انگور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
لبنان جي هڪ ڳوٺ ۾ انگور جي ول

انگور هڪ ٻوٽي ۽ انجي ميوي جو نالو آهي. هي ٻوٽو ويڙهي جي صورت ۾ وڌندو آهي ۽ هن جو ميوو ڇينگن جي صورت ۾ هوندو آهي. هڪ ڇينگي ۾ 6 کان 300 انگور جا داڻا ٿي سگھن ٿا. انهن کي هن حالت ۾ به کائي سگھجي ٿو يا وري هن مان شربت، جيلي، شراب ۽ ٻجن مان تيل به ٺاهي سگھجي ٿو. انگور جڏهن سڪي ويندو آهي ته ان مان ڪشمش ٺاهي ويندي آهي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواه جي ضلعي چترال جي وادي ڪالاش ۾ انگور مان ديسي شراب به ٺاهيو ويندو آهي.

هڪ قسم جو ميوو، جيڪو انگورن جي ول ۾ ٿيندو آهي. اِن جا داڻا کجور جيترا يا کجور کان ننڍا ٿين. هي ميوو جابلو ايراضيءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جي پوک -بلوچستان- ۽ -پاڪستان- جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيندي آهي، -جتي- قديم دور کان ٿيندي اچي ٿي. -تازي- ميوي کي ”-انگور-“ سڏين ۽ سڪل انگورن کي ”مُنقا“ ۽ ”ڪشمش“ چئبو آهي. -انگور- دل، دماغ، جگر ۽ بڪين کي طاقت پهچائين ٿا. -انساني جسم- ۾ حرارت عزيزي پيدا ڪندڙ آهن. قدرت هنن ۾ پوٽاشيم، ڪئلشيم، فاسفورس جي لوڻياٺ کان سواءِ وٽئمن اي، بي، ڊي به شامل ڪيا آهن. انگورن مان بهترين شراب ٺهندو آهي. قرآن شريف ۾ به انگورن جو ذڪر آيو آهي. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- به انگورن کي پسند ڪيو آهي. انگورن جا ڪيترائي قسم آهن، -جن- مان شنڊوخاني (سُندرخاني)، حسيني، وڏو -تور-، مسقط مشهور آهن.

انگور جا ڪيترائي قسم آهن جي هندستان ۾ ٿين ٿا. ڪي ته تمام وڏي قد جا ٿيندا آهن. انگور کي سنڌيءَ ۾ ڊاک چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ گريپس. جدا جدا هنڌن ۾ انگور جي قسمن جا جدا جدا نالا آهن. ڪشمير ۾ ڪشمش، منسک، مسڪا مکيه آهن. اورنگ آباد جي حبشي انگور تمام مشهور آهي، جا ڪاري رنگ جي ۽ وڏي قد جي آهي ۽ لنڊن جي بازارين تائين وڪامڻ ويندي آهي. يورپ جون خاص ڊاکون به هن ملڪ ۾ ٿينديون آهن، جهڙوڪ سونهري ڊاک، مسقطي ڊاک، فرينچ ڊاک وغيره. ڪابل جي انگور به مشهور آهي- وڏي توڙي ننڍي _ بيداڻي ڊاک، جنهن کي ڪشمش چوندا آهن سا ڪابل ۾ به ۽ پنجاب ۾ به ججهي ٿي ٿئي. لاهور ۾ ته سورهن قسمن جون ولايتي ڊاکون ٿين ٿيون. ڊاک جا مَنَهه ٺاهيندا آهن جنهن تي ڊاک جو وڻ، جو ول وانگي ٿئي ٿو سو ٽيڪ ڏئي بيهندو، چڙهندو ۽ پکڙندو آهي ۽ جنهن مان ميوي جا ڇڳا لڙڪائيندو آهي. منهه يا ٽيڪ ٺاهڻ جو چڱو رستو آهي هي: اتر ۽ ڏکڻ ڏي هڪڙو رستو ڏهه ٻارهن فوٽ ويڪرو ٺاهي وڃجي. پاسي کان سرن جا پيلپاوا، ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٺهرائجن، جي پندرهن انچ چورس هجن ۽ ست فوٽ مٿي هجن. پيلپاون جي وچ ۾، چيريل بانس جي ڄاريءَ واري ڀت يا پڃرو ڏئي ڇڏجي. آمهون سامهون ٻن ٻن پيلپاون جي مٿان ڪام جهڙي ڪاٺي، يا ٿلهي بانس جي لٺ رکي وڃجي. پيلپاون جي وچ ۾ هڪڙو ڊاک جو وڻ پوکي وڃجي. ڪي ڪي ماڻهو ته پيلپاون جي بدران، لوهه جا بمبو تار جي بمبن جهڙا ۽ بانس جي بدران، لوهه جون تارون ڪم آڻيندا آهن. اهڙي قسم جو منهه باغ جي لاءِ هڪڙي سونهن آهي ۽ نه رڳو ڊاک لاءِ چڱو آهي پر سج جي تابش مهل ڇانو ۾ گهمڻ، يا پسار ڪرڻ لاءِ به چڱو آهي. تنهن کانسواءِ وڻن جون ڪونڊيون جن کي ڇانو جي گهرج ٿي ٿئي، سي به انهيءَ منهه هيٺ رکي سگهجن ٿيون. ڊآک کي ڪچيءَ کان آسانيءَ سان ڪاٺين تي چاڙهي سگهجي ٿو، جنهنڪري مٿي چڙهي ٿيون وڃن. پاڙ مان جيڪي به شاخون نڪرن، تن کي چاڙهيندو وڃجي. جي ضرور پوي ته پهرين ڌاڳي سان ٻڌي اٽڪائي ڇڏجي. هيٺان جيڪي پن ٻوٽآ ٿين سي ڇانگ جي موسم ۾ ڇانگي ڇڏجن. اهڙيءَ ريت ڪرڻ سان سڀڪا ٽاري مارچ مهيني ۾، ٻه يا ٽي ڇڳا ڊاک جا جهليندي. اهي ٽاريون وينديون وڌنديون ۽ ڊگهيون ٿينديون، جيسين ڪ سيارو اچي. پوءِ انهن کي وڍي رڳو ٻن اکين سان کڻي ڇڏجي ۽ جيڪي سنهڙيون ڪچيون ڪاٺيون هجن، سي به وڍي ڇڏجن. تڏهن ڊاک بلڪل اگهاڙي ڏسڻ ۾ ايندي. ايندڙ مارچ ۾ انهن ڇڏيلن ٻن اکين مان، گوشن وانگي ننڍيون شاخون نڪرنديون، جي ڊاک جا ڇڳا جهلينديون. سياري ۾ وري ڇانگي انهن کي به آڻي ٻن اکين تي بيهارجي. انهيءَ طرح سال بسال ڪندو رهجي. سچ آهي ته جيڪڏهن ٽارين جي اها ڇانگ نه ڪبي، ته سڀني ٽارين مان ڊاک جا ڇڳاپيدا ٿيندا جنهنڪري ظاهري طرح ميوو ججهو ٿيندو، مگر ضعيف ۽ سادو ٿيندو، وڻ ٿڪجي پوندو ۽ نستو ٿيندو. ٿورن ئي ورهين ۾ اهي وڻ جهنگ ڪري خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڪم جا ڪين ٿا ٿين. ڊاک جي پوک اهڙي ٿي ٿئي جهڙي شفتالوءَ جي. آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾، مينهن بس ٿيڻ کانپوءِ پاڙن جي مٽي کوٽي، ڪڍي، انهيءَ کي مهينو ٻه کليل ڇڏي ڏجي. ايتري ۾ پن به ڇڻي ويندا، پوءِ وڻن جي ڇانگ ڪجي. فيبروريءَ ۾ وري جڏهن وڻ پن ۽ گونچ ڪڍن، تڏهن پاڙن جي مٿان ڪنهن به قسم جو عمدو ڀاڻ وجهي ڇڏجي. پراڻو ڳائو ڀاڻ شايد تمام چڱو آهي. ڪن انگور هڪ ٻوٽي ۽ انجي ميوي جو نالو آهي. هي ٻوٽو ويڙهي جي صورت ۾ وڌندو آهي ۽ هن جو ميوو ڇينگن جي صورت ۾ هوندو آهي. هڪ ڇينگي ۾ 6 کان 300 انگور جا داڻا ٿي سگھن ٿا. انهن کي هن حالت ۾ به کائي سگھجي ٿو يا وري هن مان شربت، جيلي، شراب ۽ ٻجن مان تيل به ٺاهي سگھجي ٿو. انگور جڏهن سڪي ويندو آهي ته ان مان ڪشمش ٺاهي ويندي آهي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواه جي ضلعي چترال جي وادي ڪالاش ۾ انگور مان ديسي شراب به ٺاهيو ويندو آهي.

هڪ قسم جو ميوو، جيڪو انگورن جي ول ۾ ٿيندو آهي. اِن جا داڻا کجور جيترا يا کجور کان ننڍا ٿين. هي ميوو جابلو ايراضيءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جي پوک -بلوچستان- ۽ -پاڪستان- جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيندي آهي، -جتي- قديم دور کان ٿيندي اچي ٿي. -تازي- ميوي کي ”-انگور-“ سڏين ۽ سڪل انگورن کي ”مُنقا“ ۽ ”ڪشمش“ چئبو آهي. -انگور- دل، دماغ، جگر ۽ بڪين کي طاقت پهچائين ٿا. -انساني جسم- ۾ حرارت عزيزي پيدا ڪندڙ آهن. قدرت هنن ۾ پوٽاشيم، ڪئلشيم، فاسفورس جي لوڻياٺ کان سواءِ وٽئمن اي، بي، ڊي به شامل ڪيا آهن. انگورن مان بهترين شراب ٺهندو آهي. قرآن شريف ۾ به انگورن جو ذڪر آيو آهي. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- به انگورن کي پسند ڪيو آهي. انگورن جا ڪيترائي قسم آهن، -جن- مان شنڊوخاني (سُندرخاني)، حسيني، وڏو -تور-، مسقط مشهور آهن. [1] انگور جا ڪيترائي قسم آهن جي هندستان ۾ ٿين ٿا. ڪي ته تمام وڏي قد جا ٿيندا آهن. انگور کي سنڌيءَ ۾ ڊاک چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ گريپس. جدا جدا هنڌن ۾ انگور جي قسمن جا جدا جدا نالا آهن. ڪشمير ۾ ڪشمش، منسک، مسڪا مکيه آهن. اورنگ آباد جي حبشي انگور تمام مشهور آهي، جا ڪاري رنگ جي ۽ وڏي قد جي آهي ۽ لنڊن جي بازارين تائين وڪامڻ ويندي آهي. يورپ جون خاص ڊاکون به هن ملڪ ۾ ٿينديون آهن، جهڙوڪ سونهري ڊاک، مسقطي ڊاک، فرينچ ڊاک وغيره. ڪابل جي انگور به مشهور آهي- وڏي توڙي ننڍي _ بيداڻي ڊاک، جنهن کي ڪشمش چوندا آهن سا ڪابل ۾ به ۽ پنجاب ۾ به ججهي ٿي ٿئي. لاهور ۾ ته سورهن قسمن جون ولايتي ڊاکون ٿين ٿيون. ڊاک جا مَنَهه ٺاهيندا آهن جنهن تي ڊاک جو وڻ، جو ول وانگي ٿئي ٿو سو ٽيڪ ڏئي بيهندو، چڙهندو ۽ پکڙندو آهي ۽ جنهن مان ميوي جا ڇڳا لڙڪائيندو آهي. منهه يا ٽيڪ ٺاهڻ جو چڱو رستو آهي هي: اتر ۽ ڏکڻ ڏي هڪڙو رستو ڏهه ٻارهن فوٽ ويڪرو ٺاهي وڃجي. پاسي کان سرن جا پيلپاوا، ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٺهرائجن، جي پندرهن انچ چورس هجن ۽ ست فوٽ مٿي هجن. پيلپاون جي وچ ۾، چيريل بانس جي ڄاريءَ واري ڀت يا پڃرو ڏئي ڇڏجي. آمهون سامهون ٻن ٻن پيلپاون جي مٿان ڪام جهڙي ڪاٺي، يا ٿلهي بانس جي لٺ رکي وڃجي. پيلپاون جي وچ ۾ هڪڙو ڊاک جو وڻ پوکي وڃجي. ڪي ڪي ماڻهو ته پيلپاون جي بدران، لوهه جا بمبو تار جي بمبن جهڙا ۽ بانس جي بدران، لوهه جون تارون ڪم آڻيندا آهن. اهڙي قسم جو منهه باغ جي لاءِ هڪڙي سونهن آهي ۽ نه رڳو ڊاک لاءِ چڱو آهي پر سج جي تابش مهل ڇانو ۾ گهمڻ، يا پسار ڪرڻ لاءِ به چڱو آهي. تنهن کانسواءِ وڻن جون ڪونڊيون جن کي ڇانو جي گهرج ٿي ٿئي، سي به انهيءَ منهه هيٺ رکي سگهجن ٿيون.[2] ڊآک کي ڪچيءَ کان آسانيءَ سان ڪاٺين تي چاڙهي سگهجي ٿو، جنهنڪري مٿي چڙهي ٿيون وڃن. پاڙ مان جيڪي به شاخون نڪرن، تن کي چاڙهيندو وڃجي. جي ضرور پوي ته پهرين ڌاڳي سان ٻڌي اٽڪائي ڇڏجي. هيٺان جيڪي پن ٻوٽآ ٿين سي ڇانگ جي موسم ۾ ڇانگي ڇڏجن. اهڙيءَ ريت ڪرڻ سان سڀڪا ٽاري مارچ مهيني ۾، ٻه يا ٽي ڇڳا ڊاک جا جهليندي. اهي ٽاريون وينديون وڌنديون ۽ ڊگهيون ٿينديون، جيسين ڪ سيارو اچي. پوءِ انهن کي وڍي رڳو ٻن اکين سان کڻي ڇڏجي ۽ جيڪي سنهڙيون ڪچيون ڪاٺيون هجن، سي به وڍي ڇڏجن. تڏهن ڊاک بلڪل اگهاڙي ڏسڻ ۾ ايندي. ايندڙ مارچ ۾ انهن ڇڏيلن ٻن اکين مان، گوشن وانگي ننڍيون شاخون نڪرنديون، جي ڊاک جا ڇڳا جهلينديون. سياري ۾ وري ڇانگي انهن کي به آڻي ٻن اکين تي بيهارجي. انهيءَ طرح سال بسال ڪندو رهجي. سچ آهي ته جيڪڏهن ٽارين جي اها ڇانگ نه ڪبي، ته سڀني ٽارين مان ڊاک جا ڇڳاپيدا ٿيندا جنهنڪري ظاهري طرح ميوو ججهو ٿيندو، مگر ضعيف ۽ سادو ٿيندو، وڻ ٿڪجي پوندو ۽ نستو ٿيندو. ٿورن ئي ورهين ۾ اهي وڻ جهنگ ڪري خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڪم جا ڪين ٿا ٿين.[2]

انگورن يا ڊاک جي پوک[سنواريو]

ڊاک جي پوک اهڙي ٿي ٿئي جهڙي شفتالوءَ جي. آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾، مينهن بس ٿيڻ کانپوءِ پاڙن جي مٽي کوٽي، ڪڍي، انهيءَ کي مهينو ٻه کليل ڇڏي ڏجي. ايتري ۾ پن به ڇڻي ويندا، پوءِ وڻن جي ڇانگ ڪجي. فيبروريءَ ۾ وري جڏهن وڻ پن ۽ گونچ ڪڍن، تڏهن پاڙن جي مٿان ڪنهن به قسم جو عمدو ڀاڻ وجهي ڇڏجي. پراڻو ڳائو ڀاڻ شايد تمام چڱو آهي. . ڪنو ٿيل ٻهر يا ڪچرو ۽ مڇي به چڱا آهن. ڊاکن جي لاءِ هڪڙو هٿرادو گڏيل ڀاڻ به ٺاهيندا آهن. هيئن ڪندا آهن جو زمين ۾ هڪڙي اونهي کڏ کڻي، ان ۾ ڳائي مال جا تازا ڇيڻا گهڻا وجهي ڇڏيندا آهن. ڪنهن ڪُني يا چاڏيءَ ۾ ٿورو کڙ، پاڻيءَ ۾ وجهي باهه تي چاڙهيندا آهن، جيسين ڪ سڀ ڳري وڃي. تنهن ۾ وري کڙ جيترو ڳڙ به ٿورو چن گڏي، ڀاڻ پيل کڏن ۾ ليٽائي وجهندا آهن. پوءِ کڏ کي ڪنهن شيءِ سان ڍڪي ڇڏيندا آهن، رڳو ڪڏهن ڪڏهن ڍڪ لاهي ڪاٺيءَ سان گهمائي، ملائي، ڇڏيندا اٿس. مهينو ٻه ائين ڪبو آهي، پوءِ اهو کڏ وارو مال يا ڀاڻ ڊاک جي پاڙن ۾ وجهندا آهن، منجهس تمام ڪني باس ٿيندي آهي، پر جي هڪدم هاري مٿانئس تازي مٽي وجهي ڇڏبي ته ستت ئي باس گم ٿي ويندي. جنهن وقت کان وٺي ڦر پيدا ٿئي ۽ قد ۾ وڌڻ لڳي، تنهن وقت کان پاڙن ۾ ججهو ڀاڻ وجهندو وڃجي. جڏهن پچڻ لڳي تڏهن پاڻي کڻي بند ڪجي. مطلب هي آهي، ته برسات جي موسم کان اڳڀرو ڊاک پچي پوي، نه ته پوءِ گهم جي ڪري ڦاٽي ٿي پوي. ڪٿي ڪٿي ڊاک وري ولين وانگي مَنَهه تي نه چاڙهيندا آهن پر ٻوڙن وانگي پوکيندا آهن. کليل زمين هٿ ڪري ان کي چڱيءَ طرح اونهون هر ڏجي ۽ پوءِ مٿان نئين ڪري ڇڏجي، جيئن سانهر سان ڪندا آهن. تنهن تي شطرنج جي خانن وانگي ڏهه فوٽ چورس ليڪا ڪڍي وڃجن. جتي ٻه ليڪا گڏجن، انهيءَ هنڌ ٽي فوٽ اونهيون ۽ ٽي فوٽ ويڪريون ۽ گول کڏون کڻي وڃجن. انهن ۾ ڇيڻو، ڪِنو ٻُهر، ڪاري مٽي ۽ درياهه جي واري گڏي ڀاڻ وانگي ڪري وجهجي. فيبروريءَ مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ انهن کڏن ۾، گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ رکيل ٻيجاري مان هڪڙي هڪڙي چڪي ڪري رکي وڃجي. جيئن جيئن اهي وڌنديون وڃن، تيئن تيئن خوب ڇانگ ڪندو هڪڙيءَ اک تي ڇڏيندو وڃجين. انهيءَ ڪري وڻ ول وانگي پکڙندا ڪين، پر ٻوڙي وانگي گهاٽ وٺندا ۽ بيهڪ ڪندا. پهريان ٻه ورهيه ائين ڪجي ۽ ڦر ڪرڻ نه ڏجين. ڇانگ جي ڏينهن ۾ هر سال انهن کي ڇانگي، نِئِي ٻن ٽن مکيه ٽارين تي ڇڏجي. ٽئين سال ۾ اهي ڦر گهڻو به ڪنديون ۽ عمدو به ڪنديون. پوءِ به ٽارين کي وڌڻ نه ڏجي، ڇانگيندو رهجين جيئن وڌن نه پر ٻوڙو ٻڌيو اچن. انهن ۾ ڊاک جا ڇڳا اهڙا ڳرا ٿيندا جو انهن کي ٽيڪ تي بيهارڻ جو ضرور ٿيندو. انهيءَ لاءِ ٻِسانگيون ڪاٺيون ٻيانن وانگي کوڙي ڇڏجن. ٻوڙن جي پاڙ ۾ مٽي گڏ ڪري ننڍڙا دڙا ڪري ڇڏجن ۽ ان جي چوڌاري ڪسي کوٽِي ڇڏجي، جنهن ۾ ميوي ٿيڻ مهل پاڻي وجهندو رهجي. انهيءَ طرح ٻنيءَ جي فصلن وانگي ڊاک رجائي ۽ پيدا ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري خرچ به گهٽ ٿئي ٿو، محنت به گهٽ ٿئي ٿي، جاءِ به ٿوري والارجي ٿي، وڻن جي سنڀال به وڌيڪ ٿئي ٿي، پيدائش به زياده ٿئي ٿي ۽ ميوو به اچي قسم جو لهي ٿو. جيپور جي مشهور رام نيوس باغ ۾ اها تجويز رکيل آهي. ڊاک قلمن مان جلد پيدا ٿئي ٿي. نومبر جي آخر ۾ ڇانگ ڪرڻ وقت ڏندڻ وڍي هڻي ڇڏجن. ڏندڻ زمين ۾ پاسيرا کوڙي ڇڏجن، جيئن سندن ٻه اکيون زمين کان ٻاهر رهن ۽ پاڙ ۾ مٽي چڱيءَ طرح دٻي ڇڏجين. عمدي قسم جي ڊاک هڻڻ لاءِ هيئن ڪندا آهن، جو هلندڙ سال جي ٿيل وڻ جي هڪڙي ڪاٺي ڪپي، انهيءَ کي ٻن ٻن انچن جيترا ٽڪر ڪري وڃجن، جيئن هر هڪ ٽڪر جي وچ ۾ هڪڙي اک يا هڪڙو گونچ هجي. اهي ٽڪر وچان چيرجن. اک وارو اڌ ڪنهن مٺيءَ زمين تي کڻي سنئون رکجي، جيئن اک مٿي ٿي بيهي؛ پوءِ مٿان صاف واري وجهي اک کان سواءِ ٻيو سڄو ڍڪي ڇڏجي. پنجاب ۾ به ائين ڪندا آهن، مگر شايد قلمن جا ڳترا چيريندا نه آهن. ڊاک جي پچڻ لاءِ گرم ۽ خشڪ موسم سڀ کان بهتر آهي. تنهنڪري دکن لاءِ مارچ مهينو، ڪلڪتي لاءِ مئي، پنجاب ۽ ٻين اتر وارن پرڳڻن لاءِ جون چڱو آهي. ٽيننٽ صاحب لکي ٿو ته ”سيلون ۾ ڊاک منهه تي ڪندا آهن، مگر سياري جي ڏينهن ۾ ان جون پاڙون ڍڪي ظاهر اُس ۾ رکندا آهن. انهيءَ ڪري سال ۾ ڊاک مان ٻه فصل ٿا لهن: هڪڙو مارچ ۾ ٻيو سيپٽمبر ۾. مگر پاڙن جي سوئڻ ۽ ڇانگڻ جو ڪم رڳو هڪ ڀيرو جولاءِ ۾ ڪندا آهن. ”پاگسن“ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾، ڊاک جي پاڙ ۾ ڀاڻ وجهڻ لاءِ هيٺيون نسخو ٿو لکي: ”هڪڙي گول کڏ کڻجي، جا هڪ فوٽ اونهي ۽ ٽي انچ گول هجي. انهيءَ ۾ پهرين هڏا پوءِ ڇيڻا وجهي ڀرجيس. جي مٿان به ويهه ٽيهه ٻيا ڇيڻا ڍير ڪري رکجن. تنهن کي ڪاٺيون رکي ٽن هنڌان باهه ڏجي. جڏهن سڀ سڙي رک ٿي وڃي ۽ ٺري، تڏهن هڏا ڪڍي، چورو يا اٽو ڪري ڌار رکي ڇڏجن ۽ رک ڌار گڏ ڪري ڪم لاءِ رکجي. هڏن جي مڻ مان، اڌ مڻ هڏن جي رک جو نڪرندو. اٽڪل ٻن سيرن جيتري اها رک ڊاک جي پاڙن ۾ وجهجي، تنهن جي مٿان ٻن انچن جيترو تازيءَ مٽيءَ جو تَهَه وجهجي، تنهن جي مٿان ٻن انچن جيترو تازيءَ مٽيءَ جوتَهَه وجهجي ۽ ان جي مٿان ڇيڻن جي رک ٻُرڪي وڃجي. پوءِ پاڙ واري کوٽيل مٽي انهيءَ جي مٿان ورائي ڇڏي ڏجي. وري مارچ جي مهيني ۾، هڪڙو دِلو پاڻيءَ جو هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڏيندو رهجي. جڏهن ڊاک گل ڪري، تڏهن وري ٻيو ڀيرو پاڻي ڏيڻ ضروري ٿيندو. ٿوري عرصي کان پوءِ وري هفتي ۾ ٻه ڀيرا پاڻي ڏجي. ائين ڪرڻ ڪري ڊاک به وڌندي ۽ وڏا ڇڳا به ڪندي، جن کي پکين، نوريئڙن ۽ چمڙن کان بچائڻ لاءِ ڪپهه ۾ ويڙهي ڇڏجي.“[2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%DA%AF%D9%88%D8
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو