هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.

پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پاکستان کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مڪانيت: 30°N 70°E / 30°N 70°E / 30; 70

اسلامي جمھوريه پاڪستان

اسلامی جمہوریہ پاكستان (Urdu)
Islāmī Jumhūriyah Pākistān[1]
Flag of پاڪستان
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
شُعار: 'ايمان، اتحاد، نظم
"Faith, Unity, Discipline"[2]
پاڪستاني اختيار وارو علائقو چٽي سائي رنگ سان ڏيکاريل ۽ اختيار کان ٻاهر علائقو ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل
پاڪستاني اختيار وارو علائقو چٽي سائي رنگ سان ڏيکاريل ۽ اختيار کان ٻاهر علائقو ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل
گادي جو هنڌ اسلام آباد
33°40′N 73°10′E / 33.667°N 73.167°E / 33.667; 73.167
سڀ کان وڏو شهر ڪراچي
24°51′36″N 67°00′36″E / 24.86000°N 67.01000°E / 24.86000; 67.01000
دفتري ٻوليون اردو[3][4][5][6][7]
انگريزي
تسلیم ٿيل قومي ٻولي اردو
مقامي ٻوليون پنجابي، سنڌي، پشتو، سرائڪي, بلوچي، ڪشميري، براھوي، شينا، بلتي، کووار، بروشسڪي، يدغه، داميلي، ڪيلاشه، گوار-باتي، ڊوماڪي[8]
نسلي گروھ (2016) 44.68% پنجابي
15.42% پختون
14.1% سنڌي
8.38% سرائڪي
7.57% اردو ڳالهائيندڙ سنڌي
3.57% بلوچ<1.85 %سانچو:هندو br/>6.28% ٻيا[9]
مذهب 96.4% اسلام (سرڪاري)
3.6% ۽ ٻيا[9]
مقامي آبادي پاڪستاني
حڪومت وفاقي پارليامينٽري آئيني جمھوريت
• صدر
عارف علوي
عمران خان
صادق سنجراڻي
اسد قیصر
جسٽس گلزار احمد
مقننه مجلس شورہ
سينيٽ
قومي اسيمبلي
آزادي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
29 ڊسمبر 1930ع
28 جنوري 1933ع
23 مارچ 1940
14 آگسٽ 1947ع
• ريپبلڪ جو قيام
23 مارچ 1956ع
پکيڙ
• جملي
881٬913 km2 (340٬509 sq mi)[lower-alpha 1][12] (33ھون)
• پاڻي (%)
2.86
آبادي
• 2016 اندازو
201,995,540[9] (6ھون)
•  گھاٽائي
244.4 /km2 (633.0 /sq mi) (56ھون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$984.205 ارب ڊالر[13] (25ھون)
• في سيڪڙو
$5,084[13] (137ھون)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2015 لڳ ڀڳ
• ڪل
$270.961 ارب ڊالر [13] (43ھون)

اسلامي جمھوريه پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا جي ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۾ انڊيا، ڏکڻ اولھ ايران، اتر اولھ ۾ افغانستان ۽ اتر اوڀر ۾ چين سان ملن ٿيون. ان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهي. پاڪستان جي آبادي 207770000 آھي. اھو آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ ۽ اسلامي ملڪن ۾ انڊونيشيا کان پوء ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت 880٬940 km2 (340٬130 sq mi) آھي. پکيڙ م ھي ملڪ دنيا جو 34ھون وڏو ملڪ آهي. دنيا ۾ ستين وڏي فوج پاڪستان وٽ آهي. پاڪستان جي گادي جو هنڌ 1960ع تائين ڪراچي ھيو جنھن بعد نئون شھر اسلام آباد ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. پاڪستان جي آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شھر ڪراچي ۽ ٻئين نمبر تي لاھور آھي. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو. 23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان ريپبلڪ بڻيو ۽ کيس اسلامي جمھوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ڪشمير ھڪ تڪراري علائقو آهي جنھن تي ٻنھي ملڪن وچ ۾ جنگون پڻ لڳي چڪيون آهن.

پاڪستان جا قومي اھڃاڻ (سرڪاري)
قومي جانور مارخور Markhor.jpg
قومي پکي چڪور Keklik.jpg
قومي وڻ سيڊرس ديودارا Pedrengo cedro nel parco Frizzoni.jpg
قومي گل گل ياسمين Jasminum officinale.JPG
قومي ورثي وارو رياستي جانور برفاني چيتو Snow Leopard 13.jpg
قومي ورثي وارو رياستي پکي شاھين باز Vándorsólyom.JPG
پاڻي وارو قومي جانور سنڌوندي واري ڊالفن Platanista gangetica.jpg
قومي ريڙهيون پائيندڙ جاندار سنڌوندي جو واڳون Persiancrocodile.jpg
قومي مڇي سونھري مھسير Mahasher.JPG
قومي خشڪي۽ ہاڻي وارو جانور سنڌو ماٿري وارو ڏيڏر Bufo stomaticus04.jpg
قومي پوپٽ ھندي واڱڻائي شھنشاھ VB 023 Indian Purple Emperor.jpg
قومي ميوو انب Chaunsa.JPG
قومي پوک ڪمند Shentu - rural landscape east of Shanwei cun - P1260072.JPG
قومي مشروب ڪمند جي رس Sugarcanejuice.jpg
قومي ڀاڄي ڀينڊي Bucket of raw okra pods.jpg
قومي طعام پاڪستاني برياني (وڏي گوشت واري) Bukhari Rice ارز بخاري بالدجاج.JPG
قومي راند ھاڪي (ميداني) HOCKEY ARGENTINA PAKISTAN.jpg
قومي لباس سلوار قميص Zainab Chottani with her show stoppers.jpg
قومي مسجد فيصل مسجد، اسلام آباد Shah Faisal Mosque (Islamabad, Pakistan).jpg
قومي مقبرو مزار قائد، ڪراچي Mazar-E-Quaid.jpg
قومي ندي سنڌوندي Indus river from karakouram highway.jpg
قومي جبل ڪي 2 K2, Mount Godwin Austen, Chogori, Savage Mountain.jpg

نالو ۽ قومي ترانو[سنواريو]

پاڪستان لفظ ٻن لفظن پاڪ ۽ ستان ( جاء يا ملڪ) مان نڪتل آھي. پاڪستان لفظ جي معني آهي پاڪ جاء. اھو نالو 28 جنوري 1933 ۾ برطانيا م ھڪ مسلمان شاگرد چوڌري رحمت علي پاران ھڪ پمفليٽ "ھاڻي يا ڪڏھن بہ نه" ۾ ڏنو ھيو[17].
پاڪستان جي قومي تراني لاءِ ڏسو:

قومي جھنڊو[سنواريو]

پاڪستان جو موجوده جھنڊو سيد اميرالدين قدوائي ڊزائين ڪيو. ان جو بنياد مسلم ليگ جي اصل جھنڊي کي بڻايو ويو. آزادي کان ڪجھ ڏينھن اڳ 8 آگسٽ 1947 ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ان جي قومي پرچم طور منظوري ڏني[18]. جھنڊي ۾ اڇو رنگ غير مسلم اقليت جي ۽ تيز سائو رنگ مسلم اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو. ھلال ترقي جي ۽ پنج ڪنڊو تارو روشني ۽ علم جي نمائندگي ڪري ٿو.

تاريخ[سنواريو]

سنڌوندي واريون تھذيبون[سنواريو]

موجوده پاڪستان ۽ قديم دؤر جي وچ ۾ جاگرافيائي تعلق کان سواءِ ڪوبه سڌو ثقافتي ۽ تاريخي تعلق ناھي[19]. سنڌوندي جي تھذيب ميسوپوٽيميا ۽ نيل ندي جي تھذيبن جي مقابلي واري دنيا جي شروعاتي تھذيبن منجھان ھڪ آھي جنھن جا قديم آثار موئن جو دڙو ۽ ھڙاپا ۾ واقع آھن جتان ڪانسي، شيشي، يشم سبز (jade), سنگ لاجورد مان ٺاھيل شيون برآمد ٿيون آھن[19]. سنڌوندي جي تھذيب جي قديم تاريخ 1500 ق م تائين جاري رھي جڏهن وچ ايشيا کان آريا ھماليه جي ھندوڪش تي حملي آور ٿيا ۽ اتان جي قديم تھذيب جي باقيات کي مغلوب ڪيو ۽ اھي موجوده پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش جي غالب ثقافتي خصوصيت بڻيا[19]. انھن رگويد جھڙا قديم مقدس ڀڄن تيار ڪيا. ھن علائقي تي فارس جي حملن بعد مقدوينه جي سڪندراعظم 326 ق م ۾ حملو ڪندي موجوده پنجاب جي بياس ندي تائين گھري آيو[19].

موئن جو دڙو مان مليل انڊس پريسٽ ڪنگ يا مذھبي بادشاھ جو پتلو
گنڌارا تھذيب جي دؤر جو گوتم ٻڌ جو مڪمل مجسمو

ان کان سواءِ ٽيڪسيلا وارو علائقو ۽ کوڙ ٻين علائقن دراوڙن جي تھذيبن ، آرين جي تھذيبن ، ھندستاني شاھي گھراڻن جا راڄ ، ٻڌ مذھب جو عروج، يونانين جي آمد ۽ حڪمراني، مقامي ننڍيون ننڍيون بادشاھتون قائم ٿيون.

اسلام جي آمد کان پوء[سنواريو]

پھرين عيسوي ھزار سال ۾ ھن خطي تي سڀ کان وڏو اثر عربن جي حملي سان ٿيو جنھن سان ھتي اسلام کوڙ ھنڌن تي ھندو مذھب ۽ ٻڌ مذھب جي جاء ولاري[19]. ٻارھين ۽ تيرھين صدي عيسويءَ ڏکڻ ايشيا جي سرحد کان، موجوده افغانستان واري ھندوڪش جبلن جي اوچائين واري پاسي کان حملي آورن ثقافتي ھندستان جي علائقن کي ڦري لٽي وڏو نقصان رسايو[19]. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھڪ ٻيو انڊو اسلامي دؤر شروع ٿيو جڏھن اتي وچ ايشيا جي بابر (ھن وقت افغانستان ۾ دفن ٿيل) مغل تھذيب جي شروعات ڪئي جيڪا ارڙھين صدي عيسويءَ تائين جاري رھي جنھن کي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني ختم ڪيو[19]. ان مغل دؤر ۾ ادب، لطيف فنن، زمين جي استعمال، مساوات واري عام زندگي ۾ زبردست ترقي آئي. پنجاب جي سکن سان وقفن سان ڪيترن صدين تائين جنگون جاري رھيون[19].

برطانوي راڄ[سنواريو]

ھي سرزمين اڻويھين صدي عيسويءَ ۾ جي چوٿين ڏھاڪي کان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪلڪتي واري سرڪار جي قبضي هيٺ آئي ۽ 1857 کان باقائده يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي دھلي واري برٽش سرڪار جي سڌي اختيار ۾ اچي وئي. 1947 ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ڏکڻ ايشيائي برٽش انڊيا کي ورھاڱي سان آزاد ڪيو.

تحريڪ پاڪستان[سنواريو]

برٽش انڊيا ۾ مسلمانن محسوس ڪيو تہ اھي جديد تعليمي نظام کان پري رھجي وڃڻ ڪري نئين نظام ۾ پوئتي رھجي ويا ھئا ۽ ھندو نظام اندر جلد ئي طاقت وٺي ويا ان ڪري سر سيد احمد مسلمانن کي روايتي مدرسن جي تعليم جي برعڪس جديد تعليم طرف راغب ڪرڻ لاء جدوجھد جو آغاز ڪيو جنھن جي مسلمان عالمن سخت مخالفت ڪئي. سر سيد احمد علي ڳڙھ م مسلمانن لاء ھڪ اسڪول قائم ڪرڻ م ڪامياب ٿي ويو جيڪو اڳتي ھلي ڪاليج ۽ پوء علي ڳڙھ يونيورسٽي بڻجي ويو. ڪراچي م حسن علي آفندي پڻ ھڪ اسڪول سنڌ مدرسة السلام جي نالي سان قائم ڪيو. انھن ادارن مان ھزارين مسلمان جديد تعليم پرائي برٽش سرڪار جي مختلف محڪمن م عملدار ٿيا ۽ ڪيترن ئي سياسي ميدان تي اچي مسلمانن جي حقن جي حاصلات ۽ تحفظ لاء جدوجھد ڪئي. پاڪستان جو باني بہ ڪراچي جي سنڌ مدرسة السلام مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. سر سيد احمد جي شروع ڪيل اھا تحريڪ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سياسي، مذھبي ۽ سماجي حقن جي حاصلات لاء ھڪ علحده وطن حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي.

سر سيد احمد خان جنھن سڀ کان اول ھندو ۽ مسلم قومن جو نظريو ڏنو.
محمد علي جناح جيڪو تحريڪ پاڪستان جو سرواڻ ھيو ۽ پاڪستان جو پھريون گورنر جنرل بڻيو.

مسلمانن جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حفاظت جي سلسلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ هڪ وڏي پارڻي بڻجي اڀري ۽ محمد علي جناح، جنهن کي سروجني نيڊو ’سفير اتحاد‘ سڏيو آهي، سو بہ اڳتي هلي انڊين نيشنل ڪانگريس کي ڇڏي اچي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. محمد علي جناح کان گهڻو اڳ، ان قسم جي جدوجهد، سر سيد احمد جي زماني ۾ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏ آئيني سڌارن جو سلسلو بہ جاري هو، جنهن ڪري، آهستي آهستي مسلمانن جي الڳ حيثيت ٺهندي وئي، مسلمانن جي الڳ حيثيت جو سلسلو ان ياداشت کان شروع ٿئي ٿو، جيڪا، 1 آڪٽوبر 1906ع تي مسلمانن جي هڪ وفد سر آغا خان ٽيون جي اڳواڻيءَ ۾، وائسراءِ ھند لارڊ منٽو کي پيش ڪيو. 1909ع ۾ منٽو مارلي سڌارن، مسلمانن جي آئيني جدوجهد جي لاءِ چڱا موقعا پيدا ڪيا. 1919ع ۾ مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن ۾، مسلمانن جي الڳ حيثيت جو اصول مڇيو ويو. 1934ع ۾ محمد علي جناح، مسلم ليگ جو مستقل صدر بڻايو ويو، اڳتي هلي 1948ع ۾ محمد علي جناح، هندو مسلم اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ’ چوڏهن نقطا‘ پيش ڪيا. جناح جي ان قدم سان مسلمانن جي الڳ حيثيت لاءِ راهه هموار ٿي. 1935 ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي تحت صوبائي خودمختياري لاڳو ٿي. جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي، اتي کين مڪمل سياسي اقتدار حاصل رهيو، اڳتي هلي ’پاڪستان‘ جي ٺهڻ تائين پهتو. 1 اپريل 1937ع ۾ نئون قانون هند لاڳو ٿيو ۽ 36- 1937ع ۾ چونڊو ڪرايون ويون. انڊين نيشنل ڪانگريس کي ستن صوبن مدراس، يو پي، بمبئي، سي پي، بھار، اوڙيسيا ۽ اتر اولھ سرحد صوبو ۾ اڪثريت حاصل ٿي؛ آل انڊيا مسلم ليگ کي پنجاب، سنڌ، بنگال ۽ آسام ۾ ڪاميابي ملي. جون 1945ع ۾، فرنٽيئر مسلم اسٽوڊنٽس جي نالي پنهنجي پيغام ۾ محمد علي جناح فرمايو: ”پاڪستان مان اسان جو مطلب اهو ناهي تہ اسان غير ملڪي حڪومت کان آزادي ٿا گهرون، پر ان مان اها مراد آهي تہ اسان جو ’اسلامي نطريه حيات‘ هجي، جنهن جي حفاظت ضروري آهي. اسان کي رڳو پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻي ناهي، پر قابل بہ ٿيڻو آهي، جيئن اسان ان جي حفاظت بہ ڪري سگهون ۽ اسلامي تصورن ۽ اصولن تي زندگي بہ گذاري سگهون.“ ان حوالي سان، جواهر لال نهرو اعلان ڪيو تہ: ”هندوستان ۾ رڳو ٻه قوتون آهن، هڪ انگريز ٻي ڪانگريس!“ جنهن جي جواب ۾ جناح چيو تہ ”بيشڪ! ٽين قوت بہ آهي، جيڪا آهي مسلمان!" 1946ع ۾، برطانيه مان هڪ وزارتي مشن آيو، جنهن هندو مسلم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر مسلمانن ان کي رد ڪري ڇڏيو. ان جي رد عمل طور بمبئيءَ ۾ مسلم ڪائونسل ’راست اقدام‘ جو اعلان ڪيو. 16 آگسٽ 1946ع تي ڪلڪتي ۾ وڏا فساد ٿيا، جنهن ۾ شهري ماريا ويا، ڪروڙن جي جائداد ساڙي وئي. محمد علي جناح اعلان ڪيو تہ: ”پاڪستان هاڻي مسلمانن لاءِ زندگيءَ جو هڪ لازمي شرط بنجي چڪو آهي، ان کي دنيا جي ڪا بہ طاقت ٽاري نه ٿي سگهي!“ [20] پاڪستان جي مطالبي کان اڳ ھندوستان جي ماڻھن جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حاصلات ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزاديء جي تحريڪ ۾ مسلمانن ۽ ھندن گڏجي حصو ورتو ان تحريڪ دوران هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽي منجهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي اختلافن کي اڀاريو ويو. ھندو اڪثريت م ھجڻ ڪري پنھنجي غلبي جو اظھار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مذھبي نفرتن کي ھٿي ڏني نتيجي ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن مان مسلمانن کي ڪي شڪايتون پيدا ٿيون ۽ انهن مسلم ليگ نالي جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جي پلئٽفارم تان هندستان جي مسلمانن، مسلم اڪثريت وارن علائقن تي مشتمل ڌار ملڪ جو خيال پيش ڪيو. 22 کان 24 مارچ 1940ع ۾ لاھور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس قائداعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنھن ۾ مسلمانن جي علحده رياستن جي قيام چو مطالبو ڪيو ويو. جيڪا قرارداد لاھور ۽ بعد ۾ قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي. بعد ۾ 1946ع ۾ ال انڊيا مسلم ليگ جي دھلي واري اجلاس ۾ ان 1940 واري قرارداد ب۾ ترميم لاء قرارداد پيش ڪري رياستن جي جاء تي ھڪ رياست جو مطالبو شامل ڪيو ويو. 12 کان 15 اپريل 1941ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي مدراس ۾ ٿيل 28ھين اجلاس ۾ ھڪ قرارداد وسيلي ڪانگريس جي شھري نافرماني واري تحريڪ جي مخالفت ڪئي وئي[18].

پاڪستان جو قيام[سنواريو]

پهرين اپريل 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ پاس ڪيو هو. 6 جون 1946ع تي آل انڊيا مسلم ليگ ڪيبينيٽ پلان کي ۽ 8 جون تي ڪيبينيٽ مشن پلان کي قبول ڪيو[18]. 8 آگسٽ 1946ع تي وائسراءِ ڪانگريس کي عبوري حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪئي[18]. 2 سيپٽمبر 1946 تي آل انڊيا مسلم ليگ محسوس ڪيو تہ سياسي اقتدار رڳو ھندن جي ھٿ اچڻ سان مسلمانن جو نقصان ٿيندو تنھنڪري مسلم ليگ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو[18]. ليگ طرفان لياقت علي خان، آء آء چندريگر، سردار عبدالرب نشتر، راجا غضنفر علي خان ۽ جوگندرناٿ منڊل (شيڊولڊ ڪاسٽ) 26 آڪٽوبر 1946 تي بطور ڪائونسلر قسم کنيو. اھڙي طرح مسلم ليگ بہ عبوري حڪومت ۾ شامل ٿي وئي[18]. 26 آڪٽوبر تي لياقت علي خان کي برٽش انڊيا جو نھرو جي ڪابينه ۾ وزير خزانه مقرر ڪيو ويو[18]. 20 جنوري 1947ع تي بينگال اسيمبلي بينگال جي تقسيم جو فيصلو ڪيو. 23 جنوري تي پنجاب اسيمبلي پنجاب جي تقسيم جو فيصلو ڪيو[18]. 29 جون تي بلوچستان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. 20 فيبروري تي لارڊ مائونٽ بيٽن برٽش انڊيا جو آخري وائسراءِ مقرر ٿيو ۽ برٽش وزيراعظم ڪليمنٽ ايٽلي انڊيا کي ڇڏي ڏيڻ جو آخري اعلان ڪيو[18]. 19 جون تي مسلم ليگ جي ھاء ڪمانڊ ڪراچي کي پاڪستان جي گادي جي هنڌ لاء چونڊيو[18]. 20 جون 1947 م بينگال اسيمبلي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي حمايت ۾ 126 ۽ مخالفت ۾ 90 ووٽ آيا[18]. 26 جون تي سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي نئين آئين ساز اسيمبلي ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو. فيصلي جي حق ۾ 33 ۽ مخالفت ۾ 22 ووٽ پيا. 29 جون تي بلوچستان جي شاھي جرگي جي 54 ميمبرن يڪراء ٿي پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو[18]. 4 جولاءِ تي برطانوي ھائوس آف ڪامنز ۾ انڊين انڊپينڊنس بل پيش ڪيو ويو جنھن ۾ انڊوپاڪستان ننڍي کنڊ مان پاڪستان ۽ انڊيا جي نالي سان ٻي ڊمئنين رياستون قائم ڪرڻ جي منظوري ڪرڻي ھئي[18]. 6 جولاءِ کان 17 جولاء تائين نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء ريفرينڊم ڪرايو ويو جنھن جو خان عبدالغفار خان جي خدائي خدمتگار تحريڪ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس بائڪاٽ ڪيو[18]. 10 جولاءِ تي برٽش وزيراعظم ڪليمنٽ ايٽلي قائداعظم محمد جناح کي پاڪستان جي گورنر جنرل مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي[18]. 13 جولاءِ تي سلھٽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو[18]. 16 جولاءِ تي برٽش ھائوس آف لارڊز انڊين انڊپينڊنس بل منظور ڪيو ۽ 18 جولاءِ تي ان جي شاھي توثيق ڪئي وئي[18]. 20 جولاءِ تي نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ,26 جولاءِ تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جوڙي وئي. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. لارڊ مائونٽ بيٽن ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پھريون گورنر جنرل ٿيو. قائداعظم لياقت علي خان کي پاڪستان جي پھرين حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني[18]. 15 آگسٽ تي لاھور ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس عبدالرشيد قائد اعظم کان گورنر جنرل جي عهدي جو قسم ورتو ۽ وزيراعظم لياقت علي خان پنھنجي ڪابينه سميت قسم کنيو[18]. پھرين ڪابينه ۾ لياقت علي وزيراعظم، آء آي چندريگر، ملڪ غلام محمد، عبدالرب نشتر، غضنفر علي خان، جوگندرناٿ منڊل ۽ فضل الرحمان بطور وزير قسم کنيو[18]. لياقت علي خان ان ئي ڏينھن فلائيٽ تي جوائنٽ ڊفينس ڪائونسل ۾ شرڪت لاء دھلي روانو ٿيو. ساڳي ڏينھن فيصلو ڪيو ويو تہ م فوج چو جنرل ھيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ ھوندو[18].

ڊومينن پاڪستان (1947ع- 1956ع)[سنواريو]

18 آگسٽ 1947ع تي گڏيل قومن جي سڪيورٽيي ڪائونسل يڪراء پاڪستان جي گڏيل قومن جي رڪنيت لاء قرارداد منظور ڪئي. اھڙي طرح 30 سيپٽمبر تي پاڪستان کي گڏيل قومن جي باقاعده رڪنيت ملي وئي[18]. 11 سيپٽمبر 1948ع تي 10:25 تي رات جي وقت قائد اعظم وفات ڪري ويو. حڪومت 40 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ۽ 12 سيپٽمبر تي ان جي تدفين ٿي[18]. خواجه ناظم الدين ملڪ جو قائم مقام گورنر جنرل ٿيو جيڪو 13 نومبر تي ان. عھدي لاء پڪو ڪيو ويو[18]. 12 اپريل 1950ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي فيڊرل ڪورٽ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت آھي. آئين ساز اسيمبلي مئي 1950ع کان برطانوي پروي ڪائونسل جو اپيل وارو اختيار منسوخ ڪري ڇڏيو[18]. 6 سيپٽمبر 1950ع م جنرل محمد ايوب خان پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو ۽ 17 جنوري 1951 تي ان جنرل ڊگلس گريسي کان ان عھدي جي ذميواري ورتي[18]. 16 آڪٽوبر 1951ع تي روالپنڊي ۾ ھڪ جلسي ۾ خطاب دوران وزيراعظم لياقت علي خان تي ھڪ سعيد اڪبر نالي شخص پستول جا ٻه فائر ڪري قتل ڪيو ۽ اھو پاڻ بہ موقعي تي مارجي ويو. ان واقعي بعد گورنر جنرل خواجه ناظم الدين وزيراعظم جي ذميداري سنڀالي ۽ وزير خزانه ملڪ غلام محمد ملڪ جو ٽيون گورنر جنرل مقرر ٿيو[18]. 21 فيبروري 1952ع تي اوڀر پاڪستان جي اسيمبلي بنگالي ٻولي کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي. قرارداد منظور ڪئي. ساڳي ڏينھن بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي طور. رد ڪرڻ جي خلاف ڍاڪا ۾ ٿيندڙ مظاھرن ۾ 36 شاگرد مارجي ويا[18]. 7 مارچ تي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي جو نوحہ جي عنوان سان ٻولي تي شعر: "اردو کا جنازہ ہے ذرہ دھوم سے نکلے" ڇپيو[18]. 6 جون تي پاڪستان مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽري يوسف خٽڪ ون يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. 17 اپريل 1953 تي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد خواجه ناظم الدين جي ڪابينه کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ پاڪستان جي سفير محمد علي بوگرہ کي نئين ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. اھڙو اعلان ڪندي گورنر جنرل ظاھر ڪيو تہ ان مطابق خواجه ناظم پاڻ کي ملڪ ۾ درپيش مسئلن کي منھن ڏيڻ ۾ مڪمل نااھل ثابت ڪيو[18]. محمد علي بوگرہ پاڪستان جي ٽئين وزيراعظم وزيراعظم طور قسم کنيو. 17 آگسٽ 1953ع تي حڪومت پاڪستان جنرل ايوب خان جي ڪمانڊر انچيف جي عھدي جي مدت کي ٽن سالن لاء 16 جنوري 1959ع تائين اضافو ڪيو. 5 آڪٽوبر تي محمد علي بوگرہ مسلم ليگ مان اردو۽ بنگالي ٻنھي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو فارمولو منظور ڪرايو 19 اپريل 1954ع تي مسلم ليگ جي آئين ساز اسيمبلي ۾ شامل رڪنن ٻنھي ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 7 مئي 1954 تي آئين ساز اسيمبلي ٻنھي ٻولين جي لاء قرارداد منظور ڪئي ۽ ان کان اڳ 22 اپريل تي ڪراچي ۾ ان فيصلي خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو هو [18]. 30 آڪٽوبر 1953ع تي آئين ساز اسيمبلي قرار ڏنو تہ قرآن ۽ سنت جي ابتڙ ڪو بہ قانون منظور نہ ٿيندو ۽ 2 نومبر 1953ع تي پاڪستان جو نالو تبديل ڪري اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو[18]. 3 جنوري 1954ع تي آئين ساز اسيمبلي جي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته عدليه کي انتظاميه کان الڳ ڪيو ويندو. 24 جولاءِ 1954 ع تي مغربي پاڪستان وارن سمورن صوبن ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي وئي[18]. 21 سيپٽمبر 1954 تي آئين ساز اسيمبلي پبلڪ اينڊ ريپريزنٽيٽو آفس ڊسڪئاليفڪيشن ايڪٽ مختصرن پروڊا کي ٽن ڪلاڪن جي بحث کان پوء منسوخ ڪري ڇڏيو. ساڳي ڏينھن ان اسيمبلي آئين جا بنيادي اصول اختيار ڪيا ۽ قرار ڏنو ته ملڪ جي سپريم اختياري پارليامينٽ آھي. پارليامينٽ گورنر جنرل جي مرضي تي وزيرن جي ڪابينه ٺاھڻ ۽ ان جي مشوري جي پابندي وارن گورنر جنرل جي اختيارن کي محدود ڪري ڇڏيو. 22 سيپٽمبر تي آئين ساز اسيمبلي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ گورنر جا اختيار گھٽائڻ جون چار ترميمون ڪيون. 24 سيپٽمبر تي سينٽرل وزير قانون استعيفا ڏئي. ساڳي تاريخ تي وزيراعظم بوگرہ قوم کي خطاب ڪندي نئين چونڊن جو اعلان ڪيو تہ جئين آئين ساز اسيمبلي جا رڪن آئين ٺاھڻ لاء نئون مينڊٽ حاصل ڪن. گورنر جنرل اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ء ايمرجنسي لاڳو ڪري محمد علي بوگرہ کي نئي ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. ان ڪابينه م فوج جي حاضر خدمت ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب خان کي وزير دفاع ۽ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي وزير داخلا طور شامل ڪيو ويو. 24 آڪٽوبر تي گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي جي ٽوڙڻ وارو پروڪليميشڻ جاري ڪيو[18] جنھن کي آئين ساز اسيمبلي جي اسپيڪر مولوي تميز الدين سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.. 22 نومبر 1954ع تي وزيراعظم محمد علي بوگرہ ريڊيو تي ون يونٽ ٺاھڻ جو اعلان ڪيو. 25 نومبر تي سرحد صوبي جي اسيمبلي ۽ 30 نومبر 1954ع تي پنجاب صوبي جي اسيمبلي يڪراءِ ٿي ون يونٽ جي رٿ جي حمايت ڪئي.11 ڊسمبر تي سنڌ اسيمبلي غالب اڪثريت سان ون يونٽ ۾ شموليت جي حمايت ڪئي[18]. پھرين جنوري 1955ع تي بلوچستان جي رياستن ون يونٽ ۾ شامل ٿيڻ واري دستاويز تي صحيحون ڪيون[18]. 20 ڊسمبر تي حسين شھيد سھروردي وزير قانون طور قسم کنيو[18]. 9 فيبروري 1955ع ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي بينچ يڪراء ٿي مولوي تميز الدين جي مينڊيمس واري رٽ منظور ڪندي آئين ساز اسيمبلي کي بحال ڪيو. 22 فيبروري تي فيڊرل ڪورٽ فيڊريشن آف پاڪستان جي ۽ 9 پاڪستاني وزيرن جي اپيل تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو. 21 مارچ تي فيڊرل ڪورٽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ 25 مارچ تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو[18]. 21 جون 1955 ۾ ٻين آئين ساز اسيمبلي جي لاء چونڊون ٿيون ۽ 7 جولاءِ تي ان اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس مري ۾ ٿيو جنھن ۾ مشتاق احمد گرماني کي عبوري چيرمين چونڊيو ويو[18].گورنر جنرل غلام محمد بيمار ھجڻ جي ڪري ٻه مھينن لاء موڪل تي ويو ۽ 6 آگسٽ 1955ع تي ان جي جاء تي اسڪندر مرزا قائم مقام گورنر جنرل ٿيو. 7 آگسٽ تي محمد علي بوگرہ کان استعفي ورتي وئي ۽ ان جي جاء تي اڳوڻي وزير خزانه ۽ انڊيا جي شھر جالنڌر سان تعلق رکندڙ چوڌري محمد علي کي ملڪ جو چوٿون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 19 سيپٽمبر تي غلام محمد جي موڪل پوري ٿي وڃڻ بعد اسڪندر مرزا باقاعده ملڪ جي چوٿين گورنر جنرل جو قسم کنيو[18]. محمد علي بوگرہ کي بعد ۾ 10 فيبروري 1957ع تي آمريڪا م سفير مقرر ڪيو ويو[18]. 30 سيپٽمبر 1955 تي نئين آئين ساز اسيمبلي ٽن ھفتن جي بحث کان پوء ويسٽ پاڪستان (ون يونٽ) جو بل منظور ڪيو جنھن بجي 3 آڪٽوبر تي گورنر جنرل توثيق ڪئي. 14 آڪٽوبر تي اوڀر بينگال جو نالو ايسٽ پاڪستان رکيو ويو ۽ باقي ون يونٽ واري صوبي جو نالو ويسٽ پاڪستان رکيو ويو[18].

ريپبلڪ جو قيام[سنواريو]

29 فيبروري 1956ع تي ملڪ جي ٻين آئين ساز اسيمبلي ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو جنھن جو بنياد قراداد مقاصد 1949 ھيو. ملڪ کي وفاقي ريپبلڪ بڻايو ويو ۽ ان جو نالو اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو[18]. 2 مارچ تي اھو نئون آئين عمل ۾ آيو. اسڪندر مرزا کي عبوري مدت لاء ملڪ جو پھريون صدر چونڊيو ويو جنھن 23 مارچ تي قسم کنيو[18]. سيپٽمبر 1956 م چوڌري محمد علي کي پارٽي جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ ھن خلاف تحريڪ عدم اعتماد آندي وئي جنھن ڪري ھن 8 سيپٽمبر 1956ع تي استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ 12 تاريخ تي بينگال جو حسين شھيد سھروردي ملڪ جو پنجون وزيراعظم ٿيو. جنھن جنرل ايوب خان کي ٽن سالن جي ايڪسٽينشن ڏني. سويت يونين جي ڀيٽ م يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان تعلقات فوجي سطح تائين وڏائي مضبوط ڪرڻ تي عوامي ليگ ۾ ان جي ڏاڍي مخالفت ٿي چڪي هئي. ھن 17 آگسٽ 1957 م استعيفا ڏئي ڇڏي. ۽ ساڳي تاريخ تي بمبئي م پيدا ٿيندڙ آء آء چندريگر پاڪستان جو ڇھون وزيراعظم ٿيو جنهن اسيمبلي جي پھرين اجلاس م اليڪشن جي نظام ۾ سڌارن آڻڻ جو اعلان ڪيو پر جلد ئي سياسي سرگرميون ٿيون ء ھن جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي جنھن ڪري ھن ساڳي سال 11 ڊسمبر تي استعيفا ڏئي ڇڏي. ان بعد ھاڻوڪي سرگوڌا ضلعي سان تعلق رکندڙ ملڪ فيروز خان نون ساڳي سال 16 ڊسمبر تي پاڪستان جو ستون وزيراعظم ٿيو. ھن جي ڪوششن سان گوادر پاڪستان جو حصو بڻجي ويو. اسڪندر مرزا ج جي صدارت جو مدو پورو تيڻ وارو ھو ۽ ھي ان جي ٻيھر صدر ٿيڻ تي راضي نہ ھيو جنھن ڪري 7 آڪٽوبر ۽ 8 آڪٽوبر جي وچ واري رات اسڪندر مرزا کيس برطرف ڪري آئين منسوخ ڪري ملڪ م مارشلا لڳائڻ جو اعلان ڪيو. 14 سيپٽمبر 1957 تي ويسٽ پاڪستان جي اسيمبلي نيشنل عوامي پارٽي جي ون يونٽ کي ٽوڙڻ جي قرارداد منظور ڪئي. 7 آڪٽوبر تي اسڪندر مرزا مارشل لا لاڳو ڪندي سموريون قانونساز اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون

مارشلا ۽ صدارتي نظام[سنواريو]

اسڪندر مرزا جو تعلق بينگال جي شھر مرشد آباد سان ھيو ۽ سراج الدوله سان 1757 ۾ جنگ پلاسي ۾ غداري ڪندڙ مير جعفر جو پڙپوٽو ھيو . پھرين برٽش آرمي م آفيسر ھيو ۽ سندس مقرريون بطور پوليٽيڪل ايجنٽ پرنسلي رياستن م ٿيون. پاڪستان ٺھڻ وقت پاڪستاني فوج ۾ ڪرنل جي عھدي تي ھيو ۽ ميجر جنرل ٿي رٽائر ٿيو ھو. اسڪندر مرزا جي وقت 1956 وارو پھريون آئين نافذ ٿيو ۽ ڊومينين پاڪستان جو خاتمو آيو ۽ پاڪستان پھريون دفعو ريپبلڪ يا جمھوريه بڻيو. ان جو نالو اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان رکيو ويو. ان آئين تحت ملڪ م پارلياماني نظام لاڳو ڪيو ويو. ملڪ م رياستي سربراھ صدر ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم کي بڻايو ويو. ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني ھئي يعني سينيٽ جو ايوان ڪونہ ھيو صرف قومي اسيمبلي ھئي جنھن م مشرقي پاڪستان ء مغربي پاڪستان کي برابر نمايندگي ڏني وئي ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس سال م اڌ ڪراچي م ۽ اڌ ڍاڪا ۾ ٿيندا ھيا. اسڪندر مرزا ڊومينين جي خاتمي تي صدر واري نئين عھدي تي مقرر ٿيو. ملڪ م سياسي عدم استحڪام عروج تي ھيو. ملڪ م صدر جي نئين مدي جي لاءِ چونڊ ٿيڻي ھئي پر 1958 م بغير ڪنھن غير معمولي سبب جي اسڪندر مرزا ملڪ جي پھرين آئين کي منسوخ ڪري ملڪ م مارشل لا لڳائي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ايوب خان کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. بعد ۾ جنرل ايوب اسڪندر مرزا کان زبردستي استعيفا ان بنياد تي ورتي تہ صدر جو عھدو 1956ع جي آئين تحت ھيو ۽ آئين جي منسوخي سان اھو عھدو بہ ختم ٿي چڪو ھو ۽ ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو صرف چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ئي ھيو تنھن ڪري اسڪندر مرزا جو عھدو غيرقانوني ھيو. اسڪندر مرزا کي گرفتار ڪري ڪوئيٽا آندو ويو جتان کيس يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ جلاوطن ڪيو ويو ۽ سندس باقي زندگي لنڊن م گذري. ,7 آڪٽوبر 1957 جي مارشلا بعد حسين شھيد سھروردي 12 آڪٽوبر تي استعفي ڏئي ۽ آء آء چندريگر وزيراعظم ٿيو جنھن 14 ڊسمبر تي استعفي ڏئي جنھن بعد اسڪندر مرزا ملڪ فيروز خان نون کي ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. ان 16 ڊسمبر چ1957ع تي بطور وزير اعظم قسم کنيو. 24 ڊسمبر تي اسٽيٽ بينڪ 100 روپئي جو ڪرنسي نوٽ جاري ڪيو جنھن ۾ پھريون ڀيرو قائداعظم جي تصوير ڏني وئي[18]. 4 سيپٽمبر 1958 تي قومي اسيمبلي ايندڙ فيبروري 1959 ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني ۽ 20 سيپٽمبر تي صدر پاڪستان 15 فيبروري 1959تي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني[18]. 7 سيپٽمبر 1958 تي عمان پنھنجو گوادر پرڳڻو پاڪستان کي چار لک برطانوي پائونڊ ۾ وڪرو ڪرڻ لاء راضي ٿي ويو[18]. ست آڪٽوبر 1958ع تي اسڪندر مرزا ملڪ ب۾ مارشل لا لاڳو ڪئي، 1956ع وارو آئين منسوخ ڪيو، نيشنل اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، سڀني سياسي پارٽين کي منسوخ ڪري ڇڏيو[18]. آرمي چيف جنرل محمد ايوب خان کي ملڪ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. 24 آڪٽوبر تي صدر 12 وزيرن تي مشتمل مرڪزي ڪابينه جوڙي جنرل ايوب خان کي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪابينه چو وزير بڻايو[18]. 27 آڪٽوبر تي صدر جو عهدو ڇڏي اختيار ايوب خان جي حوالي ڪيا. 28 آڪٽوبر تي ايوب خان بطور صدر صدارتي ڪابينه آرڊر جاري ڪري وزيراعظم جو عھدو ختم ڪري صدارتي ڪابينه جوڙي. 2 نومبر تي اسڪندر مرزا کي لنڊن روانو ڪري جلاوطن ڪيو ويو[18]. 4 آگسٽ 1959ع ۾ ايوب خان بنيادي جمھوريت جو نظام آندو جنھن تحت ملڪ ۾ 8000 بنيادي يونٽ قائم ڪيا ويا. ھر يونٽ م 10 ميمبر ھر بالغ راء واري ووٽ جي بنياد تي چونڊي ڪل 80000 ھزار ميمبر چونڊي انھن ڻجظ ووٽ تي صدر جي چونڊ ڪرڻي ھئي[18]. 27 آڪٽوبر 1959 تي صدر بيسڪ ڊيموڪريسز آرڊر جاري ڪيو ۽ ساڳي تاريخ تي ايوب خان فيلڊ مارشل ٿي ويو. 2 جنوري 1960ع تي ملڪ ب۾ بيسڪ ڊيموڪريسي يونٽن جون چونڊون ٿيون[18]. 14 فيبروري 1960ع تي بنيادي يونٽن جي 80 ھزار ميمبرن ملڪ جي صدر تي اعتماد ھجڻ يا اعتماد نہ ھجڻ لاء ووٽنگ ۾ حصو ورتو. 15 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن پڌرو ڪيو تہ غالب اڪثريت سان ميمبرن صدر ايوب تي اعتماد جو اظھار ڪيو اھڙي طرح 17 فيبروري 1960 تي ايوب خان صدر جي عھدي لاء قسم کنيو ۽ ساڳي تاريخ تي صدر ملڪ بجي نئين آئين تيار ڪرڻ لاءِ يارھن رڪني ڪميٽي جسٽس محمد شھاب الدين جي سربراهي ۾ جوڙي[18]. 19 فيبروري تي جسٽس منير جي رٽائرمينٽ تي جسٽس شھاب الدين کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو[18]. 24 فيبروري 1960 تي صدارتي ڪابينه ملڪ جو نئون گادي جو هنڌ راولپنڊي جي ڀرسان اسلام آباد جي نالي سان ٺاھڻ جي منظوري ڏني[18]. پھرين آگسٽ تي راولپنڊي کي پاڪستاني حڪومت جي مکيه گادي قرار ڏنو ويو. 28 نومبر 1960 تي ويسٽ پاڪستان بجي 11 انتظامي ڊويزنن ۾ ورھايو ويو[18]. 23 اپريل 1961 تي اسلام آباد شھر جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو[18]. 15 جولاءِ 1961 تي گل ياسمين کي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو[18]. 28 آگسٽ تي ڊاڪٽر عبدالسلام کي صدر جو سائنسي معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو[18]. 23 مارچ 1962 تي ملڪ ۾ نئون ائين متعارف ڪرايو ويو جنھن بم صدر کي تمام گھڻا اختيار ڏنا ويا ھئا[18]. ڪنھن بہ قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جي اميدوار جي لاء سياسي وابستگي غيرقانوني ھئي. 6 مئي 1962ع تي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ٿيون. 8 جون 1962ع تي صدر ايوب مارشل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيوب۽ ساڳي تاريخ تي 1962ع جي آئين تحت چونڊيل قومي اسيمبلي جو پھريون اجلاس ٿيو ۽ ايوب خان نئين آئين تحت ملڪ جي صدر لاء قسم کنيو[18]. 13 جون 1962 تي محمد علي بوگرہ ملڪ جو پرڏيهي معاملن جو وزير ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صنعتن جي وزير طور ڪابينه م شامل ٿيا. بوگرہ 23 جنوري 1963 تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو ، 24 جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي معاملن وارو وزير ٿيو. 22 اپريل 1963 تي ايوب خان مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ۽ 19 آگسٽ 1964ع تي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان صدراتي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. 17 سيپٽمبر 1964ع تي محترمه فاطمه جناح گڏيل مخالف جماعتن جي درخواست تي صدارتي اميدوار ٿيڻ لاء راضپو ڏيکاريو ۽ 20 سيپٽمبر تي کيس اميدوار نامزد ڪيو ويو[18]. پھرين جنوري 1965ع تي ملڪ ۾ 1962ع واري آئين ھيٺ پھرين صدارتي چونڊ واقع ٿي جيڪا ايوب خان اڪثريت سان کٽي. ايوب خان 49647 ووٽ کنيا (ويسٽ پاڪستان مان 28927 ۽ ايسٽ پاڪستان مان 20720) جڏھن تہ محترمه فاطمه جناح 28343 ووٽ کنيا (ويسٽ پاڪستان مان 10263 ۽ اوڀر پاڪستان مان 18080) گڏيل مخالف پارٽين اليڪشن ڪميشن جي انھن نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو[18]. 4 جنوري ڪي ايوب خان جي پٽ گوھر ايوب ڪراچي ۾ ايوب خان جي مسلم ليگ جي تعاون سان فتح جي پريڊ ڪئي جيڪا تشدد ۾ تبديل ٿي وئي ۽ 23 ڄڻا جھڳڙن ب۾ مارجي ويا. فوج شھر جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. 21 مارچ تي ملڪ م قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿي. اسيمبلي جي 150 سيٽن مان 120 پاڪستان مسلم ليگ ۽ باقي مخالف جماعتن کٽيون.23 مارچ تي ايوب خان پنجن سالن لاء صدر طور قسم کنيو، ان سان گڏ شعيب ۽ ذوالفقار علي ڀٽو پڻ ترتيبوار صنعت ۽ پرڏيھي معاملن جي وزير طور قسم کنيو. 26 مارچ 1965 م ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. 23 اپريل تي رڻ ڪڇ ۾ پاڪ فوج ۽ ڀارتي فوج ۾ ويڙھ ڪئي. 6 سيپٽمبر 1965 تي انڊيا اولھ پاڪستان جي سرحدن تي حملو ڪري جنگ شروع ڪئي[18]. ملڪ م ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. 7 سيپٽمبر تي چين ڀارت جي مذمت ڪئي. 10 سيپٽمبر تي ميجر عزيز ڀٽي لاھور واري محاذ تي شھيد ٿيو[18]. 22 سيپٽمبر تي صدر ايوب قوم کي خطاب ڪندي عالمي امن جي مفاد خاطر فوج کي 23 سيپٽمبر تي 3:00 بجي رات جو جنگ بندي جو حڪم ڏنو. انڊيا پڻ سڪيورٽي ڪائونسل جي جنگ بندي واري قرارداد کي غيرمشروط قبول ڪيو[18]. ملائيشيا پاڪستان جي سيڪيورٽي ڪائونسل م مخالفت ڪئي ھئي جنھن ڪري 5 آڪٽوبر تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي ملائيشيا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو[18]. سويت يونين جي ٽياڪڙي سان 10 جنوري 1966 تي نو نقطن واري تاشقند واري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون[18]. 12 فيبروري 1966 تي مجيب الرحمان پنھنجي پارٽي جو 6 نقاطي پروگرام پڌرو ڪندي صوبائي خودمختياري جو مطالبو ڪيو[18]. 18 جون 1966 تي ذوالفقار علي ڀٽو وزارت ڇڏي بيماري واري موڪل تي ھليو ويو ۽ ان جو ڇڏيل پرڏيهي کاتو ايوب خان پاڻ سنڀاليو[18]. 20 جولاءِ تي شريف الدين پيرزادو. پرڏيھي وزير ٿيو[18]. 17 سيپٽمبر 1966 تي جنرل محمد یحییٰ پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو[18]. 31 ڊسمبر 1966 تي ايوب خان سياستدانن تان ايبڊو (EBDO) جون پابنديون ھٽائي ڇڏيون[18]. 9 جولاءِ 1967 تي محترمه فاطمه جناح ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي ۽ کيس ٻئي ڏينھن قائداعظم واري مقبري ۾ دفنايو ويو[18]. 16 سيپٽمبر 1967 تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي نالي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ 30 نومبر تي لاھور ۾ ان پارٽي جو بنياد وڌو ويو جنھن جو چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جنرل سيڪريٽري جَي اَي رحيم ٿيو. پھرين ڊسمبر تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي لاھور واري رھائشگاھ تي پارٽي جو پھريون ڪنوينشن ٿيو جنھن م ذوالفقار علي ڀٽو کي چيئرمين چونڊيو ويو ي[18]. 11 ڊسمبر 1967 تي قومي اسيمبلي بيسڪ ڊيموڪريسي جي 8000 يونٽن کي وڌائي 12000 ڪيو. 6 جنوري 1968 تي اگرتلا واري ملڪ جي خلاف سازش منظر عام تي آئي ۽ 18 جنوري تي مجيب الرحمان کي ان سازش جي الزم ۾ گرفتار ڪيو ويو. نومبر 1968 م راولپنڊي ۾ احتجاج دوران شاگرد جي قتل کان پوء شاگردن مظاھرا شروع ڪيا جيڪي پشاور ، ڪراچي ۽ لاھور تائين ڦھلجي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويا. 13 مارچ تي ايئر مارشل اصغر خان جسٽس پارٽي ٺاھي[18]. 25 مارچ 1965ع تي صدر ايوب صدر جو عھدو ڇڏيو ۽ اقتدار آرمي چيف جنرل یحیٰی جي حوالي ڪيو جنھن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ۽ 1962 جو آئين منسوخ ڪري ڇڏيو. 31 مارچ تي يحي خان صدر جو عھدو سنڀاليو[18].

ون يونٽ جو خاتمو ۽ عام چونڊون[سنواريو]

4 مارچ تي صدر پرويژنل ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر يا پي سي او جاري ڪيو[18]. 22 سيپٽمبر 1969تي جنرل يحي موروڪو ۾ پھرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي[18]. پھرين جولاء 1970 تي صدر يحي خان ون يونٽ منسوخ ڪري سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي صوبائي حيثيت بحال ڪئي[18]. ملڪ ۾ 5 آڪٽوبر 1970 تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري 15 آگسٽ تي چونڊ جي تاريخ کي ملتوي ڪري 7 ڊسمبر 1970 تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 12 نومبر 1970 تي سائڪلون اچڻ ۽ 30 فوٽ اوچي سامونڊي لھرن جي ڪري آيل تباھي ۾ ڏھ لکن کان وڌيڪَ ماڻھو فوت ٿي ويا. 7 ڊسمبر 1970 تي قومي اسيمبلي جي 313 سيٽن لاء چونڊون ٿيون. مجيب الرحمان جي عوامي ليگب151 سيٽون کڻي اڪثريت سان کٽي آئي. پيپلزپارٽي 81 سيٽون کڻي ٻيون نمبر وڏي پارٽي ٿي وئي. باقي ٻيون جماعتون 81 سيٽون کڻي آيون جن ۾ جماعت اسلامي، پي ڊي پي، مسلم ليگ (سي)، مسلم ليگ (ڪيو)، جي يو پي، ۽ نعپ شامل ھيون. 17 ڊسمبر تي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون جن جي نتيجو قومي اسيمبلي جي نتيجي سان مطابقت وارو آيو.

سياسي بحران ۽ بينگال جي علحدگي[سنواريو]

3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو[18]. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا[18]. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا[18]. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو[18]. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو[18]. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن[18].24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو[18]. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي[18]. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو[18]. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو[18]. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي[18]. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو[18]. صدر 25 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبلي جو ڍاڪا ۾ اجلاس سڏايو[18]. 16 مارچ 1971 تي شيخ مجيب الرحمان ماڻھن کي نجات حاصل ڪرڻ لاء جدوجهد جو سڏ ڏنو[18]. 21 مارچ 1971 تي مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عوامي ليگ جي پوئلڳن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو[18]. 26 مارچ 1971 تي صدر عوامي ليگ تي بندش وڌي[18]. 4 اپريل 1971 تي آنڌرا گانڌي مشرقي پاڪستان جي عوام جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو[18]. 4 مئي 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. 28 جون 1971 تي يحي خان آئين تيار ڪرڻ لاءِ ماھرن جي ڪاميٽي جوڙي[18]. 5 آگسٽ 1971 تي حڪومت ايسٽ پاڪستان جي تنازعي تي 125 صفحن تي مشتمل وائيٽ پيپر جاري ڪيو[18]. 4 سيپٽمبر 1971 تي صدر يحي پھرين مارچ کان پنج سيپٽمبر تائين اوڀر پاڪستان ۾ ڏوھ ڪندڙن يا ڏوھن جي الزامن ۾ آيلن کي عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو[18]. 5 سيپٽمبر تي پاڪستان انڊيا طرفان نئين دھلي ۾ نامنھاد بنگلاديش مشن قائم ڪرڻ خلاف انڊيا جي حڪومت سان سخت احتجاج ڪيو[18]. 9 آڪٽوبر 1971 تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ملڪ مان سياسي سرگرمين تان بندش ھٽائي ڇڏي[18]. 10 نومبر 1971 تي انڊيا پاڪستان تي حملو ڪيو، ان جي فوج بيلونيا لڳ پاڪستاني سرحد م داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنگ ۾ 74 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ 130 زخمي ٿيا. 16 نومبر تي انڊيا جي فوج اوڀر پاڪستان ۾ ڊاڪا طرف پيشقدمي ڪئي[18]. اوڀر پاڪستان ۾ ڀارتي فوجي مداخلت تي صدر يحي 23 نومبر تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي[18]. 3 ڊسمبر تي فوج کي ڀارت تي حملي جو حڪم ڏنو ويو[18]. 7 ڊسمبر 1971 م يحي خان بينگال سان تعلق رکندڙ نورالامين کي پاڪستان جو اٺون وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نائب وزيراعظم سميت پرڏيهي وزير بڻائي مخلوط حڪومت ٺاهي وئي[18].8 ڊسمبر 1971 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ھڪ قرارداد وسيلي ھڪدم جنگبندي ۽ فوجن کي پنھنجي پنھنجي سرحد طرف ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو[18]. 12 ڊسمبر1971 تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي صدر رچرڊ نڪسن انڊيا کان پاڪستان تي فوجي حملو ھڪدم روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ فوجي پيشقدمي جي تسلسل کي عالمي راء جي انحرافي قرار ڏنو[18]. يونائيٽيڊ اسٽيٽس سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٻيھر اجلاس جو مطالبو ڪيو[18]. 14 ڊسمبر تي سويت يونين يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي انھن رٿن کي ٽيون دفعو ويٽو ڪيو[18]. ساڳي ڏينھن ذوالفقار علي ڀٽو سڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس مان اٿي آيو. 16 ڊسمبر تي پاڪستاني فوج اوڀر پاڪستان ۾ پيش پئي[18]. جنرل جگجيت سنگھ اروڙا ۽ ليفٽيننٽ جنرل امير عبدالله خان نيازي ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ جنگبندي طئي ڪئي وئي. ٻارتي فوج ڍاڪا ۾ داخل ٿي[18]. پاڪستاني فوج جا 95000 فوجي ڍاڪا ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ ڀارتي فوج آڏو ھٿيار ڦٽا ڪيا[18]. 17 ڊسمبر تي پاڪستاني صدر جنگبندي جو اعلان ڪيو. 28 ڊسمبر 1971ع تي يحي خان اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو جيڪو ملڪ جو نئون صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو[18]. 22 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم تي شيخ مجيب الرحمان کي جيل مان ڪڍي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو[18]. 23 ڊسمبر تي صدر ڀٽو پنھنجي ڏھ رڪني صدارتي ڪابينه جوڙي ين ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ محمد رشيد، غلام مصطفي جتوئي ۽ حفيظ پيرزادو شامل ھيا[18]. 24 ڊسمبر تي ڀٽو اوڀر پاڪستان ۾ شڪست جي جاچ لاء چيف جسٽس حمود الرحمان جي سربراھي ۾ ڪميشن جوڙي. ڪميشن جا رڪن چيف جسٽس آف پاڪستان حمود الرحمان، چيف جسٽس سنڌ بلوچستان ھاء ڪورٽ جسٽس طفيل علي عبدالرحمان ھيا جن کي ٽن مھينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاء چيو ويو[18]. 31 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ائٽامڪ ڪميشن کي پنھنجي ذمي ورتو[18]. پھرين جنوري 1942ع تي تحريڪ استقلال جي ايئر مارشل اصغر خان لاھور م پريس ڪانفرنس ذريعي مارشل لا ختم ڪرڻ، مجيب الرحمان کي آزاد ڪرڻ ۽ يحي خان کي گرفتار ڪري ان خلاف کليل مقدمو ھلائڻ جو مطالبو ڪيو[18]. 9 جنوري 1972ع تي عوامي ليگ جي مجيب الرحمان کي آزاد ڪري پي آء اي جي جھاز م لنڊن روانو ڪيو وي[18] 26 جنوري 1972ر تي سويت يونين بنگلاديش کي تسليم ڪيو[18].

ذوالفقار علي ڀٽو جو صدارتي دؤر[سنواريو]

اقتدار جي منتقلي ۽ صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج ھڪ متفقه نئين آئين جي تشڪيل ھيو. 23 جنوري 1972 تي ليفٽيننٽ جنرل گل حسن کي ٽن سالن لاء پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو بعد ۾ 3 مارچ 1972 تي ان سميت ايئرفورس جي ڪمانڊر ايئر مارشل رحيم خان ھٽائي انھن جي جاء تي ترتيبوار جنرل ٽڪا خان ۽ ايئر مارشل ظفر چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. 10 مارچ تي ٽڪا خان ڊيلي ٽيليگراف کي انٽرويو ۾ ٻڌايو تہ 30000 بنگالي فوج سان مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا ۽ ان کان وڌيڪَ انگ اکر وڌاءُ ھو. 11 اپريل تي عبوري آئين جو مسودو پارلياماني ليڊرن ۾ ورھايو ويو ۽ 17 اپريل 1972ع تي نيشنل اسيمبلي منظوري ڏني مخالف ڌر ووٽنگ ۾ شامل نه ٿي [18]. ساڳي تاريخ تي پاڪستان جي آئين جي تياري لاء قومي اسيمبلي جي 25 رڪنن جي محمود علي قصوري جي سربراهي ۾ ھائوس ڪميٽي جوڙي وئي پر بعد ۾ 4 آڪٽوبر تي قصوري اختلافن جي ڪري ان ذميواري تان استعيفا ڏئي ۽ 29 آڪٽوبر تي کيس پيپلزپارٽي مان ٻاھر ڪڍيو ويو[18]. 21 اپريل تي صدر عبوري آئين جي توثيق ڪئي ۽ 3 سال ۽ 26 بعد مارشل لا ختم ڪئي وئي ۽ آئين جي حاڪميت جي بحالي ٿي. صدر ۽ چيف جسٽس حمود الرحمان راولپنڊي ۾ ان آئين تحت قسم کنيا[18].25 اپريل 1972 تي پھرين مئي کي مزدورن جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پھرين مئي 1972 تي پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو اھو ڏينھن ملھايو ويو. ساڳي ڏينھن ممتاز ڀٽو، سردار عطاءُ الله خان مينگل، مولانا مفتي محمود سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا وزير اعليَ مقرر ڪيا ويا جڏهن ته پنجاب لاء ملڪ معراج خالد کي نامزد ڪيو ويو[18]. 38 جون تي شملا سمٽ ۾ ڀٽو ۽ اندراگانڌي پنھنجن ايڊيز کان سواءِ ملاقات ڪئي. مذاڪرات جاري رھيا ۽ 3 جولاءِ تي ٻنھي شملا معاھدي تي صحيحون ڪيون. ٻنھي اڳواڻن طئي ڪيو تہ ٻنھي ملڪن جون فوجون پنھنجي پراڻي سرحدي پوزيشن تي اينديون، تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو ويندو، ڪشمير ڪنٽرول لائين ۾ مداخلت ۽ انحرافي نہ ڪئي ويندي، واپاري ۽ ثقافتي تعلق بحال ڪيا ويندا[18]. 7 جولاء تي سنڌ اسيمبلي سنڌي کي اردو وانگر صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي منظوري ڏني جنھن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اردو جي حق ۾ پرتشدد مظاھرا شروع ٿي ويا جنھن ڪري ڪرفيو لڳائڻو پيو. ھڪ دفعو ٻيھر جنگ اخبار بم رئيس امروهي جو شعر اردو کا جنازہ ہے ذرا دھوم سے نکلے ڇاپيو ويو. فسادن ۾ پوليس جي فائرنگ چ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا 150 زخمي ٿيا. 16 جولاءِ 1972 تي گورنر سنڌ ٽيچنگ، پروموشن اينڊ يوز آف سنڌي لينگويج بل 1972ع جي توثيق ڪئي.[18]. 8 جولاءِ 1972 ۾ حمود الرحمان واري جنگي ڪميشن جي رپورٽ تي ميمبرن سپريم ڪورٽ جي چيمبر ۾ صحيحون ڪيون ۽ 13 جولاءِ تي چيف جسٽس حمود الرحمان اھا رپورٽ صدر کي پيش ڪئي[18].14 جولاء 1972 تي نيشنل اسيمبلي شملا معاهدي جي منظوري ڏني جڏھن ته ڀارتي لوڪ سڀا ان جي توثيق پھرين آگسٽ تي ڪئي ۽ 29 آگسٽ بتي نيو دھلي ۾ ٻنھي ملڪن شملا معاهدي تي عملدرآمد واري ايگريمينٽ تي صحيحون ڪيون[18]. 27 آڪٽوبر 1972 تي جنيوا ڪنوينشن جي پاسداري ۾ پاڪستان ڀارت جي سمورن جنگي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سلسلو 27 آڪٽوبر 1973 تي مڪمل ٿيو. 6 نومبر 1972 تي ڀارت مان پاڪستاني جنگي قيدين جي واپسي شروع ٿي[18] 9 نومبر 1972 ۾ پاڪستان سيٽو مان نڪري آيو[18]. 31 ڊسمبر تي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي تيار ٿيل نئين آئين جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ۽ 11 اپريل تي قومي اسيمبلي يڪراءِ ان کي منظور ڪيو. مخالف ڌر بائيڪاٽ ختم ڪيو اٺ تڪراري شقن ۾ ترميم ڪئي وئي. ٽن ميمبرن محمود علي قصوري، احمد رضا قصوري ۽ شاھ احمد نوراني ووٽنگ ۾ حصو نہ ورتو. 14 آگسٽ 1973ع تي نئون آئين عمل ۾ اچي ويو [18]. 30 مارچ 1973 تي حڪومت جي خلاف سازش جي الزام ۾ فوج، ايئرفورس ۽ نيوي جي 24 آفيسرن جون گرفتاريون ٿيون[18]. پھرين جولاء 1973 تي نيشنل آئڊنٽٽي ڪارڊ جي اسڪيم جاري ٿي جنھن تحت پھريون ڪارڊ ذوالفقار علي ڀٽو جو جاري ٿيو[18]. 4 آگسٽ 1973 تي پاڪستان جي دفاع جي بجٽ ٻيڻي ڪئي وئي[18]. 11 آگسٽ 1973 تي چوڌري فضل الاھي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. ھن 139 ووٽ کنيا جڏھن ته نعپ جي اميدوار 45 ووٽ کنيا.

وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو پارلياماني دؤر[سنواريو]

13 آگسٽ 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽو نئين آئين تحت پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو[18]. 31 ڊسمبر 1973 تي ڪراچي ڀرسان پپري ۾ وزيراعظم ملڪ جي پھرين اسٽيل پلانٽ جو سنگ بنياد رکيو[18]. 22 23 فيبروري 1974 تي لاھور ۾ اسلامڪ سمٽ ڪانفرنس منعقد ٿي[18].5 مئي 1974 تي ڀارت ائٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ نيوڪليئر ڪلب ۾ شامل ٿي ويا[18]. 14 اپريل 1974ع تي وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ختم ڪرڻ ۽ 15 مئي کان سول انتظاميه بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو[18]. 27 جون 1974 تي وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دوري تي بنگلاديش روانو ٿيو[18]. 14 آگسٽ 1974ع تي پارليامينٽ جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو ويو[18]. 7 سيپٽمبر 1974 تي آئين ۾ ترميم ڪري قرار ڏنو ويو ته ختم نبوت تي ايمان نہ رکندڙ مسلمان نه رھندو ۽ ختم نبوت جي خلاف تبليغ تي سزا ڏني ويندي. ان ائيني ترميم جي نتيجي ۾ احمدي جماعت يا قادياني ختم نبوت جي مطلق عقيدي کي نہ مڃڻ ڪري غير مسلم اقليت ۾ شامل ٿي ويا. 11 سيپٽمبر تي قومي اسيمبلي انھن کي باقاعده غير مسلم قرار ڏنو[18]. 14 آڪٽوبر 1974 تي وزيراعظم پيش پوندڙ بلوچ قبيلن کي عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو[18]. 11 نومبر 1974 ۾ ايم اين اي آحمد رضا قصوري جو پيءُ نواب محمد احمد قصوري لاھور ۾ قاتلاڻي حملي ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو[18]. 17 جنوري 1975 تي دھشتگردي واريون خاص عدالتون قائم ڪيون ويون[18]. 8 فيبروري 1975 تي سرحد صوبي جو وزير اعلي حيات محمد شيرپائو پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو جنھن ڪري 15 فيبروري تي نيشنل عوامي پارٽي تي بندش وڌي وئي[18]. 1965 واري جنگ ۾ آمريڪا پاڪستان تي ھٿيارن ڏيڻ تي پابندي لڳائي ھئي جيڪا 12 فيبروري 1975 تي ختم ڪئي[18]. ڪراچي ۾ ٽرام سروس 20 اپريل 1885 ۾ شروع ٿي ھئي جنھن کي 30 اپريل 1975 ۾ ختم ڪيو ويو[18]. 27 جولاءِ 1975 ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل وياج يا ربا کي ختم ڪري زڪوات متعارف ڪرڻ جي سفارش ڪئي[18]. 19 سيپٽمبر 1975 تي ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس قائم ڪئي وئي[18]. 31 آڪٽوبر 1975 تي سپريم ڪورٽ نعپ کي پاڪستان جي وجود جي خلاف ھجڻ ڪري ٽوڙي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنھن بعد نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي قائم ٿي[18]. پھرين جنوري 1976 تي بلوچستان اسيمبلي کي معطل ڪري بلوچستان ۾ وفاقي راڄ قائم ڪيو ويو[18]. 3 جنوري 1976 تي وزيراعظم ڪراچي کي ميٽروپوليٽن جو درجو ڏنو ويو[18]. 6 فيبروري 1976 تي جنرل ضياءَ الحق کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويو جنھن پھرين مارچ تي جنرل ٽڪا خان کان چارج ورتي[18]. 23 مارچ 1976ع ۾ وزيراعظم اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي موجوده عمارت جو سنگ بنياد رکيو[18]. 24 جنوري 1976ع ۾ لاھور امرتسر ٽرين سروس جي شروعات لاء نيودھلي ۾ معاھدو ٿيو[18]. 5 آگسٽ 1976 تي وزيراعظم پورٽ قاسم جو سنگ بنياد رکيو[18]. 4 آڪٽوبر 1976 تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس فرانس کان پاڪستان کي نيوڪليئر پلانٽ نہ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو[18]. 12 آڪٽوبر 1976 تي سعودي بادشاھ خالد بن عبدالعزيز اسلام آباد ۾ شاھ فضل مسجد جو سنگ بنياد رکيو[18]. وزيراعظم سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائي 60 سال ڪئي[18]. 20 ڊسمبر 1976 تي پي ٽي وي جي رنگين نشريات جي شروعات ٿي[18]. 7 جنوري 1977 تي حڪومت عام چونڊن لاء 7 مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ۽ پھرين جولاء کان جمعو عام موڪل جو ڏينهن بڻايو ويو[18]. 18 جنوري تي صدر قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي[18]. 11 جنوري تي ڀٽو جي پيپلز پارٽي سان مقابلي لاءِ پاڪستان نيشنل الائنس جو قيام ٿيو[18]. 12 جنوري تي پاڪستان ماتا کان پاڪ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو[18]. ڀٽو کي اليڪشن ڪميشن بغير مقابلي جي چونڊيل قرار ڏنو. مخالف اميدوار جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا جان محمد عباسي ان فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ 25 جنوري تي اپيل داخل ڪئي وئي تہ کيس اغوا ڪيو ويو ھو جيڪا 13 فيبروري تي اغوا جي ثبوت نہ ھجڻ ڪري رد ڪئي وئي. پھرين مارچ تي پي اين اي جي سڏ تي پوري ملڪ ۾ ھڙتال ڪئي وئي[18]. 7 مارچ 1977 تي عام چونڊون ٿيون جن ۾ ڪل 200 سيٽن مان پيپلزپارٽي 155 سيٽون، پي اين اي 35 سيٽون کٽيون. پي اين اي اڳواٽ رٿيل ڌانڌلي جو الزام لڳايو[18]. 10 مارچ تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ٿي جنھن جو پي اين اي بائڪاٽ ڪيو[18]. 26 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن قسم کنيو پر پي اين اي بائيڪاٽ ڪيو ۽ ملڪ ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو.28 مارچ تي ڀٽو ٻيھر وزيراعظم چونڊجي آيو[18]. 15 اپريل تي ڀٽو لاھور ۾ مولانا مودودي سان ملاقات ڪئي جنھن کانئس استعفي ڏيڻ جو مشورو ڏنو[18]. 22 اپريل 1977 تي ڪراچي ، لاھور، حيدرآباد ۾ مارشل لا ۽ راولپنڊي ب۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.28 اپريل 1977 ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم يونائيٽيڊ اسٽيٽس تي الزام لڳايو تہ پاڪستان ۾ سياسي بحران جي پٺيان ان جو ھٿ آھي[18]. 7 جون تي لاھور ھاء ڪورٽ ڪراچي، لاھور ۽ حيدرآباد ۾ مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو[18]. 15 جون 1977 تي مذاڪرات بعد حڪومت ۽ پي اين اي ۾ معاملا طئي ٿي ويا. حڪومت ٻيھر چونڊون ڪرائڻ تي راضي ٿي وئي. 3 جولاءِ تي ڀٽو اعلان ڪيو تہ معاھدو ٿي چڪو آهي رڳو صحيحون ٿيڻيون آهن آھن پر اصغر خان پڌرائي ڪئي تہ پي اين اي جي ڪائونسل منظور ناھي ڪيو. 5 جولاء 1977 تي جنرل ضياءُ الحق فوجي بغاوت ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي، ڀٽو ۽ ٻيا سياستدان گرفتار ڪيا ويا، آئين کي جزوي طور تي معطل ڪيو ويو ۽ صدر فضل الاهي کي برقرار رکيو ويو ۽ ٽن مھينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سياسي سرگرمين تي بندش وڌي وئي. چئن ماڻھن تي مشتمل فوجي ڪائونسل قائم ڪئي وئي[18].

ٻين مارشلا[سنواريو]

5 جولاءِ 1977 تي ملڪ م چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءَ الحق فوجي بغاوت ذريعي ڀٽو سرڪار کي معزول ڪري اقتدار تي قبضو ڪي، ۽ پوء ملڪ جو صدر بڻجي ويو. ذولفقار علي ڀٽو تي ھڪ سياسي اڳواڻ جي پيء جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪري گرفتار ڪري ان تي لاھور ھاء ڪورٽ م خون جو مقدمو ھلايو ويو جنھن م کيس موت جي سزا ڏني وئي ۽ ان جي سپريم ڪورٽ م اپيل پڻ رد ٿي وئ. اھڙي طرح ذولفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي. ملڪ ۾ پرويژنل ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر يا پي سي او جي نالي سان عبوري آئين ڏئي سياسي نظام ھلايو ويو. 1985 م ريفرينڊم ڪرايو ويو جنھن تحت جنرل ضياءَ الحق ملڪ جو صدر برقرار رھڻ جو حق حاصل ڪيو ۽ ائين ۾ ھڪ وڏي ترميم ڪئي جيڪا اٺين ترميم جي نالي سان مشھور ٿي. جنھن تحت ملڪ جو نظام نيم پارلياماني ۽ نيم صدارتي ٿي ويو ء صدر کي بي پناھ اختيار ڏنا ويا. ملڪ م غيرجمائتي بنيادن تي چونڊون پڻ ڪرايون ويون. اھڙي طرح 24 مارچ 1985 تي محمد خان جوڻيجو ملڪ جو ڏھون وزيراعظم ٿيو. 1973 جي آئين کي نئين ترميم سان بحال ڪيو ويو. 1987 ۾ اوجڙي ڪيمپ وارو واقعو ٿيو جنھن جي جاچ واري معاملي تي اختلاف سبب 29 مئي 1988 تي جنرلل ضياءَ الحق محمد خان جوڻيجو جي حڪومت سميت سڀ صوبائي حڪومتون برطرف ڪري سڀ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ملڪ م جماعتن بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. آگسٽ 1988 ۾ جنرل ضياءَ الحق پنھنجي لڳ ڀڳ سموري فوجي قيادت سميت سي 130 جھاز جي حادٽي م بھاولپور ڀرسان مارجي ويو. سينيٽ چيئرمين غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر ٿيو.۽ جنرل مرزا اسلم بيگ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيو.
جنرل ضياءَ الحق اسلامي ضابطا متعارف ڪرايا جن ۾ زڪوات واري ٽيڪس، شريعت ڪورٽون، اسلامي سزائن جو نفاذ، بينڪن مان وياج جو جزوي خاتمو، تعليمي نصاب کي اسلامي بڻائڻ لاءِ نظرثانيون شامل ھيا[21]. 1980 واري ڏهاڪي م پاڪستان يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ ٻين ملڪن سان سان سھڪار ڪندي افغانستان تي 1978ع کان قابض سوويت فوج جي خلاف افغان مجاهدن جي گوريلا جنگ ۾ مدد ڪئي. لکين افغاني پنھنجي سرزمين تي تڪليفن سبب پاڪستان ۾ پناهگير ٿي آيا ۽ پاڪستان ۾ انھن جون پناهگير ڪيمپون ويڙھاڪن جي ڀرتي جي لاء زرخيز زمين بڻجي ويون[21].

1988 کان 1998 تائين جمھوري دور[سنواريو]

2 ڊسمبر 1988 تي بينظير ڀٽو ملڪ جي يارھين وزيراعظم ٿي. 6 آگسٽ 1990 تي صدر غلام اسحاق بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪرپشن جي الزامن تي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اھڙي طرح چونڊن م 6 نومبر 1990 تي ميان نواز شريف ملڪ جو ٻارھون وزيراعظم ٿيو. 1993ع ۾ ميان نوازشريف جي حڪومت کي صدر غلام اسحاق برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي نئين چونڊن جو اعلان ڪيو پر سپريم ڪورٽ ان قدم کي ڪالعدم قرار ڏئي حڪومت بحال ڪئي پر پوء ٻنھي 18 جولاء 1993ع تي نوازشريف ۽ غلام اسحاق خان پنھنجن عھدن تان استعيفا ڏئي. اليڪشن ٿيڻ بعد 18 آڪٽوبر 1993تي بينظير ڀٽو ملڪ جي تيرھين وزيراعظم ٿي ۽ پوء فاروق لغاري ملڪ جو صدر ٿيو. 5 نومبر 1996 تي ڪرپشن جي الزامن تي صدر فاروق لغاري بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪري سموريون اسيمبليون ٽوڙي نئين اليڪشن جو اعلان ڪيو. 17 فيبروري 1997ع تي ميان نواز شريف ملڪ جو چوڏھون وزيراعظم ٿيو

ٽين مارشلا[سنواريو]

12 آڪٽوبر 1999 تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف فوجي بغاوت ذريعي اقتدار تي قبضو ڪري کيس برطرف ڪري آئين کي معطل ڪندي مارشل لا لاڳو ڪئي. 2002 ۾ چونڊون ٿيون ۽ 22 نومبر 2002 تي ظفرالله جمالي ملڪ جو پندرھون وزيراعظم ٿيو جيڪو 26 جون 2004 تائين رھيو. کانئس استعيفا ورتي وئي ۽ 26 آگسٽ 2004 تائين چوڌري شجاعت ملڪ جو سورھون وزيراعظم رھيو. 28 آگسٽ 2004 کان 15 نومبر 2007 تائين پرويز مشرف جي رضامندي سان شوڪت عزيز ملڪ جو سترھون وزيراعظم رھيو. جنھن بعد نگران حڪومت م 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي م قاتلاڻي حملي ۾ شھيد ڪيو ويو
پاڪستاني انٽر سروس انٽيليجنس بنيادپرست اسلامي تنظيم طالبان جي مدد ڪئي جنھن تقريبن سموري افغانستان تي 1996ع کان 2001ع تائين حڪمراني قائم ڪئي. 2001 کان پاڪستاني حڪومت دھشتگردي جي خلاف ۽ افغانستان چ۾ طالبان ۽ القائده جي خلاف فوجي ڪارروائي ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي مدد ڪئي[21].

2008 کان جمھوري دؤر[سنواريو]

ملڪ ۾ 2008 ۾ عام چونڊون ٿيون. يوسف رضا گيلاني ملڪ جو ارڙھون وزيراعظم ٿيو ۽ جنرل پرويز مشرف فوج جو عھدو ڇڏڻ بعد صدرات جو عھدو بہ ڇڏيو ء آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو. آئين م ترميم ڪري صدر جا اختيار ختم ڪري وزيراعظم جا اصل اختيار بحال ڪري ان کي حقيقي چيف ايگزيڪيوٽو بڻايو ويو. 26 آڪٽوبر 2012 تي ڪورٽ جي فيصلي تي نا اھل ٿي وڃڻ ڪري يوسف رضا گيلاني فارغ ٿي ويو ۽ راجا پرويز اشرف ملڪ جو اوڻويھون وزيراعظم ٿيو جيڪو 24 مارچ 2013 تائين رھيو ۽ پاڪستان جي ان قومي اسيمبلي ملڪ ٺھڻ بعد پھريون دفعو پنھنجو آئيني مدو پورو ڪيو. نئين چونڊن بعد 5 جون 2013 تي ميان محمد نوازشريف ملڪ جو ويھون وزيراعظم ٿيو . 28 جولاءِ 2017 عدالت کيس نااهل قرار ڏنو جنھن ڪري عھدي تان معزول ٿي ويو ۽ سندس پارٽي جو شاھد خاقان عباسي ملڪ جو ايڪويھون وزيراعظم تيو ۽ 31 مئي 2018 تي قومي اسيمبلي جي مدي پوري ٿيڻ تائين ان عھدي تي رھيو جنھن کان پوءِ عام چونڊون ٿيون ۽ تحريڪ انصاف جو عمران خان 18 آگسٽ 2018 تي ملڪ جو ٻاويھون وزيراعظم ٿيو.

جاگرافي[سنواريو]

ڏکڻ ايشيا ۾ واقع ھن ملڪ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، اوڀر ۾ انڊيا، اولھ ۾ ايران ۽ افغانستان اتر م چين واقع آهن[22]. ملڪ جي بين الاقوامي سرحد جي ڊيگھ 7257 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 2670 ڪلوميٽر افغانستان سان، 438 ڪلوميٽر چين سان، 3190 ڪلوميٽر انڊيا سان ۽ 959 ڪلوميٽر ايران سان ملي ٿيون[22]. ملڪ جي سمنڊ سان ملندڙ حد 1046 ڪلوميٽر آهي. پاڪستان جي سمنڊ جي پاڻي ۽ فضائي اسپيس جي حد ان جي ڪناري جي حد کان سمنڊ طرف 12 ناٽيڪل ميلن تائين آهي، جنھن کان علاوه اڳتي وڌيڪ 200 ناٽيڪل ميلن تائين ملڪ جو معاشي زون آھي جتي کنڊ جي حد ھوندي آھي[22]. ان جو جاگرافيائي مقام 00 30 اتر ۽ 70 00 اوڀر آھي[22]. ان جي ڪل پکيڙ 880٬940 km2 (340٬130 sq mi) آھي.[23]. (آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان سواءِ) ان جي ڪل پکيڙ 796095 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 770875 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 25220 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ايراضي م دنيا جو ملڪن م 37ھہن نمبر تي آهي[22]. جنھن جو 24 سيڪڙو علائقو زرعي آھي جنھن مان وري 40 سيڪڙو پوک جي قابل، 13 سيڪڙو پوک ھيٺ، 20 سيڪڙو بيڪار، 3 سيڪڙو ٻيلا آهن. پاڪستان ۾ ٽي بندرگاھون آهن جن جا نالا ڪراچي پورٽ، بن قاسم پورٽ ۽ گوادر پورٽ آھن. ملڪ جي ٽوپوگرافي مطابق ملڪ ٽن مختلف جاگرافيائي خطن ۾ ورھايل آھي جن ۾ شامل آهن[22]: اتريان مٺاھان ميدان؛ سنڌوندي جي ٻنھي پاسن وارو وچيون ۽ ملڪ جي اوڀر وارو ميداني علائقو؛ ۽ ملڪ جي ڏکڻ ۽ اولھ پاسي واري بلوچستان جي زمين پليٽ. ملڪ جي سراسري بلندي سطح سمنڊ کان 900 ميٽر آهي[22]. سڀ کان ھيٺاھون مقام عربي سمنڊ جي سطح آھي جيڪا زيرو ميٽر آهي[22]. ملڪ جو بلند ترين مقام گاڊون آسٽن جبل جي چوٽي ڪي 2 اھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 8611 ميٽر بلند آھي[22]. ملڪ جي قدرتي وسيلن ۾ شامل آهن: زرخيز زمين، وڏي پيماني تي مليل قدرتي گئس جا ذخيرا، محد پيٽروليم، گھٽ معيار وارا ڪوئلي جا ذخيرا، ڪچو لوھ، ٽامو، لوڻ ۽ لائيم اسٽون[22]. 2011 جي تخميني مطابق ھن ملڪ جي زمين جو 35.2 سيڪڙو زرعي زمين تي مشتمل آهي جنھن مان 27.6 سيڪڙو پوکي لائق آھي. 1.1سيڪڙو زمين تي مستقل فصل پوکيا ويندا آهن ۽ 6.5 سيڪڙو زمين تي چراگاھون آھن[22]. 2011ع جي تخميني مطابق زرعي زمين کان سواءِ 2.1 سيڪڙو زمين تي ٻيلا واقع آھن ۽ ملڪ جي باقي غير زرعي زمين 62.7 سيڪڙو آهي جنھن م جبل ، ريگستان ء ٻي غير زرعي زمين شامل آهي[22]. 2012 جي تخميني مطابق ملڪ جي آبپاشي واري زمين 202000 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي[22]. ارضياتي طور پاڪستان کي هيٺين ٽن خطن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

جابلو علائقو[سنواريو]

پاڪستان جي اتر ۽ اولهه ۾ جابلو علائقو آهي. هن ۾ اتر وارا جبل، هماليہ جون شاخون آهن، جن جون قطارون ديوارن وانگر هڪٻئي پٺيان بيٺل آهن. انهن ۾ چترال ۽ مريءَ جا پهاڙ، ڪاغان وادي ۽ قبائلي علائقن جا پهاڙ شامل آهن. انهن جبلن مان هماليه جبل جي سراسري اوچائي 20 هزار فوٽ آهن، جنهنڪري اُن جون چوٽيون سدائين برف سان ڍڪيل رهنديون آهن، گلگتجي ويجهو نانگاپربت جي چوٽي 26 هزار فوٽ اوچي آهي، ۽ قراقرم جابلو قطار ۾ K-2 جي پهاڙي 8٬611 m (28٬251 ft) اوچي آهي، جتي وسيع برف موجود رهندي آهي. اتر- اولهه واريءَ سرحد تي هندوڪش جبل پکڙيل آهي، جنهن جي چوٽي (ترچ مير) 25353 فوٽ آهي. پهاڙي لڪن جهڙوڪ: بابُوسر،دره خنجراب ۽ لواريوغيره بہ گهڻو ڪري برف سان ڍڪيل هوندا آهن، گرمين ۾ برف ڳرڻ کان پوءِ ئي آمدرفت ٿيندي آهي.

زمين تي ٻيون نمبر اوچي جابلو چوٽي ڪي-2 پاڪستان ۾ واقع آهي.
دنيا جي سڀ کان اوچي ٿڌي رڻپٽ (Cold Desert)جو نالو ڪٽپانہ آھي ۽ اھو اسڪردو،پاڪستان ۾ واقع آهي.
زمين جو نائون نمبر وڏو جبل نانگا پربتپاڪستان۾واقع آهي.
ديوسائي يا ديون جي سرزمين دنيا جو ٻيو نمبر اوچو الپائين ميداني خطو پاڪستان ۾ آهي جتي نيشنل پارڪ پڻ آھي.آھي .

ميداني علائقو[سنواريو]

پاڪستان جو تقريباً اوڀر وارو حصو ميداني آهي. ان کي سنڌو ماٿري چوندا آهن، ڇوتہ سنڌو درياء ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون: ڪابل ندي، جهلم درياء، ستلج درياء، راوي درياء، بياس ۽ چناب درياءَ آهن . سنڌو درياهه وارو علائقو وسيع ميدان آهي، جيڪو ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي، اُن جا ٻه حصا آهن:
1.سنڌوءَ جو مٿيون حصو: هن حصي ۾ پنجاب ۽ بهاولپور جا علائقا شامل آهن. هتي جي زمين زرخيز آهي، ڇو تہ هتي نهرن جو ڄار وڇايل آهي. بهاولپور واري خطي ۾، اوڀر طرف جيڪو حصو خشڪ آهي، ان کي ”چولستان“ چوندا آهن.
2.سنڌوءَ جو هيٺاهون ميدان: هن حصي ۾ سنڌو درياهه جو پيٽ وڌيڪ ويڪرو آهي. اُن کان سواءِ برسات جي اڻاٺ سبب ڪجهه زمين ريگستان بنجي وئي، انهيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وٽان بئراج ٺاهي، ڪيتريون ئي شاخون ڪڍيون ويون آهن.

مٿانهون پٽ[سنواريو]

هن علائقي جا ٻه حصا آهن:
1.پوٽوهار، جهلم درياء جي ڪناري سان، ٻه هزار فوٽ اوچو جابلو لوڻ (سينڌي لوڻ) جو پهاڙي سلسلو الهندي طرف هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ هر هنڌ لوڻ جون ڇپون ملن ٿيون. اهو سڄو علائقو باراني آهي. ان ۾ گاسليٽ، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. ڪوهستان لوڻ، جهلم نديءَ جي الهندي ڪناري سان لڳو لڳ ڏکڻ اولهه طرف سنڌو درياء تائين پکڙيل آهي. ان سلسلي جي اوچائي لڳ ڀڳ ست سؤ ميٽر ٿيندي. ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولهه وارن جبلن وچ ۾ پوٽوهار جو مٿانهون پٽ آهي. ان ۾ اٽڪ، راولپنڊي (خاص ڪري ڪوهه مري ۽ ڪهوٽا جا علائقا) ۽ جهلم ضلعو شامل آهن.
2.سليمان جبل ۽ کيرٿر جبل جي الهندي ۾ بلوچستان نهايت مٿانهون علائقو آهي، جنهن جي اوچائي 600 کان 900 ميٽر ٿيندي. هتي جي هوا نهايت خشڪ آهي ۽ برسات نه پوڻ ڪري سبب صوبي جي گهڻي ايراضي غيرآباد آهي. وچ ۾ لوڻ واري پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، اترئين حصي ۾ ڪروميم جا ذخيرا ملن ٿا.

آبھوا[سنواريو]

پاڪستان جي ڪوپن ڪلائيميٽ جي درجہ بندي

ھن ملڪ جي موسم گھڻي ڀاڱي گرم رھندي آھي. ريگستاني علائقن ۾ خشڪ، ملڪ جي اتر-اولھ پاسي ٽيمپريٽ، اتر ۾ آرڪٽڪ ھوندي آھي[22]. پاڪستان پُوري پُني ڪمربند ۾ اچي ٿو. پاڪستان جو گهڻو حصو سمنڊ کان پري آهي ۽ اتر ۾ اوچا جبل اٿس. اهوئي سبب آهي، جو هتان جي آبهوا مجموعي طور خشڪ ۽ گرم آهي. گرميءَ جي موسم ۾ پاڪستان جو گرمي پد سڀ کان وڌيڪ سبي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاھ ۾ آهي. تازو جون 2010ع ۾ موهن جي دڙي واري علائقي۾ گرمي پد 54 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو هو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ٿيو. ان کان اڳ سبي، جيڪب آباد، سکر ۽ نوابشاھ ۾ وڌ کان وڌ 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد مختلف وقتن تي رڪارڊ ٿيو، جڏهن تہ سياري ۾ پاڪستان ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ برسات تمام گهٽ پوندي آهي. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سراسري 5 انچ برسات پوندي آهي.

نديون[سنواريو]

پاڪستان جي سڀ کان وڏي ندي سنڌوندي آھي جنھن کي انگريزي ب۾ انڊس رور سڏين ٿا. عربن ان کي مھران جو نالو ڏنو جيڪو پوء سنڌي ۾ مھراڻ ٿي ويو. سنڌوندي پاڪستان کي ھماليه جبلن کان عربي سمنڊ تائين ٻن حصن ۾ ورھائي ٿي[21]. پاڪستان جون ٻيون نديون چناب ندي، راوي ندي، جھلم ندي، ستلج ندي، ڪابل ندي شامل آهن.

ڍنڍون[سنواريو]

پاڪستان جي کاري پاڻي واري وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ڍنڍ آھي جيڪا سنڌ جي ڄامشورو ضلعي ۾ سيوھڻ ۾ بوبڪ جي ڀرسان واقع آهي.

رڻپٽ[سنواريو]

پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو رڻپٽ يا ريگستان ٿر آھي.

معيشت[سنواريو]

پاڪستان جو قيام 1947 م ٿيو پر اڃان تائين اھو ترقي پذير ملڪ آھي جنھن جو وڏو سبب وڏي عرصي کان سياسي عدم استحڪام ۽ ٻاھرين سيڙپ جي ڪمي آھي[22]. 28 فيبروري 1948ع ۾ پاڪستان جي پھرين وزير خزانه ملڪ غلام محمد پاڪستان جي پھرين بجيٽ پيش ڪئي جيڪا پنج لک روپيه بچت واري بجيٽ ھئي[18]. پھرين اپريل 1948ع تي پاڪستان پنھنجا پھريان سڪا ۽ ھڪ روپئي جو ڪرنسي نوٽ جاري ڪيا، ۽ 10 مئي تي گورنر جنرل اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي قيام جو حڪم جاري ڪيو. 25 جون تي ذاھد حسين اسٽيٽ بينڪ جو پھريون گورنر مقرر ٿيو[18] پھرين آڪٽوبر 1948ع تي اسٽيٽ بينڪ ملڪ م 5 روپئي ۽ 10 روپئي ۽ 100 روپئي جا پھريون دفعو ڪرنسي نوٽ جاري ڪيا[18]. پھرين جنوري 1952ع تي پھريون ڀيرو انڊيا جي ڪرنسي نوٽن جي ملڪ ۾ گردش بند ڪئي وئي[18]. پھرين آگسٽ 1955ع تي آء ايم ايف جي منظوري سان روپئي جو قدر ٻيھر مقرر ڪندي ھڪ روپئي کي 0.186621 گرام سون ۽ 4.76190 يو ايس ڊالر جي برابر بڻايو ويو[18]. ٻاھرين سيڙپڪاري نہ ٿيڻ جو وڏو سبب امن امان جو مسئلا ۽ توانائي جو بحران آھي[22]. ملڪ جي جي برآمد جو اڌ حصو ڪپڙي جي صنعت جو آھي[22]. 2017 جي تخميني مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي 1061 ٽرلين ڊالر ھئي جيڪا دنيا م 25 نمبر تي ھئي ء ان جي ان سال حقيقي واڌ 5.4 سيڪڙو ھئي[22]. 2016 جي تخميني مطابق جي ڊي پي جو 24.4 حصو زراعت جو، 19.1 حصو صنعت جو ۽ 2017 جي تخميني مطابق 56.5 سيڪڙو حصو خدمتن جو ھيو[22]. پاڪستان جي صنعت م ڪپڙي جي صنعت، دوائن جي صنعت، طبي اوزارن جي صنعت، ڪنسٽرڪشن واري سامان جي صنعت، ڪاغذ جي صنعت ، ڀاڻ جي صنعت ۽ گانگٽن جي صنعت شامل آهن[22]. 2017 جي ڪاٿي مطابق پاڪستان م صنعتي پيداوار جي واڌ جي شرح 5.4 سيڪڙو ھئي[22]. 2017 جي ڪاٿي مطابق پاڪستان م مزدورن جو تعداد 6،38،90،000 ھيو جنھن ۾ ٻار ۽ وچ اوڀر ۾ ڪم ڪندڙ مزدور پڻ شامل آهن. ان تعداد جو 42.3 سيڪڙو زرعي مزدور، 22.6 سيڪڙو صنعتي مزدور ء 35.1 سيڪڙو خدمتن وارا مزدور شامل آهن ۽ ان ڪاٿي مطابق پاڪستان جو دنيا م نائون نمبر ملڪ ھيو[22]. 2017 جي ڪاٿي مطابق پاڪستان م بيروزگاري جي شرح 6 سيڪڙو ھئي ۽ دنيا م ان جو درجو 90 نمبر تي ھيو[22]. 2817 جي ڪاٿي مطابق پاڪستان جي آمدني 46.81 ارب ڊالر ھئي ء خرچ 64=49 ارب ڊالر ھيو[22]. 2017 جي تفصيل مطابق پاڪستان جي برآمد 17.7 سيڪڙو آمريڪا، 7.7 سيڪڙو يونائيٽيڊ ڪنگڊم، 6 سيڪڙو چين، 5.8 سيڪڙو جرمني، 5.2 سيڪڙو افغانستان، 5.5 سيڪڙو متحده عرب امارات ۽ 4.1 سيڪڙو اسپين سان ھئي[22]. پاڪستان جي درآمد ساڳي سال جي تفصيل مطابق پاڪستان جي برآمد جو 27.4 سيڪڙو چين، 13.7 سيڪڙو متحده عرب امارات، 4.9 سيڪڙو آمريڪا، 4.3 سيڪڙو انڊونيشيا، 4.2 سيڪڙو سعودي عرب جو آهي[22]

اسلام آباد ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ٽاور

پاڪستان نيم صنعتي معيشت وارو ملڪ آهي[24][25] ڪراچي ۽ پنجاب جا شھري علائقا وڌيڪ ترقي واريون معيشتون آھن جيڪي باقي ٻين پوئتي پيل علائقن سان گڏ ملڪي معيشت کي ٽيڪ ڏئي بيٺيون آهن[25] 1947ع ۾ ھڪ غريب ترين ملڪ ھجڻ جي باوجود ھن ملڪ جي معيشت جي واڌ جي شرح عالمي شرح جي ڀيٽ ۾ شروعاتي چئن ڏھاڪن ۾ بھتر رھي پر بعد 90 واري ڏھاڪي جي پوئين حصي تائين انتشار وارين پاليسين ڪري سستي جو شڪار ٿي وئي[26] تازو وڏن معاشي سڌارن سان معيشت ڏسڻ م مضبوط ٿي آھي ۽ خاص طور تي مينيوفيڪچرنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن تيزي سان ترقي ڪئي آھي، ۽ پرڏيھي مٽاسٽا واري مارڪيٽ ۾ بھتري آئي آهي [26] 2005 ۾ پرڏيھي قرض 40 ارب يو ايس ڊالر ھيو. پاڪستان جي جي ڊي پي قوت خريد جي برابري واري پيماني مطابق 475 ارب يو ايس ڊالر ھئي[27] جڏھن تہ ان جي في ڪس آمدني 2,942 ڊالر $ ھئي[27] پاڪستان ۾ غربت جي شرح 23 ۽ 28 سيڪڙو جي وچ تي ھئي[28][29]

زراعت[سنواريو]

پاڪستان بنيادي طور هڪ زرعي ملڪ آهي. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ۾: ڪڻڪ، ڪپھ، چانور، ڪمند، سڻي، تيلي ٻج، ڀاڄيون ۽ ميوا شامل آهن. 1958ع کان اڳ زرعي سڌارا جدا جدا صوبن ۾ محدود پيماني تي نافذ ڪيا ويا هئا. انهن کي نافذ ڪري واسطيدار صوبن جي مرضيءَ تي ڇڏيو ويو هو، جنهنڪري جنوري 1959ع ۾ مختلف صوبن ۾ اڻپورا سڌارا نافذ ڪيا ويا. انهن پٽاندڙ ڪو بہ ماڻهو پنج سؤ ايڪڙ نهري يا هڪ هزار ايڪڙ باراني ايراضي کان وڌيڪ زمين رکي نه پئي سگهيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اولهه پنجاب جي علائقن ۾ في ايڪڙ پيداواري يونٽن جو اندازو مقرر ڪيو ويو هو. سٺي زمين جي هڪ ايڪڙ ۾ 72 پيداواري يونٽ مڃيا ويندا هئا. ان ريت ڪو بہ ماڻهو 36000 پيداواري يونٽن کان وڌيڪ زمين پاڻ وٽ رکي نٿي سگهيو، البت ان ايراضي کانسواءِ هڪ زميندار وٽ 150 ايڪڙ باغن لاءِ ۽ 183 ايڪڙ ايراضيءَ تائين ورهائي سگهيو ٿي. ان ايراضيءَ کانسواءِ باقي سڄي ايراضي حڪومت وٺي، هارين ۽ حقدار آبادگارن ۾ ورهائي ڇڏي. 1972ع ۽ 1977ع جي دوران ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ زرعي آندا ويا. انهن سڌارن تحت هارين کي زرعي مقصدن جي لاءِ بهتر سهولتون ۽ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شامل هئا. انهن سڌارن موجب زمين جي حد ملڪيت ۾ ڪمي ڪري هڪ فرد جي حد ملڪيت 500 نهري ايڪڙن مان گهٽائي 100 ايڪڙ ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح غير نهري ايراضيءَ جي في سيڪڙو حد ملڪيت 300 ايڪڙ ڪئي وئي. انهن سڌارن تحت هارين کي زرعي مقصدن لاءِ گهڻيون سهولتون ۽ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شامل هئا.

صنعت[سنواريو]

12 جنوري 1952ع تي پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي[18]. گڏيل پاڪستان سڻيءَ جو گهر هوندي، مغربي پاڪستان ۾ سڻيءَ جو هڪ بہ ڪارخانو موجود نه هو، جيڪي هئا سي بہ ننڍا ۽ معمولي درجي جا هئا. ورهاڱي کان اڳ کنڊ ٺاهڻ جا ننڍا ننڍا ڪارخانا هئا. فقط اٽي پيهڻ جون چڪيون، هڪ ٻه بسڪوٽ ٺاهڻ جا ڪارخانا، هڪ اڌ شراب ٺاهڻ ۽ بناسپتي گيھ جا ڪارخانا هئا. ورهاڱي کان پوءِ صنعتن ۾ واڌارو آيو. ملڪي ضرورت واريون شيون ٻاهران گهرائڻ بدران پاڪستان ۾ ئي ٺهڻ شروع ٿيون. ان مقصد سان ترقياتي بورڊ، پاڪستان صنعتي مالياتي ڪارپوريشن (جنهن اڳتي هلي صنعتي ترقياتي بئنڪ (I.D.B.P) جو روپ ورتو، صنعتي سرمايه ڪاري ڪارپوريشن، ٽيرف ڪميشن، ڇهن سالن واري رٿا، صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن، گهريلو هنرن جي صنعت، پهرين پنج ساله رٿ (1955ع کان 1960ع) ٻي پنج ساله رٿ(1965ع تائين)، ٽين پنج ساله رٿ (1970ع تائين)، چوٿين پنج ساله رٿ (1975ع تائين) ۽ انهن کان علاوه وقت بوقت پاڪستان ۾ سائنسي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ادارا پڻ قائم ٿيندا رهيا. هن وقت پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي صنعتون قائم آهن. جن ۾ لوھ، کنڊ، گيھ جا ڪارخانا ۽ سمال انڊسٽريز ۾ پڻ واڌارو آيو آهي. جڏهن تہ اڃا بہ وڌيڪ پرڏيهي سيڙپ ۽ صنعتي موقعن جي ضرورت گهڻي آهي. ملڪ ۾ هن وقت فولاد جا ڪارخانا (ڏسو: پاڪستان اسٽيل ملز)، ڪپڙي جون صنعتون، کاڄرو تيل، ڪيميڪل انڊسٽري، سيمينٽ، شگر ملز، چمڙي ۽ ڪپھ جا ڪارخانا وڏي تعداد ۾ موجود آهن، پر پوءِ بہ عالمي سطح تي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت پيش اچي ٿي.

قدرتي وسيلا ۽ معدنيات[سنواريو]

پاڪستان مختلف قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالامال آهي، جهڙوڪ: ڪوئلو، سينڌو لوڻ، تيل ۽ گئس، ڪرومائيٽ، جپسم، گندرف، لوھ، سنگمرمر، سُرمو ۽ جست وغيره. پاڪستان ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جتي درياهن ۽ نهرن مان آبشارن ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مالاڪنڊ- درگئي منصوبو، پن بجلي رسول منصوبو، وارسڪ ڊئم منصوبو ۽ منگلا ڊئم کان سواءِ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي آبشار ٺاهي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي. توانائيءَ جي پيداوار ۾ ڪوئلو بہ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ لڌا ويا آهن، جڏهن تہ پنجاب جي مڪڙوال، بلوچستان جي خوست، مچ ۽ هرنائي واري علائقن ۽ سنڌ ۾ ٿر کان علاوه جهمپير ۽ لاکڙا ۾ بہ ڪوئلو ملي ٿو. پنجاب ۾ 0.257 (ارب ٽن)، بلوچستان ۾ 0.196 (ارب ٽن)، خيبر پختونخوا ۾ 0.082 (ارب ٽن) ۽ سنڌ ۾ 184.123 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. سنڌ ۾ لاکڙا، ضلعي دادو ۾ 1.328 (ارب ٽن)، جهرڪ، جهمپير ۽ ميٽنگ، ضلعي ٺٽي ۾ 7.112 (ارب ٽن)، ضلعي بدين ۾0.16 (ارب ٽن) ۽ ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ 175.505 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي. 1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ساڍا چار لک ٽن هئي، جنهن مان ملڪ جي 12 سيڪڙو ضرورت پوري ٿيندي هئي. هن خطي ۾ تيل جو پهريون کوهه 1886ع ۾ ڪُنڊل (پنجاب) ۾ کوٽيو ويو هو ۽ 1915ع ۾ پوٽوهار ۾ تيل جو ذخيرو معلوم ٿيو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ خيرپور ضلعي مان تيل نڪتو. قيام پاڪستان بعد تيل جي ڳولا جاري رهي. 1949ع ۾ چڪوال ۾ تيل ملڻ ۾ ڪاميابي ٿي، 1950ع ۾ برما آئل ڪمپنيءَ جي شراڪت سان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪمپنيءَ 1952ع ۾ سُئي جي ڳوٺ (بلوچستان) وٽ گئس ڳولي لڌي. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن جون ڪمپنيون تيل جي ڳولا ۾ مصروف آهن. سنڌ جي بدين، دادو، حيدرآباد ۽ سانگهڙ وارن علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن. اٽڪ آئل ڪمپني، راولپنڊيءَ جو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل 50 سالن ۾ ٻيو ڪارخانو 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ٽيون ڪارخانو 1966ع ۾ قائم ٿيو. ٻنهي ڪارخانن جي پيداوار 41 لک ٽن سالياني آهي. هن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيل دريافت ٿيو آهي، جتي پلانٽ لڳائي تيل جي صفائي ڪري توانائي طور ڪتب آڻجي ٿو. سنڌ ۾ خيرپور کانسواءِ دادوءَ جي جوهي تعلقي (ڀت جبل)، بدين ضلعي جي گولاڙچي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڌارو ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ جي عادلپور واري علائقن ۾ بہ تيل جا کوهه دريافت ٿيا آهن (وڌيڪ ڏسو: پيٽروليم). مغربي پاڪستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان هن وقت تقريباً 82 ارب مڪعب فوٽ گئس سالياني نڪري ٿي. ان جو 47 سيڪڙو ڪيميائي ڀاڻ جي تياريءَ ۾ ڪچي مال طور استعمال ٿيندو آهي ۽ 48 سيڪڙو گئس گهرو استعمال ۾ ايندي آهي. گئس جو وڏو ذخيرو بلوچستان جي ’سُئي‘ واري علائقي ۾ آهي، جتان پاڪستان جو اڪثر حصو گئس جي سهولت ماڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڀِت جبل، قادرپور ۽ حيدرآباد مان بہ گئس لڌي وئي آهي. اندازو آهي تہ پاڪستان ۾ 40 لک ٽن کان بہ وڌيڪ لوهه جا ذخيرا آهن. لوهه جو گهڻو ذخيرو مڪڙوال ۽ ڪالاباغ واري علائقي ۾ آهي. ان کان سواءِ هزارا جي علائقي ۾ ايبٽ آباد کان 32 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ لنگڙيال ۾ ۽ چترال ۾ بہ کاڻيون موجود آهن. بلوچستان ۾ خضدار، چل غازي ۽ مسلم باغ ۾ بہ لوھ مليو آهي. چاغي (بلوچستان) ۾ بہ اعليٰ قسم جو لوهه مليو آهي. معدنيات جي لحاظ کان بلوچستان شاهوڪار خطو آهي.پاڪستان مان ملندڙ لوھ معياري ناھي ان ڪري اھو ملڪ جي صرف 16 في صد ضرورت پوري ڪري ٿو ۽ باقي ٻاھران درآمد ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ نهايت ئي اعليٰ قسم جو لوڻ ملي ٿو. سمنڊ جي پاڻيءَ مان بہ لوڻ ٺاهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جابلو لوڻ جون 6 کاڻيون آهن، جن مان کيوڙا (ضلعي جهلم) جي سڀ کان وڏي کاڻ مشهور آهي. معدني پيداوار جي انهن کاڻين ۽ ذخيرن کان سواءِ ٻيون بہ قيمتي کاڻيون آهن. مثال طور جپسم، ڪرومائيٽ، سنگمرمر، چُن جو پٿر، چيني مٽي ۽ شيشي ٺاهڻ لاءِ واري وغيره اھو ھڪ اڇي رنگ جو ڌاتو آهي جيڪو فولادسازي، رنگسازي، تصويرڪشي يا ڦوٽوگرافي ۾ ڪم ايندو آهي. دنيا ۾ ڪرومائيٽ جا وڏا ذخيرا پاڪستان ۾ آھن. ان جو وڏو حصو برآمد ڪري زر مبادلو ڪ ڪمائي سگهجي ٿو. ان جا وڏا ذخيرا بلوچستان ۾ مسلم باغ، چاغي ۽ خاران ۾ ، خيبرپختونخوا ۾ ۽ آزاد قبائلي علائقن مان مالاڪنڊ، مھمند ايجنسي ۽ اتر وزيرستان ۾ ملن ٿا. ٽامو بجليءَ جي اوزارن ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آهي. بجليءَ جي تار بہ ٽامي مان ٺھندي آهي. بلوچستان ۾ سينڊڪ وٽ ٽامي جا وڏا ذخيرا آهن جپسم اڇي رنگ جو چمڪيلو پٿر آهي. اھو سيمنٽ، ڪيميائي ڀاڻ، پلاسٽر آف پيرس جي صنعت ۾ استعمال ٿيندو آهي. جپسم پنجاب جي ضلعن جھلم، ميانوالي۽ ڊيرا غازي خان ، ۽ خيبرپختونخوا ۾ڪوھاٽ، ۽ سنڌ ۾ روھڙي، ۽ بلوچستان ۾ ڪوئٽہ، سبي ۽ لورالائي مان ملندو آهي. چن جو پٿر سيمنٽ سازيءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي. جڏھن ان کي ساڙيو ويندو آهي تہ چونو حاصل ٿيندو آهي جيڪو گھرن ۾ سفيدي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان جو استعمال شيشي، صابڻ، ڪاغذ ۽ رنگ جي صنعت ۾ پڻ ٿيندو آهي. چن جي پٿر جا وڏا ذخيرا ڊنڊوت (جھلم)، ، زندہ پير (ديرو غازي خان)، حيدرآباد لڳ مغل ڪوٽ ۽ گنجو ٽڪر، منگھو پير، ڪوٽ ڊيجي ۽ راڻي پور ۾ آھن پاڪستان۾ مختلف قسمن جو ۽ رنگن جو سنگمر مر چاغي، مردان، سوات،خيبرايجنسي ۾ ملندو آھي. اڇو ڪارو سنگمرمر اٽڪ ۾ ڪالا چٽا،جي پھاڙن مان ملندو آهي.پاڪستان جي ھيء صنعت ڪافي زرمبادلو ڪمائي ٿي.

آبپاشي جو نظام[سنواريو]

پاڪستان ۾ 19 ڪروڙ 90 لک ايڪڙ ايراضيءَ مان فقط 6 ڪروڙ 60 لک ايڪڙ زمين اهڙي آهي، جيڪا پاڻي جي سهوليت هجڻ تي آبادي ڪري سگهجي ٿي. هن وقت تائين فقط اڍائي ڪروڙ ايڪڙ ايراضي واهن ذريعي آباد ٿيندي آهي. پهرين ۽ ٻي پنج ساله منصوبي ۾ ڪن رٿائن جي شروعات ٿي، مثلاً: سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج، وارسڪ ڊئم، جناح بئراج، چشمه بئراج، گڊو بئراج، تونسہ بئراج ۽ راول ڊئم وغيره. ٽئين پنج ساله منصوبي ۾ هيٺيان ڪم مڪمل ڪيا ويا. ڪوهاٽ جي ويجهو 116 فوٽ اوچو، 2200 فوٽ ڊگهو بند تعمير ڪيو ويو، جيڪو ٽنڊا ڊئم جي نالي سان مشهور آهي. جنوبي وزيرستان ۾ گومل درياء تي بند ٻڌي ضلعي ديري اسماعيل خان جي هڪ لک 15 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي وئي آهي ۽ 83 هزار ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم هلندڙ آهي. سنڌ طاس معاهدي(1960ع) هيٺ ٻه وڏي ۾ وڏا بند تعمير ٿيا: انهن مان جهلم درياهه تي منگلا ڊئم 1968ع ۾ تعمير ٿيو. هن ڍنڍ ۾ ساڍا 55 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. هن ڊئم جو ٻيو مقصد بجلي پيدا ڪرڻ آهي. هن وقت منگلا پاور هائوس مان ٻه لک ڪلو واٽ بجلي مهيا ٿئي ٿي. منگلا ڊيم سان گڏ ترمو، سڌنائي، ميلسي، ميلسي ڀلوال ۽ بلوڪي- قادرآباد رابطي جون نهرون بہ مڪمل ٿيون سنڌ طاس معاهدي جو ٻيو وڏو منصوبو تربيلا ڊئم آهي. هن ڊئم ۾ سنڌو درياهه جو هڪ ڪروڙ 11 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش رکيل آهي. پاڪستان جو گهڻو حصو ٻارهوئي وهندڙ واهن تي آباد ٿيندو آهي. سنڌو درياهه جو ميداني علائقو پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب بندوبست نه هئڻ سبب سم ۽ ڪلر ۾ وڪوڙيل آهي. پنجاب جي 50 لک ايڪڙن کي سخت نقصان پهتو آهي. سم ۽ ڪلر کان نجات ڏيارڻ لاءِ واپڊا هڪ وسيع رٿا جوڙي پنجاب ۾ 1800 ٽيوب ويل لڳايا هئا. ٻئي پنج ساله منصوبي تحت 1966ع ۾ وڌيڪ 1400 ٽيوب ويل هنيا ويا. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ساڍا چار سؤ ميل سم ناليون کوٽيون ويون، جن ۾ سم جو پاڻي سمنڊ تائين پهچايو ويو. خيرپور اسڪيم هيٺ سم هيٺ آيل زمين ۾ ٽيوب ويل لڳائي زمين کي سم کان آجو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور اسڪيم هيٺ 126 ڊگهيون ناليون کوٽي، سم کي پاڻيءَ جي ڍنڍن ڍورن ۾ نيڪال ڪيو ويو. ماضيءَ ۾ نواز ليگ ۽ ٻين حڪومتن ڪالاباغ واري هنڌ ”ڪالاباغ ڊئم“ ٺاهڻ تي زور ڏنو، سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ٺهندڙ ڊئم تي سنڌ سميت خيبر پختونخوا واسين بہ خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جو موقف آهي تہ ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ سان سنڌ کي پهچندڙ پاڻي ۾ گهڻي گهٽتائي اچي ويندي ۽ سنڌ جون زمينون غيرآباد ٿينديون ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌَڪ رسندو، ڇاڪاڻ تہ سنڌ ۾ هن وقت بہ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب پريشانيءَ واري صورتحال آهي. ڪيترو عرصو ان ڊئم جي خلاف احتجاج ڪيا ويا، تازو پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ سان ئي ان تڪراري ڊئم جي منصوبي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي تائيد سنڌ سميت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان اسيمبلي بہ ڪئي.

سياسي نظام[سنواريو]

پاڪستان ۾ وفاقي پارلياماني نظام رائج آهي[30] رياست جو سربراھ صدر آھي جنھن جي چونڊ اڻ سڌي طرح پنجن سالن جي مدت لاء ملڪ جي سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلن جا رڪن گڏجي ڪندا آهن. ان جي حيثيت رسمي ھوندي آھي. اھو پاڪستان جي گڏيل فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي جيڪو ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آھي. وزيراعظم جي چونڊ پڻ اڻ سڌي طرح قومي اسيمبلي جا رڪن ڪندا آهن. وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ وڏي جماعت يا وڏي اتحاد جو اڳواڻ ھوندو آھي. پاڪستان جي مقننه يا قانونساز ادارو ملڪ جي پارليامينٽ آھي جيڪا ٻہ ايواني آھي. ان جو سرڪاري نالو مجلس شوره آھي. ان جي مٿئين ايوان کي سينيٽ ۽ ھيٺين ايوان کي قومي اسيمبلي سڏيو ويندو آهي. سينيٽ جا 100 رڪن آھن جن جي چونڊ ڇھن سالن لاء متناسب نمائندگي واري طريقي سان اڻ سڌي طرح صوبائي اسيمبلين جا رڪن ڪندا آهن. قومي اسيمبلي جا 342 رڪن آھن جن مان 272 رڪنن جي سڌي چونڊ سادي اڪثريت جي ووٽ جي بنياد تي ٿيندي آهي باقي 70 رڪنن جي متناسب نمائندگي جي بنياد تي چونڊ ٿيندي آهي. انھن 70 رڪنن م 60 عورتون ۽ 10 غير مسلم شامل ھوندا آھن. اھي سمورا 342 رڪن پنجن سالن جي لاء چونڊيا ويندا آهن.

17 آگسٽ 2018ع تي قومي ڪرڪيٽ جو اڳوڻو رانديگر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ملڪ جو 22ھون وزيراعظم چونڊيو ويو. ھن قومي اسيمبلي ۾ چونڊ ۾ 176 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن تي ان سان مقابلو ڪندڙ پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ ميان شھباز شريف 96 ووٽ کنيا. پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن م قومي اسيمبلي جون 116 جنرل سيٽون کٽيون ھيون[31]. پاڪستان ھڪ وفاقي ريپبلڪ آھي. ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کان سواءِ پاڪستان مسلم ليگ نون المعروف نوازليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي شامل آهن

ملڪ م موجوده آئين 1973 ۾ نافذ ٿيو جنھن مطابق وفاقي رياست ۽ فوج جو سربراھ ملڪ جو صدر آھي ۽ صوبائي رياستن جو سربراھ صدر طرفان مقر ڪيل صوبائي گورنر ھوندو آھي.

ھر صوبي جي حڪومت جو سربراھ وزير اعلي ھوندو آھي ۽ ھر صوبي جي الڳ قانونساز اسيمبلي ھوندي آھي. ملڪ ۾ ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ ملندو آھي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو مدو پنج سال ھوندو آھي ۽ سينٽ جي ھر اڌ سينيٽرن جو مدو ڇھ سال آهي تنھن ڪري سينيٽ جي ھر ٽئين سال چونڊ ٿيندي آهي ۽ اھو ايوان ڪڏهن بہ مڪمل خالي ني ٿيندو آهي.

2009ع ۾ اترين علائقي گلگت کي صوبي جهڙي حيثيت ڏئي، ’گلگت- بلتستان‘ جو نالو ڏئي، قمر الزمان ڪائرا کي اتان جو پهريون گورنر مقرر ڪري اتي چونڊون ڪرايون ويون ۽ ، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ ان پارٽي جي ئي چونڊيل اميدوار سيد مهدي شاهه کي گلگت- بلتستان جو پهريون وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ گـورنـر ڊاڪٽر شمع خالد جي وفات کان پوءِ فيبروري 2011ع ۾ پيــر ڪرم علي شاهه کي گلگت- بلتستان جو نئون گورنر بڻايو ويو.

پرڏيهي پاليسي[سنواريو]

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي نڪتو اهو رهيو آهي تہ سڀ قومون برابر آهن ۽ هر قوم کي آزاد رهڻ جو حق حاصل آهي. پاڪستان سدائين دنيا جي هر محڪوم ملڪ، خاص ڪري يورپي استحصال جي شڪار ٿيل ايشيائي ملڪن جي حق خود اختياريءَ ۽ آزاديءَ جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ان کان سواءِ اسلامي ملڪن سان پاڪستانين جو دلي ڳانڍاپو رهيو آهي، ان جي جهلڪ بہ ملڪ جي خارجه پاليسيءَ ۾ نظر ايندي. قائداعظم پاڪستان جي قيام وقت چيو هو تہ: اسين دنيا جي سڀني ملڪن سان دوستيءَ جا خواهشمند آهيون ۽ ڪنهن ملڪ سان دشمني رکڻ نٿا چاهيون. هڪڙو ڀارت اهڙو ملڪ آهي، جنهن سان خوشگوار تعلقات قائم نه ٿي سگهيا آهن، ان جو سبب ڪشمير، بنگلاديش جي قيام ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جهڙا مسئلا آهن، جيڪي صلح جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، پر عالمي مبصرن موجب اهي مسئلا جامع ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

(L-R) پاڪستان جو صدر ايوب خان 1961 ۾ آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي سان گڏ ڪار ۾

پاڪ چين تعلقات[سنواريو]

20 ڊسمبر 1956ع تي چين جو وزيراعظم چو اين لائي پاڪستان جي ڏھن ڏينھن جي دوري تي ڪراچي پھتو[18]. پاڪستان جا پنهنجي دوست ملڪن سان بهترين لاڳاپا رهيا آهن. چين سان 1963ع ۾ باقاعدي تجارتي معاهدو ٿيو. 1965ع ۾ چين، پاڪستان کي ڇهن ڪروڙ ڊالرن جي مدد ڏني، جن مان ٽئڪسيلا ۾ وڏين هيوي مشينن ٺاهڻ جو هڪ وڏو ڪارخانو قائم ڪيو ويو. مشهور تاريخي ”شاهراهه ريشم“ کي ٻيهر کولڻ جو معاهدو ٿيو. جون 1968ع ۾ چين جي تعاون سان هٿيارن ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو ويو. چين سان دوستيءَ تي پاڪستان کي فخر رهيو آهي ۽ اها دوستي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪوششن سان قائم ٿي ۽ اڄ بہ قائم آهي. چين هن وقت بہ واپاري توڙي دفاعي سامان جي مد ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو رهي ٿو.

پاڪستاني وزيراعظم حسين شھيد سھروردي چيني وزيراعظم چو اين لائي سان گڏ پاڪ چين دوستي جي معاھدي تي صحيحون ڪرڻ وقت. چين جو سڀ کان وڏو سفارتخانو پاڪستان ۾ آھي.[32]

پاڪ روس تعلقات[سنواريو]

1948ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي تعلقات قائم ٿيا. شروع ۾ پاڪستان پوري طرح يورپي بلاڪ ۾ شامل هو، تنهنڪري سياسي تعلقات ۾ ڪو واڌارو نه آيو. روس ”سينٽو“ ۽ ”سيٽو“ ۾ پاڪستان جي شموليت تي ناراض هو ۽ پاڪستان کي شڪايت هئي تہ روس پختونستان جي مسئلي ۽ ڪشمير جي مسئلي ۾ اجائي مداخلت پئي ڪئي. بهرحال ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري ناتا قائم رهيا آهن. مارچ 1961ع ۾ روس پاڪستان کي تيل جي ڳولا ۾ فني امداد کان سواءِ 3 ڪروڙ ڊالر قرض ڏنو. ان کان سواءِ اسٽيل مل لڳائڻ لاءِ پاڪستان کي مالي ۽ فني امداد ڏني، هن وقت اها اسٽيل مل ايشيا جي وڏي فولادِي مِل آهي. ان کان سواءِ روس ۽ پاڪستان کي ڪيترين ئي رٿائن ۾ مالي ۽ فني مدد ڏيندو رهيو آهي.

پاڪ افغان تعلقات[سنواريو]

افغانستان، جيڪو ڪيتري عرصي کان غير مستحڪم ۽ طالبانن جي ڪري تڪراري ملڪ رهيو آهي. هي واحد ملڪ هو، جنهن پاڪستان جي اقوام متحده ۾ ميمبرشپ جي مخالفت ڪئي هئي، پر پاڪستان، افغانستان ڏانهن دوستاڻو رويو جاري رکيو. 1963ع ۾ شهنشاهه ايران جي ڪوششن سان لاڳاپا بهتر ٿيا. اتي هلندڙ تشدد جي طالبانن جي ڪاررواين جي پر تشدد واقعن تي پاڪستان کي بہ ڳڻتي رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ طالبانن جا ڪجهه گروپ پاڪستان ۾ بہ ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، پر جنرل پرويز مشرف، آمريڪا جي حمايت سان افغانستان ۾ پر تشدد ڪاررواين جي مخالفت ڪئي. ان سميت تازو چونڊيل صدر آصف علي زرداري پڻ افغانستان جو دورو ڪري، ڪرزئي حڪومت سان لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.

پاڪ عرب تعلقات[سنواريو]

پاڪستان جا عرب ملڪن سان ڏاڍا پراڻا ۽ گھرا تعلق رھيا آھن. پاڪستان نه رڳو اسرائيل جي سخت مخالفت ڪئي، پر اڄ ڏينهن تائين ان کي تسليم بہ نه ڪيو آهي. 2 مئي 1949ع ۾ پاڪستان گڏيل قومن م اسرائيل جي رڪنيت جي سختي سان مخالفت ڪئي هئي[18]. هن وقت شام، يمن، اردن، ڪويت، سوڊان، لبيا، تيونس، مراڪش ۽ الجزائر سان پاڪستان جا انتهائي خوشگوار لاڳاپا آهن.

يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان تعلقات[سنواريو]

19 مئي 1954ع تي پاڪستان ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ميوچوئل ڊفينس اسسٽنس ايگريمينٽ تي صحيحون ڪيون جنھن تحت يونائيٽيڊ اسٽيٽس پاڪستان کي ٽيڪنيڪل فوجي مدد ۽ سامان ڏيڻو ڪيو[18]. آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوري حڪومتن جي حمايت ڪندو رهيو آهي، پر فوجي حڪمرانن کي بہ مختلف وقتن تي آمريڪا جي حمايت حاصل رهي آهي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري واقعن (2001ع) کان پوءِ جڏهن آمريڪا طالبانن ۽ القائده خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، تہ کيس پاڪستان جي مدد جي ضرورت پيش آئي ۽ تڏهوڪي آرمي چيف ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف، سندس ها ۾ ها ملائي، سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ جڏهن انتهاپسندن جون ڪارروايون پاڪستان جي اترين علائقن سميت وڏن شهرن: پشاور، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي وغيره ۾ وڌي ويون، تہ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ آمريڪا، پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ اهو تعاون اڄ تائين جاري آهي.ان کان سواءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ 2005ع ۾ آيل زلزلي توڙي 2010ع واري وڏيءَ ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين واري آزمائشي صورتحال ۾ ٻين ملڪن سان گڏ آمريڪا پڻ مالي مدد ڪئي.

گڏيل قومن ۾ ڪردار[سنواريو]

پاڪستان 1947ع کان وٺي گڏيل قومن ۽ ’ڪامن ويلٿ گيمز فيڊريشن‘ جو ميمبر آهي. ان کان سوآءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي سهڪاري تنظيم ’سارڪ‘ (SAARC) جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. سارڪ جا اجلاس ڊسمبر 1988ع ۽ جنوري 2004ع ۾ اسلام آباد (پاڪستان) ۾ ٿيا. پاڪستان طرفان محمد نعيم الحسن، جنوري 1996ع کان ڊسمبر 1998ع تائين، سارڪ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي.

پاڪ انڊونيشيا تعلقات[سنواريو]

انڊونيشيا جو صدر عبدالرحيم سوئيڪارنو پھريون رياستي سربراھ آھي جيڪو پھريون دفعو 30 جنوري 1950ع تي پاڪستان جي ٻن ڏينھن جي سرڪاري دوري تي آيو[18].

پاڪ سعودي عرب تعلقات[سنواريو]

14 اپريل 1954ع تي سعودي عرب جو بادشاھ سعود ابن عبدالعزيز پاڪستان جي ڏھ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پھتو ۽ ساڳي ڏينھن درگاھي ھائڊل ورڪس جو افتتاح ڪيو [18].

پاڪ ايران تعلقات[سنواريو]

19 فيبروري 1950ع تي پاڪستان ۽ ايران تھران ۾ دوستي جي معاھدي تي صحيحون ڪيون[18].

پاڪ ترڪي تعلقات[سنواريو]

2 اپريل 1954ع تي پاڪستان ترڪي وچ ۾ پنجن سالن جو گڏيل دفاع وارو معاھدو ٿيو[18].

پاڪ عراق تعلقات[سنواريو]

26 فيبروري 1950ع تي بغداد ۾ عراق ۽ پاڪستان دوستي جي معاھدي تي صحيحون ڪيون

انتظامي ورهاست[سنواريو]

انتظامي علائقو گادي آبادي
بلوچستان ڪوئٽہ 12,344,408
پنجاب لاھور 11،00،12،442
سنڌ ڪراچي 4,78,86,051
خيبرپختونخواه پشاور 3،05،23،371
گلگت بلتستان گلگت 18،00،000
فاٽا -- 50,01,676
آزاد ڪشمير مظفرآباد 45,67,982
اسلام آباد وفاقي گاديءَ وارو علائقو اسلام آباد 28,51,868
پاڪ سنڌيانا ٻيٽ سنڌيانا 115

پاڪستان ۾ چار صوبن: سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه (اڳوڻي سرحد) ۽ ٽي انتظامي خطا: آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آھن.

عدالت[سنواريو]

پاڪستان جو عدالتي نظام ڪامن لا سسٽم وارو آھي جيڪو انگريزي قانون جي بنياد تي جڙيل آھي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن جي مکيه سيٽ اسلام آباد م آھي ۽ ان جون ٻيون سيٽون لاھور، ڪراچي ، پشاور ۽ ڪوئٽه م آھن. اھا آئين تحت قائم ٿيل عدالت اھي جنھن م 17 جج ھوندا آھن جن م سڀ کان سينيئر چيف جسٽس آف پاڪستان ھوندو آھي . ٻيون آئيني عدالتون صوبائي ھونديون آھن جن کي ھاء ڪورٽ چوندا آهن.

پاڪستان جي وڏي۾وڏي عدالت سپريم ڪورٽ

پاڪستان م پنج ھاء ڪورٽون آھن جن م سنڌ ھاء ڪورٽ، لاھور ھاء ڪورٽ، پشاور ھاء ڪورٽ ، بلوچستان ھاء ڪورٽ ۽ اسلام آباد ھاء ڪورٽ شامل آھن. ملڪ جي آئيني عدالتن م ھڪ وفاقي شريعت ڪورٽ آھي جيڪا شرعي معاملن تي فيصلا ڏيندي آهي. ملڪ جون باقي عدالتون آئيني نہ پر قانوني آھن جيڪي پارليامينٽ م پاس ٿيندڙ قانونن جي بنياد تي جوڙيون ويون آهن. انھن م مقرر جج سرڪاري ملازم ھوندا آھن جن تي نوڪرين جا قانون ء قائده لاڳو ٿيندا آھن. انھن عدالتن م ضلعي عدالتون، بينڪنگ ڪورٽون، دھشتگردي روڪڻ واريون ڪورٽون، منشيات روڪڻ واريون ڪورٽون، ليبر ڪورٽون، فيملي ڪورٽون، ڪنزيومر ڪورٽون، ڪسٽم ڪورٽون، ۽ کوڙ صوبائي ء وفاقي ٽربيونل ۽ ڪورٽون شامل آهن.

جاندار[سنواريو]

پاڪستان ۾ قسمين قسمين جانور/ جاندار ملن ٿا، جن ۾ شينهن، برفاني چيتا (هماليه ۽ چترال ۾)، جهنگراڙ ٻلا (ريگستاني علائقن ۾)، مُشڪ ٻليون، نوريئڙا، چراخ، ڳورپٽ، بگهڙ، لومڙ، گدڙ، ڪتا، رڇ، ڀولڙا، لڌڙا، گڏھ، ٻڪريون، رڍون، مارخور (بلوچستان، چترال ۽ سوات ۾)، سرھ ۽ گڍ(سنڌ جي جابلو علائقي ۾)، هرڻ(ڪارو هرڻ سنڌ جي ريگستاني علائقي ۾)،روجھ(نيل گانءِ)، ڦاڙها، مشڪ هرڻ، سانڀر، سُوئر، ڍڳيون/ گانيون، مينهون، گهوڙا، اُٺ ۽ٻُلهڻ (سنڌو درياهه ۾) شامل آهي

رڇ
تبتي بگھڙ
برفاني چيتو

پکي[سنواريو]

پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن قسمن جا پکي عام جام ٿين ٿا، جن ۾:تتر، تلور، ٻٽير، چڪور، ٻَگھ، بدڪ، مرغابيون، مينا، مَور، ڪوئل، هُدهُد (ڪاٺ ڪُٽوطوطا، ڪبوتر، ڳيرا، ڪانوَ، جهرڪيون، ڪڪڙ، ڊيلون، نيرڳيون، آڙيون، ابابيل، سرڻيون، ڳجهون، باز، عقاب ۽ شڪرا وغيره اچي وڃن ٿا.

ريڙهيون پائيندڙ جانور مڇيون[سنواريو]

پاڪستان ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانورن ۾واڳون، مانگر مڇ، ڪڇون، ڪرڙيون، سانڊا، گِلوئيون، مڇيون (ڪُرڙا، پلا، موراکيون۽ پاپليٽوغيره اچي وڃن ٿا)، سامونڊي پيداوار ۾ مرجان ۽ جهينگا قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ٻيا بہ هزارين جيت ۽سُرڻا هن سرزمين جي پيداوار آهن.

وڻ ٽڻ ٻوٽا[سنواريو]

پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي هڪ ڪروڙايڪڙن کان بہ گهٽ آهي. اهو اندازو مجموعي ايراضيءَ جو ساڍا چار سيڪڙو آهي، ان مان اڌ وڻن جو ڪاٺ اڏاوتن ۽ ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو، باقي حصو بيڪار ٻوٽن ۽ ولين تي مشتمل آهي. اهوئي سبب آهي، جو ٻيلن جي پيداوار اڻ پوري آهي، انهيءَ ڪري ملڪ لاءِ عمارتي ڪاٺ ٻين ملڪن مان گهرائڻو پوندو آهي. حڪومت جي اها ئي ڪوشش آهي تہ جديد طريقن سان موجوده ٻيلن کي ترقي ڏني وڃي.

پاڪستان ۾ وڻڪار جي ايراضي هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان وڌيڪ آهي، جيڪو ملڪ جي جملي ايراضيءَ جو ساڍا 4 سيڪڙو آهي. پاڪستان جو گهڻو علائقو ويران ۽ خشڪ آهي. هتي فقط 2 سيڪڙو ٻيلا ۽ جهنگ آهن. گهڻي وڻڪار اترئين ۽ اولاهين پهاڙي علائقي ۾ آهي. اڪثر درياهي ڪنارن تي ٻيلا آهن. ميداني علائقن ۾ ٽالهي، توت، ٻٻر ۽ لئيءَ جا وڻ ٿيندا آهن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ انب، ڪيلا، زيتون، سنگتڙا ۽ مالٽا وغيره ٿيندا آهن. بلوچستان ۽ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ بادام، صوفن، زردالن ۽ انگورن وغيره جا باغ گهڻا آهن. جابلو ايراضيءَ ۾ جدا جدا اوچائيءَ تي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٿيندا آهن. مثال طور: ٽن هزارن فوٽن جي اندر چِنار وغيره جا وڻ ٿيندا آهن. ٽن هزارن فوٽن کان مٿي چيل ۽ ديال جا وڻ آهن. ستن هزارن فوٽن تي صنوبر جا وڻ ۽ ڏهن هزارن فوٽن تي فقط ”برج“ جا وڻ ٿيندا آهن. انهن جهنگن ۾ بي انداز ٻوٽيون ۽ گل ٿيندا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ’سوات‘ جا پهاڙ قابل ذڪر آهن.

آبادي[سنواريو]

پاڪستان جي پھرين آدمشماري جي شروعات 9 فيبروري 1951ع ۾ ٿي[18]. پاڪستان ھڪ گھڻ قومي، گھڻ نسلي ۽ طرحين طرحين جون ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن جي سرزمين آھي. ھتي جون ثقافتون پڻ ھڪ حصي کان ٻئي حصي تائين مختلف آھن. ملڪ جي آبادي جولاء 2017 جي تخميني مطابق جولاءِ 2020 م پاڪستان جو آباديءَ جو تخمينو 233,500,636 ڪروڙ ھيو. جولاءِ 2017 ۾ ملڪ جي ڪٿيل آبادي جو تخمينو 207774000 ھيو[22]. چين، انڊيا، آمريڪا ۽ انڊونيشيا کان پوء ھي ملڪ دنيا جو آبادي م پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي. پاڪستان جي ماڻھن کي پاڪستاني سڏيو ويندو آهي[22]. پاڪستان جي آبادي م 44.7 سيڪڙو پنجابي، 15.4 سيڪڙو پختون يا پٺاڻ، 14.1 سيڪڙو سنڌي، 8.4 سيڪڙو سرائيڪي، 7.6 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ، 3.6 سيڪڙو بلوچ ۽ 6.3 سيڪڙو باقي ٻين نسلي گروهن سان تعلق رکندڙ آھن[22]. پاڪستان جي ڳتيل آبادي وارو علائقو پنجاب جو آھي[22]. 2020 جي تخميني مطابق پاڪستان جي آبادي جي واڌ جي شرح 2.07 سيڪڙو آهي ۽ واڌ جي ان شرح ج ۾ دنيا جي ملڪن سان ڀيٽ ۾ 45 نمبر تي آهي[22]. 2020 جي تخميني مطابق پاڪستان ۾ في ھزار ماڻھن م ڄم جي شرح 27.4 آھي ۽ في ھزار ماڻھن م موت جي شرح 6.2 آھي[22]. 2020 جي تخميني مطابق ملڪ جي 37.2 سيڪڙو آبادي شھرن ۾ رھي ٿي ۽ ان شھري آبادي ۾ سالياني واڌ جي 2.53 سيڪڙو آھي[22]. 2017 جي تخميني مطابق ٻار ڄڻڻ وقت ملڪ جي آبادي جي ھر ھڪ لک ٻار ڄڻيندڙ عورتن مان 140 فوت ٿي وڃن ٿيون[22]. 2016 جي تخميني مطابق ملڪ جي بجيٽ جو 2.8 سيڪڙو خرچ صحت تي ٿئي ٿو[22]. پاڪستان ۾ 15سال ۽ ان کان مٿي عمر وارن جي آبادي جو خواندگي تناسب 2015 ۾ 59.1 سيڪڙو ھيو[22].

مذھب[سنواريو]

پاڪستان اسلامي ريپبلڪ آھي ۽ ملڪ جو سرڪاري مذھب اسلام آھي. اھو مسلم اڪثريت وارو ملڪ آهي. ملڪ جي مسلمانن جي فقه جي لاءِ قانون جو مفروضو آھي تہ ملڪ جو ھر مسلمان حنفي فقه سان تعلق رکندڙ آهي جيڪڏهن ڪو ان فقه سان تعلق نہ ٿو رکي تہ ان کي ثبوت طور قسمنامو ڏيڻو پوندو آهي. ملڪ ۾ مذھبي اقليتن ۾ ھندو، عيسائي، سک ۽ پارسي شامل آهن جن کي آئين ۾ مڪمل تحفظ ڏنل آھي. 2010 جي تخميني مطابق پاڪستان جي آبادي جو 96.4 سيڪڙو مسلمان ۽ 3.6 سيڪڙو ھندو، عيسائي، سک ۽ ٻين مذھبن سان تعلق رکندڙ آھن[22]. ملڪ جي 97 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي جنھن جو 75 سيڪڙو سني ۽ 25 سيڪڙو اثنه اشعري (شيعه) ڪجھ اسماعيلي شامل آهن[19]

2010 ۾ پاڪستان ۾ مذھبن جي شرح
سني مسلمان
  
85%
شيعه مسلمان
  
11.4%
ھندو ۽ٻيا
  
3.6%

ٻوليون[سنواريو]

52 فيبروري 1948ع تي اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو جنھن جي منظوري آئين ساز اسيمبلي ڏني[18]. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون.جن ۾ اھم سنڌي، پنجابي، سرائڪي، (ڌني، شاهه پوري، پوٽوهاري، هندڪو)، پشتو، بلوچي، براهوي ،اردو،گجراتي، ڪڇي، ميواتي، مارواڙي، رانگڙي، ميمڻي ٻوليون بہ هتي ڳالهايون وڃن ٿيون. اردو ھن ملڪ ۾ رابطي جي زبان ۽ قومي ۽ دفتري ٻولي آهي. انگريزي پڻ پاڪستان جي دفتري ٻولي آهي. 2017 جي تخميني مطابق پاڪستان م مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھن جي شرح ھيٺين طرح آھي[22].

پاڪستان م مادري زبانون [33]
پنجابي
  
48%
سنڌي
  
12%
سرائيڪي
  
10%
پشتو
  
8%
اردو
  
8%
بلوچي
  
3%
ھندڪو
  
2%
بروھي
  
1%
بروشسڪي ۽ ٻيون ٻوليون
  
8%

پاڪستاني ٻولين جو تعارف[سنواريو]

  1. پنجابي: هيءَ پنجاب صوبي جي ٻولي آهي. پنجابي ٻوليءَ جا مختلف لهجا لاهور، سيالڪوٽ، گجرانوالا ۽ شيخو پوره ضلعن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. وارث شاھ، بلهي شاھ ۽ سلطان باهُو، پنجابي زبان جا وڏا شاعر آهن.
  2. پشتو: هيءَ خيبر پختونخوا صوبي جي ٻولي آهي، جيڪا هن صوبي سان گڏ بلوچستان ۾ بہ وڏي تعداد ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پشتو جا بہ ڪيترائي لهجا آهن (ڏسو: پشتو زبان). رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ، پشتوءَ جا وڏا شاعر آهن.
  3. سنڌي: سنڌي، سنڌ جي قومي ٻولي آهي، جيڪا سنڌ ۾ تعليمي ۽ دفتري زبان بہ آهي. سنڌي، سنڌ کان سواءِ بلوچستان جي وڏي حصي، پنجاب جي سرائيڪي پَٽي، هندستان جي راجسٿان، ڪڇ ۽ گجرات کان سواءِ ٻين ڪيترن حصن ۾ بہ ڳالهائي وڃي ٿي.سنڌي ٻوليءَ جو قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح نه رڳو سنڌ، پر دنيا جي شاعرن ۾ مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ سچل سرمست، سامي، روحل، بيدل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، طالب الموليٰ، نياز همايوني، تنوير عباسي، استاد بخاري، امداد حسيني ۽ ٻيا شمار ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڻ ڇپجي رهيا آهن.
  4. سرائيڪي: پاڪستان جي آباديءَ جو 10.42 سيڪڙو سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهن، هيءَ ٻولي پنجاب جي ملتان، ساهيوال، اوڪاڙا، خانيوال، جهنگ، گجرانوالا، فيصل آباد، چنيوٽ ۽ ٻين شهرن کان سواءِ سنڌ ۾ بہ وڏي پئماني تي ڳالهائي وڃي ٿي. خواجا غلام فريد سرائيڪيءَ جو اهم وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.
  5. بلوچي: بلوچي اڪثريت سان بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. بلوچيءَ جي اهم لهجن ۾ سرحدي رڪشاڻي، قلاتي، کاراني، مڪراني، جدگالي وغيره لهجا آهن. مست توڪلي ۽ بالاچ، بلوچيءَ جا اهم شاعر ٿي گذريا آهن.
  6. براهوي (Brahvi): انگريز لسانيات جي ماهرن براهوي ٻوليءَ کي دراوڙي ٻوليءَ جي شاخ ڪوٺيو آهي، پر جديد تحقيق ان ڳالهه کي رد ڪندي اهو خيال ڏيکاريو آهي تہ شايد هن ٻوليءَ جو تعلق مهرڳڙھ ۾ رهندڙ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي ڪنهن ٻوليءَ سان هجي. مينگل مشهور براهوي قبيلو آهن. سنڌي ٻولي جي ليکڪ ۽ ڪالم نگار حليم بروهي جي خيال ۾ اصلوڪي سنڌي ٻولي اصل بروهي ئي آهي.
  7. هندڪو (Hindko): هندڪو، قديم انڊو-آرين ٻوليءَ مان نڪتل هڪ شاخ آهي، جيڪا خيبر پختونخوا، پشـاور، پنجاب، مانسهره، آزاد ڪشمير،

ايبٽ آباد ۽هزاره جا اٽڪل 40 لک (4 ملين) ماڻهو ڳالهائين ٿا. هيءَ ٻولي سنڌي ۽ سرائيڪيءَ سان ويجهو لاڳاپو رکي ٿي.

توانائي[سنواريو]

پاڪستان م 2017 جي ڪاٿي مطابق 52200000 ماڻھو بجلي جي سھولت کان محروم آھن ۽ ڪل آبادي جو 74 سيڪڙو تائين بجلي جي سھولت آھي. ان سھولت جو تناسب ۾ شھري علائقن جو 90 سيڪڙو ۽ ٻھراڙي جي علائقن جو 64 سيڪڙو اچي وڃي ٿو[22]. پاڪستان بجلي، گئس ۽ تيل درآمد ڪندڙ ملڪن م شامل آهي[22].

ائٽمي توانائي[سنواريو]

پاڪستان انرجي ڪائونسل“ جو قيام پُر امن استعمال جي مقصد سان ٿيو ۽ قيام جي ٻئي سال ان جو نالو بدلائي ”ائٽامڪ انرجي ڪميشن“ رکيو ويو. هيءُ ادارو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: پهريون تحقيقاتي ۽ ترقياتي مرڪز، ۽ ٻيون جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جو عملي مرڪز. پهرئين مرڪز جو ذيلي ادارو آهي ”جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي“ اسلام آباد. هتي ڊسمبر 1965ع ۾ پنج ميگاواٽ جو هڪ جوهري ري ائڪٽر لڳايو ويو ۽ ان ۾ جوهري طبعيات، جوهري ڳاڻيٽي، جوهري ڪيميا، طبي طبعيات ۽ برقيات تي ڪم ٿي رهيو آهي. ٻيو جوهري توانائيءَ جو مرڪز لاهور ۾ آهي، جيڪو 1961ع ۾ قائم ٿيو. ٽيون جوهري توانائيءَ جو زرعي تحقيقاتي مرڪز ٽنڊي ڄام ۾ 1965ع ۾ قائم ٿيو، چوٿون مرڪز ميڊيڪل ريڊيو آئسوٽوپ ٽنڊوڄام آهي. پاڪستاني سائنسدانن جي ڪامياب تجربن جي بدولت، پاڪستان هن وقت دنيا جي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي حڪومت ۾ سائنسدانن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائڻ جو خواب نيٺ تڪميل تي پهتو. ويجهي ماضيءَ ۾ مئي 1998ع ڌاري پهريون ائٽمي تجربو ڪيو ويو. ان کانسواءِ ٻيا ننڍا ننڍا تحقيقي مرڪز ڪراچيءَ، ڄامشوري، ملتان، لاهور ۽ پشاور ۾ کوليا ويا آهن. جوهري توانائيءَ سان بجلي پيدا ڪرڻ جو مرڪز ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 137 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو آهي. پاڪستان ۾ ائٽم کي ٽوڙڻ جو پهريون تجربو نيلور واري هنڌ 1965ع ۾ ڪيو ويو. انرجي ڪميشن، اعليٰ توانائيءَ جا طبعياتي مسئلن تي بہ تحقيق ۾ مصروف آهي. اهو ڪم بين الاقوامي معيار جو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام (تڏهوڪي مشير سائنسي امور) ۽ ڊاڪٽر. آءِ. ايڇ عثماني (صدر ائٽامڪ انرجي ڪميشن) سرگرم رهيا. جوهري توانائيءَ لاءِ ڳري پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي. قدرتي گئس مان مصنوعي ڀاڻ تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانن مان تيار ٿيل پاڻي حاصل ڪرڻ جو ڪم ورتو ويو آهي. ائٽمي توانائيءَ جي باري ۾ پاڪستان، روس سان ”پاڻي“ وٺڻ جو معاهدو ڪيو آهي. بجليءَ جي پيداوار کي مناسب ۽ صحيح طريقي سان پهچائڻ لاءِ اُتر ۽ ڏکڻ جي حصن ۾ ورهايو ويو آهي. اترئين حصي ۾ پنجاب، صوبو سرحد ۽ بهاولپور شامل آهن. انهن سڀني کي هڪڙي ”گرڊ“ (Grid) ۾ ملايو ويو، جنهن ۾ وارسڪ، مالاڪنڊ، درگئي، ڪرم ڳڙهي، رسول، شادي وال، چيچوڪي مليان، گجرانوالا ۽ رينالاجو هائيڊل بجلي گهر، لائلپور، ساهيوال ۽ ملتان جا اسٽيم بجلي گهر ۽ لائلپور جو ڊيزل بجلي گهر، ڏاکڻي اترين سنڌ، ڪوئيٽا ۽ قلات جي علائقن تي مشتمل آهي. پاڪستان جا اهم بجلي گهر هيٺيان آهن:

  1. ملتان بجلي گهر
  2. موبائل گئس ٽربائن، شاهدره لاهور،
  3. ڪوئيٽا ٿرمل پاور اسٽيشن
  4. ڄامشورو ٿرمل پاور اسٽيشن
  5. سکر ٿرمل پاور پراجيڪٽ
  6. لائلپور اسٽيم پاور اسٽيشن
  7. گجرانوالا هائيڊل اسٽيشن
  8. شادي وال هائيڊل اسٽيشن
  9. چيچوڪي مليان هائيڊل اسٽيشن
  10. وارسڪ پاور اسٽيشن
  11. ڄامشورو بجلي گهر
  12. لاکڙا پاور هائوس
  13. ڪوٽ ادو بجلي گھر
  14. حب ۽ ٻيا ڪيترائي پاور هائوس ڪم ڪري رهيا آهن.

سياحت[سنواريو]

پاڪستان جي سرزمين جو حسن ۽ هتي جي رهواسين جو اخلاق سڄيءَ دنيا جي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث آهي. تنهنڪري هتي سياحت لاءِ ايندڙ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. 1965ع ۾ سياحت کاتي، سياحن کي سهوليتون ڏيڻ لاءِ رٿا تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ هيٺيون ننڍيون رٿائون عمل ۾ آنديون ويون:

  • ملڪ جي جدا جدا حصن، جهڙوڪ گلگت، هزارا، چترال، ڪالام ۽ ناران ۾ ريسٽ هائوسن جي تعمير ۽ آمد ورفت جون سهوليتون مهيا ڪرڻ.
  • ڪوهه پيمائي، برف ۾ رانديون، مڇيءَ جو شڪار، وغيره.
  • سياحت کي ترقي ڏيڻ لاءِ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ معلومات جا سينٽر کوليا ويا آهن، وڏن شهرن جي هوائي اڏن تي اطلاعات کاتي پاران هوٽلون کوليون ويون آهن.

ٻين ملڪن ۾ نمائش لاءِ سياحت کاتو، پاڪستان بابت رنگين فلمون بہ تيار ڪندو آهي. 1966ع کي ”سياحت جو سال“ ڪري ملهايو ويو هو. پاڪستان لوازان جي بين الاقوامي ميلي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پنج لک ماڻهن پاڪستاني اسٽال ڏٺو، ان کان سواءِ پراگ جي نمائش ۾ پاڪستان جا خوبصورت منظر ۽ وڏيون وڏيون تصويرون موڪليون ويون، جيڪي سياحن لاءِ پُرڪشش هيون. جنوري 1967ع ۾ ”نئچرل جاگرافڪ مخزن“ ۾، ”پاڪستان اسٽوري“ جي عنوان سان هڪ باتصوير طويل مقالو شايع ڪيو ۽ نئشنل جاگرفڪ سوسائٽيءَ، واشنگٽن ۾ پاڪستاني نوادارات تي هڪ نمائش جو انتظام ڪيو. ڊسمبر 1967ع ۾ جهنگلي جانورن جي تحفظ لاءِ عالمي تنظيم جي هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ هتي جي جهنگلي جانورن تي هڪ مختصر فلم تيار ڪئي. سياحت کاتي جي درخواست تي لاڙڪاڻي ايڪسپريس جو ’موهن جو دڙو ايڪسپريس‘ نالو رکيو ويو.

پاڪستان جي سرزمين قسمين قسمين نظارن جو ڏيک ڏيندڙ آهي. هتي اوچا جبل بہ آهن، زرخيز ميدان بہ آهن، رڻ پٽ بہ آهن تہ گهاٽا ٻيلا بہ آهن. گهاٽي آباديءَ وارا شهر بہ آهن تہ آثار قديمه جا دڙا، ڀڙا، ڪوٽ ۽ قلعا بہ آهن. سياحت جي لحاظ کان هيٺ ڄاڻايل ==ماڳ ۽ مڪان== پاڪستان ۾ هي ذڪر جوڳا ماڳ ۽ مڪان آهن: ڪراچي، ڀنڀور، ٺٽو، مڪلي، حيدرآباد، خيرپور، سکر، روهڙي، اروڙ، ڪوٽ ڏيجي، موهن جو دڙو، سيوهڻ، ڪوئيٽا، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، هڙپا، ٽئڪسيلا، پشاور، مانسهره، بالاڪوٽ، شهباز ڳڙهي، مري، نٿيا گلي، ڪاغان وادي، سوات وادي، پشاور، گلگت ۽ هنزا ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ مڪان.

سنڌ جي ثقافت کاتي بہ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو سنڌ ۾ موجود آرڪيالاجيڪل ماڳن کي وفاق کان سنڌ جي تحويل ۾ آڻارائي پنهنجي ذميوارين ۾ آندو آهي، ان کان سواءِ سنڌ حڪومت جي مدد سان گورک هِل تي تعميراتي ڪم ۽ رهائشي سهولتين جو ڪم بہ تيزيءَ سان هلندڙ آهي.

آمدرفت جا ذريعا[سنواريو]

ملڪ ۾ آمدورفت جا 5 مکيه ذريعا آهن: ريلوي، هاءِ وي، موٽر وي، سمنڊ، درياهه ۽ هوائي رستا.

ريلوي:

روڊ رستا:مسافرن ۽ سامان، ٻنهي جي آمدورفت ۽ باربرداريءَ لاءِ ريلوي کان پوءِ وڏو ذريعو روڊ ۽ پڪا رستا آهن، جيڪي ريلوي کان وڌيڪ آرامده آهن. ڳوٺن کان مارڪيٽن تائين زرعي پيداوار، ڪارخانن تائين خام مال ۽ سڀني شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچڻ ۾ روڊ رستا ئي بهتر ذريعو آهن. هر پنج سالا رٿا ۾ گهڻو ڪري اوليت روڊن ۽ رستن کي ڏني پئي وئي. 1967ع جي آخر ۾ پاڪستان ۾ رستن جي ڊيگهه ٻه هزار ميل ٿي وئي. پاڪستان جي قديم ترين سڙڪ ”گرانڊ ٽرنڪ روڊ“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا سورهين صدي عيسويءَ ۾ شيرشاهه سوريءَ ٺهرائي هئي. ورهاڱي وقت پاڪستان ۾ رستن جي ڪل ڊيگهه 13781 ميل هئي. انهن ۾ گهڻا رستا پنجاب ۽ سرحد صوبن ۾ هئا. 1949ع ۾ هڪڙو سينٽرل روڊ فنڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جو 85 سيڪڙو پُلين جي تعمير ۽ 15 سيڪڙو تحقيقي ڪمن تي صرف ڪيو ويو، جن ۾ سپرهاءِ وي، نئشنل هاءِ وي ۽ موٽروي وغيره جا منصوبا شامل آهن. هن وقت ملڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇائڻ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي مصروف عمل آهي.

بندرگاهه:ملڪ جي ورهاڱي وقت پاڪستان جو اڪيلو بندر ڪراچي هو. ان جي لنگر گاهه ۽ ورڪشاپ وغيره لاءِ 2474 ايڪڙ زمين مختصر ڪئي وئي هئي. سڄي بندر جوانتظام ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وٽ آهي. هڪ اعليٰ بندرگاهه ۾ جيڪي سهوليتون موجود هئڻ گهرجن، سي سڀ هتي موجود آهن. موجوده وقت ۾ پاڪستان جي سامونڊي ڪناري سان مڪاني طور مڇي مارڻ لاءِ ڪم ايندر مياڻيون ۽ ننڍڙا بندر بہ سڌاري وڌائي وڏن بندرگاهن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، تہ جيئن ڪراچي بندرگاهن تان جهازن جي آمدورفت تان بار گهٽجي. مثال طور گوادر، سون مياڻي، قاسم بندر ۽ ڪيٽي بندر وغيره.ھن وقت پاڪستان ۾ ٽي بندرگاھون آهن جن ۾ ڪراچي پورٽ، بن قاسم پورٽ ۽ گوادر پورٽ شامل آهن.

ھوائي اڏا: پاڪستان ۾ 110 ھوائي اڏا آهن جن مان 104 استعمال ۾ آھن.

نشريات[سنواريو]

هن وقت پاڪستان ۾ 33 ريڊيو اسٽيشنون ۽ 29 ايف. ايم اسٽيشنون آهن، جيڪي: لاهور، پشاور، ڪراچي، راولپنڊي، اسلام آباد، ملتان، آزاد ڪشمير، خيرپور، حيدرآباد، ڪوئيٽا، لاڙڪاڻي، مٺي، نوابشاهه، خضدار، گلگت ۽ اسڪردو ۾ آهن، جن ۾ 20 ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪيا ويندا آهن. جڏهن تہ ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ نجي ايم. ايف چينل بہ وڏي تعداد ۾ نشريات ڏئي رهيا آهن. ٽيليويزن: پاڪستان ۾ ٽيليويزن اسٽيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو 1964ع ۾ ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ جپان جي نوپن اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ سان معاهدو ڪيو ويو ۽ تجرباتي طور ننڍي پيماني تي ٻه ٽيليويزن اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 26 نومبر 1964ع تي لاهور ۾ هڪڙو يونٽ قائم ڪيو ويو. فيبروري 1965ع ۾ پنجن ڪروڙن رپين جي لاڳت سان ٽيليويزن ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اڌ رقم حڪومت طرفان ۽ اڌ رقم جپان ۽ برطانيا جي ڪمپنيءَ مهيا ڪئي. 1967ع ۾ ڪراچي ٽيليويزن اسٽيشن ڪم شروع ڪيو. جنوري 1967ع ۾ راولپنڊي- اسلام آباد ۾ بہ هڪ اسٽيشن قائم ڪئي ويئي. ملڪ ۾ لکين ٽيليويزن سيٽ اچي ويا. نين ڪمپنين، درآمد لائسنس ذريعي سيٽ تيار ڪرڻ شروع ڪيا. هن وقت ريڊيو وانگر ٽيليويزن ڪمرشل سروس شروع آهي. پاڪستان جي سرڪاري ٽي. وي ڪارپوريشن جو نالو پي. ٽي. وي آهي، جڏهن تہ هينئر هڪ اندازي موجب چاليهه کن نجي چئنل پڻ نشريات ڏئي رهيا آهن، تن ۾ تفريحي ۽ نيوز چينل شامل آهن. انهن ۾ سنڌي چئنل ڪي. ٽي. اين، سنڌ ٽي. وي، ڪشش ٽي. وي، مهراڻ ٽي. وي، آواز ٽي. وي، ڌرتي ٽي. وي بہ شامل آهن.

منصوبابندي ۽ ترقي[سنواريو]

شهري ضرورت جي تڪميل لاءِ ٽائون ڪاميٽيون ۽ ميونسپالٽيون تہ ملڪ ۾ شروع کان ئي موجود هيون، پر اها ذميداري روز روز ايتري وڌندي وئي جو وڏن شهرن ۾ ”امپروومينٽ ٽرسٽ“ قائم ڪيا ويا. حڪومت طرفان پي. ڊبليو. ڊي ۽ رٿابنديءَ واري کاتي، شهرن ۾ اڏاوت جي سلسلي ۾ ذميداريون پنهنجي ذمي ڪيون. گاديءَ واري شهر جي تعمير جو ڪم ڪئپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي سپرد هو. اهڙيءَ طرح ريلوي، ٽپال، آبپاشي وغيره جي کاتن، پنهنجن ملازمن لاءِ خود گهر اڏائڻ جو سلسلو جاري ڪيو.

سماجي بهبودپاڪستان هڪ فلاحي مملڪت آهي. 1955ع ۽ 1962ع جي آئين ۾ حڪومت جو فرض قرار ڏنو ويو آهي تہ هو مذهب، ملت، رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ هر شهريءَ جي معيارِ زندگيءَ کي ترقي ڏئي، دولت جي ارتڪاز (هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ) کي روڪي، ملڪ جي سڀني طبقن جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪري. هر شخص لاءِ کاڌو، ڪپڙا، گهر، علاج ۽ تعليم جون بنيادي ضرورتون مهيا ڪري ۽ جيڪي ماڻهو جسماني نقص يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري روزي ڪمائي نه سگهندا هجن، انهن جي ڪفالت ڪري. 1947ع جي ورهاڱي وقت وسيع پيماني تي لڏپلاڻ ٿي، جنهن کي حڪومت سنڀالي نه سگهي. ڪي ماڻهو پنهنجي ڪوشش سان تہ ڪي ماڻهو تعليم، صحت عامه، عدالت، زراعت ۽ امداد باهمي ۽ عوامي انجمنن ذريعي روزگار سان لڳا. پر انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت جي اڳيان بي انتها تڪليفون هيون. سماجي بهبود جو ڪم محنت جي وزارت جي حوالي هو. هن وقت سماجي ڀلائيءَ جو الڳ کاتو ۽ وزير مقرر ڪيل آهي. پهرئين پنج ساله منصوبي (1955ع) ۾ جن ٽن مسئلن طرف خاص ڌيان ڏنو ويو، سي هئا: سماجي منصوبہ بندي، سماجي تحقيقات ۽ سماجي ڪم. 1961ع ۾ ”سوشل ويلفيئر ايجنسيز آرڊيننس“ جاري ڪيو ويو تہ جيئن نجي ادارن ۾ ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪيو وڃي. گداگري وڏي لعنت آهي. اسلام ان کي سختيءَ سان روڪيو آهي. ليڪن ان لاءِ ضروري آهي تہ بي پهچ ماڻهن جي حفاظت ۽ امداد جو بندوبست ڪيو وڃي. افلاس، جهالت، عصمت فروشي، گداگري، بيروزگاريءَ، ٻوڏ ۽ طوفان مان پيدا ٿيل خرابين جي ڪري ملڪ ۾ ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿي رهيون آهن. جن کي دور ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪڙي ڪميشن بہ مقرر ڪئي آهي. رٽائرڊ فوجين ۽ پٺتي پيلن جي بهبوديءَ لاءِ بہ حڪومت ڪي شعبا قائم ڪري ڇڏيا آهن. تنهن هوندي بہ سماجي بهبود جي سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي. مختلف قدرتي آفتن جهڙوڪ: 2005ع واري زلزلي جي صورت ۾ پاڙيسري ملڪ پڻ مدد لاءِ فلاحي ڪم ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستان بہ مختلف وقتن تي ٻين ملڪن جي مدد ڪندو رهي ٿو.

رانديون[سنواريو]

قيام پاڪستان کان اڳ سڄي ملڪ ۾ راندين لاءِ انجمنون ۽ ڪلب موجود هئا، جن کي پوءِ منظم ڪري ’اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ‘ قائم ڪيو ويو. هاڪي، پاڪستان جي قومي راند آهي، جڏهن تہ ڪرڪيٽ جو شمار پاڪستان جي پسنديده راندين ۾ ٿئي ٿو. پاڪستاني ٽيم دنيا جي ڪرڪيٽ راند ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. ڪيترائي رانديگر عالمي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. 1992ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جو عالمي ڪپ کٽيو هو، جڏهن تہ تازو 2010ع ۾ ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پڻ پاڪستان جي سوڀ ٿي. چيو وڃي ٿو تہ ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو آغاز بہ ڪراچيءَ (پاڪستان) کان ٿيو، هن وقت ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچون پوري دنيا ۾ پسند ڪيون وڃن ٿيون. هاڪيءَ کي بہ قومي راندين جو درجو حاصل آهي. گذريل پنجاهه سالن ۾ پاڪسـتان جي هاڪي ٽيم اولمپڪ گرائونڊ ۾ پـاڻ مڃـائي چڪي آهي. اسڪـوائـش بـه دنـيــا جـي مشـهـور رانـد آهي. پاڪستاني رانديگر هن وقت تائين سڄيءَ دنيا ۾ چئمپين آهن. فوٽ بال ۽ ٽينس رانديون بہ پاڪستان ۾ هلنديون آهن. ديسي راندين ۾ پنجاب جي ڪُـشتي، سـنـڌ ۽ بـلـوچسـتان جي مـلـهه ۽ ڪوڏي ڪـوڏي قـومي راندين ۾ شامل آهن. سنڌ ۽ پنجاب جون ٽيمون ”ڪوڏي ڪوڏي“ يا ڪٻڊيءَ جي مقابلن ۾ هڪٻئي جي سامهون هونديون آهن. گهوڙن جي ريس، ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ ٿيندي آهي، ان لاءِ خاص ميدان آهن. ريس ۾ کٽيندڙ گهوڙي کي قائداعظم گولڊ ڪپ ۽ هزارين رپيا ڏنا ويندا آهن. گهوڙن جي ٻي راند ”پولو“ آهي، جيڪا فقط گلگت ۾ کيڏي ويندي آهي. گولف بہ پاڪستان جي دل پسند راندين ۾ شمار ٿئي ٿي. جڏهن تہ فٽبال جا بہ ڪيترائي بهترين رانديگر ملڪ ۾ موجود آهن.

فن تعمیر[سنواريو]

بادشاھي مسجد، لاھور

حوالا[سنواريو]

  1. James Minahan (23 December 2009). The Complete Guide to National Symbols and Emblems [2 Volumes]. ABC-CLIO. p. 141. ISBN 978-0-313-34497-8. 
  2. "The State Emblem". Ministry of Information and Broadcasting, پاڪستان حڪومت. وقت 1 July 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 December 2013. 
  3. "SC orders immediate implementation of Urdu as official language". The Express Tribune. حاصل ڪيل 8 September 2015. 
  4. "Pakistan to replace English with Urdu as official language". The Express Tribune. حاصل ڪيل 8 September 2015. 
  5. "PM approves implementation of Urdu language in govt departments – Pakistan – Dunya News". dunyanews.tv. 
  6. Irfan Haider. "PM, president to deliver speeches in Urdu on foreign trips, SC told". dawn.com. 
  7. "Govt. submits plan to Supreme Court to promote Urdu as official language". The News Teller. 
  8. "Population by Mother Tongue". Population Census Organization, Government of Pakistan. وقت 12 September 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 December 2011. 
  9. 9.0 9.1 9.2 "Pakistan" The World Factbook — Central Intelligence Agency.
  10. Ehsan Rashid. "THE CONCEPT OF PAKISTAN IN THE LIGHT OF IQBAL's ADDRESS AT ALLAHABAD". Iqbal Memorial Talks. حاصل ڪيل 5 March 2014.  Ehsan Rashid explains how concept of Pakistan and Iqbal's Allahabad address are interlinked.
  11. "Pakistan statistics". Geohive. حاصل ڪيل 20 April 2013. 
  12. "Where is Pakistan?". worldatlas.com. 
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 "Pakistan". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 15 January 2017. 
  14. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 28 February 2017. 
  15. "2015 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 17 December 2015. 
  16. Miguel Loureiro (28 July 2005). "Driving—the good, the bad and the ugly". Daily Times (Pakistan). Archived from the original on 10 January 2012. https://web.archive.org/web/20120110085150/http://www.dailytimes.com.pk/default.asp?page=story_28-7-2005_pg3_5. Retrieved 6 February 2014. 
  17. Choudhary Rahmat Ali. "Now or never: Are we to live or perish for ever?". Columbia University. حاصل ڪيل 4 December 2007. 
  18. 18.000 18.001 18.002 18.003 18.004 18.005 18.006 18.007 18.008 18.009 18.010 18.011 18.012 18.013 18.014 18.015 18.016 18.017 18.018 18.019 18.020 18.021 18.022 18.023 18.024 18.025 18.026 18.027 18.028 18.029 18.030 18.031 18.032 18.033 18.034 18.035 18.036 18.037 18.038 18.039 18.040 18.041 18.042 18.043 18.044 18.045 18.046 18.047 18.048 18.049 18.050 18.051 18.052 18.053 18.054 18.055 18.056 18.057 18.058 18.059 18.060 18.061 18.062 18.063 18.064 18.065 18.066 18.067 18.068 18.069 18.070 18.071 18.072 18.073 18.074 18.075 18.076 18.077 18.078 18.079 18.080 18.081 18.082 18.083 18.084 18.085 18.086 18.087 18.088 18.089 18.090 18.091 18.092 18.093 18.094 18.095 18.096 18.097 18.098 18.099 18.100 18.101 18.102 18.103 18.104 18.105 18.106 18.107 18.108 18.109 18.110 18.111 18.112 18.113 18.114 18.115 18.116 18.117 18.118 18.119 18.120 18.121 18.122 18.123 18.124 18.125 18.126 18.127 18.128 18.129 18.130 18.131 18.132 18.133 18.134 18.135 18.136 18.137 18.138 18.139 18.140 18.141 18.142 18.143 18.144 18.145 18.146 18.147 18.148 18.149 18.150 18.151 18.152 18.153 18.154 18.155 18.156 18.157 18.158 18.159 18.160 18.161 18.162 18.163 18.164 18.165 18.166 18.167 18.168 18.169 18.170 18.171 18.172 18.173 18.174 18.175 18.176 18.177 18.178 18.179 18.180 18.181 18.182 18.183 18.184 18.185 18.186 18.187 18.188 [Pakistan Milestone, Chronology: March 1940 to August 2010; By Professor Muhammad Yusuf; 1st edition, 2011 ]
  19. 19.0 19.1 19.2 19.3 19.4 19.5 19.6 19.7 19.8 [Encyclopedia of WORLD GEOGRAPHY، R.W. MCCOLL, PH.D. GENERAL EDITOR، Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 1001، pages 699,700 ]
  20. Sindhi Adabi Board Online Library (Specialized)
  21. 21.0 21.1 21.2 21.3 [Encyclopedia of Islam، Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor، Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001، pages 541,542]
  22. 22.00 22.01 22.02 22.03 22.04 22.05 22.06 22.07 22.08 22.09 22.10 22.11 22.12 22.13 22.14 22.15 22.16 22.17 22.18 22.19 22.20 22.21 22.22 22.23 22.24 22.25 22.26 22.27 22.28 22.29 22.30 22.31 22.32 22.33 22.34 22.35 22.36 22.37 22.38 22.39 - https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/pk.html -
  23. World Factbook. Retrieved 3 November 2006. آرڪائيو ڪيا ويا 9 January 2008 at WebCite
  24. "Agricultural Economics : An analysis of industrial–agricultural interactions: a case study in Pakistan". ScienceDirect. حاصل ڪيل 2 January 2010. 
  25. 25.0 25.1 "World Bank Document" (PDF). حاصل ڪيل 2 January 2010. 
  26. 26.0 26.1 "Economy". Pakistan Trade Development Authority. حاصل ڪيل 8 March 2009. 
  27. 27.0 27.1 "Report for Selected Countries and Subjects (PPP)". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 8 October 2007. 
  28. "WB, UNDP question poverty estimates". Dawn. Pakistan Group of Newspapers. حاصل ڪيل 12 February 2008. 
  29. "Pakistan: People". The World Factbook. CIA. حاصل ڪيل 12 February 2008. 
  30. "About Government". Government of Pakistan. حاصل ڪيل 5 March 2009. 
  31. "Imran Khan won Pakistan general election, 2018 and became the 22nd Prime Minister of Pakistan". Daily Pakistan. https://en.dailypakistan.com.pk/headline/leader-of-the-house-national-assembly-to-elect-new-prime-minister-of-pakistan-today/. Retrieved 22 August 2018. 
  32. "China opens 'largest' embassy in Pakistan, strengthens South Asia presence". asiancorrespondent.com. 
  33. "Uncommon tongue: Pakistan's confusing move to Urdu". BBC News. حاصل ڪيل 7 February 2016. 
  1. "Includes data for Pakistani territories of Kashmir; آزاد ڪشمير (13٬297 km2 يا 5٬134 sq mi) and گلگت بلتستان (72٬520 km2 يا 28٬000 sq mi).[11] Excluding these territories would produce an area figure of 796٬095 km2 (307٬374 sq mi)."