سنڌي ادب

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

سنڌي ادب جي شروعات ۽ ارتقاء بابت عالمن ۾ ڪجهه اختلاف آهن. ڪجهه عالمن جي اها راءِ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات عربن جي دؤر ۾ ٿي، پر ڪجهه عالمن جو اهو چوڻ آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جي دؤر ۾ ٿي

سنڌي ادب
"اره بره ڪنڪره، ڪرڪري مندرا"

يا ڪن روايتن موجب اهو جملو هيئن آهي؛

"اره اصره ڪڪرا. ڪي ڪره مندره"

هن جملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيى بن برمڪيءَ جي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهي جملي جي معنى هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. "جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي".

هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن افريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيو هيو.

بحر حال جيڪڌهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏهن هن دؤر کي "سنڌي ادب جو دؤر" نٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دؤر" به سڏيو وڃي ٿي سومرن جي دؤر1050 کان 1350 تائين ۾ ٿي .[1]سومرن جي حڪومت کان اڳ سنڌه ۾ عربي ٻولي رائج هوي.سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ پهرين صنف مقامي جنگ نامن، رزميا داستان، عشقيا داستانن جي عام قصن سان ٿي.

سومرن جو دؤر[سنواريو]

سومرن جي دؤر ۾ پهريون قصو سسئي پنهون جو داستان آهي جيڪو سومرن جي دور سان لاڳاپو رکي ٿو سومرن جي دؤر جو پهريون جنگي داستان دودو چنيسر آهي. هن دور جو پهريون شاعر پير صدرالدين شاه هيو ء صنف گنان کان هوي.

سمن جو دؤر[سنواريو]

سمن جي دور جي حڪومت 1350 کان 1520ع تائين هوي سمن جي دور ۾ شيخ حماد،اسحاق آهنگر،مخدوم احمد ڀٽي،قاضي قاضن،عيسي لنگوٽي،شيخ لاڏ جيو شاعر هئا.سمن جي دور ۾ سنڌي شاعري جي صنف ڳاهن ء عشقيه داستان جي شروعات ٿي.سمن جي دور جو مشهور شاعر قاضي قاضن هيو هن دور جي شاعرن جو ذڪر ڪتاب تحفته الڪرام ۾ ملي ٿو سمن جي دور جو عشقيه قصو نوري ڄام تماچي جي داستان آهي.[2]

ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن جو دؤر[سنواريو]

ڪلهوڙن جو دؤر[سنواريو]

ٽالپرن جو دؤر[سنواريو]

انگريزن جو دؤر[سنواريو]

هاڻوڪو دؤر[سنواريو]

مددي ڪتاب ۽ حوال[سنواريو]

  • سنڌي ادب جو مختصر جائزو

اسان وٽ سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ڳالھ اڃا تائين نه سمجهي وئي آهي, نه سمجهائي وئي آهي. ان ڳالهه کي جيڪڏهن سنڌي اديب ۽ شاعر سمجهي وڃي ته هوندَ گهڻا ادبي مسئلا به حل ٿي وڃن ته گهڻا مونجهارا به حل ٿي وڃن ۽ کوڙ سارا اسان جا نقاد ۽ محقق سمجهيا ويندڙ يا پاڻ کي پيش ڪندڙ به هوندَ وائکا ٿي پون. اها مام سمجهڻ ۽ سمجهائڻ توڙي سلجهائڻ لاءِ اسان جي عام ۽ خاص ۽ سنڌي اديب ۽ شاعر کي هي درجا بندي (Classification) ذهن ۾ رکڻ کپي. جهڙي نموني ادب جا ٻه بنيادي ماڌيم (Medium) ٿين ٿا.

  • 1. نثر (Prose)
  • 2. شاعري (Poem)

بلڪل ساڳي نموني ادب جا بنيادر طور تي پنج 5 معياري (Qualitative) درجا (Stages) ٿين ٿا.

  • 1. تخليق/تصنيف (Creation)
  • 2. تنقيد يا ٽيڪاٽپڻي (Criticism)
  • 3. تحقيق (Research)
  • 4. ترجمو (Translation)
  • 5. تاليف/تدوين/ترتيب (Compilation)

تاليف تدوين ۽ ترتيب ايئن سمجهو ته 5 نمبر معيار جون وري 3 شاخون آهن، جن ۾ تدوين پهرين نمبر تي آهي، تاليف ٻئي نمبر تي ۽ ترتيب آخر ۾ اچي ٿي. هي آهن ادب جا اهي بنيادي پنج درجا ۽ معيارَ جن موجب اسان ڪنهن به لکڻي کي پرکي سگهون ٿا ته آخر اها لکڻي ڪهڙي درجي ۽ معيار جي لکڻي آهي ۽ اها ڪٿي پوري (Fit) ٿئي ٿي. دنيا جي ڪنهن به ادب ۾ ترتيب وار انهن پنجن درجن تحت ڪنهن به لکڻي جي ڪٿ ماپ ٿيڻ کپي ۽ ٿئي پئي يعني سڀ کان مٿانهين ادب جي صورت ۽ معيار:

  • 1. تخليق يا تصنيف ئي آهي.
  • 2. ٻي نمبر تي اهميت تنقيد جي آهي.
  • 3. نمبر تي اهميت تحقيق جي آهي.
  • 4. نمبرتي اهميت ترجمي جي آهي.

جڏھن ته سڀ کان آخري ليول تي:

  • 5. نمبر تي اهميت ترتيب / تاليف / تدوين جي آهي.

ادب ۾ ترتيب ،تاليف يا تدوين کي سڀ کان گهٽ يا ننڍي ۽ هيٺين درجي تي اهميت حاصل آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليقي انداز ۾ پوسٽ ماڊرن ازم تي ڪابه پنهنجي اصلوڪي تخليق يا لکت آهي ڪانه. اهو ئي سبب آهي جو تاليفي نوعيت جو ڪم ڪرڻ وارا به اسان جا دوست عالم بڻيا ويٺا آهن. اھڙي تاليف جو ڪم ته بيڪن هائوس يا سٽي اسڪول ۾ پڙھندڙ ڪوبه اٺين ڪلاس يا ميٽرڪ ڪلاس جو ذهين ٻار به ڪري سگهي ٿو. اوهان سنڌي ادب جي تاريخ تي يا فلسفي جي تاريخ تي يا ڪنهن به موضوع تي ان ٻار کي ساڳي موضوع تي اڳ ئي ڇپيل ڏھ ڪتاب انگريزي جا، ڏھ ڪتاب اردو يا سنڌي جا ڏيو. اهو ٻار انهن 20 ويهن ڪتابن منجهان ايڪويهون 21 ڪتاب اوهان کي تيار ڪري ڏيندو. ان ۾ ڪمال ڪهڙو آهي؟ اسان وٽ ته اهو ظلم به ڪڏھن ڪنهن کي نظر نه آيو آهي ته اردو شاعري مان ڪيئن خيالن جا خيال،زمين جي زمين ۽ ترڪيب ۽ ساڳي نوعيت کي سنڌي جو ويس پهرائي ڪافي شاعر وڏا شاعر پيا سڏجن جن جي شاعري گلزار،احمد فراز ۽ پروين شاڪر سميت ڪيترن ئي اردو شاعرن جو چرٻو هوندي آهي. [3] [4]


سنڌي ڪهاڻيون

سنڌي شاعري

سنڌي مضمون

سنڌي پهاڪا

سنڌي ڪتاب


حوالا[سنواريو]



Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔