مواد ڏانھن هلو

بدين

بدين
Badin City
شھيد بينظير ڀٽو پارڪ، بدين
شھيد بينظير ڀٽو پارڪ، بدين
پاڪستان م بدين جو ضلعو نمايان ڏيکاريل
پاڪستان م بدين جو ضلعو نمايان ڏيکاريل
بدين is located in سنڌ
بدين
بدين
پاڪستان م بدين جو ضلعو نمايان ڏيکاريل
بدين is located in پاڪستان
بدين
بدين
بدين (پاڪستان)
Coordinates: 24°39′26″N 68°50′26″E / 24.65722°N 68.84056°E / 24.65722; 68.84056
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
آبادي
 (1998)
• ڪل61,302
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت)

بدين (Badin) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي بدين ضلعي جو شھر ۽ ضلعي صدرمقام ھي شھر سنڌ جو مشهور ۽ پراڻو شهر آهي.[1] بدين شهر، سنڌ صوبي جي ڏاکڻي حصي ۾، پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي۔ هي شهر 1750ع ۾ آباد ٿيو ۽ سنڌو درياهه جي اوڀر طرف دلدلي ڊيلٽائي زمين تي واقع آهي۔ هن علائقي ۾ چانور مکيه فصل آهي۔ بدين ۾ کنڊ جو ڪارخانو ۽ چانورن جا ڪارخانا موجود آهن ۽ اهو حيدرآباد–بدين ريلوي لائين جو آخري اسٽيشن آهي۔ تيل ۽ قدرتي گئس جي وسيلن جي کوجنا ۽ استعمال جو ڪم 1990ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري شروع ٿيو۔ 1998ع جي ابتدائي انگن اکرن موجب شهر جي آبادي 61,302 هئي۔[2]

نالي جو پسمنظر

[سنواريو]

هڪ روايت موجب ”بدين“ ملاحن جي ذات آهي، جنهن جي ڪنهن دؤر ۾، انهيءَ شهر واري هنڌ، ريڻ درياهه تي مياڻ هئي، جيڪا ”بديڻ مياڻ“ سڏبي هئي، پوءِ آهستي آهستي ’بدين‘ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ انهيءَ ڪري ئي هن شهر تي اهو نالو پيو. ”بديڻ“ نالي وارا ملاح ٺٽي ضلعي ۾ پير پٺي جي ڀرسان اڄ به رهن ٿا[1]. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تحقيق موجب، بدين جو نالو هڪ بزرگ شهاب الدين جي نالي پٺيان پيو. پير شهاب الدين سهروردي سلسلي جو بزرگ ۽ شاهه عبدالڪريم رحه جي وڏن مان، مٽياريءَ جي جراڙ پوٽا گهراڻي مان هو. سندس مقام بدين شهر کان ڏيڍ ميل کن اتر اولهه طرف، شهاب الدين جو مقام عوامي زبان ۾ شاھ بَدي (شهاب الدين) جو مقام سڏجي ٿو. بدين شهر جو نالو پڻ شهاب الدين (= شهاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو. شاهه عبدالڪريم رحه جي والد لال محمد شاهه عرف شاهه للي جي مزار پڻ ”شهاب الدين جي مقام“ ۾ آهي ۽ مشهور آهي.[1]

هي شهرحيدرآباد شهر کان 68 ميلن جي مفاصلي تي آهي. موجوده وقت جنهن جڳهه تي بدين جو شهر ٻڌل آهي، ڪي تاريخدان ان جو پراڻو نالو ”ساولپور“ لکن ٿا. اصل بدين جو شهر موجوده بدين کان اڌ ميل پري هو، جتي هينئر کنڊر موجود آهن[1]. بدين شھر جو بنياد 1750ع ۾ پيو[3]. بدين پنهنجي تاريخ دوران ڪيترائي ڀيرا ويران ٿيو ۽ وري آباد ٿيو، جنهن مان هن شهر جي سياسي ۽ فوجي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو

تاريخ

[سنواريو]

سمن کان اڳ وارو دور

[سنواريو]

بدين جي تاريخ قديم زماني کان وٺي مختلف سياسي دورن، گهرو ويڙهن ۽ بيروني حملاورين سان ڳنڍيل رهي آهي. آثار قديمه مان مليل سڪن ۽ اهڃاڻن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ قديم دورن کان آبادڪاري موجود هئي؛ قديم بدين جي دڙي مان سڪندراعظم جي دور جا سڪا پڻ ملڻ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي هن شهر جي قدامت جو پتو ڏين ٿا.[1]

سما دور

[سنواريو]

لوڪ روايتن موجب، سمن جي دؤر ۾ بدين جي آسپاس جوڻيجا ذات وارا ماڻهو زور هئا. جڏهن هوٿل پدمڻيءَ جو مڙس ڄام اڍو ڪيهر ڪجهه وقت بدين ۾ اچي رهيو ته جوڻيجن هڪ جنگ ۾ ڄام اڍي کي ماري وڌو. هوٿل پنهنجو پٽ ”جکرو“ ۽ ڌيءُ ”سکر“ کي وٺي نندي شهر ڀرسان وڃي رهي. جڏهن جکرو وڏو ٿيو ته پيءُ جو وير وٺڻ لاءِ توڳاچي راهمي جي مدد سان بدين تي ڪاهي آيو ۽ بدين کي تباهه ڪري ڇڏيائين. ائين بدين جو شهر پهريون ڀيرو گهرو لڙائين سبب تباهه ٿيو. بدين جي اوڀر کان ريڻ درياءُ وهندو هو. انهيءَ ڪري، هن پَٽ کي آبپاشيءَ جون سهوليتون موجود هيون. ماڻهن ڦٽل بدين تي وري گهر اڏڻ شروع ڪيا ۽ هي شهر ٻيهر آباد ٿي ويو.[1]


ارغن، ترخان ۽ مغل دور (16هين–17هين صدي)

[سنواريو]

ارغونن جي ڏينهن ۾ مرزا ظفر بيگ بدين ۾ اچي رهيو، انهيءَ ڪري بدين جو نالو بار بار ڪم اچڻ لڳو. مظفربيگ جون جاني بيگ سان بدين جي ڀرسان جهڙپون به ٿيون. فارسي واقع نگارن انهن تي قلم کنيو، جنهنڪري انهيءَ وقت جي ڪتابن ۾ بدين جو ذڪر اچڻ لڳو. فارسي تاريخدانن انهيءَ کان اڳ ۾ به بدين جو نالو ڪتب پئي آندو. سمن کان پوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو به بدين سان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح واسطو رهندو پئي آيو. جڏهن همايون بادشاهه فتح باغ ۽ جُوڻ شهر ۾ اچي رهيو، تڏهن بدين سنئون سڌو مغلن جي اثر هيٺ‎ رهيو. مرزا صالح ۽ مرزا باقي بيگ جي لڙائي به بدين ۾ لڳي، جنهن سبب ڪافي خونريزي ٿي ۽ بدين ۽ چاچڪان تي نهايت خراب اثر پيو. ائين سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڏينهن ۾ بدين برباد ٿيندو ۽ ٻيهر اسرندو رهيو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مدد خان جي ڪاهه کان پوءِ بدين جو پراڻو شهر وري اسري نه سگهيو. بدين جي قديم شهر ۾ ڪيترائي ڪتبا پٿرن تي اُڪريل هئا، جيڪي هينئر لُسجي ويا آهن. مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب انهن ڪتبن تي 632ھ/ 1234ع ۽ 987ھ/1579ع سال لکيل هئا. بدين جي انهيءَ قديم شهر ۾ مشهور بزرگ رهندا هئا، جن مان هڪ عبداللطيف ڪيسر هو، جيڪو اورنگزيب بادشاهه جو گهاٽو دوست ۽ شاعر هو. هن شهر ڪيترائي دور ڏٺا آهن؛ آئين اڪبريءَ ۾ هن کي پرڳڻو ڄاڻايو ويو آهي. اڳي بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو هڪ هو يا گڏ هو ۽ سندن مکيه ڳوٺ بدين ۽ چاچڪ هئا، ۽ جهم جو پرڳڻو ۽ ڳوٺ به اُتي هو. سنه 978ھ (سنه 1570) ۾ جڏهن اڪبر بادشاه سنڌ ۾ آيو، تڏهن مرزا محمد باقي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. بدين ۽ چاچڪان جي پرڳڻي تي پنهنجو پٽ مظفر ترخان مقرر ڪيائين ۽ ساڻس علي خان ڪوڪه گڏي موڪليائين. سگهوئي پوءِ مرزا باقيءَ پاڻ کي ماري وڌو. مظفر پيءُ جي مرڻ جو ٻڌي ٺٽي ويو، پر سندس ڀائٽي مرزا جاني بيگ کي اڳيئي حڪم ڪيو هئائون. مظفر جي فساد جو ٻڌي مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي ويو ۽ بدين ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مظفر شڪست کاڌي، جو سندس سردار ڦري جاني بيگ جي پاسي ويا. مظفر ڇڙهو ڀڄي ويو ۽ ۽ مرزا جاني بيگ سندس سامان پٺيان ڏياري موڪليو ۽ پاڻ بدين جي قلعي ۾ گهڙيو. سنه 998ھ (سنه 1589ع) ۾ جڏهن هو خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ سان وڙهيو، تڏهن بدين ۽ ٻين قلعن ڏي جدا جدا لشڪر ڏياري موڪليائين، جن وڃي اهي هٿ ڪيا. نيٺ مرزا جاني بيگ لڪيءَ وٽ شڪست کائي اُنڙپور ۾ آيو، جتي وري ٻي شڪست کائي ڀڳو. 1500ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ بدين ترخان سلطنت جي ٺٽي جي گورنرن جي انتظام هيٺ هو.[4] 1585ع ۾ مرزا باقي محمد ترخان جي وفات کان پوءِ خانداني اقتدار جي جدوجهد شروع ٿي. سندس پٽ مرزا مظفر ۽ مرزا جاني بيگ وچ ۾ بدين ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾ مرزا مظفر شڪست کاڌي ۽ بدين مرزا جاني بيگ جي قبضي ۾ آيو.[4]


ڪلهوڙا دور ۽ مدد خان جو حملو (18هين صدي)

[سنواريو]

سن 1158ھ/ 1745ع ۾، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت ۾، ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ’ڪانجي ڪوٽ‘ فتح ڪري، بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا. ميان نورمحمد، شاهه بهاري ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو. 1780ع ۾ مددخان پٺاڻ، هڪ مصيبت جي روپ ۾، لاڙ مٿان اچي نازل ٿيو. هن، ٻين شهرن سان گڏ بدين کي به تباهه برباد ڪري ڇڏيو. موجوده شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف، پراڻي شهر جا کنڊر ۽ دڙا سلامت بيٺا هئا. مرزا قليچ بيگ ۽ ايٽڪن هن شهر جي باقي بچيل مسجدن جو بيان ڪيو آهي، جنهن مان هڪ تي پٿرن تي 632ھ/ 1234ع ۽ ٻيءَ تي 987ھ/ 1579ع اُڪريل هئا، انهن مان پهرينءَ مسجد کي ”مريائين مسجد“ چوندا هئا. هن مسجد جو محراب 1960ع تائين بيٺل هو ۽ پوءِ ڪري پيو. 1985ع ۾ سيراڻي بدين رستو ڪڍڻ لاءِ، انهن کنڊرن جي اولهه واري حصي جي کوٽائي ڪرائي ويئي هئي. کوٽايل حصي جي ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن شهر کي باهه ڏياري ختم ڪرايو ويو هو.[1][5] 1780ع ۾ مدد خان پٺاڻ سنڌ تي حملي دوران بدين جي پراڻي شهر کي ساڙي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ پراڻو بدين ٻيهر مڪمل طور آباد نه ٿي سگهيو.[6] مرزا قليچ بيگ موجب موجوده بدين جو بنياد لڳ ڀڳ ارڙهين صدي جي وچ ڌاري هڪ هندو ساولو نالي رکيو.[7]


برطانوي دور

[سنواريو]

بدين کي 1857ع ۾ باقاعده بلديہ حيثيت ڏني وئي.[6] 1874ع تائين شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 513 ڄڻن تي مشتمل هئي ۽ هندو ۽ مسلمان لڳ ڀڳ برابر هئا.[6] ان دور ۾ بدين چانور، باجري، جوار، گهي، کنڊ، ڪپهه ۽ ٻين شين جي علائقائي واپار جو مرڪز هو.[6] شهر تعلقه جي مختيارڪار جو مرڪز هو ۽ هتي ڪچهري، جيل ۽ ڌرمشالا موجود هئا.[6]

پاڪستان وارو دور

[سنواريو]

ھاڻوڪو بدين

[سنواريو]

بدين جو هاڻوڪو نئون شهر ميرن جي دؤر ۾ آباد ٿيو.[1]ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي صاحب پنهنجي مقالي: ”بدين ضلعي جي قديم آثارن جو مختصر تاريخي جائزو“ ۾ مختلف تاريخدانن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو ته ”بدين جو شهر، هن موجوده شهر کان ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري جي قريب هو، پر زلزلن ڪري سمنڊ ڪافي پري هٽي ويو آهي [8]. بديڻي نالي هڪ ملاح تان اهو نالو پيو آهي. تاريخدان ۽ ڀون وگيان (geology) جا ڄاڻو ۽ عالم انهيءَ سمنڊ جي قريب هجڻ جي تصديق ڪن ٿا ته پوءِ اهو اندازو غلط نه ٿيندو ته اهو ڳوٺ هتان جي ملاحن جو آباد ڪيل هو، جن جو عربي سمنڊ تي قبضو هو، جن لاءِ عربن ”ميد“ لفظ استعمال ڪيو آهي. بديڻو ڪو ملاحن جو وڏو هو. هيءُ ڪو مڙس مٿير ٿي گذريو آهي. انهيءَ جي نالي تي اهو شهر يا ڳوٺ قائم هو. سندس قوم سڪندر مقدونيءَ جي گماشتن کي به هن پٽ ۾ پير کوڙڻ ڪونه ڏنا هئا. اهڙي قسم جي نالن رکڻ جو رواج سنڌ ۾ عام هو ۽ آهي مثلاً: پيراڻو، ڌڱاڻو ۽ ملاڻو وغيره، انهيءَ کان سواءِ وڻن، ميون جا نالا پڻ رکيا ويندا هئا. اهڙي نموني سان بديڻو به هڪ ماڻهوءَ جو نالو آهي[9].

آبادي

[سنواريو]

آبادي

[سنواريو]

2023ع جي پاڪستاني مردم شماري مطابق شهر جي آبادي 117,455 هئي.[10]

Historical population
YearPop.±% p.a.
1951...    
19616,387    
197221,939+11.87%
198123,657+0.84%
199862,843+5.92%
2017112,393+3.11%
2023117,455+0.74%
ذريعا:[11]

ريلوي

[سنواريو]

انگريزن جي دور جي ٺھيل ريلوي اسٽيشن ھينئر به موجود آهي، جيڪا پاڪستان ريلوي جي ڏکڻ طرف آخري اسٽيشن آهي. هن وقت ريل گاڏي بند آھي ، جيڪا پيرو لاشاري ، تلھار ، ماتلي ، ٽنڊو محمد خان ، کٿڙ ۽ حيدر آباد سان پٽڙي ذريعي ڳنڍيل آهي.[1]

وڻج واپار

[سنواريو]

هتي گيهه ، اناج ، سبزين ۽ مڇي جو سٺو واپار ٿئي ٿو. بدين شهر ، بدين ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. انهيءَ ڪري ضلعي جون سڀئي سرڪاري آفيسون به هتي آهن. هي شهر جديد دؤر جي ڪافي سهولتن سان سينگاريل آهي.[1]

تعليم

[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽي (2010ع) بدين شهر جي علائقي ۾ هڪ ڪيمپس قائم ڪيو، جنهن کي “لاڙ” سڏيو وڃي ٿو، ته جيئن هنن علائقن جي شهرين کي تعليم تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي[1]۔ سنڌ يونيورسٽي جو لاڙ ڪيمپس، بدين (ايس. يو. ايل. سي) لاڙ علائقي جي رهواسين، خاص طور ڇوڪرين، کي پنهنجي مقامي علائقي ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو.[12] هي ڪيمپس لائبريري ۽ انٽرنيٽ سان ليس ڪمپيوٽر ليبارٽري سميت سهولتون فراهم ڪري ٿو۔ ڪاليج ۾ 4 ساله بيچلر ڊگري پروگرام ڪاروباري انتظام، واپار، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ڪمپيوٽر سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما، ۽ بي. ايڊ، ايم. ايڊ ۽ ايم. اي (تعليم) جا پروگرام پڻ موجود آهن.[12] بمطابق

2013


2013ع تائين حڪومت جي ملڪيت هيٺ تعليمي ادارن ۾ 209 ڇوڪرن لاءِ اسڪول، 102 ڇوڪرين لاءِ اسڪول، 691 پرائمري اسڪول، 428 گڏيل تعليمي اسڪول (ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ)، ۽ 15 هاءِ اسڪول ۽ اعليٰ تعليمي ادارا شامل هئا.[13]

زراعت ۽ شڪار

[سنواريو]

زراعت جي لحاظ کان هي ضلعو پاڻڀرو آهي. هتي ڪپهه، ڪمند ۽ اناج جا تمام بهتر فصل ٿيندا آهن. ضلعي جي سموري زراعت جو دارومدار سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي آهي. ضلعي جي ايراضيءَ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڦليليءَ مان واهه ڪڍيا ويا آهن. ضلعي ۾ ڪافي مقدار ۾ تيل نڪتو آهي. تقريباً 15 کان 20 هزار بيرل ڪچو تيل روزانو ڪڍيو وڃي ٿو. هيءُ ضلعو قدرتي گئس ۽ پئٽرول سان به مالامال آهي. ڪمند جي زياده پيدوار سبب هن ضلعي کي ”شوگر اسٽيٽ“ به چيو ويندو آهي. هن ضلعي ۾ 6 شوگر ملون آهن. بدين جو سامونڊي ڪنارو به قدرتي خزانن سان ڀرپور آهي، مڇي ۽ ٻين آبي پکين جي شڪار لاءِ هرسال ڏيڍ ڪروڙ جو ٺيڪو نيلام ٿيندو آهي.[1]

ثقافت ۽ ادب

[سنواريو]

بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، بدين شهر ۾ ”لاڙ ميوزيم“ به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ضلعي جا قديم آثار ۽ عجائبات گڏ ڪيا ويا آهن. هن ضلعي بابت ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مشهور ۽ جامع ڪتاب آهي. ’اعلان حق‘ ۽ ’نواءِ لاڙ‘ هتان جون مشهور اخبارون آهن.[1]بدين ۾ گياروھين شريف وارو جشن ڏاڍو مشھور ھيو جيڪو پير عبدالقادر جيلاني جو ميلو يا جشن سڏبو ھو . ھر سال ان جشن ۾ شرڪت لاءِ پنجاھ ھزار ماڻھو شامل ٿيندا هئا. اھو جشن 1569 کان 1969 تائين چار صديون جاري رھيو جنھن بعد ان جو سلسلو ختم ٿي ويو[14].

موسم

[سنواريو]

آبهوا

[سنواريو]

بدين ۾ گرم نيم ريگستاني آبهوا (ڪوپن آبهوا درجابندي BSh) پائي وڃي ٿي، جيڪا اڳ ۾ گرم ريگستاني آبهوا (ڪوپن: BWh) طور سڃاتي ويندي هئي۔ ضلعي جي آبهوا مجموعي طور معتدل آهي ۽ سمنڊ مان هلندڙ هوائن جي ڪري متوازن رهي ٿي، جيڪي هر سال مارچ کان آڪٽوبر تائين لڳ ڀڳ اَٺ مهينا هلنديون رهن ٿيون، جنهن سبب گرمي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ محسوس ٿيندي آهي۔ برساتي موسم دوران آسمان اڪثر ڪڪرآلود رهندو آهي ۽ ڀاري وسڪارا پوندا آهن، جڏهن ته باقي سال سُڪا موسم غالب رهندا آهن۔ اونهاري ۾ آبهوا عام طور تي نمي ۽ گهم سان ڀرپور هوندي آهي۔ بدين ۾ سياري جي شروعات نومبر جي شروع ۾ ٿيندي آهي، جڏهن سامونڊي نمي ڀري هوا اوچتو سڪي ۽ ٿڌي اتر-اوڀر واري هوا ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گرمي پد فوري طور گهٽجي وڃي ٿو۔ سامونڊي اثر سبب طوفان ۽ ٻوڏون پڻ اينديون رهن ٿيون۔

موسمي رڪارڊ : بدين
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 36.1
(97)
37.2
(99)
42.8
(109)
45.6
(114.1)
49.4
(120.9)
46.7
(116.1)
43.3
(109.9)
41.1
(106)
42.2
(108)
41.7
(107.1)
38.3
(100.9)
35.6
(96.1)
49.4
(120.9)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
25.8
(78.4)
28.6
(83.5)
34.0
(93.2)
38.4
(101.1)
39.8
(103.6)
38.0
(100.4)
35.1
(95.2)
33.6
(92.5)
34.4
(93.9)
35.8
(96.4)
31.9
(89.4)
26.7
(80.1)
33.51
(92.31)
روزاني سراسري°C (°F) 17.2
(63)
20.1
(68.2)
25.4
(77.7)
30.1
(86.2)
32.7
(90.9)
32.8
(91)
31.1
(88)
29.8
(85.6)
29.6
(85.3)
29.7
(85.5)
23.9
(75)
18.4
(65.1)
26.73
(80.13)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
8.7
(47.7)
11.6
(52.9)
16.8
(62.2)
21.8
(71.2)
25.5
(77.9)
27.5
(81.5)
27.0
(80.6)
26.1
(79)
24.9
(76.8)
21.7
(71.1)
15.9
(60.6)
10.1
(50.2)
19.8
(67.64)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−1.1
(30)
1.0
(33.8)
5.0
(41)
13.0
(55.4)
17.5
(63.5)
21.1
(70)
23.0
(73.4)
22.5
(72.5)
20.6
(69.1)
12.0
(53.6)
6.7
(44.1)
2.5
(36.5)
−1.1
(30)
سراسري بارش

mm (inches)

1.0
(0.039)
9.6
(0.378)
2.3
(0.091)
12.5
(0.492)
20.7
(0.815)
49.8
(1.961)
76.5
(3.012)
89.9
(3.539)
44.4
(1.748)
13.7
(0.539)
1.7
(0.067)
1.1
(0.043)
323.2
(12.724)
Source: نيشنل اوشيانڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن (1961-1990)[15]

قديم آثار ۽ مذهبي ماڳ

[سنواريو]

قديم بدين ۾ ڪيترائي ڪتبا ۽ مسجدون موجود هيون. ٻن مسجدن جي پٿرن تي 632ھ/1234ع ۽ 987ھ/1579ع جون تاريخون لکيل هجڻ جو ذڪر ملي ٿو؛ انهن مان هڪ کي ”مريائين مسجد“ سڏيو ويندو هو.[16]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون آرڪائيو ڪيا ويا 2020-05-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "سنڌيانا" defined multiple times with different content.
  2. "بدين". انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا. 1 March 2026 تي حاصل ڪيل.
  3. [ https://www.britannica.com/place/Badin] انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا
  4. 1 2 Akhtar, Muhammad Saleem (1983). Shāhjahānī of Yūsuf Mīrak (1044/1634) Sind under the Mughuls. ص. 86–7, 107, 172–3, 233–4.
  5. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1999ع
  6. 1 2 3 4 5 Hughes, A.W. (1874). A Gazetteer of the Province of Sindh. George Bell and Sons. ص. 117–8.
  7. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مرزا قليچ بيگ، 1999ع
  8. Huges Buller: Imperial Gazetteer. 162.
  9. ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  10. "بدين (Badin, Sindh, Pakistan) - آبادي جا انگ اکر، چارٽ، نقشو، جڳھ، موسم ۽ ويب ڄاڻ". citypopulation.de. 2024-08-31 تي حاصل ڪيل.
  11. "انتظامي يونٽن موجب آبادي 1951-1998" (PDF). پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس.
  12. 1 2 Sindh, University of. "لاڙ ڪيمپس يونيورسٽي آف سنڌ بدين". اصل نسخو مان 12 December 2013 تي محفوظ ڪيل. 8 November 2013 تي حاصل ڪيل.
  13. Schools, Badin. "بدين ۾ حڪومت جي ملڪيت هيٺ اسڪول". SchoolingLog. 8 November 2013 تي حاصل ڪيل.
  14. Giyarwee Shareef, Badin. "Festivals of Pakistan". Dawn newspaper. 11 December 2017 تي حاصل ڪيل.
  15. "بدين آبهوا جا معمولي انگ اکر 1961-1990". نيشنل اوشيانڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن (FTP). 18 January 2013 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Invalid |mode=Script error: No such module "Citation mode". (مدد) (To view documents see Help:FTP)
  16. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مرزا قليچ بيگ، 1999ع