راجپوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

راجپوت: ھنن مان ٿرپارڪر جا سوڍا آھن، جي اُجين مان سنه 1226ع ڌاري آيا. سندن سردار پرمار سوڍو ھو، جنھن عمرڪوٽ اچي ورتو ۽ پاڻ کي راڻو سڏائي حاڪم ٿي ويھي رھيو. ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به اُھي زور وارا ھئا. ۽ ٺڪر جوڙيندا آھن. راٺوڙ به سوڍن وانگي راجپوت آھن. ھو زمينداري ڪندا آھن.[1] پرمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ راجپوت گوجرن جو اولاد آهن، جي آرين وانگر وچ ايشيا مان لڏي ڇهين عيسوي صديءَ جي اوائل ڌاري اتر هندستان ۾ آيا هئا[2].

نالي جي معني[سنواريو]

رامائڻ ۽ مهاڀارت جي وقت کان وٺي، چيني ياتري هوان شيانگ (629-640ع) جي هندستان ۾ اچڻ تائين، راجپوت اکر ڪم نه ايندو هو.[3]پراڻن ۽ ٻين اتهاسن ۾ راجپوتن بدران کتري لفظ ڪم ايندو هو. ويد ۽ اُپنشد ۾ راجنيه لفظ ڪم ايندو هو. سوتر ڪال ۾ ڪٿي ڪٿي ”اگر“ اکر ڪم آندل آهي جين گرنٿن ۾ به 600ع کان 1200ع تائين راجپوت لفظ ڪم آندل نه آهي. ”پرٿوي راج راسا“ (جو چاند بردائي چارڻ لکيو آهي) ۾ به راجپوت لفظ ڪم آندل ڪونهي. مسلمانن جي اچڻ تائين راجائون پاڻ کي کتري چوائيندا هئا ۽ پوءِ راجپوت لفظ ڪم اچڻ لڳو.[4] راجپوت لفظ جي معنيَ آهي ”راجه پتر“ يعني راجا جوپٽ..[5]

راجپوتن جا ونس[سنواريو]

اگن ڪُل مان پيدا ٿيل راجپوتن جون چار ذاتيون: پارمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ، پوءِ ڇهه ٿيون، مگر هاڻي وڌي ڇٽيهه ٿيون آهن.[5]: (1) اکيه واڪ يا سوريه.
(2) اندوسوم يا چندرونس.
(3) گهلوت 24 ساکون.
(4) يدو 4 ساکون.
(5) تنور 17 ساکون.
(6) راٺوڙ 13 ساکون.
(7) ڪشواها يا ڪڇواها.
(8) پرمار 35 پرمار 35 ساکون.
(9) چوهاڻ
26 ساکون.
(10) سولنڪي يا چالوڪ
16 ساکون.
(11) پڙهيار 12 ساکون.
(12) چاوڙا هڪ ساک
(13) ٽانڪ يا تکيڪ.
(14) جوٽ، جيٽي، جاٽ.
(15) هُن يا هڻ.
(16) ڪاٺي.
(17) بلا.
(18) جهالا 2 ساکون.
(19)جيٺو يا ڪامري.
(20) گوهل.
(21) سرويا.
(22)سلار.
(23)ڏاٻي.
(24) گوڙ 5 ساکون.
(25) ڏوڏا.
(26) گوهر وال.
(27) ٻڙ گوجر 3 ساکون.
(28) سينگر هڪ ساک.
(29) سيڪروال هڪ ساک.
(30) ويس هڪ ساک.
(31)ڏاهيا.
(32) جوهيا.
(33) موهل.
(34)نڪومپ،
(35) راجپالي.
(36)ڏاهيا، جا ساک هينئر گم ٿي ويئي آهي.
انهن کان سواءِ هول ۽ ڏاهريا ٻيا ٻه ڪل آهن. ڪيترن راجپوت ڪُلن جون ساکون ڪونه آهن، انهن کي ”اڪا“ چوندا آهن. جي سڄي قوم جو ٽيون حصو آهن.[5].

پرمار راجپوتن جو ساکون[سنواريو]

پرمارن جون 35 ساکون آهن:[5] (1) موريا (هن مان چندر گپت ٿيو هو.)
(2) سوڍا (ڍاٽ يعني ٿر جا راجا).
(3) سانگلا (”امرڪوٽ اتهاس“، صفحي 11 ۾ سوڍو (سوڍا) سانکلور (سانکلا) ۽ باگهه (واگهيلا) راجا باهڙ پٽ ڏيکاريل آهن. پر ”ٽاڊ راجستان“ گجراتي ڀاڱو پهريون صفحي 680 ۾ واگهيلن کي سولنڪ ونس جي هڪ ساک ڄاڻايو ويو آهي..[5])پونگل جا جاگيردار ۽ ٻيا ڪيترا مارواڙ ۾ رهن ٿا.
(4) کير، انهن جي راڄڌاني کيرارو هئي.
(5) اُمرا يا سومرا، هاڻي مسلمان آهن.
(6) وهل، چندراورتي جو راجا
(7) ميپاوت،ميواڙ ۾ ٻيجولي جا جاگيردار
(8) ٻلهر، اتر هندستان ۾ آهن.
(9) ڪاٻا، اڳي سوراشٽر ۾ هئا ۽ ٿورا هاڻي سروهي ۾ آهن.
(10) اُمٽ، مالوا ۾ اُمٽ واڙا جو راجا.
(11) ريهور
(12) ڍونڍا
(23) سورٽيا
(13) هرير، مالوا ۾ ننڍا ننڍا جاگيردار آهن.
(15) چونرا
(16) کيچڙ
(17) سوکڙا،
(18) پرڪوٽا
(19) ڀوجا
(20) سمپل
(21)ڀيٻا
(22) ڪالنپسر
(23) ڪالموھ
(24) ڪوهلا
(25)پويا.
(26) ڌونڌ
(27) ڪهرڙيا
(28) ڏيوا
(29) ٻرهر
(30) جيپرا
(31) پوسرا
(32) ڌوتا
(33) رڪوموا
(34)ٽيڪا
(35) اها ساک هاڻي ڪانه آهي.

پيدائش بابت ڏند ڪٿا[سنواريو]

راجپوتن جي جنم جي ڪهاڻي هڪ عجيب آکاڻي آهي: وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار پرسرام هو، جو رشي جمدگني جو پٽ هو. هڪ دفعي راجا ڪرتويريه، جمدگني وٽ هڪ گانءِ ڏٺي جا ڪامڌين هئي. ڪامڌين معنيٰ اُها گانءِ جنهن وٽان اميدون پوريون ٿين، يعني جنهن کان جيڪي گهرجي سو ملي. ههڙي عجيب گانءِ تي راجا جي دل ٿي. هن جمدگني کان گانءِ گهري پر هن نه ڏنس. تنهن تي راجا اُها گانءِ زبردستي ڪاهرائي هليوويو. اُن وقت سندس پٽ پرسرام گهر ۾ موجود ڪونه هو، پر پوءِ جڏهن اچڻ وقت ان ڳالهه جي خبر پيس، تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ بنا دير جي وڃي راجا کي ماري، گانءِ آڻي پنهنجي پيءُ کي ڏنائين. راجا جي پٽن پنهنجي پيءُ جي وير وٺڻ لاءِ جمدگنيءَ جي آشرم تي ڪاهه ڪئي. ان وقت پرسرام ڪيڏانهن ٻاهر ويو هو ۽ جمدگني گهر ۾ اڪيلو ويٺو هو. راجڪمار هن کي اڪيلو ڏسي کيس ماري هليا ويا. پرسرام پوءِ جڏهن پنهنجي آشرم ۾ موٽي اچي هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن سڄي ڳالهه معلوم ڪري پرن ڪيائين ته اِهي راجڪمار ته پورا ڪندس، پر ڪوبه کتري ٻچو جيئرو نه ڇڏيندس. هيءَ سڄي ڳالهه پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ائين به ڄاڻايل آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين جو ڪُل ناس ڪيو هو[5]. آڳاٽن کترين جو ڌرم هو برهمڻن ۽ ٻين ذاتين جو بچاءُ ڪرڻ. کتري ناس ٿي ويا ته برهمڻن ۽ ٻين جي سنڀال ڪير ڪري؟.[5]اُنهيءَ وقت ڪيترائي رشي ۽ مني ابو پهاڙ تي رهندا هئا. برهمڻن کي تڪليف ۾ ڏسي وسشٽ مني ابو جبل تي رشين ۽ منين سان صلاح ڪئي ته هاڻي برهمڻن جي بچاءَ لاءِ ڇا ڪجي. آخر سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري برهما، وشنو ۽ اندر ديوتا کي وينتي ڪئي ته توهين ڪي کتري پيدا ڪريو، جي دئتن کي ناس ڪري برهمڻن جو بچاءُ ڪن. رشين پوءِ ابو پهاڙ جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي يگيه جي اگني دکائي، اندر ديوتا کي چيو ته اول اوهين ڪو کتري اُپايو. رشين جو چوڻ مڃي اندر ديوتا ڊڀن جو هڪ پتلو ٺاهي، ان تي امرت ڇٽڪاري پوءِ اُهو پتلو اگني ڪنڊ ۾ اڇلايو ۽ پوءِ سنجيوني منتر (جيئارڻ جو منتر) اُچاريائين: ته ڏسو ڪرتار جي قدرت جو اگني مان هڪ ازغئبي مرد ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو اگني مان نڪرڻ وقت چوندو آيو ته ”مار، مار“. انهيءَ سبب هن تي ”پرمار“ نالو پيو. پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پراون يا ڌارين کي ماريندڙ. ٽاڊ صاحب پرمار لفط جي معنيٰ ”پهريون ماريندڙ“ يا ”ڌڪ هڻندڙ“ لکي آهي.[5]. رشين ۽ منين جي چوڻ تي، پوءِ برهما ٻيو هڪ پتلو ٺاهي يگيه جي اگني ۾ وجهي، منتر اچاريو ته اگني ڪنڊ مان هڪ ٻيو جوان پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ ويد هئا. اُنهيءَ تي ”چلونڪي“ نالو پيو، ڇاڪاڻ ته هو برهما پهريائين جڏهن پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پتلو ٺاهيو، تڏهن هي پيدا ٿيو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. چلونڪي لفظ جو اُچار پوءِ ڦري سلونڪي (سولنڪي) ٿيو آهي.[5]. شو ڀڳوان پوءِ اگني ڪنڊ مان هڪ ڪاري شڪل وارو جوان پيدا ڪيو. انهيءَ جوان کي لڙائيءَ جو فن گهڻو ياد نه هو، مگر پهريداريءَ لاءِ پختو هو، تنهنڪري هن کي دربان يا پهريدار مقرر ڪيائون ۽ انهيءَ سبب هن تي ”پرٿوي دوار“ نالو پيو. پرٿوي معنيٰ دروازو. هو گويا پر ٿوي جي دروازي جو نگهبان هو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. پرٿوي دوار لفظ جو اُچار پهريائين ڦري ”پرٿهيار“ ٿيو ۽ هاڻي عام طرح پڙهيار چئبو آهي.[5]. وشنو ڀڳوان اگني ڪنڊ مان پوءِ پاڻ جهڙو هڪ چتر ڀڄ (چئن ڀڄائن يا ٻانهن وارو) مهاتيجوسي جوان پيدا ڪيو، جنهن جو رنگ ڪرشن ورن (ڪارو) ۽ تمام بهادر هو. ڀريل ترڪش ٻڌل هوس ۽ هڪ هٿ ۾ ڌنش (تير ڪمان) ۽ ٻئي ۾ تلوار هئي، ان تي نالو پيو ”چترنگ“. سنسڪرت ۾ چتر معنيٰ چار انگ معنيٰ بت. چترنگ معنيٰ چئن بتن وارو. حقيقتن بت چار ڪونه هوس پر بهادر هو. چترنگ لفظ جو اُچار پوءِ ڦري چوهاڻ ٿيو. هاڪارو راجا پرٿويراج چوهاڻ راجپوتن مان هو.[5]. اهڙيءَ طرح راجپوتن جي قوم ديوتائن جي مهربانيءَ سان پيدا ٿي. ابو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تنهنڪري انهن کي ”اگني ڪُل“ يعني اگني (باهه) جي ڪٽنب وارا به چئبو آهي. اها اگني ڪنڊ، جنهن مان راجپوت پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، سا اڄ تائين ابو پهاڙ تي قائم آهي ۽ اها راجپوتن لاءِ تيرٿ جو وڏو آستان آهي. راجپوتن جي جنم جي اها ڪهاڻي هڪ ڏند ڪٿا آهي، جا پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ڪرنل ٽاڊ به اهائي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي هندستان جا راجپوت اها ڳالهه سچي ڪري مڃين ٿا[6].

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ”رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل“ 1905ع، ڊاڪٽر رڊولف هورنلي. صفحو 1-4
  3. ”ٻڌسٽ رڪارڊس آف دي ويسٽرن انڊيا“ ڀاڱو ٻيو، صفحو 256
  4. ”راجپوتان اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون صفحو 8
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  6. ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، صفحو 1-5.