زيتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Ripe apple guavas (Psidium guajava)
Guavas, common
Nutritional value per 100 g (3.5 oz)
توانائي 285 kJ (68 kcal)
14.32 g
کنڊ 8.92 g
خوراڪ وارو فائبر 5.4 g
0.95 g
2.55 g
وٽامن Quantity
%DV
وٽامن اي
4%
31 μg
3%
374 μg
[[ٿيامن | (B1)]]
6%
0.067 mg
[[Riboflavin|Riboflavin (B2)]]
3%
0.04 mg
[[Niacin|Niacin (B3)]]
7%
1.084 mg
[[Pantothenic acid|Pantothenic acid (B5)]]
9%
0.451 mg
Vitamin B6
8%
0.11 mg
[[Folate|Folate (B9)]]
12%
49 μg
Vitamin C
275%
228.3 mg
Vitamin K
2%
2.2 μg
معدنيات Quantity
%DV
ڪيلشيم
2%
18 mg
فولاد
2%
0.26 mg
ميگنيشيم
6%
22 mg
ميگنيز
7%
0.15 mg
فاسفورس
6%
40 mg
پوٽيشيم
9%
417 mg
سوڊيم
0%
2 mg
جست
2%
0.23 mg
Other constituents Quantity
Lycopene 5204 µg

Percentages are roughly approximated using US recommendations for adults.
Source: USDA Nutrient Database
صوفائي زيتون
Psidium guajava Blanco1.172.png

زيتون (Guava) هڪ ميوي ۽ ان جي وڻ جو نالو آهي.

نالو[سنواريو]

سنڌ ۾ اسين جنهن کي زيتون چئون ٿا، تنهن کي هندستاني ماڻهو جام ڦل يا پيارا يا سفري آم يا امروت چوندا آهن. انگريزيءَ ۾ Guava چونس ٿا. جنهن کي فارسيءَ يا عربيءَ ۾ زيتون چون ٿا ۽ جنهن جو انگريزي نالو Olive آهي، سو هڪڙو ٻئي قسم جو وڻ آهي، جو هتي نه ٿو ٿئي، اهو يورپ جي ڏکڻ ۾ ۽ ڪن ٻين ولايتن ۾ ٿئي ٿو. هن ملڪ ۾ جيڪي وڻ رکيا اٿن، سي اصل ڦر ڪين ڪندا آهن. ڪلڪتي ۽ پنجاب ۾ اهي وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.[1]

تعارف[سنواريو]

هتي جو زيتون يا جام ڦل به، اصل آمريڪا مان آيل آهي، پر هاڻ ته هتي بلڪل عام ٿي ويو آهي. اهو ننڍو وڻ ٿئي ٿو، جو وڌي وڌي پندرهن فوٽن جيڏو به ٿيندو آهي. آرڙهه جي ڏينهن ۾ ٻور جهلڻ لڳي ٿو، جيسين ڪ سانوڻ ۾ ڦر جهلي ٿو، جو سياري تائين هلي ٿو. موسم جي پڇاڙيءَ وارا ميوا وڏا ۽ عمدا به ٿين ٿا. الهه آباد ۽ ان جي آسپاس عمدي قسم جا زيتون ٿيندا آهن.[1]

پوکي[سنواريو]

پچڻ مهل هن ميوي جا دشمن گهڻا آهن. جهڙوڪ: پکي، نوريئڙا ۽ چمڙا. بهتر آهي ته پچڻ کان ٿورو اڳڀرو پٽي، ڪپڙي ۾ ڍرا ٻڌي، رکي ڇڏجن ته ڀل اُتي پچن. هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي. سانوڻ جي ڏينهن ۾، ڳر سميت ٻج جو گولو زمين ۾ پوکي ڇڏجي. چڱي قسم لاءِ پيوند ڪرڻ بهتر آهي. اوڌ به لڳيس ٿي. جهڙيءَ طرح ڏاڙهون ۽ ڊاک بيداڻي ٿيندا آهن، تهڙيءَ طرح زيتون به بيداڻي ٿي سگهن ٿا.[1]

قسم[سنواريو]

ڏيهي توڙي ولايتي زيتون جا گهڻا قسم ٿين ٿا. ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا: پهريون ناسپاتي زيتون: هي وڏي ليمي جيڏو ٿئي ٿو. کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندران ڳر اڇي ۽ اهڙي ٿي نرم ٿئيس، جهڙو مکڻ. خوشبوءِ به گهڻي ٿي ٿئيس. ٻيو، ڪافري زيتون: هي آفريڪا مان آيل آهي. اهو مٿئين قسم کان وڏو ٿو ٿئي. شڪل بيڊولي اٿس ۽ آهي به سادو. ٽيون، صوفي زيتون: هن جو وڻ ننڍڙو ٿو ٿئي. ٻج تمام گهڻو ۽ ميوو اندران ڳاڙهو ٿو ٿئيس. هن کي ڳاڙهو زيتون به چوندا آهن. چوٿون، واڱڻائي زيتون: هن کي چيني زيتون به چوندا آهن، جو اصل انهيءَ ملڪ جو آهي. هي وڻ ڏهن کان ويهن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي. پن ڪارا ۽ گهاٽا ٿا ٿينس. قد ۾ وڏي زردالوءَ جيڏو ٿو ٿئي. هي وڻ هندستان ۾ گهٽ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو