بدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بدين
شھر
Badin City
پاڪستان ۾ بدين شھر جو مقام
پاڪستان ۾ بدين شھر جو مقام
مڪانيت: 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
اوچائي 10 ميل (33 ft)
آبادي (1998)
 • ڪُل 61,302
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)

بدين (انگريزي ٻولي: Badin) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي بدين ضلعي جو شھر ۽ ضلعي صدرمقام ھي شھر سنڌ جو مشهور ۽ پراڻو شهر آهي.[1] ۽ اھو به چيو وڃي ٿو ته بدين شهر جو نالو حضرت شهاب الدين رح ( = شهاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو.

تاريخ[سنواريو]

هي شهر حيدرآباد شهر کان 68 ميلن جي مفاصلي تي آهي. موجوده وقت جنهن جڳهه تي بدين جو شهر ٻڌل آهي، ڪي تاريخدان ان جو پراڻو نالو ”ساولپور“ لکن ٿا. اصل بدين جو شهر موجوده بدين کان اڌ ميل پري هو، جتي هينئر کنڊر موجود آهن. بدين 1780ع ۾ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه وقت، ان جي لشڪر تباهه ڪيو هو. قديم بدين جي دڙي مان سڪندراعظم جي دؤر جا سڪا به مليا آهن ته ان کان اڳ جا تاريخي اهڃاڻ پڻ، جن مان هن شهر جي قدامت جو پتو پوي ٿو.[1] هڪ روايت موجب ”بدين“ ملاحن جي ذات آهي، جنهن جي ڪنهن دؤر ۾، انهيءَ شهر واري هنڌ، ريڻ درياهه تي مياڻ هئي، جيڪا ”بديڻ مياڻ“ سڏبي هئي، پوءِ آهستي آهستي ’بدين‘ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ انهيءَ ڪري ئي هن شهر تي اهو نالو پيو. ”بديڻ“ نالي وارا ملاح ٺٽي ضلعي ۾ پير پٺي جي ڀرسان اڄ به رهن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تحقيق موجب، بدين جو نالو هڪ بزرگ شهاب الدين جي نالي پٺيان پيو. پير شهاب الدين سهروردي سلسلي جو بزرگ ۽ شاهه عبدالڪريم رحه جي وڏن مان، مٽياريءَ جي جراڙ پوٽا گهراڻي مان هو. سندس مقام بدين شهر کان ڏيڍ ميل کن اتر اولهه طرف، ”شهاب الدين جو مقام“ عوامي زبان ۾ ”شاهه بَدي“ (شهاب الدين) جو مقام سڏجي ٿو. بدين شهر جو نالو پڻ شهاب الدين (= شهاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو. شاهه عبدالڪريم رحه جي والد لال محمد شاهه عرف شاهه للي جي مزار پڻ ”شهاب الدين جي مقام“ ۾ آهي ۽ مشهور آهي.[1] لوڪ روايتن موجب، سمن جي دؤر ۾ بدين جي آسپاس جوڻيجا ذات وارا ماڻهو زور هئا. جڏهن هوٿل پدمڻيءَ جو مڙس ڄام اڍو ڪيهر ڪجهه وقت بدين ۾ اچي رهيو ته جوڻيجن هڪ جنگ ۾ ڄام اڍي کي ماري وڌو. هوٿل پنهنجو پٽ ”جکرو“ ۽ ڌيءُ ”سکر“ کي وٺي نندي شهر ڀرسان وڃي رهي. جڏهن جکرو وڏو ٿيو ته پيءُ جو وير وٺڻ لاءِ توڳاچي راهمي جي مدد سان بدين تي ڪاهي آيو ۽ بدين کي تباهه ڪري ڇڏيائين. ائين بدين جو شهر پهريون ڀيرو گهرو لڙائين سبب تباهه ٿيو. بدين جي اوڀر کان ريڻ درياءُ وهندو هو. انهيءَ ڪري، هن پَٽ کي آبپاشيءَ جون سهوليتون موجود هيون. ماڻهن ڦٽل بدين تي وري گهر اڏڻ شروع ڪيا ۽ هي شهر ٻيهر آباد ٿي ويو.[1] ارغونن جي ڏينهن ۾ مرزا ظفر بيگ بدين ۾ اچي رهيو، انهيءَ ڪري بدين جو نالو بار بار ڪم اچڻ لڳو. مظفربيگ جون جاني بيگ سان بدين جي ڀرسان جهڙپون به ٿيون. فارسي واقع نگارن انهن تي قلم کنيو، جنهنڪري انهيءَ وقت جي ڪتابن ۾ بدين جو ذڪر اچڻ لڳو. فارسي تاريخدانن انهيءَ کان اڳ ۾ به بدين جو نالو ڪتب پئي آندو. سمن کان پوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو به بدين سان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح واسطو رهندو پئي آيو. جڏهن همايون بادشاهه فتح باغ ۽ جُوڻ شهر ۾ اچي رهيو، تڏهن بدين سنئون سڌو مغلن جي اثر هيٺ‎ رهيو. مرزا صالح ۽ مرزا باقي بيگ جي لڙائي به بدين ۾ لڳي، جنهن سبب ڪافي خونريزي ٿي ۽ بدين ۽ چاچڪان تي نهايت خراب اثر پيو. ائين سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڏينهن ۾ بدين برباد ٿيندو ۽ ٻيهر اسرندو رهيو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مدد خان جي ڪاهه کان پوءِ بدين جو پراڻو شهر وري اسري نه سگهيو. مدد خان شهر کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو هو. پراڻي بدين جو اهو آخري دؤر هو. بدين جي قديم شهر ۾ ڪيترائي ڪتبا پٿرن تي اُڪريل هئا، جيڪي هينئر لُسجي ويا آهن. مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب انهن ڪتبن تي 632هه/ 1234ع ۽ 987هه/1579ع سال لکيل هئا. بدين جي انهيءَ قديم شهر ۾ مشهور بزرگ رهندا هئا، جن مان هڪ عبداللطيف ڪيسر هو، جيڪو اورنگزيب بادشاهه جو گهاٽو دوست ۽ شاعر هو. هن شهر ڪيترائي دور ڏٺا آهن؛ آئين اڪبريءَ ۾ هن کي پرڳڻو ڄاڻايو ويو آهي. مرزا جاني بيگ جي زماني ۾، مظفر ترخان بدين جو نواب هو، جنهن کي سندس پيءُ مرزا باقيءَ مقرر ڪيو هو. مرزا محمد باقيءَ جي وفات کان پوءِ مرزا مظفر بغاوت ڪئي؛ مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي آيو؛ بدين وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ مرزا مظفر شڪست کاڌي ۽ مرزا جاني بيگ بدين جي قلعي ۾ داخل ٿيو. 998هه/ 1580ع ۾ جڏهن خان خانان حملو ڪيو، تڏهن هن هڪڙي لشڪر کي بدين ڏانهن موڪليو، جنهن هن شهر تي قبضو ڪيو. سن 1158هه/ 1745ع ۾، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت ۾، ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ’ڪانجي ڪوٽ‘ فتح ڪري، بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا. ميان نورمحمد، شاهه بهاري ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو. 1780ع ۾ مددخان پٺاڻ، هڪ مصيبت جي روپ ۾، لاڙ مٿان اچي نازل ٿيو. هن، ٻين شهرن سان گڏ بدين کي به تباهه برباد ڪري ڇڏيو. موجوده شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف، پراڻي شهر جا کنڊر ۽ دڙا سلامت بيٺا هئا. مرزا قليچ بيگ ۽ ايٽڪن هن شهر جي باقي بچيل مسجدن جو بيان ڪيو آهي، جنهن مان هڪ تي پٿرن تي 632هه/ 1234ع ۽ ٻيءَ تي 987هه/ 1579ع اُڪريل هئا، انهن مان پهرينءَ مسجد کي ”مريائين مسجد“ چوندا هئا. هن مسجد جو محراب 1960ع تائين بيٺل هو ۽ پوءِ ڪري پيو. 1985ع ۾ سيراڻي بدين رستو ڪڍڻ لاءِ، انهن کنڊرن جي اولهه واري حصي جي کوٽائي ڪرائي ويئي هئي. کوٽايل حصي جي ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن شهر کي باهه ڏياري ختم ڪرايو ويو هو.[1] مرزا قليچ مطابق، هي شهر عيسوي ارڙهين صدي جي وچ ڌاري هڪڙي هندو سانولي نالي جو ٻڌل هو. جو ٽيهه ورهيه پوءِ مدد خان پٺاڻ ٻين ڪيترن شهرن سان گڏ ويران ڪيو. ٻن ڦٽلين مسجدن جي پهڻن تان سنه 632 ۽ سنه 987 هه لڌو آهي.[2] اڳي بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو هڪ هو يا گڏ هو ۽ سندن مکيه ڳوٺ بدين ۽ چاچڪ هئا، ۽ جهم جو پرڳڻو ۽ ڳوٺ به اُتي هو. سنه 978هه (سنه 1570) ۾ جڏهن اڪبر بادشاه سنڌ ۾ آيو، تڏهن مرزا محمد باقي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. بدين ۽ چاچڪان جي پرڳڻي تي پنهنجو پٽ مظفر ترخان مقرر ڪيائين ۽ ساڻس علي خان ڪوڪه گڏي موڪليائين. سگهوئي پوءِ مرزا باقيءَ پاڻ کي ماري وڌو. مظفر پيءُ جي مرڻ جو ٻڌي ٺٽي ويو، پر سندس ڀائٽي مرزا جاني بيگ کي اڳيئي حڪم ڪيو هئائون. مظفر جي فساد جو ٻڌي مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي ويو ۽ بدين ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مظفر شڪست کاڌي، جو سندس سردار ڦري جاني بيگ جي پاسي ويا. مظفر ڇڙهو ڀڄي ويو ۽ ۽ مرزا جاني بيگ سندس سامان پٺيان ڏياري موڪليو ۽ پاڻ بدين جي قلعي ۾ گهڙيو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن هو خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ سان وڙهيو، تڏهن بدين ۽ ٻين قلعن ڏي جدا جدا لشڪر ڏياري موڪليائين، جن وڃي اهي هٿ ڪيا. نيٺ مرزا جاني بيگ لڪيءَ وٽ شڪست کائي اُنڙپور ۾ آيو، جتي وري ٻي شڪست کائي ڀڳو. سنه 1158هه (سنه 1745ع) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ڪانجي فتح ڪري بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا. ميان نور محمد بهار شاه ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄايو.[3]

ھاڻوڪو بدين[سنواريو]

بدين جو هاڻوڪو نئون شهر ميرن جي دؤر ۾ آباد ٿيو.[1]

ريلوي[سنواريو]

نئين بدين ۾ هينئر ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا پاڪستان ريلوي جي ڏکڻ طرف آخري اسٽيشن آهي. هن وقت هي شهر ڪراچيءَ، حيدرآباد، سيراڻيءَ، علي بندر، ٽنڊي باگي، سجاول ۽ ٺٽي سان رستن ذريعي ڳنڍيل آهي.[1]

وڻج واپار[سنواريو]

هتي گيهه ۽ اناج جو سٺو واپار ٿئي ٿو. بدين شهر، بدين ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. انهيءَ ڪري ضلعي جون سڀئي سرڪاري آفيسون به هتي آهن. هي شهر جديد دؤر جي هر سهوليت سان سينگاريل آهي.[1]

تعليم[سنواريو]

تعليم جي حوالي سان هن شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري، مڊل، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ آهن. سنڌ يونيورسٽي جو لاڙ ڪاليج به بدين ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.[1]

زراعت ۽ شڪار[سنواريو]

زراعت جي لحاظ کان هي ضلعو پاڻڀرو آهي. هتي ڪپهه، ڪمند ۽ اناج جا تمام بهتر فصل ٿيندا آهن. ضلعي جي سموري زراعت جو دارومدار سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي آهي. ضلعي جي ايراضيءَ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڦليليءَ مان واهه ڪڍيا ويا آهن. ضلعي ۾ ڪافي مقدار ۾ تيل نڪتو آهي. تقريباً 15 کان 20 هزار بيرل ڪچو تيل روزانو ڪڍيو وڃي ٿو. هيءُ ضلعو قدرتي گئس ۽ پئٽرول سان به مالامال آهي. ڪمند جي زياده پيدوار سبب هن ضلعي کي ”شوگر اسٽيٽ“ به چيو ويندو آهي. هن ضلعي ۾ 6 شوگر ملون آهن. بدين جو سامونڊي ڪنارو به قدرتي خزانن سان ڀرپور آهي، مڇي ۽ ٻين آبي پکين جي شڪار لاءِ هرسال ڏيڍ ڪروڙ جو ٺيڪو نيلام ٿيندو آهي.[1]

ثقافت ۽ ادب[سنواريو]

بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، بدين شهر ۾ ”لاڙ ميوزيم“ به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ضلعي جا قديم آثار ۽ عجائبات گڏ ڪيا ويا آهن. هن ضلعي بابت ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مشهور ۽ جامع ڪتاب آهي. ’اعلان حق‘ ۽ ’نواءِ لاڙ‘ هتان جون مشهور اخبارون آهن.[1]بدين ۾ گياروھين شريف وارو جشن ڏاڍو مشھور ھيو جيڪو پير عبدالقادر جيلاني جو ميلو يا جشن سڏبو ھو . ھر سال ان جشن ۾ شرڪت لاءِ پنجاھ ھزار ماڻھو شامل ٿيندا هئا. اھو جشن 1569 کان 1969 تائين چار صديون جاري رھيو جنھن بعد ان جو سلسلو ختم ٿي ويو[4].

موسم[سنواريو]

موسمي رڪارڊ : بدين
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 36.1
(97)
37.2
(99)
42.8
(109)
45.6
(114.1)
49.4
(120.9)
46.7
(116.1)
43.3
(109.9)
41.1
(106)
42.2
(108)
41.7
(107.1)
38.3
(100.9)
35.6
(96.1)
49.4
(120.9)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
25.8
(78.4)
28.6
(83.5)
34.0
(93.2)
38.4
(101.1)
39.8
(103.6)
38.0
(100.4)
35.1
(95.2)
33.6
(92.5)
34.4
(93.9)
35.8
(96.4)
31.9
(89.4)
26.7
(80.1)
33.51
(92.31)
روزاني سراسري°C (°F) 17.2
(63)
20.1
(68.2)
25.4
(77.7)
30.1
(86.2)
32.7
(90.9)
32.8
(91)
31.1
(88)
29.8
(85.6)
29.6
(85.3)
29.7
(85.5)
23.9
(75)
18.4
(65.1)
26.73
(80.13)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
8.7
(47.7)
11.6
(52.9)
16.8
(62.2)
21.8
(71.2)
25.5
(77.9)
27.5
(81.5)
27.0
(80.6)
26.1
(79)
24.9
(76.8)
21.7
(71.1)
15.9
(60.6)
10.1
(50.2)
19.8
(67.64)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−1.1
(30)
1.0
(33.8)
5.0
(41)
13.0
(55.4)
17.5
(63.5)
21.1
(70)
23.0
(73.4)
22.5
(72.5)
20.6
(69.1)
12.0
(53.6)
6.7
(44.1)
2.5
(36.5)
−1.1
(30)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 1.0
(0.039)
3.6
(0.142)
2.3
(0.091)
2.5
(0.098)
0.7
(0.028)
10.8
(0.425)
70.5
(2.776)
89.9
(3.539)
34.4
(1.354)
3.7
(0.146)
1.7
(0.067)
1.1
(0.043)
222.2
(8.748)
Source: NOAA (1961–1990) [5]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. Giyarwee Shareef, Badin. "Festivals of Pakistan". Dawn newspaper. Retrieved 11 December 2017. 
  5. "Badin Climate Normals 1961–1990". National Oceanic and Atmospheric Administration. Retrieved January 18, 2013.