باب:پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪورونا وائرس مرض 2019 اسلام قرآن جاگرافي تاريخ رياضيات سائنس معاشرو طرزيات فلسفو مذهب بابن جي فهرست
ڀلي ڪري آيا، خوش آمدید، جي آيانون، پخير راغلي، وش آتڪي
«Welcome»
  پاڪستان
Flag of Pakistan
Flag of Pakistan
Emblem of Pakistan
Emblem of Pakistan
Location on the world map

اسلامي جمهوريا پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي۔ پاڪستان جي اوڀر ۾ ڀارت، ڏکڻ اوڀر ۾ چين ۽ اولهه ۾ افغانستان ۽ ايران ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهن۔ پاڪستان جو مطلب آهي پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جڳهه ۽ اهو نالو چوڌري رحمت علي پاران 1933ء ۾ تجويز ڪيو ويو هيو۔
711 ۾ اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ محمد بن قاسم ننڍي کنڊ (هاڻوڪي پاڪستان ۽ هندستان) جي وڏي حصي کي فتح ڪندو آهي ۽ اهڙي ريت ننڍو کنڊ (برصغیر) (موجودهه پاڪستان) دنيا جي سڀ کان وڏي عرب رياست جو هڪ حصو بڻجي پئي ٿو جنهن جي گاديءَ جو هنڌ دمشق، زبان عربي ۽ مذهب اسلام هيو۔ هي علائقو سياسي،مذهبي ۽ ثقافتي طور تي عرب دنيا جڙي وڃي ٿو۔ ان واقعي ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ تي گهرا اثرات مرتب ڪيا۔
سن 1947 کان پهرئين ڀارت، پاڪستان ۽ بنگلا ديش برطانوي ڪالوني هيا ۽ برصغير ننڍي کنڊ طور سڃاتا ويندا هيا۔ هندستان جي آزادي (انگريزن کان) جي تحريڪ دوران هندستان جي مسلمانن پنهنجي لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو۔ "پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لا الہ الا اللہ" اُن تحريڪ جو مقبول عام نعرو هيو۔ ان مطالبي تحت تحريڪ پاڪستان وجود ۾ آئي۔ ان تحريڪ جي قيادت محمد علي جناح ڪئي۔ 14 اگست 1947تي پاڪستان وجود ۾ آيو۔
ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي ورهاست ۾ انگريزن ڪجهه اهڙا خال ڇڏيا جيڪي پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ 1948 ۽ 1965 ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ٻه جنگين جو سبب بڻجي پيا۔
انکان علاوهه جيئن ته پاڪستان ۾ وهندڙ سڀ درياءَ انڊيا جي زير قبضي ڪشمير مان گذري ڪري ايندا هئا تنهنڪري پاڪستان کي 1960 ۾ انڊيا سان سنڌ طاس معاهدو ڪرڻو پيو جنهن جي تحت پاڪستان کي اوڀر وارن دريائن ستلج، بياس (Beas) ۽ راوي کان دستبردار ٿيڻو پيو۔ جڏهن ته سنڌو درياءُ، چناب دريا،۽ جهلم دريا تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو۔

باب:Box-footer

 منتخب مقالو

حڪومت پاڪستان وفاقي پارليماني نظام آهي جنهن ۾ صدر مملڪت جي چونڊ عوام جي بجاءِ منتخب پارليمان ڪندي آهي۔ اسلامي جمهوريہ پاڪستان جو سربراهه صدر مملڪت آهي جيڪو پاڪستان جي افواج جو ڪمانڊر انچيف پڻ هوندو آهي۔ وزير اعظم جيڪو انتظامي امور جو سربراهه هوندو آهي، پارليماني اڪثريت سان منتخب ڪيو ويندو آهي۔ صدر مملڪت ۽ وزير اعظم جو انتخاب ۽ تعيناتي بلڪل جدا پهلو رکندا آهن ۽ انهن جي دور حڪومت جو آئيني طور تي پاڻ ۾ ڪوئي تعلق ناهي۔ 6 سيپٽمبر 2008ء تي پاڪستان جي اليڪٽورل ڪاليج جيڪو ايوان بالا (senate)، ايوان زيرين (National Assembly) چارئي صوبائي اسمبلين تي مشتمل هوندو آهي، آصف علي کي پنج سالن جي مدت جي لاءِ پاڪستان جو يارهون صدر منتخب ڪيو۔ عام طور تي وزير اعظم ايوان زيرين جي اڪثريتي جماعت سان تعلق رکندو آهي ۽ ملڪ جو انتظام ڪابينا جي مدد سان هلائيندو آهي جيڪو مجلس شوريٰ جي ٻنهين ايوانن بالا ۽ زيرين مان منتخب ڪيا ويندا آهن۔ پاڪستان جي هاڻوڪو وزير اعظم ميان محمد نواز شريف آهن جن جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي۔

باب:Box-footer

 منتخب تصوير

وادي دنين چترال، پاڪستان جو حسين منظر

تصوير: رحمت عزيز چترالي


لاہور جي ويجهو شاہدرهه ۾ مقبرۂ جہانگير۔

باب:Box-footer

 ڇا توهان ڄاڻو ٿا؟۔۔۔
  • ۔۔۔ته تجمل حسين ملڪ 1980 ۾ پاڪستاني صدر جنرل ضياء الحق جي خلاف ناڪام فوجي بغاوت جي سربراهي ڪئي هئي؟
  • ۔۔۔ته پاڪستان نيشنل کانگريس ہندن ۽ ٻين اقليتن جي نمائندگي ڪندي هئي ۽ 1954 ۾ مقننہ اوڀر بنگال ۾ 28 نشستون حاصل ڪري ورتيون هيون؟
  • ۔۔۔ته جنرل يحيٰ خان جي جاري ڪيل ليگل فريم ورڪ آرڊر 1970 پاڪستان جي تاريخ ۾ اولين راست عمومي چونڊن جا قانون وضع ڪيا هيا؟
  • ۔۔۔ته اتر پاڪستان جي هڪ ڳوٺ بخشالي ۾ 1881 ۾ بخشالي رسم الخط -ہندي رياضيات جي موجود قديم ترين مثال- جو برچ جي ڇال تي مڪتوب هيو دريافت ٿيو؟
  • ۔۔۔ته ڪراچي ۾ واقع شري سوامي نارائڻ مندر ۾ موجود سوامي نارائڻ جي حقيقي تصويرون تقسيم ہند جي جانگداز وقت ۾ ڀارت منتقل ڪيون ويون هيون؟
  • ۔۔۔ته 1998 جي نوياتي جانچ جي بعد معاشي پابنديون عائد ٿيڻ جي صورت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان کي في يوم 50،000 بيرل مفت تيل فراهم ڪرڻ جوا وعدو ڪيو هيو؟
  • ۔۔۔ته سنڌ جي متعلق معلومات جي حصول جي لاءِ سنڌالاجي جي اصطلاح 1964 ۾ وضع ڪئي وئي؟
  • ۔۔۔ته پاڪستان ۾ قائم انسٽي ٽيوٽ آف سنڌالاجي هڪ تحقيقي ادارو آهي جيڪو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب تي تحقيقات ڪري ٿو؟
  • ۔۔۔ته ماهر ڏکڻ ايشيائي آثار قديمہ احمد حسن داني بنارس ہندو يونيورسٽي جو پهريون مسلم فاضل هيو؟

باب:Box-footer

 زمرا
 پاڪستان جا صوبا

پاڪستان جي انتظامي تقسيم (ورهاست) جو نقشو


پاڪستان کي وفاقي دارالحڪومت (گاديءَ جي هنڌ)، چئن صوبن، قبائلي علائقا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۽ بلتستان ۾ ورهائي سگهجي ٿو جيڪي ان جا وڏا وڏا علائقا آهن۔ سرڪاري طور تي پاڪستان جا چار صوبا ۽ هڪ وفاقي دارالحڪومت (گاديءَ جو هنڌ) آهي جنهن جي لاءِ توهان ڏسي سگهو ٿا: پاڪستان جي انتظامي ايڪائيون۔ پر ان کان علاوہ چند علائقا آهن جيڪي اڃا باقاعدہ پاڪستان ۾ شامل ناهين ڪيا ويا ۽ انهن جي آزاد حيثيت برقرار آهي جيئن آزاد ڪشمير، قبائلي علائقا ۽ گلگت ۽ بلتستان۔ پر ان جي باوجود هي علائقا عملي طورتي پاڪستان جي زيرِ اختيار ۾ آهن ، تنهنڪري انهن کي پاڪستان جو حصو چئجي ٿو۔

پاڪستان جي صوبن کي ضلعن ۾ ورهائي (تقسيم) ڪيو وڃي ٿو۔ آگسٽ 2000ء تائين صوبن کي ڊويزن ۽ ڊويزن کي ضلعن ۾ ورهايو ويندو هو، پر آگسٽ 2000ء ۾ ڊویژن ختم ڪيا ويا ۽ هاڻي صوبن کي ضلعن ۾ ورهايو ويندو آهي۔ باب:Box-footer

 وڪيپيڊيا پاڪستاني ٻولين ۾

باب:Box-footer

 وڪي ذريعات (وڪيميڊيا) ساٿي منصوبا
پاڪستان پاڪستان پاڪستان پاڪستان پاڪستان پاڪستان پاڪستان
وڪي اخبار
آزاد متن خبرون
وڪي اقتباسات
مجموعہ اقتباسات متنوع
وڪي ڪتاب
آزاد نصابي ۽ دستي ڪتاب
وڪي ذريعو
آزاد دارالڪتب
وڪشنري
لغت ۽مخزن
وڪي ورسٽي
آزاد تعليمي مواد ۽مصروفيتون
العام
انبار گڏيل ذريعا

باب:Box-footer


Purge server cache سرور ڪيشي جي صفائي