اردو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اردو يا اڙدو ٻولي (اُچار: اُردُو، انگريزي: Urdu) دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا رهن ٿا.

اردو الف ب

اھميت[سنواريو]

اردو پاڪستان جي اٺ سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي آهي ۽ سڄي ملڪ جي قومي ٻولي آهي. پاڪستان ۾ اها پرائمريءَ کان سواءِ مٿين سطح تائين لازمي مضمون طور پڙهائي وڃي ٿي. مختلف يونيورسٽيون اردو ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون پڻ ڏين ٿيون. آمريڪا، يورپ جي ملڪن، چين ۽ جاپان جي يونيورسٽين ۾ پڻ هن ٻوليءَ جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ هن جي هنديءَ يا هندستانيءَ سان هڪجهڙائي ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ ڇهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. سنڌ جي ناليواري محقق ۽ تاريخدان پير سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ اردو ٻوليءَ جو مولد سنڌ کي ڄاڻايو آهي.

تاريخ[سنواريو]

اردو ٻوليءَ جي اڪثر عالمن، محققن ۽ لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اردو هڪ گاڏڙ ساڏڙ ٻولي آهي، جيڪا هندستان ۾ مسلمانن جي اچڻ کانپوءِ اتر هندستان ۾ وجود ۾ آئي ۽ ان تي دهليءَ ۽ ان جي ڀرپاسي جي ٻولين جا نمايان اثر پيا. ان هوندي به مختلف عالمن ان جي پيدائش يا وجود ۾ اچڻ واري علائقي بابت مختلف رايا ڏنا آهن. بقول مسعود حسين خان جي ته اردو، دهلي ۽ ان جي اوسي پاسي وجود ۾ آئي؛ حافظ محمود خان شيرانيءَ جي بقول اها پنجاب ۾؛ سيد سلمان ندويءَ جي مطابق واديءِ سنڌ ۾ ۽ سهيل بخاريءَ موجب اوڀر مهاراشٽر ۾ ڄائي، ساڳيءَ طرح محمد حسين آزاد وري ان کي برج ڀاشا مان نڪتل ۽ گيان چند جين ان کي ’کڙي ٻولي‘ مان ٺهيل ڄاڻائين ٿا ٻئي طرف شوڪت سبزواريءَ جو اهو نظريو آهي ته اردوءَ جو سرچشمو پالي ٻولي آهي. اهي سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته ”اردو هڪ خالص هندستاني ٻولي آهي، جنهن جو ڍانچو اتان جي ئي ٻولين جي خمير مان تيار ٿيو آهي. لفظي ذخيري ۾ هند آريائي، عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ شامل آهن“[1]

ادب[سنواريو]

قديم اردوءَ ۾ باقاعدي شاعريءَ جو آغاز قطب شاهي درٻار ۾ ٿيو. قلي قطب شاهه (988هه تا 1020هه/1580ع تا 1611ع) پهريون شاعر هو، جنهن جو ڪلام مختلف صنفن ۾ دکني اردوءَ ۾ اسان تائين پهتو آهي. مرزا غالب اردو ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، ان کانسواءِ ٻين اهم شاعرن ۾ مير تقي مير، مير درد، داغ ۽ سودا شامل آهن. نثر نگارن ۾ منشي پريم چند، ڪرشن چندر، عصمت چغتائي ۽ قرة العين حيدر وغيره نمايان آهن. پاڪستان جي موجوده سرحدن اندر ان جا وڏا شاعر ۽ اديب علامه محمد اقبال، فيض احمد فيض، جميل الدين عالي، احمد فراز ۽ پروين شاڪر چئي سگهجن ٿا. نثر نگارن ۾ احمد نديم قاسمي، سعادت حسين منٽو، جميل جالبي، فرمان فتح پوري وغيره شامل آهن.

اردو جو سنڌ ۾ قديم دور ۾ وجود[سنواريو]

قديم دور ۾ اسان کي سنڌ ۾ هڪ مقبول عام اردو شاعر جو پتو ملي ٿو. انهيءَ شاعر جو نالو مير محمد فاضل بکري هو، جيڪو ”تاريخ مِعصومي“ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ هنديءَ ۾ فصيح بليغ شعر چوندو هو، جيڪو گهڻي قدر مقبول عام هو، پر افسوس جو سندس ڪلام ڪٿي به ڪو نه مليو. تاريخ ِ ”ذخيره الخوانين“ ۾ لکيل آهي ته، ”هن اردو ٻوليءَ ۾ ڪمال درجي جي فصاحت جا شعر چيا، جيڪي تمام گهڻا مقبول هئا“.

اردو لپي[سنواريو]

اردوءَ کي نستعليق نموني تي پنهنجو رسم الخط آهي، جيڪا عربي فارسي اکرن جي مدد سان ٺاهيل آهي ۽ پنهنجي نموني جي آهي. هيءَ ٻولي هنديورپيائي، هند ايراني، هندآريائي وچين خطي جي هندستاني ٻولين مان آهي. هيءَ حرفي پدي قسم جي لپي آهي، جنهن ۾ سڀاويڪ طور ’آ‘ سر / حرف علت شامل رهي ٿو. ٻيا سر زيرن زبرن ۽ شدن مدن وسيلي ظاهر ڪبا آهن. اردو پاڪستان جي رابطي جي به ٻولي آهي، جيڪا، ايران، افغانستان، هندوستان، گهانا، آمريڪا، برطانيه وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اردو، هندي زبان سان هڪجهڙائي رکندڙ زبان آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي جا تمام گهڻا لفظ شامل آهن. هن الفابيٽ ۾ وينجنن جو تعداد 35 آهي. بلڪل فارسي خط جو ئي نمونو آهي. هن ۾ واڌو ڌوڪڻا آواز 15 عدد آهن، جن جي بنياد تي ڪي عالم سمجهن ٿا ته هيءَ اصل هند ايراني ٻولين جي نک مان نه پر شايد دراوڙي ٻولين جي خاندان مان آھي.[2]

اڙدو کي قومي ٻولي ڪرڻ جي منصوبي خلاف آغا خان جي ڪيل تقرير اڙدو ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ تي آغا خان سلطان محمد شاھ لکن مسلمانن جي روحاني رھبر ۽ تاريخ ساز شخصيت پنھنجن هنن خيالن جي اسان کي ڄاڻ ڏني آهي. پاڻ قائد اعظم محمد علي جناح جا به روحاني مرشد ھيا. معتمر عالم اسلامي جي گڏجاڻي تاريخ 9 فيبروري 1951ع تي ڪيل تقرير مان ٽُڪرو ھيٺ ڏجي ٿو: ”قومي زبان بڻائڻ لاءِ توھان جو اڙدو وارو خيال توھان کي ڏاکڻي پاڙيسري ملڪ سان ڪنھن به طرح نه ڳنڍيندو. اوھان ڀلي عربي فارسي اکر اڙدو ۾ ملايو ۽ پر اڙدو جي اصل ترڪيب، نمونو ۽ پاڙون ھنديءَ مان نڪتل آھن. ڇا اڙدو، ھندوستان ۾ مسلمانن جي اوج وارن ڏينھن ۾ مسلمانن جي زبان ھئي؟ مغلن جي شھنشاھيت ۾ ھيءَ ٻولي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو ڪونه ڳالھائيندا ھئا. منھنجي ھر ڪنھن کي دعوت آھي ته ڪو مون کي شھنشاھ اورنگزيب، شاھجھان، جھانگير، اڪبر، ھمايون يا بابر جو اڙدوءَ ۾ لکيل خط يا تحرير جو ڪو نمونو پيش ڪري سگھي. مان اورنگزيب جون ڪيتريون لکتون پڙھيون آھن، اھي فارسيءَ ۾ لکيل آھن. تاج محل کي ڏسو، شھنشاھ ۽ راڻي جي مقبري تي ڇا لکيل آھي ۽ ڪھڙي ٻولي لکيل آھي. اسان کي اکيون کولي تاريخي حقيقتون ڏسڻ کپن. اڙدو ھندوستان جي مسلمانن جي ٻولي ان وقت ٿي، جڏھن انھن جو زوال آيو. ھيءَ زبان زوال جي زبان آھي. ھن جا شاعر پڻ زوال جي دور جي پيدائش آھن. اڙدوءَ جا ليکڪ هارايل ۽ ڏتڙيل دور جي پيدائش آھن.“ [3]


حوالا[سنواريو]

  1. (مقالو: پروفيسر مرزا خليل احمد بيگ بحواله ”اردو زبان اور اردو رسم الخط، مرتب: پروفيسر فتح محمد ملک، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد 2008ع).
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  3. معتمر عالم اسلامي جي گڏجاڻي تاريخ 9 فيبروري 1951ع