مواد ڏانھن هلو

رڻ ڪڇ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رڻ ڪڇ
ڪڇ جو رڻ
قدرتي خطو
رڻ ڪڇ جو ڏيک
رڻ ڪڇ جو ڏيک
رڻ ڪڇ جي موسمي ڌٻڻ جي جيوت
رڻ ڪڇ جي موسمي ڌٻڻ جي جيوت
ملڪ ڀارت۽ پاڪستان
ڀارت جي رياست گجرات ۾ رڻ ڪڇ
Great Rann of Kutch يا Little Rann of Kutch سان ڀل نہ کائو.

رڻ ڪڇ(انگريزي: Rann of Kutch) گجرات جو ھڪ وڏو لوڻياٺو علائقو آهي جنهن جو وڏو حصو ڀارتي رياست گجرات ۾ واقع آهي. شروع ۾ رڻ ڪڇ ھڪ ضلعو ھيو جنھن جو ھڪ ٽڪرو سنڌ، پاڪستان ۾ ھيو. اھو ٻن حصن ۾ ورھايل آھي: (1) وڏو رڻ ڪڇ ۽ (2) ننڍو رڻ ڪڇ ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان الهندي ڏانهن 80 ڪوهن ۽ اتر کان ڏکڻ کان 38 ڪوهن ۾ سڃ ئي سڃ لڳايو بيٺو آهي. ٽاڊ راجستان گجراتي ڀاڱو پهريون ڇپايل ستو ساهتيه پستڪاليه احمد آباد سنبت 1982 ع ۾ ڄاڻايل آهي ته هن جي ڊيگهه 150 ميل ۽ ويڪر ڀڄ کان ٻلهياري تعلقي ڏيپلي تائين 80 ميل آهي.[1]هن وقت رڻ جو گهڻو ڀاڱو سڪو پيو آهي صرف ڪٿي ڪٿي رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. خصوصاً جڏهن پوٽو تپندو آهي تڏهن پريان پاڻيءَ جو ڏيکاءُ نظر ايندو آهي ۽ ويچارا هرڻ انهيءَ ڪوڙي ڏيک تي پاڻيءَ جي آسري تي ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کان سواءِ ڪهڙو به ماڻهو هوندو ته هو هن ڪوڙي ڏيک کي حقيقت سمجهي ويهندو. ٿر ۽ ڪڇ جي وچ ۾ آمدرفت اٺن جي ذريعي ٿئي ٿي، مگر برسات جي موسم ۾ رڻ سڄو پاڻي سان ڀرجي ويندو آهي ۽ ڪن ڪن هنڌن تي چئن بلڪ پنجن فوٽن تائين پاڻي ڪٺو ٿي ويندو آهي.[1]

جاگرافي

[سنواريو]

اھو ٿر ۾ گجرات رياست اندر واقع جيوت وارو زميني علائقو آهي ۽ موسمي گپ چڪ يا ڌٻڻ جو علائقو آھي . لفظ رڻ معني آهي لوڻياٺي ڌٻڻ يا لوڻياٺي گپ چڪ. اھا مٿاھين جاء ھوندي ۽ جتي وڻ ٽڻ پوکي سگھجن ٿا. ھن علائقي ۾ سامونڊي کاريون(انگريزي: Creeks)ڪوري ۽ سير پڻ واقع آھن جيڪي سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا جو حصو آهن. راجھستان ء گجرات جون کوڙ نديون ھن علائقي ۾ وھن ٿيون.
ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان الهندي ڏي اسي ڪوهن ۾ ۽ اُتي کان ڏکڻ ڏي ستٽيهن ڪوهن ۾ سُڃ لڳائي بيٺو آهي. ٽاڊ راجستان موجب اُن جي ديگهه 150 ميل ۽ ويڪر ڀُڄ کان ٻلهياري تائين 70 ميل آهي.[2]. اُن جي جملي پکيڙ 7 هزار چورس ميل آهي[3].[4]. ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو سن 1362ع ۾ انهيءَ سموري ايراضي ۾ پاڻي ڪونه هو. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پُراڻو درياءُ. اڳي سنڌو ندي جي شاخ هتان وهندي هئي ته ڪڇ جي رڻ مان دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي ڪناري وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ويڳاگڍ (وڳهه ڪوٽ)، وينگڍ (ونگو)، ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراواهه سامونڊي بندر هئا[5] . نديءَ جو پاڻي گهاڙي شيخاڻي، تعلقي بدين وارو رڻ پسائي لکپت تائين پهچندو هو[6].[4].سنڌ ۽ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي حصي جو پيٽ ٿو معلوم ٿئي ۽ پوءِ ڪنهن طبعي يا قدرتي سبب جي ڪري مٿي چڙهي آيو آهي. هن ۾ ٻيو ڪوبه ساهوارو دائمي رهائش نٿو ڪري سگهي، سواءِ جهنگلي گڏهن (گورخرن) جي، جي رڻ جي ٻيٽن ۾ گاهه جي ڳولا لاءِ ڦرندا رهندا آهن. ڪن ٻيٽن ۾ کارو پاڻي پڻ آهي[7].[4]. هاڻي رڻ جو گهڻو ڀاڱو سُڪو پيو آهي. ڪٿي ڪٿي رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. گرمي سبب ڪٿي ڪٿي پوٺو تپندو آهي ته پريان پاڻيءَ جي ڏيکاري پيو ڏيندو اهي ۽ ويچارا هرڻ پاڻيءَ جي آسري تي ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کانسواءِ ٻيو ماڻهو به سچ پچ پاڻي سمجهندو. ننڍڙو پٿر به پري کان جبل جي ڏيکاري پيو ڏيندو آهي.[4]. ٿر ۽ ڪڇ جي آمدرفت اُٺن رستي انهيءَ رڻ مان ٿيندي آهي، پر برسات پوڻ وقت رڻ ۾ پاڻي بيهندو آهي، جو بعضي ڪن هنڌن تي 4-5 فوٽ يا وڌيڪ اونهو به بيهندو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي گرڻيون يعني ڌٻڻيون به آهن، جن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا وهٽ اٽڪيو ته نڪرڻ ئي مشڪل! جيئن جيئن نڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، تيئن تيئن ويندو وڌيڪ ڦاسندو، تنهنڪري برساتي موسم چوماسو ۾ رڻ جي مسافري تڪليف واري آهي. ڪٿي ڪو واريءَ جو دڙو آهي، جتي ننڍن ٻوٽن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿئي. اهڙن هنڌن تي مسافر ساهي پٽي اُٺن کي چارو وغيره ڏيندا آهن.[4].

تاريخ

[سنواريو]

ڪيترين ئي روايتن موجب راجپوتانا، ٿر ۽ ڪڇ جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا. جتي هينئر سُڪي آهي اُتي ڪو وقت اڳي پاڻيءَ جون لهرون پئي لڳيون پوءِ زلزلي سبب يا ٻي ڪنهن خدائي قدرت سبب زمين مٿي چڙهي آئي، جنهنڪري سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ سُڪيءَ جا ڀاڱا ظاهر ٿي بيٺا، پر ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي ۽ اهو عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ ان وقت سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي پنجاب مان نڪري امرڪوٽ جي اڀرندي پاسي کان لنگهي ننگرپارڪر وٽان وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.[4]. مطلب ته ڪنهن وقت ڪڇ جي رڻ ڏي سمنڊ جو منهن هو ته ڪنهن وقت مٺي درياءُ جو.تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي سن کان سواءِ ٽي سئو ورهيه اڳي جڏهين سڪندر اعظم سنڌ مان ٿي لنگهيو تڏهين به اُتي سمنڊ جي پاڻيءَ ڇوليون پئي هنيون [8]. ڪي صديون پوءِ به اُتي پاڻي هو[4].. 60 عيسوي ۾ يوناني سياح پيريلس اُتان لنگهيو هو، جنهن به ڪڇ جي رڻ بابت ذڪر ڪيو آهي ته اُتي پاڻي هو. الائسي ريڪلس چوي ٿو ته ”رڻ چوٿين صديءَ تائين کليل سمنڊ هو، پوءِ ڌرتيءَ جي سخت ڌوڏن سبب زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ رڻ ٺهي پيو ۽ سمنڊ هٽي ويو. ننگرپارڪر جي اتر- اڀرندي ۾ جو ويرانو آهي، سو دراصل سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز هو“.[4] [9] سن 1024ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ جي مندر تي ڪاهه ڪرڻ بعد ڪڇ جي رڻ مان ٿي موٽيو، ته جنهن تنهن پئي ڊپ ڏنس ته هتي جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. شايد سگهوئي پوءِ پاڻي ڪو سڪو آهي جو سن 1360ع ۾ سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ڪيتريون ئي راتيون رڻ ۾ گهاريون. پر اُن وقت هتي جي پاڻيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. فقط ڪن خاص ٽڪرن ۾ پاڻي هو[4].[10] .

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ”ٽاڊ راجستان“، گجراتي، جلد پهريون، ڇپيل سستو ساهتيه پستڪاليه احمد اباد، سنبت 1982ع.
  3. ”سنڌ جي تاريخ“، مرزا قليچ بيگ، سنڌي ايڊيسن سال 1903ع.
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 4.8 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. ”جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ واليوم VIII نمبر2، جون 1947ع، صفحو 88.
  6. ”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو 148-149.
  7. ”امپيريئل گزيٽيئر“ جلد چوٿون، صفحو 59.
  8. ”ٽاڊ راجستان“، انگريزي، جلد پهريون، صفحو 13
  9. ”دي ارٿ ائنڊ اٽس انهابيٽئنٽس آريونيورسل جاگرافي“، جلد پنجون، صفحو 142
  10. ”تاريخ فيروز شاهي“، بحواله هسٽري آف انڊيا، سرايلئٽ، جلد ٽيون