زيتون

| غذائي مقدار في 100 g (3.5 oz) | |
|---|---|
| توانائي | 285 kJ (68 kcal) |
14.32 g | |
| کنڊ | 8.92 g |
| خوراڪ وارو فائبر | 5.4 g |
0.95 g | |
2.55 g | |
| وٽامن | مقدار روزاني ضرورت جو ٪† |
| وٽامن اَي | 4% 31 μg3% 374 μg |
| ٿيامن (B1 ) | 6% 0.067 mg |
| ربوفليون (B2 ) | 3% 0.04 mg |
| نياسن (B3 ) | 7% 1.084 mg |
| پينٽوٿينڪ تيزاب (B5 ) | 9% 0.451 mg |
| وٽامن بي6 | 8% 0.11 mg |
| فوليٽ (B9 ) | 12% 49 μg |
| وٽامن سي | 275% 228.3 mg |
| وٽامن ڪي | 2% 2.2 μg |
| معدنيات | مقدار %DV† |
| ڪيلشيم | 2% 18 mg |
| فولاد | 2% 0.26 mg |
| ميگنيشيم | 6% 22 mg |
| ميگنيز | 7% 0.15 mg |
| فاسفورس | 6% 40 mg |
| پوٽيشيم | 9% 417 mg |
| سوڊيم | 0% 2 mg |
| جست | 2% 0.23 mg |
| ٻيا جزا | مقدار |
| Lycopene | 5204 µg |
| †سيڪڙو بالغن لاءِ آمريڪي سفارشن جي بنياد تي اندازي طور ڏنا ويا آهن،[1] سواءِ پوٽاشيم جي، جنهن جو اندازو نيشنل اڪيڊميز جي ماهراڻي سفارش جي بنياد تي لڳايو ويو آهي.[2] | |


زيتون (Guava، اردو: امرود) هڪ ميوي ۽ ان جي وڻ جو نالو آهي. هندستاني ۾ ان کي جام ڦل يا پيارا يا سفري آم يا امرود چوندا آهن. انگريزيءَ ۾ گواوا (Guava) چون ٿا ۽ عربي ۾ جوافہ چئجي ٿو. ۽ انگريزي ۾ زیتون (Olive) سو هڪڙو ٻئي قسم جو وڻ آهي، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ نہ ٿو ٿئي، اهو يورپ جي ڏکڻ ۾ ۽ ڪن ٻين ولايتن ۾ ٿئي ٿو.[3]
تعارف
[سنواريو]ننڍي کنڊ جو زيتون يا جام ڦل اصل آمريڪا مان آيل آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ بلڪل عام ٿي ويو آهي. اهو ننڍو وڻ ٿئي ٿو، جو وڌي وڌي پندرهن فوٽن جيڏو بہ ٿيندو آهي. آرڙھ جي ڏينھن ۾ ٻور جهلڻ لڳي ٿو، جيسين ڪ سانوڻ ۾ ڦر جهلي ٿو، جو سياري تائين هلي ٿو. موسم جي پڇاڙيءَ وارا ميوا وڏا ۽ عمدا بہ ٿين ٿا. الھ آباد ۽ ان جي آسپاس عمدي قسم جا زيتون ٿيندا آهن.[3]
پوکي
[سنواريو]پچڻ مھل هن ميوي جا دشمن گهڻا آهن. جهڙوڪ: پکي، نوريئڙا ۽ چمڙا. بھتر آهي ته پچڻ کان ٿورو اڳڀرو پٽي، ڪپڙي ۾ ڍرا ٻڌي، رکي ڇڏجن تہ ڀل اُتي پچن. هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي. سانوڻ جي ڏينھن ۾، ڳر سميت ٻج جو گولو زمين ۾ پوکي ڇڏجي. چڱي قسم لاءِ پيوند ڪرڻ بھتر آهي. اوڌ بہ لڳيس ٿي. جهڙيءَ طرح ڏاڙهون ۽ ڊاک بيداڻي ٿيندا آهن، تھڙيءَ طرح زيتون بہ بيداڻي ٿي سگهن ٿا.[3]
قسم
[سنواريو]ڏيھي توڙي ولايتي زيتون جا گهڻا قسم ٿين ٿا. ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا: پھريون ناسپاتي زيتون: هي وڏي ليمي جيڏو ٿئي ٿو. کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندران ڳر اڇي ۽ اهڙي ٿي نرم ٿئيس، جهڙو مکڻ. خوشبوءِ به گهڻي ٿي ٿئيس. ٻيو، ڪافري زيتون: هي آفريڪا مان آيل آهي. اهو مٿئين قسم کان وڏو ٿو ٿئي. شڪل بيڊولي اٿس ۽ آهي به سادو. ٽيون، صوفي زيتون: هن جو وڻ ننڍڙو ٿو ٿئي. ٻج تمام گهڻو ۽ ميوو اندران ڳاڙهو ٿو ٿئيس. هن کي ڳاڙهو زيتون به چوندا آهن. چوٿون، واڱڻائي زيتون: هن کي چيني زيتون بہ چوندا آهن، جو اصل انهيءَ ملڪ جو آهي. هي وڻ ڏهن کان ويھن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي. پن ڪارا ۽ گهاٽا ٿا ٿينس. قد ۾ وڏي زردالوءَ جيڏو ٿو ٿئي. هي وڻ هندستان ۾ گهٽ آهي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ United States Food and Drug Administration (2024). "Daily Value on the Nutrition and Supplement Facts Labels". FDA. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2024-03-27 تي محفوظ ڪيل. 2024-03-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "TABLE 4-7 Comparison of Potassium Adequate Intakes Established in This Report to Potassium Adequate Intakes Established in the 2005 DRI Report". ص. 120. هن ۾: Stallings, Virginia A.; Harrison, Meghan; Oria, Maria, مرتب (2019). "Potassium: Dietary Reference Intakes for Adequacy". Dietary Reference Intakes for Sodium and Potassium. ص. 101–124. doi:10.17226/25353. ISBN 978-0-309-48834-1. PMID 30844154. سانچو:NCBIBook.
- 1 2 3 4 باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ.