ڄام نظام الدين سمو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڄام نظام الدين ٻيون
(ڄام نندو)
مڪليءَ ۾ ڄام نظام الدين جو مقبرو
Tomb of Jam Nizam al-Din, Makli.JPG
سنڌ جو سلطان
سن 29 ڊسمبر1461 کان 1508 تائين
پيشرو ڄام سنجر
جانشين ڄام فيروز
نسل ڄام فيروز ۽ صلاح الدين
مڪمل نالو
ڄام نظام الدين نندو
خاندان سمو
شاھي خاندان سمن جي بادشاھي
پيدائش 1439
وفات 1508
تدفين مڪلي جو قبرستان
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام نظام الدين سمو انگريزي (Jam Nizamuddin Samo) سنڌ ۾ سمن جو راڄ جو آخري حاڪم جنھن کي سنڌ جا ماڻهو قرب ۽ محبت منجهان ڄام نندو سڏيندا هئا. ڄام نظام الدين سمن جي دور جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25 ربيع الاول 866هه/ 29 ڊسمبر 1461ع کان 914 هه/ 1508ع تائين نه رڳو ملڪ سنڌ تي فرمانروائي ڪئي، بلڪ ماڻهن جي دلين تي به راڄ ڪيو.[1]

ڪردار[سنواريو]

ڄام نندو گفتار جو سچو، سٺو منتظم، جري ۽ خوش مزاج سلطان هو. جاھ ۽ جلال، شان ۽ شوڪت ۾ سندس ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي صاحبي سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن امان هو، خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو، سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا، سڄو ملڪ ريان کيان هو، دينداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻئي گڏوگڏ هيون، ديني ۽ دنيوي علمن جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ انتهائي عروج تي هئي. مدرسا ۽ خانقاهون آباد، رعيت، امير، وزير ۽ سپاهي سڀ آرام ۽ آسائش ۾ هئا. جيسين پاڻ زنده هو، تيسين ڪنهن به ڌارئي کي همت ڪانه ٿي، جو سنڌ ڏانهن اک کڻي نهاري. ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقويٰ جا ڪيئي قصا مشهور آهن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترا مثال محفوظ آهن. تاريخ ۾ اچي ٿو ته قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي ان ڪري پڙهائي، جو هو سموري زندگي باوضو رهندو هو ۽ ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين. ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون. انهيءَ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق پير مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام نندي ئي پڙهائي. مشهور آهي ته جڏهن هو گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ ويندو هو ته انهن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو: خدا اهو ڏينهن نه آڻي، جو سواءِ ڪنهن سبب جي، آءٌ اوهان تي سواري ڪريان! دعا آهي ته ڪنهن بيگناهه جو خون منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نه وهي. آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل شرمندو نه ٿيان! ڄام نظام الدين سمي جي هيٺينءَ رباعيءَ مان به سندس سيرت ۽ ڪردار تي روشني پوي ٿي[1]:
اي آنـڪ ترا نظام الــــــدين مــــــي خوانـند،
تو مفتخري ڪه مرا چـُنيــن مـــي خوانـند،
گـر در رهِ ديـــــن از تـــــــو خـــــطائي رفــته،
شڪ نيست ڪه ترا ڪافر لعين مي خوانند.

نيڪ نامي[سنواريو]

سڀني مؤرخن، سنڌ جي هن نيڪ نام سلطان جي ساراھ ڪئي آهي ۽ سندس دؤر کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽ اخلاق، نيڪي ۽ ديني بلنديءَ جو دؤر ليکيو آهي. ’ماثر رحيميءَ‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”درميان سلاطين سنده چه ڪه درميان سلاطين هندوستان بفضيلت و حالت او نبوده.“ (سنڌ ڇا، بلڪ سموري هندستان ۾ هن جهڙو ديندار، متقي ۽ صاحب فضيلت بادشاهه ڪونه ٿيو.) مغل دؤر جي هن مؤرخ جو اهو قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي. ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: ”سندس دؤر ۾ عالم صالح، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش و خرم، ۽ رعيت خواهه سپاهي فارغ البال ۽ آسوده حال هئا.“

  • تحفته الڪرام، ’مقالات الشعراء‘، ’حديقـﺒ الاولياء‘، ’تحـفـﺒ الطاهـريـن‘، ’مڪلي نامه‘ ۽ ٻين تذڪرن توڙي تاريخن ۾ اسان کي اُڪيچار سنڌي عالمن، بزرگن، مشائخن، محدثن ۽ شاعرن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن هن سلطان جي دور ۾ سنڌ اندر، اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽ دنيوي علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون، اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراغت ۽ خوشحاليءَ جون خبرون جڏهن ڏورانهن ڏيهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر جي مشاهيرن به قطار در قطار هن طرف رُخ رکيو. سلطان نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ايران، خراسان ۽ ماوراءِ النهر مان ايڏيءَ ڪثرت سان عالم، فاضل ۽ شاعر اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڄام نندي کي ننگر ٺٽي ۾ الڳ محلا مخصوص ڪرڻا پيا. چون ٿا ته حافظ شيرازي پڻ سنڌ اچڻ جو سوچيو هو، پر حالتن سبب نه اچي سگهيو. وچ ايشيا ۾ اهو زمانو سخت بدامنيءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ جو هو.[1]

هڪ سونهري دور[سنواريو]

ڄام نندي ۽ ڄام فيروز جي دؤر جا سڪا

هن دور ۾ سنڌ ۾ ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پهتا، جن جو اچڻ سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ نعمت هو. مثلاً: مولانا عبدالعزير (اُبهري) ۽ پٽس مولانا اثيرالدين پـنهـنجـي سـمـوري خـانـدان سـميـت هـتي پهتا، علم جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، انهن علم جي طالبن جي آس ۽ پياس پوري ڪئي. عـلامه جـلال الـديـن دوانـي (الـمتوفـي 908 هـه/ 1502ع) سـنـڌ ۾ اچـڻ لاءِ تيـار ٿيو. ڄام نندي راهه خرچ به ڏانهس موڪليو، پر افسوس ته خرچ پهچڻ کان اڳ مولانا لاڏاڻو ڪري ويو. علامه دوانيءَ جا ٻه جَيَد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين ٺٽي ۾ آيا، جن هتي رهي ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بـهـرو ورتو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن نيڪ نـام سـلـطان ڄــام سمـي جي دؤر ۾ڪيترن بيروني عالمن هتي پناهگزين ٿي، شاهي سرپرستيءَ هيٺ، سنڌ کي علمي فائدو رسايو.[1]. جنهن سمي سلطان ڄام نظام الدين سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو هو، ان وقت سندس ملڪ جي آس پاس هن ريت حڪمراني ۽ حڪومت جو سلسلو موجود هو: اوڀر ۾ گجرات تي محمود بيگڙو (1458-1511ع)، اتر ۾ ملتان تي حسين لانگاه (1460-1502ع)، دهلي سلطنت تي بهلول لوڌي (1451-1489ع)، ڪشمير تي سلطان زين العابدين (1420-1470ع) ۽ ماروار جوڌپور تي راجا جوڌ (1438-1488ع) – آزادي، اطمينان، خودسري ۽ وقار سان حڪومت ڪري رهيا هئا. ننڍي کنڊ کان ٻاهر ڪابل، قنڌار ۽ هرات تي سلطان حسين مرزا بايقرا (1458-1506ع) پوري آب تاب ۽ حشمت سان بادشاهي ڪري رهيو هو. ڄام نندي جي دور ۾ حسين مرزا سنڌ تي حملو ڪرايو، جنهن کي ڄامن زبردست شڪست ڏني.[2]

انتظامي ۽ فوجي استحڪام[سنواريو]

ڄام نندي جي دؤر جا سڪا

ڄام نظام الدين حڪومت جي انتظام ۾ مناسب سڌارا آندا ۽ چند لائق وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. اهڙن ناليرن اميرن ۾ دريا خان جو نالو عالم آشڪار آهي. سنڌ جون مقامي تاريخون ۽ تذڪرا ڄام نندي جي دور ۾ ڪنهن به لڙائي ۽ جنگ جو اطلاع ڏيڻ کان قاصر آهن، تاهم سنڌ کان ٻاهر لکيل ڪتابن هن دور ۾ ڪجهه ڇڪتاڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. سلطان محمود بيگڙو گجرات جو بادشاهه سال 1471ع ۾ چمپانير ويندي پارڪر پهتو. کيس هتان جي مسلم ۽ هندو قبيلن ۾ ٽڪراءَ جو اطلاع ڏنو ويو. سلطان محمود کي پارڪر ۾ چوويهه هزارن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو پيو. مقامي لشڪر ۾ ڪلهوڙا، سومرا ۽ سوڍا شامل هئا. محمود بيگڙي هر طرح سان ويڙهه کان پاسو ڪيو ۽ آخرڪار ٻنهي ڌرين ۾ ٺاه ٿيو. سلطان کي هي معلوم ڪري تعجب ٿيو ته ٿر ۽ پارڪر جا ماڻهو مسلمان هوندي به اسلامي ريتن ۽ رسمن کان اڻ واقف هئا. بادشاهه جي آڇ تي هتان جي اڪثر قبيلن، گجرات جي شهر سورٺ تي لڏپلاڻ ڪئي، جتي سندن تعليم ۽ تربيت جو مناسب بندوبست ڪيو ويو.[3] ڪڇ جي ڪناري سان سال 1472ع ۾ سنڌي قبيلن جي هڪ بغاوت جو اطلاع ملي ٿو، جنهن ۾ چاليهه هزار فردن حصو ورتو هو. ان وقت گجرات جو سلطان محمود بيگڙو ڪڇ ۾ موجود هو. کيس جڏهن سنڌ ۾ ان شورش جي خبر پهتي، تڏهن پاڻ هڪ وڏو لشڪر ڄام جي مدد لاءِ موڪليائين. سنڌي ۽ گجراتي فوج بگڙيل صورتحال کي ضابطي ۾ آندو. ڄام نندي اهڙي مدد لاءِ بيگڙي جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي نياڻي گجرات موڪلي ڏني، جنهن جو نڪاح خانديش جي شهزادي قيصر خان سان ٿيو. [4] ڄام هندي ذخيرن موجب محمود بيگڙو سنڌي حاڪم ڄام نندي جو ڏوهٽو هو. ان ڪري ان صاحب هر موقعي تي سنڌين جي مدد ڪئي. اصل ۾ هي بادشاه ڄام تغلق جو ڏوهٽو هو.[2] ڄام نندي جي دور ۾ هرات تي سلطان حسين بايقرا جو حڪم هلندو هو. سلطان حسين جي فوج سنڌ جي سرحدي شهر ”سبي“ تي ڪاه ڪئي. هن شهر تي امير بهادر ڄام جو نائب هو. منگولن جي موت مار حملي ۾ سنڌي فوج شڪست کاڌي ۽ شهر تي هراتين قبضو ڪيو. هي واقعو سن1485ع ۾ ٿي گذريو. هتي محمد ارغون (ڀاءُ شاه بيگ ارغون) کي عملدار مقرر ڪيو ويو. سوڀ جي نشي ۽ طاقت جي غرور ۾ منگولن هن واقعي بابت هڪ اعلان جاري ڪيو، جنهن ۾ حملي کي جائز قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي فتح جو اظهار هن ريت ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون:

”صبح تائين ٻئي فوجون منهن مقابل اچي ٿيون. اسلامي فوج انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح عظيم حاصل ٿي.“ [5]

منگولن عارضي سوڀ جي نشي ۾ پنهنجي پڌرنامي ۾ مسلمانن (سنڌين) کي به هندو سڏيو. هوڏي ڄام نندي هميشه مسلمانن تي ڪاهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ليڪن جڏهن هيءَ صورتحال پيدا ٿي، تڏهن دريا خان ڪثير لشڪر سان سنڌ جي اترين سرحد ڏي روانو ٿيو. سال 1490ع ۾ ارغونن ۽ دريا خان ۾ معرڪا ٿيا، جن ۾ سلطان محمد مارجي ويو. ان ريت سنڌ جو وڃايل علائقو واپس ورتو ويو. اهل سنڌ جي هن فتح جي نشاندهي مڪلي ٽڪر تي دريا خان جي مزار تي لڳل ڪتبن ذريعي ٿي آهي. جيسين ڄام نندو زنده هو، منگولن سندس ملڪ تي وري حملو نه ڪيو.[6] سن1500ع ۾ ميران محمد جونپوري ننگر ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڏيڍ سال جو عرصو هت رهي پنهنجي خيالن جي تبليغ ڪئي. ٻين بزرگن کان علاوه دريا خان ۽ قاضي قادن به سندس حلقي ۾ داخل ٿيا. بعد ۾ ڄام جي هدايتن تي کيس ملڪ بدر ڪيو ويو. سن1505ع ۾ سلطان محمود بيگڙو ننگر پارڪر ۾ ڏسجي ٿو. هتي سوڍن قبيلن ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي هئي، جنهن کي بيگڙي حرفت ۽ حيلي سان ضابطي ۾ آندو. روايتن موجب هن دور ۾ ڀوڏيسر ۾ هڪ مسجد تعمير ٿي، جنهن لاءِ گجراتي سلطان رقم مهيا ڪئي هئي. سمن جي سلطنت سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ پنهنجي اوج کي پهتي. جيتوڻيڪ ڄام نندو اڃا زنده هو. تاهم هندي سمنڊ کان ڪري هرات، سمرقند ۽ ايران تائين تبديلين ۽ انقلابن جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا. گجرات جي سامونڊي ڪنارن تي پورچوگيز پهچي چڪا هئا. انهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ گجراتين، مصرين ۽ ترڪين گڏجي محاذ آرائي ڪئي. ليڪن هزارين مسلم سپاهي، چند سؤ يورپي ملاحن هٿان شڪست کائي ويا. امڪان آهي ته سنڌي فوج پڻ انهن لڙائين ۾ حصو ورتو هوندو. روايتن موجب بلوچستان ۾ هن دور ۾ ئي لاشارين ۽ رندن جي ٽيهه ساله گهرو لڙائي شروع ٿي. هن ويڙهه ۾ وڏي خونريزي ٿي ۽ آخرڪار لاشارين سنڌ ۾ اچي پناه ورتي. هڪ راءِ هيءَ به آهي ته ڄام نندي هن خانه جنگيءَ ۾ لاشارين جي مدد ڪئي هئي. جڏهن ته ارغونن وري رندن جي مدد ڪئي هئي[7]ڄام اولهه ۽ وچ ايشيا ۾ مختلف منگول قبيلا پاڻ ۾ لڙندا رهيا، جنهن سبب سمرقند، هرات، ڪابل ۽ قنڌار ۾ بي آرامي ۽ بربريت جاري رهي. جيئن ته ڄام نندي اڌ صدي سنڌ تي پوري عزم ۽ استقلال سان حڪومت ڪئي هئي، ان ڪري سندس دور ۾ سمن جي سلطنت پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي. ڪڇ کان سبي ۽ بندر لاهريءَ کان اچ تائين سندس حڪم هلندو هو. هن دور ۾ سنڌ جو سياسي ۽ معاشي توڙي ۽ فني اوج ڏسجي ٿي. ڄام نندي جي پنهنجي سڪي ملڻ سان هن دور جي مثالي هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش باقي نه رهي آهي. ليڪن جيئن جيئن پوڙهي ڄام نظام الدين جي عمر جو سج لهي رهيو هو، تيئن تيئن تاريخ جي يڪسوئي ۽ خوشگوار پلڪ پوري ٿي رهي هئي. سڀ کان اول ڪشمير جو سلطان زين العابدين فوت ٿيو. (1470ع) ان بعد راجا جوڌا (مرتيو:1488ع) ۽ بهلول لوڌي (وفات:1489ع) چالاڻو ڪيو. سلطان حسين لانگاه (وفات:1502ع) ۽ حسين بايقر مرزا (موت:1506ع) بعد ۾ فوت ٿيا. سال1502ع ۾ شاه اسماعيل ايران ۾ ”صفوي“ بادشاهت جو بنياد رکيو. هن واقعي مرڪزي ايشيا ۽ ايران توڙي سنڌ تائين پنهنجا اثرات ڇڏيا.[2]

عادل[سنواريو]

ڄام نظام الـدين جو اهو سلوڪ، صرف پنهنجي مذهب ۽ رعيت سان نه هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس د‍ؤر ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ مسلمان رعيت وانگر خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان پنهنجو وقت خيرخوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي دُوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪ انهيءَ قسم جو تصور به سندس زماني ۾ موجود نه هو. سلطان پنهنجي چوڌاري مجلس خواه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا. وڏو مردم شناس بادشاهه هو، تاريخ ۾ اسان کي سندس واسطيدار ماڻهن مان ڪوبه هڪ ماڻهو غلط قسم جو ڪو نه ٿو ملي. دولهه دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڏئي، معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزير اعظم جي عهدي تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. ’مبارڪ خان‘ ۽ ’خان اعظم‘ جا خاصا خطاب ڏئي، سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾ کيس پنهنجي فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين. انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي دور ۾ اسان کي ملن ٿا. مثلاً: سندس پهريون وزير دلشاد خان به شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر جي صوبي ۾ هُن جيڪي سڌارا آندا، سي تاريخ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهن. اهڙيءَ طرح ڪيئي امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم جا روشن چراغ هئا. اهو ئي سبب هو، جو سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام محڪم ۽ سموري سنڌ، جيسين جيئرو هو، تيسين خوشحال رهي. ڄام نظام الدين جو دؤر (866 هه/ 1461ع - 914هه/ 1508ع) ٻئي هڪ لحاظ سان به تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت سلطان جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ، حسن اتفاق سان، سڀئي بادشاهه هن وانگر ئي جليل القدر ۽ ناميارا هئا. تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي ڏاڍو مشڪل سان پيدا ڪندي آهي. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي. ان کان سواءِ سندن ثقافتي تعلقات به ڏاڍا گهرا هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (1458-1511ع) حڪومت ڪري رهيو هو. بهلول لوڌي، دهليءَ (1451-1489ع) جو بادشاهه هو. مانڊوي ۾ غياث الدين بن محمود خلجي (1458-1500ع) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن جو (1473- 1516ع) بادشاهه هو. ڪشمير ۾ سلطان زين العابدين (1420-1470ع) جو راڄ هو. ملتان تي سلطان حسين لانگاهه (1460-1502ع) جي حڪومت هئي. مارواڙ جوڌپور ۾ راجا جوڌا (1438- 1488ع) حڪمران هو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف هندستان ۾ اهي عظيم الشان بادشاهه هئا، ٻئي طرف سنڌ جي ٻئي پاڙيسري ملڪ خراسان تي، شاهه حسين بايقرا (1458-1506ع) جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تهذيب جي هاڪ تاريخ ۾ مثالي آهي.[1]

دولھ دريا خان[سنواريو]

هڪ روايت ۾ اهو به چيو وڃي ٿو دولھ دريا خان (Doolah Darya Khan) جو اصل نالو قبوليو (قبول محمد) هو ۽ هُو ديوان لکيدر جو غلام هو. ڄام نظام الدين کيس پٽ ڪري پاليو، تنهن ڪري هو حڪومت جي وڏن عهدن تائين پهتو ۽ مبارڪ خان جو لقب ماڻيائين. ڪن تاريخدانن کيس وزير اعظم سڏيو آهي، جڏهن ته سندس قبر جي اُڪر ۾ سندس نالي سان گڏ الخان الاعظم لکيل آهي.

ڄام نظام الدين جي مرڻ کان پوءِ جڏهن ڄام فيروز تخت تي ويٺو ته درٻارين دريا خان کي چٿڻ جا جتن شروع ڪيا. هنن ڄام فيروز جي ماءُ مدينا ماڇاڻيءَ هٿان شاھ بيگ ارغون کي نياپو موڪلرائي سنڌ گهرايو، جنهن اچي دريا خان کي قتل ڪيو. هڪ ٻي روايت موجب ڄام فيروز وٽ نوڪري ڪندڙ منگولن، شاھ بيگ ارغون کي ٺٽي تي حملو ڪرڻ لاءِ همٿايو. سندس پهريون مقابلو ٽلٽي ويجهو دريا خان جي پٽ موٽڻ خان سان ٿيو ۽ پوءِ سندس سپاهين دريا خان کي پڪڙي قتل ڪيو. ان کان اڳ دريا خان جي جاگير ڳاها تي حملي دوران ارغونن اتي ايڏي تباهي ۽ ڦرلٽ ڪئي جو مال غنيمت نه رڳو پاڻ کنيايون پر مغلن ڏانهن به سوکڙي ڪري موڪليائون. سنڌ جي هن هٿ ٺوڪيي جوڌي کي ڀلي ڪيڏا به لقب ۽ ڀيٽائون ڏجن، پر حقيقت اها آهي ته سندس زندگيءَ جي ڪا به اهڙي حاصلات ناهي، جيڪا نئين نسل کي ٻڌائي سگهجي. هو فارسي ٻوليءَ جو شيدائي هو ۽ سندس وزارت واري دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي بدران فارسي ٻولي کي سرڪاري حيثيت حاصل رهي. سمن جي داخلي اختلافن ۽ مورک پائين ڪارڻ هو بيموت مري ويو ۽ پنهنجي پٺيان سوين ورهين جي غلامي ڇڏي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ شاھ بيگ ارغون ٺٽي ۾ جيڪا ڦرمار ۽ قتلام ڪيو، تنهن جي داستانن سان تاريخ جا هزارين ورق ڀريا پيا آهن![1]

ڄام نظام الدين وفات[سنواريو]

ڄام جي وفات 1508ع ۾ ٿي. بعد ۾ سندس پٽ فيروز ۽ شهزادو صلاح الدين تخت ۽ تاج لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. ڄام صلاح الدين گجرات کان ۽ ڄام فيروز ارغونن جا ڪٽڪ قنڌار کان وٺي آيو، جنهنڪري سمن جو دور 927هه مطابق 1520ع ۾ دولهه دريا خان ۽ سندس پٽن جي شهادت کانپوءِ انت تي پهتو. نيٺ ارغونن کي موقعو مليو. هنن 927 هه مطابق 1520ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، سمن جي سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو.[1]

مقبرو[سنواريو]

ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ’مڪلي نامه‘ جي مصنف به ڪئي آهي، تعميري مهارت جو نهايت ئي نادر نمونو آهي.[1]

ڄام نظام الدين جو مقبرو

جنت السنڌ ۾ سندس تعارف[سنواريو]

سنه 896هه (1490ع) ۾ ڄام نندو (نظام الدين) گاديءَ تي ويٺو، جو نهايت ديندار حڪام ٿي گذريو آهي. ننڍي هوندي علم سان گهڻو شوق رکندو هو ۽ اڪثر ڪتبخانن ۾ وقت گذاريندو هو. نماز ۽ عبادت جو پابند هو. سندس ڏينهن ۾ مسجديون نمازين سان ڀريل رهنديون هيون. ڪجهه وقت ساموئيءَ جي رهڻ کان پوءِ بکر پهتو. اتي جي ڌاڙيل بلوچن کي سزائون ڏيئي، پنهنجي غلام دلشاد کي بکر جو ناظم مقرر ڪري ساموئيءَ پهتو. هن جي ڏينهن ۾ رعيت سک ۽ آرام سان وقت گذاريو. سياحن ۽ واپارين کي هر طرح سان سهوليتون مليل هيون. ملتان جي لانگاه سلطانن ۽ گجرات جي مظفريه سلطانن سان سندس دوستي هئي. مسلمانن سان جنگ ڪرڻ ۽ ناحق خونريزي ڪرڻ کان کيس نفرت هئي. ڄام نندو ساموئيءَ کان ٽي ميل پري هڪڙي ڪشادي ميدان ۾ ٺٽي جو پايو وڌو ۽ ان کي سنه 900هه ۾ پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو. هيءُ شهر احمد آباد وانگر، ستت علم ۽ هنر ڪري ايشيا جي صنعتي ۽ تجارتي شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ڄام نندي جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي خراسان ۽ ايران کان ڪيترا عالم ٺٽي ۾ رهڻ لڳا، جنهن ڪري هي شهر ستت ايشيا جو دارالعلوم بنجي ويو. هتي جا ماڻهو نهايت سکيا هئا، هر مهيني جي پهرئين سومار، جمعي ۽ چوڏهينءَ تاريخ شادمانا ٿيندا هئا ۽ انهن موقعن تي گهڻي خلق مڪليءَ تي وڃي گڏ ٿيندي هئي. خاص ڪري برسات جي موسم ۾ مڪليءَ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو. ڄام نندي جو وزير لڪديز، غلام دلشاد ۽ قبوليو نالي ڇوڪرو جو پنهنجي سمجهه، ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ ڪري پهريان مبارڪ خان ۽ پوءِ دريا خان جي لقب سان ممتاز ٿيو، تن تي ڄام نندي کي ايترو ڀروسو هو، جو حڪومت جي وڏن اهم مسئلن ۾ به دريا خان کان مشورو وٺندو هو. ايتري قدر جو وفات ڪرڻ وقت پنهنجي صغير پٽ فيروز ۽ ٻئي عيال جي دريا خان کي پارت ڪري ويو[8].[9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  2. 2.0 2.1 2.2 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  3. {ڪتاب:”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص163-164 سال 1967ع }
  4. {ڪتاب: ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص306-307 }
  5. {ڪتاب:مڪلي نامہ؛ از: پير حسام الدين راشدي ص183 }
  6. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص113-114 }
  7. {ڪتاب:ايم . ايڇ . صديقي ”هسٽري آف ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ص215 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال1972ع }
  8. { تحفة الڪرام: جلد-3، ذڪر ڄام نندو.}
  9. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي