافت ۾ مددگار سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اداره آهن، جن جي ڪري پاڪستاني صحافت بين الاقوامي اخبارن جي همسري ڪري رهي آهي، مثال طور:

  • (1) آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي (APNS)، جيڪا اخبارن جي مالڪن جي جماعت.
  • (2) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس (CPNE)، اخبارن جي ايڊيٽرن جي جماعت.
  • (3) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ)، صحافين جي جماعت.
  • (4) ائسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (APP).
  • (5) پاڪستان پريس انٽرنئشنل (PPI) ۽
  • (6) يونائيٽيڊ پريس آف پاڪستان (UPP).

پهرين ٻنهي ادارن، اخبارن کي ٽيلي پرنٽر مهيا ڪري ڏنا آهن، هن وقت انٽرنيٽ ذريعي آساني سان خبرن ۽ تصويرن جي رسائي ممڪن آهي. اي. پي. پي جو دنيا جي ٻين خبرون پهچائيندڙ ايجنسين جهڙوڪ: رائٽر (لنڊن)، ائسوسيئيٽيڊ پريس آف آمريڪا (نيويارڪ)، نيو چائنا نيوز ايجنسي (پيڪنگ)، تاس (ماسڪو) وغيره سان معاهدو آهي.

رانديون[سنواريو]

قيام پاڪستان کان اڳ سڄي ملڪ ۾ راندين لاءِ انجمنون ۽ ڪلب موجود هئا، جن کي پوءِ منظم ڪري ’اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ‘ قائم ڪيو ويو. هاڪي، پاڪستان جي قومي راند آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ جو شمار پاڪستان جي پسنديده راندين ۾ ٿئي ٿو. پاڪستاني ٽيم دنيا جي ڪرڪيٽ راند ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. ڪيترائي رانديگر عالمي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. 1992ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جو عالمي ڪپ کٽيو هو، جڏهن ته تازو 2010ع ۾ ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پڻ پاڪستان جي سوڀ ٿي. چيو وڃي ٿو ته ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو آغاز به ڪراچيءَ (پاڪستان) کان ٿيو، هن وقت ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچون پوري دنيا ۾ پسند ڪيون وڃن ٿيون. هاڪيءَ کي به قومي راندين جو درجو حاصل آهي. گذريل پنجاهه سالن ۾ پاڪسـتان جي هاڪي ٽيم اولمپڪ گرائونڊ ۾ پـاڻ مڃـائي چڪي آهي. اسڪـوائـش بـه دنـيــا جـي مشـهـور رانـد آهي. پاڪستاني رانديگر هن وقت تائين سڄيءَ دنيا ۾ چئمپين آهن. فوٽ بال ۽ ٽينس رانديون به پاڪستان ۾ هلنديون آهن. ديسي راندين ۾ پنجاب جي ڪُـشتي، سـنـڌ ۽ بـلـوچسـتان جي مـلـهه ۽ ڪوڏي ڪـوڏي قـومي راندين ۾ شامل آهن. سنڌ ۽ پنجاب جون ٽيمون ”ڪوڏي ڪوڏي“ يا ڪٻڊيءَ جي مقابلن ۾ هڪٻئي جي سامهون هونديون آهن. گهوڙن جي ريس، ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ ٿيندي آهي، ان لاءِ خاص ميدان آهن. ريس ۾ کٽيندڙ گهوڙي کي قائداعظم گولڊ ڪپ ۽ هزارين رپيا ڏنا ويندا آهن. گهوڙن جي ٻي راند ”پولو“ آهي، جيڪا فقط گلگت ۾ کيڏي ويندي آهي. گولف به پاڪستان جي دل پسند راندين ۾ شمار ٿئي ٿي. جڏهن ته فٽبال جا به ڪيترائي بهترين رانديگر ملڪ ۾ موجود آهن.

قديم آثارن جو تحفظ[سنواريو]

قديم آثارن جي سنڀال لاءِ پهريائين مسلم بادشاهن دلچسپي ورتي. انگريزن جي حڪومت ۾ قديم آثارن جي سنڀال جو باقاعدي کاتو قائم ڪيو ويو، جنهن جو پهريون سربراهه سر اليگزينڊر ڪننگهام هو، جنهن جي مقرري 1871ع ۾ ٿي. ان جو دائرو پهرين اتر هندستان هو، پر 1874ع ۾ ڏکڻ هندستان به شامل ڪيو ويو. هن 23 جلدن ۾ ”آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا رپورٽ“ پيش ڪئي. 1881ع ۾ ميجر ڪُول کي قديم آثارن جو محافظ مقرر ڪيو ويو. ڪننگهام کان پوءِ ڊاڪٽر جيمس برجس ڊائريڪٽر ٿيو. 1889ع ۾ وائسراءِ لارڊ ڪرزن ذاتي دلچسپي وٺي، نوجوان برطانوي ماهر جان مارشل کي قديم آثارن جو ناظم مقرر ڪيو. موهن جو دڙو ۽ هڙپا (سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا ٻه وڏا نشان)، ٽئڪسيلا ۽ گنڌارا جي کوٽائيءَ جو گهڻو حصو جان مارشل جي نگرانيءَ ۾ ٿيو. جان مارشل 1932ع تائين انهيءَ عهدي تي مقرر رهيو. سنڌو ماٿريءَ ۾ کوٽائيءَ ۽ آثار قديمه جي حفاظت جو ڪارنامو سندس محنت جو نتيجو آهي. سر جان مارشل کان پوءِ مسٽر هار گريوز، راءِ بهادر ڪي. اين. ڊڪشٽ ۽ سر مارٽيمر وهيلر، ان شعبي جا سربراهه ٿيا، ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي حصي ۾ جيڪي شيون آيون، اهي انهن لائق آفيسرن جي ڪوششن جو نتيجو آهن. قديم تاريخ جي سلسلي ۾ وڏي خدمت سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي دريافت، موهن جو دڙو، آمري، هڙپا، منصوره، ڀنڀور ۽ مهرڳڙهه آهن. هن ملڪ ۾ پٿر جي دور جي آثارن جو مطالعو پهريائين 1935ع ۾ سوان واديءَ (راولپنڊيءَ) ۾ ڪيو ويو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ سڄي پاڪستان ۾ پٿر جي دور توڙي ان کان آڳاٽي دور جي آثارن جو مطالعو جاري آهي.

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، جيڪا جان مارشل دريافت ڪئي، اها فقط ”پتل جي دور“ جي عروج واري حالت کي پيش ڪري ٿي، جنهن جي شروعاتي حالتن متعلق ڪجهه معلوم نه هو. پنجين صدي عيسويءَ ۾ ”هَن“ قوم جي حملن ۽ اٺين صديءَ ۾ مسلمانن جي آمد واري وچئين زماني ۾ موجوده پاڪستان جي علائقن جي سياسي تاريخ، حڪايتن ۽ لوڪ گيتن مان ملي ٿي. ابتدائي اسلامي دور بابت ٻيا مسئلا درپيش هئا: (1) اهڙومواد بلڪل اڻلڀ هو، جنهن مان تقابلي مطالعي ۾ فائدو وٺي سگهجي. (2) مسلمانن جي قديم فنِ تعمير ۽ فنونِ لطيفه بابت ڪجهه به معلوم نه هو.

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ قديم آثارن جي کاتي، راولپنڊيءَ جي ويجهو پوٺوهار (ڏسو: پوٺوهار) جي علائقي ۽ سنڌ ۾ روهڙيءَ وٽ پٿر جي دؤر جي باقيات جي دريافت ڪئي. 1955ع ۾ ڪوٽڏيجيءَ وٽ کوٽائيءَ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ابتدائي دور بابت اهو ثابت ٿي ويو ته ڪوٽڏيجيءَ جي ثقافت، سنڌو ماٿريءَ جي ثقافت جي ابتدائي حالت آهي. اها کوجنا واقعي پاڪستان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي، ڇو ته انهيءَ دريافت، تحقيق جون نيون راهون کولي ڇڏيون آهن. ڀنڀور ۾ پهريون دفعو کوٽائي ڪئي وئي آهي؛ هتان ابتدائي اسلامي دؤر جون جيڪي شيون مليون آهن، تن جي ڀيٽ سان مطالعي لاءِ نهايت اهم مواد مليو آهي. انهن کوٽاين مان هڪ قلعي بند شهر، ابتدائي اسلامي دور جا سڪا، ٿانوَ، ڪتبا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي تقابلي مطالعي لاءِ هڙپا جي عجائب گهر لاءِ موهن جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي، آمريءَ ۽ روهڙيءَ مان قديم نوادرات حاصل ڪري ٻيهر سنڀاليو ويو آهي. ڪراچيءَ جي مرڪزي عجائب گهر ۾ اهڙيون خاص تصويرون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن مان پٿر جي دؤر (قبل از تاريخ) جي زندگي، ڪافرستان جي پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ قديم قبائلي معاشرت، هڪ ٻڌ وهارو، تخت بئي جي هڪ خانقاهه ۽ محمد بن قاسم جي ديبل جي گهيري جي نظاري کي پيش ڪيو ويو آهي. قديم آثارن واري کاتي جي ڪوشش سان ٽئڪسيلا ويجهو سراءِ ڪُولا ۾ هڪ قديم مقام دريافت ڪيو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هن علائقي جي ثقافت ساڍا ٽي هزار سال پراڻي آهي. ٻيون کوٽايون تلمبه (ملتان) ۽ منصوره (سانگهڙ) ۾ ڪيون ويون آهن. اسلامي دؤر جي يادگارن کي محفوظ رکڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان، يونيسڪو کان به مدد ورتي آهي.

سياحت[سنواريو]

پاڪستان جي سرزمين جو حسن ۽ هتي جي رهواسين جو اخلاق سڄيءَ دنيا جي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث آهي. تنهنڪري هتي سياحت لاءِ ايندڙ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. 1965ع ۾ سياحت کاتي، سياحن کي سهوليتون ڏيڻ لاءِ رٿا تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ هيٺيون ننڍيون رٿائون عمل ۾ آنديون ويون:

  • (1) ملڪ جي جدا جدا حصن، جهڙوڪ گلگت، هزارا، چترال، ڪالام ۽ ناران ۾ ريسٽ هائوسن جي تعمير ۽ آمد ورفت جون سهوليتون مهيا ڪرڻ.
  • (2) ڪوهه پيمائي، برف ۾ رانديون، مڇيءَ جو شڪار، وغيره.
  • (3) سياحت کي ترقي ڏيڻ لاءِ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ معلومات جا سينٽر کوليا ويا آهن، وڏن شهرن جي هوائي اڏن تي اطلاعات کاتي پاران هوٽلون کوليون ويون آهن.

ٻين ملڪن ۾ نمائش لاءِ سياحت کاتو، پاڪستان بابت رنگين فلمون به تيار ڪندو آهي. 1966ع کي ”سياحت جو سال“ ڪري ملهايو ويو هو. پاڪستان لوازان جي بين الاقوامي ميلي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پنج لک ماڻهن پاڪستاني اسٽال ڏٺو، ان کان سواءِ پراگ جي نمائش ۾ پاڪستان جا خوبصورت منظر ۽ وڏيون وڏيون تصويرون موڪليون ويون، جيڪي سياحن لاءِ پُرڪشش هيون. جنوري 1967ع ۾ ”نئچرل جاگرافڪ مخزن“ ۾، ”پاڪستان اسٽوري“ جي عنوان سان هڪ باتصوير طويل مقالو شايع ڪيو ۽ نئشنل جاگرفڪ سوسائٽيءَ، واشنگٽن ۾ پاڪستاني نوادارات تي هڪ نمائش جو انتظام ڪيو. ڊسمبر 1967ع ۾ جهنگلي جانورن جي تحفظ لاءِ عالمي تنظيم جي هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ هتي جي جهنگلي جانورن تي هڪ مختصر فلم تيار ڪئي. سياحت کاتي جي درخواست تي لاڙڪاڻي ايڪسپريس جو ’موهن جو دڙو ايڪسپريس‘ نالو رکيو ويو.

پاڪستان جي سرزمين قسمين قسمين نظارن جو ڏيک ڏيندڙ آهي. هتي اوچا جبل به آهن، زرخيز ميدان به آهن، رڻ پٽ به آهن ته گهاٽا ٻيلا به آهن. گهاٽي آباديءَ وارا شهر به آهن ته آثار قديمه جا دڙا، ڀڙا، ڪوٽ ۽ قلعا به آهن. سياحت جي لحاظ کان هيٺ ڄاڻايل ==ماڳ ۽ مڪان== پاڪستان ۾ هي ذڪر جوڳا ماڳ ۽ مڪان آهن: ڪراچي، ڀنڀور، ٺٽو، مڪلي، حيدرآباد، خيرپور، سکر، روهڙي، اروڙ، ڪوٽ ڏيجي، موهن جو دڙو، سيوهڻ، ڪوئيٽا، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، هڙپا، ٽئڪسيلا، پشاور، مانسهره، بالاڪوٽ، شهباز ڳڙهي، مري، نٿيا گلي، ڪاغان وادي، سوات وادي، پشاور، گلگت ۽ هنزا ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ مڪان.

سنڌ جي ثقافت کاتي به سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو سنڌ ۾ موجود آرڪيالاجيڪل ماڳن کي وفاق کان سنڌ جي تحويل ۾ آڻارائي پنهنجي ذميوارين ۾ آندو آهي، ان کان سواءِ سنڌ حڪومت جي مدد سان گورک هِل تي تعميراتي ڪم ۽ رهائشي سهولتين جو ڪم به تيزيءَ سان هلندڙ آهي.

پرڏيهي پاليسي[سنواريو]

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي نڪتو اهو رهيو آهي ته سڀ قومون برابر آهن ۽ هر قوم کي آزاد رهڻ جو حق حاصل آهي. پاڪستان سدائين دنيا جي هر محڪوم ملڪ، خاص ڪري يورپي استحصال جي شڪار ٿيل ايشيائي ملڪن جي حق خود اختياريءَ ۽ آزاديءَ جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ان کان سواءِ اسلامي ملڪن سان پاڪستانين جو دلي ڳانڍاپو رهيو آهي، ان جي جهلڪ به ملڪ جي خارجه پاليسيءَ ۾ نظر ايندي. قائداعظم پاڪستان جي قيام وقت چيو هو ته: اسين دنيا جي سڀني ملڪن سان دوستيءَ جا خواهشمند آهيون ۽ ڪنهن ملڪ سان دشمني رکڻ نٿا چاهيون. هڪڙو ڀارت اهڙو ملڪ آهي، جنهن سان خوشگوار تعلقات قائم نه ٿي سگهيا آهن، ان جو سبب ڪشمير، بنگلاديش جي قيام ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جهڙا مسئلا آهن، جيڪي صلح جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، پر عالمي مبصرن موجب اهي مسئلا جامع ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

پاڪستان جا دوست ملڪ:[سنواريو]

پاڪستان جا پنهنجي دوست ملڪن سان بهترين لاڳاپا رهيا آهن. چين سان 1963ع ۾ باقاعدي تجارتي معاهدو ٿيو. 1965ع ۾ چين، پاڪستان کي ڇهن ڪروڙ ڊالرن جي مدد ڏني، جن مان ٽئڪسيلا ۾ وڏين هيوي مشينن ٺاهڻ جو هڪ وڏو ڪارخانو قائم ڪيو ويو. مشهور تاريخي ”شاهراهه ريشم“ کي ٻيهر کولڻ جو معاهدو ٿيو. جون 1968ع ۾ چين جي تعاون سان هٿيارن ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو ويو. چين سان دوستيءَ تي پاڪستان کي فخر رهيو آهي ۽ اها دوستي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪوششن سان قائم ٿي ۽ اڄ به قائم آهي. چين هن وقت به واپاري توڙي دفاعي سامان جي مد ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو رهي ٿو.

چين کان پوءِ روس به هڪ طاقتور ملڪ آهي، جنهن جو شمار پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1948ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي تعلقات قائم ٿيا. شروع ۾ پاڪستان پوري طرح يورپي بلاڪ ۾ شامل هو، تنهنڪري سياسي تعلقات ۾ ڪو واڌارو نه آيو. روس ”سينٽو“ ۽ ”سيٽو“ ۾ پاڪستان جي شموليت تي ناراض هو ۽ پاڪستان کي شڪايت هئي ته روس پختونستان جي مسئلي ۽ ڪشمير جي مسئلي ۾ اجائي مداخلت پئي ڪئي. بهرحال ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري ناتا قائم رهيا آهن. مارچ 1961ع ۾ روس پاڪستان کي تيل جي ڳولا ۾ فني امداد کان سواءِ 3 ڪروڙ ڊالر قرض ڏنو. ان کان سواءِ اسٽيل مل لڳائڻ لاءِ پاڪستان کي مالي ۽ فني امداد ڏني، هن وقت اها اسٽيل مل ايشيا جي وڏي فولادِي مِل آهي. ان کان سواءِ روس ۽ پاڪستان کي ڪيترين ئي رٿائن ۾ مالي ۽ فني مدد ڏيندو رهيو آهي.

افغانستان، جيڪو ڪيتري عرصي کان غير مستحڪم ۽ طالبانن جي ڪري تڪراري ملڪ رهيو آهي. هي واحد ملڪ هو، جنهن پاڪستان جي اقوام متحده ۾ ميمبرشپ جي مخالفت ڪئي هئي، پر پاڪستان، افغانستان ڏانهن دوستاڻو رويو جاري رکيو. 1963ع ۾ شهنشاهه ايران جي ڪوششن سان لاڳاپا بهتر ٿيا. اتي هلندڙ تشدد جي طالبانن جي ڪاررواين جي پر تشدد واقعن تي پاڪستان کي به ڳڻتي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته طالبانن جا ڪجهه گروپ پاڪستان ۾ به ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، پر جنرل پرويز مشرف، آمريڪا جي حمايت سان افغانستان ۾ پر تشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪئي. ان سميت تازو چونڊيل صدر آصف علي زرداري پڻ افغانستان جو دورو ڪري، ڪرزئي حڪومت سان لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.

عرب ملڪن جي حقن جي حفاظت ۾ پاڪستان، گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي اجلاسن ۾ جنهن تسلسل سان آواز بلند ڪيو آهي، اهو اسلامي دوستيءَ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. پاڪستان کي لبيا، مراڪش ۽ الجزائر جي آزاديءَ لاءِ اقوام متحده ۾ عربن جو وڪيل سمجهيو ويو. پاڪستان نه رڳو اسرائيل جي سخت مخالفت ڪئي، پر اڄ ڏينهن تائين ان کي تسليم به نه ڪيو آهي. هن وقت شام، يمن، اردن، ايران، سعودي عرب، ڪويت، سوڊان، لبيا، تيونس، مراڪش ۽ الجزائر سان پاڪستان جا انتهائي خوشگوار لاڳاپا آهن. اوڀر ۾ انڊونيشيا سان پاڪستان جا ويجها واسطا آهن. وڏن عالمي مسئلن ۾، فلسطين، قبرص، ڪوريا ۽ ويٽنام جي جنگ بابت پاڪستان جو طرز عمل هميشه حق ۽ انصاف جي حمايت ۾ رهيو آهي. تنهن کان سواءِ عراق جي نئين سِر تعمير لاءِ پڻ پاڪستان نيڪ تمنائون رکي ٿو، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي نِندا به ڪري ٿو. تازو ايران- پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي تي صحيحون به ڪيون ويون آهن. دنيا جي سُپر پاور آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا شروع کان وٺي بهتر رهيا آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوري حڪومتن جي حمايت ڪندو رهيو آهي، پر فوجي حڪمرانن کي به مختلف وقتن تي آمريڪا جي حمايت حاصل رهي آهي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري واقعن (2001ع) کان پوءِ جڏهن آمريڪا طالبانن ۽ القائده خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، ته کيس پاڪستان جي مدد جي ضرورت پيش آئي ۽ تڏهوڪي آرمي چيف ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف، سندس ها ۾ ها ملائي، سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ جڏهن انتهاپسندن جون ڪارروايون پاڪستان جي اترين علائقن سميت وڏن شهرن: پشاور، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي وغيره ۾ وڌي ويون، ته دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ آمريڪا، پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ اهو تعاون اڄ تائين جاري آهي.ان کان سواءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ 2005ع ۾ آيل زلزلي توڙي 2010ع واري وڏيءَ ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين واري آزمائشي صورتحال ۾ ٻين ملڪن سان گڏ آمريڪا پڻ مالي مدد ڪئي.

پاڪستان 1947ع کان وٺي گڏيل قومن ۽ ’ڪامن ويلٿ گيمز فيڊريشن‘ جو ميمبر آهي. ان کان سوآءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي سهڪاري تنظيم ’سارڪ‘ (SAARC) جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. سارڪ جا اجلاس ڊسمبر 1988ع ۽ جنوري 2004ع ۾ اسلام آباد (پاڪستان) ۾ ٿيا. پاڪستان طرفان محمد نعيم الحسن، جنوري 1996ع کان ڊسمبر 1998ع تائين، سارڪ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

قومي جهنڊو:[سنواريو]

پاڪستان جو قومي جهنڊو مستطيل شڪل جو آهي، جنهن جو ٽيون حصو اڇو ۽ ٻه حصا گهاٽي سائي رنگ جا آهن. اڇو حصو اقليت وارين قومن کي ظاهر ڪري ٿو. سائو حصو جنهن جي وچ ۾ هلال (پهرين تاريخ جو چنڊ) ۽ پنج ڪُنڊو تارو ٺهيل آهي، سو مسلمانن جي نمائندگي ڪري ٿو.

قومي ترانو[سنواريو]

جمهوريه اسلاميه پاڪستان جو قومي ترانو مشهور اردو شاعر حفيظ جالنڌريءَ جو لکيل آهي، جنهن جي موسيقي سنڌ جي ناموَر موسيقار احمد جي. چاڳلا جي ترتيب ڏنل آهي. [وڌيڪ ڏسو: ترانو، جلد ٻيو]

پاڪستان جي آدم شماري:[سنواريو]

غير سرڪاري انگن اکرن موجب 2010ع ۾ پاڪستان جي آباديءَ جو ڪاٿو 180,808,000 جي لڳ ڀڳ لڳايو ويو آهي. پاڪستان دنيا جو ڇهون نمبر ڳتيل آباديءَ وارو ملڪ (برازيل کان گهٽ ۽ روس کان مٿي/ گهڻي آباديءَ) آهي. پاڪستان جي آباديءَ ۾ 1950ع کان 2008ع تائين ڳوٺاڻي سطح تي ستوڻ ۽ شهري آبادي چئوڻ تي وڌي آهي. ماضيءَ ۾ پاڪستان جي آبادي تمام تيزي سان وڌي، پر هن وقت جوڳا اپاءَ وٺي ڄم جي عمل کي گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت آبادي 1.6 سيڪڙو جي حساب سان وڌي پئي ته جيئن وسيلا محدود نه ٿي وڃن، پاڪستان جي 1990ع کان 2003ع تائين ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳوٺاڻي آبادي 36 سيڪڙو هئي ۽ هن وقت پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ رهي ٿي. پاڪستان ۾ ڪيترين ئي ريتن، رسمن، رواجن ۽ مذهبي عقيدي وارا ماڻهو رهن ٿا. قومون ۽ نسل: پاڪستان ۾ هند آريائي توڙي غير آريائي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ ڌار ڌار قومن ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. جن جي ڌار ڌار تاريخ آهي ۽ اهي ثقافتون پڻ نراليون ۽ منفرد رکن ٿا. پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مقامي ديسي نسلن کان سواءِ آريائي، دراوڙي، ايراني، داردي وغيره نسلن جا ماڻهو موجود آهن. ٻيا ڪي نسل ويجهي ماضيءَ ۾ لڏي پلاڻي اچي ويٺا آهن، جن ۾ هندستان، بنگلاديش ۽ برما وغيره جا ماڻهو شامل آهن. مجموعي طرح هاڻي اهي سمورا نسل پاڪستاني سڃاڻپ رکن ٿا. ڪن لڏي ايندڙ پناهگيرن کي مقامي آباديون ۽ ملڪ جو قانون پاڪستاني تسليم نٿو ڪري، جن ۾ 1971ع جي پاڪستان- ڀارت جنگ کان پوءِ آيل بهاري ۽ گذريل ڪجهه سالن کان پناهه وٺندڙ افغاني شامل آهن. انهن مان ڪي غير قانوني طور شناختي ڪارڊ حاصل ڪري شهريت حاصل ڪري چڪا آهن، پر اڪثريت اڃا تائين ڌارئين ليکي وڃي ٿي، جن کي هتان جي شهريت ڏيڻ تي قومون ۽ قومپرست ڌريون ناپسندگيءَ جو اظهار ڪن ٿيون.

مذهب[سنواريو]

پاڪستان ۾ آباديءَ جو ڳچ حصو مسلمانن جو آهي، جڏهن ته هتي وڏي تعداد ۾ هندو ۽ ٿوري تعداد ۾ عيسائي، سک، پارسي ۽ ڪجهه ٻين مذهبن جا ماڻهو به آباد آهن.

پاڪستان جون ٻوليون[سنواريو]

هونئن ته پاڪستان ۾ چاليهن کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر هتان جي مکيه ٻولين ۾ پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي، براهوي ۽ اردو وغيره شامل آهن. 1998ع سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ مختلف ٻولين ڳالهائيندڙن جي شرح (Demographics of Pakistan- Wikipedia 2008 موجب) هيٺين ريت آهي:

ٻولي ڳالهائيندڙن جي شرح

  • پنجابي 44.17%
  • پشتو 15.44%
  • سنڌي 14.12%
  • سرائيڪي 10.42%
  • بلوچي 3.59%
  • اردو 7.59%
  • ٻيون ٻوليون
  • (براهوي، هندڪو، شينا، بلتي وغيره) 3.59%

ٻولين جي هن شرح ۽ ڳالهائيندڙن جي انگ تي مقامي قومن کي گهڻائي اختلاف آهن، ڇاڪاڻ ته سرڪاري طرح 1998ع کان پوءِ ڪا به باضابطه آدم شماري نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڊيموگرافڪس پروفائيل 2010 ۽ وڪيپيڊيا 2008 جي انگن اکرن ۾ به ڪافي فرق آهي. انگريزي پاڪستان جي دفتري زبان طور استعمال ٿئي ٿي ۽ اردوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ شامل قومن تي مشتمل صوبن جا رهواسي- سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي وغيره پنهنجين ٻولين کي ’قومي ٻوليون‘ (National Languages) تسليم ڪن ٿا ۽ سندن ابتدا کان وٺي اها گهُر آهي ته سندن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار نه ڏئي، ساڻن زيادتي ڪئي وئي آهي. هن وقت ته سنڌ اسيمبليءَ کان وٺي پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ تائين صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليون/ پاڪستاني ٻوليون تسليم ڪرڻ جا آواز بلند ٿي رهيا آهن. سنڌي زبان سنڌ جي اردوءَ سان گڏ سرڪاري زبان آهي، پر سنڌ واسين کي اعتراض آهي ته سنڌي، سنڌ جي واحد سرڪاري ۽ دفتري زبان هئڻ گهرجي، ڇو ته اردو زبان کي پاڪستان ۾ قومي زبان حيثيت حاصل هئڻ ڪري ان جي حيثيت کي ڪو به نقصان رسڻ جو انديشو نه آهي.

پاڪستان جي بنيادي زبانن بابت ڪجهه ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي:

  • (1) پنجابي: هيءَ پنجاب صوبي جي ٻولي آهي. پنجابي ٻوليءَ جا مختلف لهجا لاهور، سيالڪوٽ، گجرانوالا ۽ شيخو پوره ضلعن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. وارث شاهه، بلهي شاهه ۽ سلطان باهُو، پنجابي زبان جا وڏا شاعر آهن.
  • (2) پشتو: هيءَ خيبر پختونخوا صوبي جي ٻولي آهي، جيڪا هن صوبي سان گڏ بلوچستان ۾ به وڏي تعداد ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پشتو جا به ڪيترائي لهجا آهن (ڏسو: پشتو زبان). رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ، پشتوءَ جا وڏا شاعر آهن.
  • (3) سنڌي: سنڌي، سنڌ جي قومي ٻولي آهي، جيڪا سنڌ ۾ تعليمي ۽ دفتري زبان به آهي. سنڌي، سنڌ کان سواءِ بلوچستان جي وڏي حصي، پنجاب جي سرائيڪي پَٽي، هندستان جي راجسٿان، ڪڇ ۽ گجرات کان سواءِ ٻين ڪيترن حصن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جو قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح نه رڳو سنڌ، پر دنيا جي شاعرن ۾ مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ سچل سرمست، سامي، روحل، بيدل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، طالب الموليٰ، نياز همايوني، تنوير عباسي، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ ٻيا شمار ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڻ ڇپجي رهيا آهن.

  • (4) سرائيڪي: پاڪستان جي آباديءَ جو 10.42 سيڪڙو سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهن، هيءَ ٻولي پنجاب جي ملتان، ساهيوال، اوڪاڙا، خانيوال، جهنگ، گوجرانوالا، فيصل آباد، چنيوٽ ۽ ٻين شهرن کان سواءِ سنڌ ۾ به وڏي پئماني تي ڳالهائي وڃي ٿي. خواجا غلام فريد سرائيڪيءَ جو اهم وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.
  • (5) بلوچي: بلوچي اڪثريت سان بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. بلوچيءَ جي اهم لهجن ۾ سرحدي رڪشاڻي، قلاتي، کاراني، مڪراني، جدگالي وغيره لهجا آهن. مست توڪلي ۽ بالاچ، بلوچيءَ جا اهم شاعر ٿي گذريا آهن.
  • (6) براهوي (Brahvi): انگريز لسانيات جي ماهرن براهوي ٻوليءَ کي دراوڙي ٻوليءَ جي شاخ ڪوٺيو آهي، پر جديد تحقيق ان ڳالهه کي رد ڪندي اهو خيال ڏيکاريو آهي ته شايد هن ٻوليءَ جو تعلق مهرڳڙهه ۾ رهندڙ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي ڪنهن ٻوليءَ سان هجي. مينگل مشهور براهوي قبيلو آهن.
  • (7) هندڪو (Hindko): هندڪو، قديم انڊو-آرين ٻوليءَ مان نڪتل هڪ شاخ آهي، جيڪا خيبر پختونخوا، پشـاور، پنجاب، مانسهره، آزاد ڪشمير،

ايبٽ آباد ۽ هزاره جا اٽڪل 40 لک (4 ملين) ماڻهو ڳالهائين ٿا. هيءَ ٻولي سنڌي ۽ سرائيڪيءَ سان ويجهو لاڳاپو رکي ٿي.

پاڪستان جو آئين[سنواريو]

ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽي آئين لاڳو ٿي چڪا آهن: پهريون آئين 1956ع؛ ٻيو آئين 1962ع ۽ ٽيون آئين 1973ع ۾ لاڳو ٿيو، جيڪو سڀني جي اتفاق سان ذوالفقار علي ڀُٽي تيار ڪرايو. 1973ع وارو آئين هن وقت به لاڳو آهي، جنهن ۾ تازو ارڙهين ترميم ذريعي اپريل 2010ع ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون. موجوده رائج آئين ۾ فوجي آمريتن جي مداخلت سبب اڪثر رڪاوٽون به پيش آيون ۽ آئين معطل ٿيندو رهيو. آئين موجب رياست جو سربراهه صدر هوندو آهي، جڏهن ته انتظامي اختيار وزيراعظم وٽ هوندا آهن.

سياسي/ حڪومتي منظرنامو[سنواريو]

قائداعظم محمد علي جناح[سنواريو]

قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي نئين رياست جو گورنر جنرل مقرر ٿيو. جڏهن ته لياقت علي خان پهريون وزيراعظم بڻيو. قائداعظم ورهاڱي کان پوءِ تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏنو. ورهاڱي دوران پاڪستان سان ڪجهه ناانصافيون به ٿيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ماڻهن کي آباد ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هو. وسيلا تمام محدود هئا، جڏهن ته پاڪستان کي ڪيترن ئي شعبن ۾ نظرانداز پڻ ڪيو پئي ويو. ڪجهه ننڍيون رياستون جهڙوڪ: ڪشمير، جن پاڪستان سان گڏجڻ ٿي چاهيو، انهن کي هندستان غير قانوني طور زوري پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيو.

پاڪستان کي انتظامي مشينري، ماڻهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ انهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ، بنا سرڪاري مشينريءَ جي آفيسون هلائڻ، ان کان سواءِ پاڻي، فوج ۽ پئسي جي ورڇ ۾ به نا انصافيءَ جهڙا مسئلا پيش آيا. قائداعظم پنهنجي صلاحيتن سان قوم کي حوصلو ڏيئي اهڙين حالتن ۾ به پاڪستان کي نئين عزم سان سنڀاليو ۽ هڪ مضبوط مسلم رياست جي وجود کي مڃرايو. قائداعظم پنهنجي قوم سان گهڻو وقت رهي نه سگهيو ۽ بيمار ٿي پيو ۽ سيپٽمبر 1948ع ۾ وفات ڪيائين.

لياقت علي خان[سنواريو]

لياقت علي خان پاڪستان جو پهريون وزيراعظم مقرر ٿيو ته هن به نيڪ نيتيءَ سان ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سگهه فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هيءُ اڳواڻ لياقت باغ ۾ سياسي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو ته سيد اڪبر شاهه نالي هڪ شخص مٿس گولي هلائي، شهيد ڪري ڇڏيو. لياقت علي خان جي موت هڪ سياسي خال پيدا ڪيو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ بعد ۾ چونڊيل وزيراعظم خواجه ناظم الدين (53-1951ع)؛ محمد علي بوگرا (55-1953ع) ۽ گورنر جنرل غلام محمد (55-1951ع) ڀرپور ڪوشش ڪئي.

اسڪندر مرزا[سنواريو]

1956ع ۾ اسڪندر مرزا ملڪ جي پهرين صدر طور حلف کنيو، هن جي دؤر حڪومت ۾ معاشي حالتون بهتر نه ٿيون، پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪشمير مسئلو حل نه ٿي سگهيو. افغانين هڪ خود مختيار ”پختونستان“ لاءِ احتجاج جاري رکيو ۽ ڪجهه سياسي بدعنوانين ۽ ڪابينا جي بي قائدگين ۽ معاشي مشڪلاتن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.

ايوب خان[سنواريو]

1958ع ايوب خان مارشل لا نافذ ڪئي، 1956ع وارو آئين معطل ڪري ڇڏيو. هو فوجي سربراهه هئڻ سان گڏ پاڪستان جو صدر به بڻيو. ايوب خان پهريون فوجي اڳواڻ هو، جنهن پاڪستاني سياست ۾ مداخلت ڪري مستقبل ۾ ٻين فوجي آمرن لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏي. 1962ع جو صدارتي آئين به ايوب خان جي مرضيءَ موجب هو. سندس دؤر حڪومت ۾ اسلام آباد ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. جيڪو بلڪل نئون شهر آهي. ذوالفقار علي ڀُٽو پڻ ان دؤر (60-1958ع) ۾ تجارت جو وزير بڻيو. ايوب خان پاڻيءَ جي مسئلي تي ڀارتي وزيراعظم جواهرلعل نهروءَ سان 1960ع ۾ ”سنڌو طاس“ معاهدو ڪيو. 63-1962ع تائين پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون، پر ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ ايستائين جو 1965ع ڌاري ان مسئلي تي ڪڇ جي رڻ ۾ هڪ خطرناڪ جنگ ڇڙي پئي، جيڪا بعد ۾ بين الاقوامي ڪوشش سان بند ٿي، جنگبنديءَ کان پوءِ صدر ايوب خان ۽ ڀارت جي وزيراعظم لال بهادر شاستريءَ جي وچ ۾ روس جي مدد سان تاشقند معاهدو ڪيو ويو ۽ تاشقند معاهدي تان ئي ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ايوب خان وچ ۾ اختلاف اُڀريا، جنهن بعد ڀُٽي صاحب استعفا ڏئي ڇڏي هئي. اوڀر پاڪستان ۾ وڌندڙ بيچينيءَ خطرناڪ فسادن کي جنم ڏنو ۽ ايوب خان کي نتيجي ۾ استعيفا ڏيڻي پئجي وئي.

يحييٰ خان[سنواريو]

ايوب کان پوءِ يحييٰ خان جيڪو پڻ فوجي جنرل هو، پاڪستان جون حڪومتي واڳون سنڀاليون. هن ايمرجنسي لاڳو ڪئي، پر هن پارلياماني حڪومت ٺاهڻ لاءِ آئين سازيءَ تي زور ڏنو. ان عرصي دوران اوڀر پاڪستان ۾ بغاوت حد کان وڌي وئي ۽ يحييٰ خان جي دؤر ۾ پاڪستان پنهنجي سياسي تاريخ ۾ هڪ وڏي نقصان کي برداشت ڪيو، يعني پاڪستان جو اڀرندو حصو، جيڪو ڀارتي مداخلت سبب الڳ ٿي بنگلاديش بنجي ويو (اهو واقعو 16 ڊسمبر 1971ع جو آهي)، نه صرف اهو پر هندستان وٽ پاڪستان جا 90 هزار فوجي به قيد ٿي ويا، جن کي بعد ۾ ڀُٽي صاحب پنهنجي صلاحيتن سان اندرا گانڌيءَ سان ملاقات ڪري شملا ٺاهه ذريعي آزاد ڪرايو.

ذوالفقار علي ڀٽو[سنواريو]

ايوب خان سان اختلافن ۽ حڪومت مان علحدگيءَ بعد ذوالفقار علي ڀُٽي 1967ع ڌاري جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو(وڌيڪ ڏسو: پاڪستان پيپلز پارٽي) ته سندس عوامي امنگ وارن نعرن ۽ سياسي جذبي کي وڏي پذيرائي ملي ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ ڀٽو صاحب وڏي ڪاميابي سان حڪومت ۾ آيو. ان حڪومت کي ڪجهه لساني فسادن، پارٽي خلاف سازشن ۽ اوڀر پاڪستان جي عليحدگيءَ وارن واقعن کي ڏسڻو پيو. پنهنجي حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ کي 1973ع وارو متفقه آئين ڏنو، پاڪستان کي ائٽمي طاقت بنائڻ؛ پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلقات قائم ڪرڻ؛ اسلامي ملڪن وچ ۾ ڀائيچاري جي ڪوشش ڪرڻ تي به ساراهيو ويو. هن ملڪي ادارن ۾ سُڌارا آڻي قومي تحويل ۾ ورتو. 1977ع وارين چونڊن ۾ ٻيهر ڪاميابي بعد سندس حڪومت خلاف سازشون ڪامياب ويون. 1977ع ۾ ئي تڏهوڪي فوجي جنرل ضياءِ الحق جمهوريت تي راتاهو هڻي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ ڀُٽي صاحب کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري عدالت ذريعي ڦاهي ڏياري وئي (ڏسو: ڀٽو، ذوالفقار علي، شهيد- جلد ٻيو). عوام اهڙي ظلم تي بي حد غم ۽ غصي ۾ هو، پر ضياءِ الحق ڏنڊي جي زور تي ڪيترائي سال حڪومت تي قابض رهيو. 17 آگسٽ 1988ع تي هڪ جهاز حادثي ۾ جنرل ضياءِ الحق جو موت واقع ٿيو.

محمد خان جوڻيجو[سنواريو]

ضياءِ الحق جي دؤر ۾ ئي 1973ع واري آئين ۾ ترميم ڪري پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. هن 1985ع ڌاري ڪوشش وٺي ملڪ ۾ نافذ ايمرجنسيءَ کي هٽايو؛ افغانستان مان روسي فوج جي واپسيءَ بابت به عملي ڪوششون ڪيائين. پر اڳتي هلي مسلم ليگ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. جن مان هڪ ڌڙي جي اڳواڻي محمد خان جوڻيجو ڪري رهيو هو ۽ ٻي ڌڙي جي اڳواڻي پنجاب جو تڏهوڪو وڏو وزير نوازشريف ڪري رهيو هو، جيڪا اڳتي هلي مسلم ليگ ”ن“ جي نالي سان مشهور ٿي (وڌيڪ ڏسو: پاڪستان مسلم ليگ، ن، ف، ق).

بينظير ڀٽو[سنواريو]

ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت بعد محترمه بينظير ڀٽو پرڏيهه هلي وئي، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪري جڏهن 1986ع ڌاري ڏيهه واپس آئي ته لکين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو. 1988ع وارين چونڊن ۾ هن ڀرپور نموني هلچل هلائي ۽ ڪاميابي ماڻي. محترمه، اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم طور جڳ ۾ مشهور ٿي. هن پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ڪيترائي عوامي فلاح جا ڪم ڪيا، پر 1990ع ۾ تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان، محترمه جي حڪومت کي ڪجهه بدعنوانين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي هٿرادو الزامن هيٺ برطرف ڪندي نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو (وڌيڪ ڏسو: بينظير ڀٽو، شهيد- جلد پهريون).

نوازشريف[سنواريو]

محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي اوچتي برطرفيءَ بعد مسلم ليگ ن جي ميان محمد نوازشريف کي چونڊن بعد وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو مليو. سندس حڪومت ۾ به ڪي ترقياتي ۽ فلاحي ڪم ٿيا پر 1993ع ۾ ساڳئي ئي صدر غلام اسحاق خان، نواز ليگ جي حڪومت کي به برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. ان کان اڳ نوازشريف پاران صدر جا اختيار گهٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان بعد وري چونڊون ٿيون،

  • پيپلز پارٽي 1993ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ٻيهر اڪثريتي ووٽ مليا، جنهن بعد پيپلز پارٽي حڪومت قائم ڪئي. 1996ع ڌاري جڏهن مير مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت جو واقعو پيش آيو ته محترمه جي حڪومت خلاف سازشن وڌيڪ زور ورتو، نتيجي ۾ سندس ئي چونڊيل صدر فاروق احمد لغاري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ۽ ٻيهر چونڊن جو ماحول جڙيو. ان بعد محترمه ۽ سندس وَر آصف علي زرداريءَ تي بدعنوانين جا ڪيس ٺاهيا ويا، محترمه خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جڏهن ته آصف علي زرداريءَ ڪيترائي سال جيل جو عتاب سَٺو.
  • نوازليگ چونڊن ۾ ڪاميابي بعد 1997ع جي آغاز ۾ نوازليک کي ٻيهر حڪومت جو موقعو مليو. نوازشريف جي دؤر ۾ ڪارگل محاذ تي ڀارتي فوج سان جهڙپن ۽ اندروني اختلافن جا واقعا پيش آيا. ڪارگل مامري تي تڏهوڪي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف ۽ ميان نوازشريف وچ ۾ اختلاف اُڀريا. اڳتي هلي 12 آڪٽوبر 1999ع جي شام جنرل پرويز مشرف جڏهن غير ملڪي دوري تان واپس ڏيهه پئي آيو ته سندس جهاز کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لهڻ نه پئي ڏنو ويو. نتيجي ۾ ڪجهه فوجي آفيسر جي مدد سان جنرل پرويز مشرف هتي اچڻ شرط حڪومتي ادارن کي فوجي ڪنٽرول ۾ ورتو ۽ قوم کي سرڪاري ٽي. ويءَ تان خطاب ڪري پاڻ کي ملڪ جو ”چيف ايگزيڪيوٽوِ“ سڏرايو ۽ نوازشريف خلاف جهاز سازشن جو ڪيس ٺاهي کيس گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ سعودي حڪومت جي مداخلت بعد شريف خاندان کي سعودي عرب ۾ پناهه ڏني وئي (وڌيڪ ڏسو: پرويز مشرف).

جنرل پرويز مشرف[سنواريو]

تڏهوڪي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جڏهن اقتدار سنڀاليو ته هن رفرينڊم ذريعي پاڻ کي صدر چونڊرايو. 2002ع ۾ عدالتي حڪم تحت چونڊن جو اعلان ڪيائين، بينظير ڀٽو ڪيترن ئي سالن کان دبئي ۾ خود ساخته جلاوطني ۾ هئي، انهن چونڊن ۾ پ. پ مخدوم امين فهيم جي اڳواڻيءَ ۾ حصو ورتو ويو، پر جيئن ته چالاڪيءَ سان ملڪ جي ٻنهي پارٽين، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نوازشريف سعودي حڪومت وٽ ترسيل هو. مسلم ليگ قائداعظم نالي جماعت وجود ۾ آئي، جنهن جي سربراهي چوڌري شجاعت جي هٿ ۾ هئي. مسلم ليگ (ق) کي جنرل پرويز مشرف جي ڀرپور حمايت حاصل هئي. 2002ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) اڪثريت سان کٽي آئي، مخالف پارٽين پاران ڌانڌلين ذريعي کٽي اچڻ جا الزام لڳايا ويا.

  • مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ۾ مير ظفر الله جمالي وزيراعظم مقرر ٿيو. اڳتي هلي ڪجهه اختلافن سبب هن کي استعفا ڏيڻي پئي ۽ چوڌري شجاعت نگران وزيراعظم مقرر ٿيو. شوڪت عزيز کي ضمني چونڊ ذريعي کٽرائي وزيراعظم مقرر ڪيو. هوڏانهن پرويز مشرف کي آئيني ترميم ذريعي صدارتي عهدي تي وڌيڪ عرصي لاءِ چونڊيو ويو، اپوزيشن جو ڀرپور مطالبو هو ته هو هڪ ئي وقت ٻه عهدا نٿو رکي سگهي. يا ته هُو آرمي چيف جو عهدو ڇڏي ڏئي. پر هن ٻئي عهدا پاڻ وٽ رکيا. ان دؤر ۾ ملڪ ۾ ڪيترائي بحران پيدا ٿيا. 2001ع ۾ جڏهن ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملا ٿيا ته آمريڪا، افغانستان تي حملي لاءِ پاڪستان جي حمايت حاصل ڪئي، پرويز مشرف طالبانن خلاف ڀرپور ڪارروائي لاءِ حامي ڀري. پر بعد ۾ پاڪستان اندر طالبانن جا علائقائي گروپ جڙيا، وڏن شهرن توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي خودڪش بم حملا ٿيندا رهيا. لال مسجد اسلام آباد جي خطيب حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪندي اسلامي شريعت لاڳو ڪرڻ جي گهُر ڪئي، ان تي فوجي آپريشن ڪيو ويو. جنهن سبب ڪيترا شهري ۽ طالب علم مارجي ويا. ان کان سواءِ بلوچستان ۾ نواب اڪبر بگٽيءَ جي شهادت جو واقعو پيش آيو. اڳتي هلي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار محمد چوڌريءَ کي هٽائڻ بعد وڪيلن جي تحريڪ شروع ٿي. سڀ کان دردناڪ واقعو 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي صورت ۾ پيش آيو، جنهن بعد ملڪ ۾ غم غصي ۽ وڳوڙ جي صورتحال پيدا ٿي. چونڊ مهم دؤران اهڙو واقعو پيش آيو. ان وقت ملڪ ۾ نگران حڪومت جو وزيراعظم ميان محمد سومرو هو. اڳتي هلي پرويز مشرف کي نين چونڊن بعد وردي لاهي، صدارتي عهدو ڇڏڻو پيو.

پيپلزپارٽي جي نئين قيادت[سنواريو]

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد پارٽي اجلاس ۾ سندس فرزند بلاول کي پارٽي چيئرمئن ۽ آصف علي زرداريءَ کي شريڪ چيئرمئن چونڊيو ويو. بلاول جيئن ته تعليم جي سلسلي ۾ برطانيه ۾ رهي ٿو، تڏهن پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت سندس والد آصف علي زرداري جي هٿ آهي. 2008ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پوري ملڪ مان اڪثريت سان کٽي آئي. پنجاب ۾ ن ليگ ۽ خيبر پختونخوا صوبي ۾ اي. اين. پي کي اڪثريتي ووٽ مليا. پيپلز پارٽيءَ طرفان يوسف رضا گيلانيءَ کي وزيراعظم چونڊيو ويو. نتيجي طور ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي. آصف علي زرداريءَ کي متفقه طور سيپٽمبر 2008ع ۾ ملڪ جو آئيني صدر چونڊيو ويو. خيبر پختونخوا ۾ اسفنديار وليءَ جي پارٽي اي. اين. پي کي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ حصيدار بڻايو ويو ۽ وفاق ۾ نواز ليگ، پي پيءَ سان گڏ شامل ٿي، پر ڪجهه عرصي بعد اُها ڪن اختلافن سبب وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي وئي ۽ ان وٽ صرف پنجاب جي مخلوط صوبائي حڪومت رهي. 2010ع جي آخر ۾ جي. يو. آءِ (فضل الرحمان گروپ) به ڪابينا مان ڌار ٿي وئي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سان گڏ ايم. ڪيو. ايم حڪومتي اتحاد ۾ شامل آهي، پر ايم. ڪيو. ايم به ڪن اختلافن سبب وفاق مان نواز ليگ وانگر ڌار ٿي وئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ق ليگ ۽ پي پيءَ جي گڏيل حڪومت قائم آهي. ملڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت قائم آهي. آصف علي زرداري ملڪ جو صدر آهي، جنهن کي متفقه طور سيپٽمبر 2008ع ۾ ملڪ جو آئيني صدر چونڊيو ويو. هن وقت ملڪي سياست ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي پارٽيون ميدان ۾ آيل آهن، جن پاڪستان تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ، عوامي پارٽي، جي. يو. آءِ، جماعت اسلامي وغيره قابل ذڪر آهن.

پاڪستان اسٽيٽ آئـل[سنواريو]

پاڪستان جي هن سڀ کان وڏي پيٽروليم ڪمپنيءَ جو بنياد 3 جون 1974ع تي پيو، جنهن کي پهرين ”پاڪستان اسٽوريج ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن“ سڏيو ويو، ان بعد هڪ نئين منصوبي هيٺ ”اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽڊ“ سڏي وئي. هيءَ ڪمپني وفاقي حڪومت جي هٿ هيٺ رهي. ان ۾ پاڪســتــان نيـشــنـل آئل لمـيـٽڊ (PNO) ۽ پريميئر آئل ڪمپني لميٽڊ (PCC) کي به ضم ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ان کي پبلڪ لميٽڊ ڪمپنيءَ ۾ تبديل ڪري، ان کي پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني(PSO) رکيو ويو. هن ڪمپنيءَ جي مقصدن ۾:

  • (1) خودڪفيل سرڪاري پاليسيءَ موجب پيٽروليم مصنوعات جي مارڪيٽنگ ۾ وڌ ۾ وڌ حصيداري،
  • (2) پيٽروليم شعبي ۾ مارڪيٽنگ، اسٽوريج، ورهاست ۽ وڪري جي ترقياتي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت،
  • (3) عام شهرين ۽ آبادگارن جي عام استعمال لاءِ پيٽروليم جي هر وقت موجودگي يقيني بڻائڻ،
  • (4) پيٽرول جي شين ۾ ملاوٽ خلاف مدد ڪرڻ وغيره شامل آهن.

پي. ايس. او وفاقي حڪومت جي مقرر مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي آهي. ڪمپني پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت هيٺ آهي. ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ڪراچي، ڪلفٽن ۾ واقع آهي.

پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن[سنواريو]

هي پاڪستان جو قومي فولادي ڪارخانو آهي، جيڪو ’ڪراچي اسٽيل پراجيڪٽ‘ جي نالي سان آگسٽ 1968ع ۾ پبلڪ سيڪٽر تحت شروع ڪيو ويو ۽ پوءِ ان کي ڪمپنيز ائڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪيو ويو. 1969ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي اڏاوت لاءِ فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو. 1971ع ۾ پاڪستان ۽ USSR وچ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي اڏاوت دوران فني ۽ مالي تعاون بابت معاهدو ٿيو. هن جي پيڙهه جو پٿر 30 ڊسمبر 1973ع تي ان وقت جي وزيراعظم (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي رکيو. ان کان اڳ هيڏي وڏي پراجيڪٽ تي ڪم نه ٿيو هو، تنهن ڪري اعليٰ ماهرن کان مدد ورتي وئي. هي ڪارخانو ڪراچيءَ جي اوڀر طرف 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پپريءَ (بن قاسم) وٽ 18600 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پلانٽ جي پکيڙ 10،390 ايڪڙ آهي. هن وقت پاڪستان اسٽيل مل پاڪستان جي مڙني صنعتي ڪمپنين کان وڌيڪ اپت ڏيندڙ ڪارخانو آهي، جيڪو ساليانو 3 ملين ٽن اسٽيل پراڊڪٽ ڏيندو آهي. [3]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]



سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | آمريڪا | ڏکڻ ڪوريا


او آءِ سي Flag of OIC.svg
افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو

گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان
پاڪستان | فلسطين | قطر | سعودي عرب سينيگال | سيراليون| صوماليا | سوڊان | سورينام | شام | تاجڪستان ترڪي| تيونس | ٽوگو ترڪمانستان | یوگینڊا | ازبڪستان | گڏيل عرب امارات | يمن

Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔

حوالو[سنواريو]

  1. 27 تقرير: نومبر 1945ع، ايڊورڊز ڪاليج پشاور
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Specialized/Book2/Book_page6.html
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011