فيصل آباد
فيصل آباد
| |||
|---|---|---|---|
فيصل آباد جو گھنٽا گھر | |||
| |||
| Etymology: شاھ فيصل جو شھر | |||
| Nickname: پاڪستاني مانچسٽر | |||
| Coordinates: 31°25′0″N 73°5′28″E / 31.41667°N 73.09111°E | |||
| ملڪ | |||
| صوبو | |||
| ضلعو | فيصل آباد | ||
| قائم ٿيو | 1892 | ||
| Founded by | سر جيمز براڊ ووڊ لائل | ||
| Government | |||
| • Type | مڪاني حڪومت | ||
| • ميئر | رزاق ملڪ | ||
| • ڊپٽي ميئر | ٽي مختلف زون جا ميئر | ||
| Area | |||
| 1,300 km2 (490 sq mi) | |||
| • Land | 840 km2 (325 sq mi) | ||
| • Water | 430 km2 (165 sq mi) 3% | ||
| • Metro | 5,860 km2 (2,261 sq mi) | ||
| Elevation | 184 m (604 ft) | ||
| Population (2017) | |||
| 3,203,846 | |||
| • Rank | ٽيون نمبر وڏو شھر | ||
| • Density | 3,810/km2 (9,860/sq mi) | ||
| • شھر واسين جو نالو | فيصل آبادي | ||
| [1] | |||
| Time zone | UTC+05:00 (پاڪستان جو معياري وقت) | ||
| پوسٽل يا زپ ڪوڊ | 38xxx | ||
| Area code | 041 | ||
| Vehicle registration | F سان شروع ٿيندڙ ڪل ٽي اکر (مثال FDA-1234) | ||
| پراڻو نالو | لائلپور | ||
| سرڪاري ٻولي | اردو | ||
| مقامي ٻولي | پنجابي | ||
| ٻوليون (1981) | 98.2% پنجابي 1.8% ٻيون.[2] | ||
فيصل آباد (Faisalabad) پاڪستان جو ٽيون ۽ پنجاب جو ٻيون وڏو شھر آھي جيڪو سال 1977ع تائين لائل پور (Lyallpur) جي نالي سان مشھور ھو پوءِ ان جو نالو شاھ فيصل جي نالي تي فيصل آباد رکيو ويو.
تفصيلي تعارف
[سنواريو]برٽش انڊيا جي دؤر ۾ قائم ٿيل ھي شھر پھرين شھرن مان ھڪ شھر ھو جيڪو منصوبہ بندي سان ٺاھيو ويو ھو. ھن وقت ميٽروپولس جي حيثيت وارو ھي شھر فيصل آباد ضلعي ۽ فيصل آباد ڊويژن جو صدر مقام آهي. فيصل آباد ضلعي جي ايراضي 5856 چورس ڪلوميٽر آهي [3] فيصل آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي (FDA) جي ڪنٽرول وارو علائقو 1280 چورس ڪلوميٽر آهي. [4][5] > فيصل آباد جي بيھڪ پنجاب جي وچ ۾ ھجڻ ڪري چؤطرف سموري پنجاب سان روڊن ريلوي لائين ۽ ھوائي رستن ذريعي ڳنڌيل آھي جنھن ڪري ھي شھر صنعت ۽ پيداواري ورھاست جو ھڪ وڏو مرڪز ٿي ويو آهي.[6] ان کي تنھن ڪري پاڪستان جو مانچسٽر چوندا آهن [7][8] پنجاب جي جي.ڊي.پي. جو 20 سيڪڙو حصو ڏيندڙ ھن شھر جي جي.ڊي.پي.20.5 بلين ڊالر آهي [9] ھن جي پسگردائيءَ پن زراعت جو مرڪز آھي جتي جون زمينون چناب نديءَ سان سيراب ٿين ٿيون. ڪپھ، ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي، مختلف سبزيون ۽ ميوا ھتي ڪثرت سان پوکيا وڃن ٿا.شھر ۾ وڏا ريلوي جا انجينيئرنگ ورڪشاپ، کنڊ ۽ ڪپڙي جا ڪارخانا واقع آھن. سپر فاسفيٽ جي پيداوار جو مرڪز آھي. ان کان علاوه زرعي اوزارن، پني، گھ جي صنعت جو پڻ مرڪز آھي. ھتي جي صنعت۽ واپار جي نگراني لاءِ فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جيڪو پاڪستان جي فيڊريشن آف چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي رپورٽ ڏيندو آهي ادارو موجود آهي. شھر کي ھڪ وسيع ڊراء پورٽ آهي. ھن شھر ۾ بين الاقوامي ايئرپورٽ پڻ واقع آهي. ھن شھر جي تعليمي ادارن ۾ ايگريڪلچرل يونيورسٽي, گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، ايوب ايگريڪلچرل ريسرچ انسٽيٽيوٽ،بيڪن هائوس اسڪول، ڊويزنل پبلڪ اسڪول فيصل آباد ۽ نيشنل ٽيڪسٽائيل يونيورسٽي واقع آھن.ھتي راندين لاء اقبال اسٽيڊيم پڻ واقع آهي ۽ ان سان تعلق رکندڙ ھن شھر جي ڪرڪيٽ ٽيم جو نالو فيصل آباد وولوز (Faisalabad Wolves) آھي.ھتان جي ھاڪي ج ٽيم ۽ سنوڪر جا رانديگر ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر شھرت حاصل ڪئي [10]
فيصل آباد جي تاريخ
[سنواريو]فيصل آباد يونيورسٽيءَ جي تحقيق مطابق ھن شھر جي جاء تي ھڪ وسندي جي موجودگيءَ جي شھادت ارڙھين صدي عيسوي تائين ملي ٿي جڏھن ھتي ٻيلن ۾ رھندڙ قبيلن ھتي رھڻ شروع ڪيو. انھن آبادين جو تعلق جھنگ ۽ صندلبار جي قديم ضلعن سان ھيو ۽ ان وقت اھي ضلعا شاھدرہ کان شورڪوٽ ۽ سانگلا ھل کان ٽوبہ ٽيڪ سنگھ جي وچ ۾ واقع ھيا.[11]
پراڻو لائلپور شھر انگريزن جي دؤر ۾ جھنگ ضلعي جو تعلقو ھيو ۽ 1904 ۾ کيس ضلعي جو درجو مليو[13] ھن شھر جو نالو پنجاب جي ليفٽننٽ گورنر سر جيمز براڊ ووڊ لائل(James Broadwood Lyall) جي لوئر پنجاب جي چناب واري وادي ۾ آبادڪاري وارين ڪوششن جي نتيجي ۾ سندس ياد ۾ رکيو ويو.[14] ان جو خاندان وارو نالو لائل ۽ پور ملائي لائلپور نالو ٺاھيو ويو. لفظ پور سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي شھر. اھڙي طرح ان نالي جي معني ھئي لائل جو شھر [15] ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي حڪومت ھن شھر جو نالو سعودي عرب جي بادشاھ فيصل جي نالي تي فيصل آباد رکيو جنھن جي معني آهي فيصل جو شھر [16]
ارڙهين صديءَ ۾ مغلن جي بادشاھت جي خاتمي جي ڪري بينگال کان پنجاب تائين صوبن جي سياسي ۽ معاشي زوال اڳتي هلي پنجاب جي بہ تقسيم جو سبب بڻيو .[17] سال 1880 ۾ ھڪ انگريز آفيسر پوھم ينگOIE موجوده شھر جي جاء تي باقاعده نئون شھر جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي جنھن جو نقشو ھن برطانيا جي جھنڊي يونين جيڪ جي نموني تي ٺاھيو نقشي مطابق شھر جي وچ ۾ گھنٽا گھر(clock tower) ھو جتان يونين جيڪ جي پٽن وانگر اٺ روڊ چؤطرف نڪرن پيا .[18] جنھن جي سر جيمز براڊ ووڊ لائل حمايت ڪئي اھڙي طرح لائلپور نالي سان نئين شھر جي تعمير شروع ٿي جنھن جو 1979 ۾ جنھن جو نالو فيصل آباد رکيو ويو.[19] سال 1892 ۾ لائلپور تعلقي جي زرعي پيداوار جي اضافي سان ھن شھر کي برٽش ريلوي نيٽورڪ سان ڳنڍڻ لاءِ وزيرآباد ۽ لائلپور وچ ۾ ريلوي لائن وڇائڻ شروع ڪئي جيڪو ڪم 1895 ۾ مڪمل ٿيو.[20] Construction of the rail سال 1896 ۾ لائلپور جھنگ ضلعي جي تحصيل ھو.انوقت ان ضلعي جي ٻين تحصيلن ۾ جھنگ تحصيل کانسواءِ گوجرانوالا ۽ ساھيوال جون تحصيلون بہ شامل ھيا. 1904 ۾ لائلپور تحصيل کي ضلعي جو درجو ڏئي ان ۾ لائلپور تحصيل کان علاوه سمندري ، ٽوبہ ٽيڪ سنگھ تحصيلن سان گڏوگڏ سب تحصيل جڙانوالا شامل ڪيون ويون. جڙانوالا کي بہ جلد ئي تحصيل جو درجو ڏنو ويو.[21] 1906 ۾ پنجاب ايگريڪلچرل ڪاليج اينڊ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو جنھن کي بعد ۾ زرعي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو ھو. شروع ۾ شھر جي سنڀال لاء ٽائون ڪميٽي ڪم ڪندي ھئي جنھن کي 1909 ۾ ميونسپل ڪميٽي جو درجو ڏنو ويو. ھي شھر آھستي آھستي زرعي اوزارن ۽ اناج جو مرڪز ٿي ويو .[22] 1930واري ڏھاڪي ۾ ھتي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۽ فوڊ پروسيسنگ، فلور ملن جي ننڍين صنعتن جو آغاز ٿي چڪو ھو.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ
[سنواريو]
آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي قيام وقت ھندوستان جي تقسيم سان گڏ پنجاب بہ تقسيم ٿي ويو.اوڀر پنجاب ڀارت ۾ ۽ اولھ پنجاب پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. 1977 ۾ ھن شھر جو نالو لائلپور مٽائي فيصل آباد رکيو ويو. 1985 ۾ ھي شھر ڊويزنل صدر مقام بڻيو . ھن نئين ڊويژن ۾ ٽي ضلعا :فيصل آباد، جھنگ ۽ ٽوبہ ٽيڪ سنگھ شامل ڪيا ويا. 1980 واري ڏھاڪي ۾ ھن شھر ۾ غيرملڪي سرمائيڪاري جو تيزي سان اضافو ٿيو[23] ھتان جا ماڻھو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ شروع ٿيا ۽ ٻاھرين دنيا سان باھمي تعلقات بھتر ٿيڻ جي ڪري ھتي فنڊنگ ۾ اضافو ٿيو ۽ ترقي ۾ واڌ آئي.
شھر جو سياسي ۽ انتظامي ڍانچو
[سنواريو]1. لائلپور ٽائون
2. مدينہ ٽائون
3. جناح ٽائون
4. اقبال ٽائون
5. چڪ جھمرا ٽائون
6. جڙانوالا ٽائون
7. سمندري ٽائون
8. ٽنڊليان والا ٽائون
فيصل آباد کي لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001 ذريعي سٽي ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪيو ويو[24] جنھن ۾ سٽي گورنمينٽ جا ست شعبا آھن جن ۾ زراعت، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، تعليم، فنانس ۽ پلاننگ، صحت، ميونسيپل سروسز، ۽ ورڪس اينڊ سروسز شامل آهن.ھر شعبي جو سربراھ ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ھوندو آھي .[25] جڏھن تہ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر وري انھن سڀني انتظامي شعبن جي نگراني ڪندڙ سربراھ ھوندو آھي. سٽي ڊسٽرڪٽ کان علاوہ اٺ تحصيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن پڻ آهن .[26] سٽي ڊسٽرڪٽ ۾ 118 يونين ڪاؤنسلون آهن جن جو ڪم سماجي معاشيات سان لاڳاپيل شمارياتي معلومات محفوظ ڪرڻ پڻ آھي.[27]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/content/provisional-summary-results-6th-population-and-housing-census-2017.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ Stephen P. Cohen (2004). The Idea of Pakistan. Brookings Institution Press. p. 202. ISBN 0815797613.
- ↑ http://www.fcci.com.pk/a-histroty-of-faisalabad-city.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://www.lawsofpakistan.com/faisalabad-geography-city-district-government-towns-of-faisalabad.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ (Report) https://www.scribd.com/book/50333273.
{{cite report}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ "The City Faisalabad – GCUF". اصل نسخو مان 24 اپريل 2015 تي محفوظ ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ International Conference on Soil Sustainability and Food Security (PDF) (Report). University of Agriculture, Faisalabad. 2005.
{{cite report}}: Unknown parameter|access- date=ignored (مدد) - ↑ Jaffrelot, Christophe (2002). Pakistan: Nationalism Without A Nation. Zed Books. p. 57. ISBN 978-1-84277-117-4. https://books.google.com/books?id=I2avL3aZzSEC&pg=PA57.
- ↑ http://www.pbit.gop.pk/punjab_at_glance.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://www.pakistantoday.com.pk/2012/11/08/sports/punjab-international-sports-festival-begin.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://www.tuf.edu.pk/history-fabad.php.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://uaf.edu.pk/faculties/agri/agri_history.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://punjab.gov.pk/faisalabad_history.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي. http://www.asb.org.pk/faisalabadprofile.doc. Retrieved 2018-09-01. آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ http://spokensanskrit.de/index.php?tinput=pur&script=&direction=SE&link=yes.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ [http://www.fcci.com.pk/a-
histroty-of-faisalabad city.html http://www.fcci.com.pk/a- histroty-of-faisalabad city.html].
{{cite web}}: Check|url=value (مدد); Missing or empty|title=(مدد); line feed اکر in|url=at position 26 (مدد)- https://www.tuf.edu.pk/course-detail/doctor-of-pharmacy - ↑ http://afe.easia.columbia.edu/main_pop/kpct/ct_south.htm.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://faisalabad.dc.lhc.gov.pk/PublicPages/HistoryOfDistrict.aspx.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ . Faisalabad Chamber of Commerce & Industry http://fcci.com.pk/rte/The-Economy-of-Faisalabad.pdf.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://www.socsci.uci.edu/~dbogart/indraileconachieve.pdf.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ Imperial Gazetteer of India. 2. Superintendent of Government Printing. 1908. pp. 220–223. https://books.google.com/?id=sTS2AAAAIAAJ&lpg=PA220&dq=1906%20the%20new%20district%20of%20Lyallpur&pg=PA220#v=onepage&q=1906%20the%20new%20district%20of%20Lyallpur&f=false.
- ↑ Nausheen Anwar (2014). Infrastructure Redux: Crisis, Progress in Industrial Pakistan & Beyond. Pakistan: Palgrave Macmillan. p. 119. ISBN 978-1-137-44818-7. https://books.google.com/?id=fNUaBgAAQBAJ&pg=PT119&lpg=PT119&dq=1930s+in+Faisalabad#v=onepage&q=1930s%20in%20Faisalabad&f=false.
- ↑ "Business ties: Faisalabad encourages Turkish investment". The Express Tribune. 26 April 2015.
- ↑ Urban Management Initiatives in Pakistan (PDF). Pakistan Research Repository, Influence of the Development Plan on City Growth (Report). Pakistan Higher Education Commission. ص. 84–85. اصل نسخو (PDF) مان 11 October 2017 تي محفوظ ڪيل. 19 January 2016 تي حاصل ڪيل.
{{cite report}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ http://faisalabad.gov.pk/Home/Departments.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ http://faisalabad.gov.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)/Home/Town}} - ↑ http://citypulse.com.pk/pakistangis/union-council-boundaries-of-faisalabad-city-2/.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: bare URL
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: invisible characters
- CS1 errors: URL
- پنجاب، پاڪستان
- پاڪستان جا شهر
- پنجاب (پاڪستان) جا آباد مقام
- پنجاب جا شهر (پاڪستان)
- پنجاب، پاڪستان جي معيشت