حيدرآباد ضلعو، سنڌ
ڏيک
(حيدرآباد ضلعو، پاڪستان کان چوريل)
حيدرآباد ضلعو | |
---|---|
ضلعو | |
حيدرآباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | حيدرآباد ڊويزن |
تعلقا | *حيدرآباد ٻهراڙي |
ضلعي صدر مقام | حيدرآباد شھر |
پکيڙ | |
• ڪل | 6,726 ڪ.م2 (2,597 ميل2) |
آبادي | |
• ڪل | 43,39,445 |
حيدرآباد ضلعو (حَيدَرآباد ضِلعو، اردو: ضلع حیدرآباد، انگريزي: Hyderabad District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد شهر آهي. ھن ضلعي جون حدون مٽياري ضلعو، ٽنڊو محمد خان ضلعو، ٽنڊو الهيار ضلعو، بدين ضلعو، ٺٽو ضلعو ۽ ڄامشورو ضلعو سان ملن ٿيون. ھي ضلعو چئن تعلقن ۽ 53 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي [1] تعلقن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
- حيدرآباد شهر، جنهن ۾ حيدرآباد پراڻو شهر شامل آهي.
- لطيف آباد جيڪو 12 يونٽن م ورھايل آھي. ان جو اصل نالو شاھ لطيف آباد آھي.
- قاسم آباد ھن تعلقي کي ممتاز علي ڀٽو واري سنڌ جي نگران حڪومت لطيف آباد مان ڌار ڪري ٺاھيو .
- حيدرآباد تعلقو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ڀرپاسي جا ننڍا شھر ۽ ٻهراڙي شامل آهي.
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]حيدرآباد ضلعي ۾ چار تعلقا آهن ۽ ڪل يونين ڪاؤنسلون 52 آهن جن مان تعلقي سٽي ۾ 20 ، تعلقي ٻھراڙي ۾ 11 ، تعلقي قاسم آباد ۾ 4 ۽ تعلقي لطيف آباد ۾ 17 يونين ڪاؤنسلون آھن.
مذهب
[سنواريو]- اسلام: 95.70 سيڪڙو
- هندومت: 2.14 سيڪڙو
- عيسائيت: 2.05 سيڪڙو
- ٻيا: 0.10 سيڪڙو
مقبرہ
[سنواريو]حيدرآباد ضلعي ۾ هيٺيان مشهور مقبرا ۽ مزار آهن.
- سيد عبدالوهاب شاه جيلاني، حيدرآباد
- مفتي محمود الوري نقشبندي مجددي، ڄامشورو روڊ، ويجهو راجپوتانه اسپتال، حيدرآباد
- سيد عبدالقادر نقشبندي، هالا روڊ، ويجهو چينل، حيدرآباد
- سيد مراد شاه، ٽنڊو قيصر
- سيد غلام مصطفي شاھ ، باء پاس اسپورٽس سٽي جي سامھون
ٻوليون
[سنواريو]- سنڌي: 67.00 سيڪڙو
- اردو: 24.60 سيڪڙو
- پنجابي: 3.02 سيڪڙو
- پشتو: 2.18 سيڪڙو
- بلوچي: 1.20 سيڪڙو
- سرائيڪي: 0.96 سيڪڙو
- ٻيون ٻوليون: 1.04 سيڪڙو
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-12-18