آصف علي زرداري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آصف علي زرداري
(اردو ۾: آصف علی زرداری خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 26 جُولاءِ 1955 (69 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
نوابشاهه  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
زال بينظير ڀٽو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ٻار بلاول ڀٽو زرداري،بختاور ڀٽو زرداري  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
پاڪستان جو صدر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
9 سيپٽمبر 2008  – 9 سيپٽمبر 2013 
محمد ميان سومرو 
ممنون حسين 
پاڪستان جو صدر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو سنڀاليو
10 مارچ 2024 
عارف علوي 
 
عملي زندگي
پيشو سياستدان[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

آصف زرداري (انگريزي ٻولي: Asif Ali Zardari) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو گھر وارو ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان نوابشاهه هاڻي) بينظيرآباد ( ضلعي جي زميندار ۽ سياستدان حاڪم علي زرداري جو فرزند آهي [5]. آصف علي زرداري جو اصل نالو سجاول آهي . جيڪو سندس پڙ ڏاڏي جو هو. سندس والده بلقيس خانم خانبهادر حسن علي آفندي جي پوٽي هئي . آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955ع تي نوابشاه لڳ ڳوٺ مير خان زرداريءَ )بلاول جا قبا( ۾ ڄائو . هن ابتدائي تعليم مريم اسڪول نوابشاهه ۽ سينٽ پيٽرڪس اسڪول، ڪراچي مان حاصل ڪئي . ان بعد پيٽارو ڪاليج مان 1974ع ۾ انٽر پاس ڪيائين . هن جنهن کانپوءِ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ بزنس مان ڊپلوما ڪيائين . هن 1968ع ۾ هڪ اردو فلم ) منزل دور نهين( ۾ چائلڊ اسٽآر طور اداڪاري به ڪئي . ماضي ۾ گھوڙي سواريءَ جو شوقين رهيو آهي ۽ سندس پولو ٽيم زرداري فور جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي . 1980ع کانپوءِ هنسياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1987ع جوسال آصف زرداري لاءِ سڀ کان وڌيڪ فيصلائتو سال ثابت ٿيو . جڏهن سندسويڳي ماءُ ٽمي بخاري ۽ بيگم نصرت ڀٽو بينظير جو رشتو آصف زرداري سان طئه ڪيو . 18 ڊسمبر 1987ع تي سندس شاديyمحترمه بينظير بٽو سان ڪراچي ۾ ٿي . نومبر 1988ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو}}پاڪستان{{جي وزيراعظم ٿي ته ان وقت جيتوڻيڪ آصف زرداري کي رسمي طور حڪومت ۾ ڪو عهدو نه هو پر هن وزيراعظم هائوس جا وڻ وسايا ۽ سندس سياسي زندگي جي شروعات ٿي. ۽ مٿس دوست نوزي جا الزام لڳا مٿس 1990ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ وڌو ويو پهرئين دور ۾ کيس ٻن سالن کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو . 1993ع جي چونڊن ۾ هي نوابشاه مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ بلخ شير مزاري جي نگران ڪابينا ۾ وزير رهيو . بينظير ڀٽو جي ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم ٿيڻ واري ٻئي دور ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ماحوليات ۽ سيڙپڪار جو وزير ٿيو. آصف علي زرداري تي سنگين الزام لڳا جن جي بنياد تي 6 نومبر 1986ع تي ان وقت جي صدر فاروق احمد لغاري بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي . ۽ آصف زرداري کي ٻيهر جيل وڌو ويو 1997ع کان 1999ع تائين سينيٽ ۾ ميمبر ٿي رهيو 1990 کان 2004 وارا 14 سال آصف زرداري لاءِ زندگي جا وڌيڪ ڏکيا سال گذريا 1996ع ۾ مرتضي ڀٽو قتل ڪيس ۾ سندس نالو شامل ڪيوويو.

آصف علي زرداري جو نالو پاڪستان ۾ ڪرپشن جي ڪري به مشهور آهي. مٿس مالي ڪرپشن جا اڻڳڻت الزام آهن. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ آصف علي زرداري کي مسٽر ٽين پرسينٽ چيو ويندو هو، جو مبينه طور هو ادارن جي سربراهن کان ڏھ سيڪڙو ڪميشن وصول ڪندو هو.

2008 کان 2013 تائين پيپلز پارٽي پاڪستان جي مرڪزي حڪومت سنڀالي. ان دوران ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽٽي ويا ۽ پارٽي جا وزير توڙي مشير اربين روپين جا مالڪ بڻجي ويا.

2015 ۾ ڪراچيءَ ۾ رينجرز آپريشن دؤران مبينه طور ظاهر ٿيو ته ڪراچي جي پاڻي ٽينڪر مافيا، جيڪا سرڪاري پاڻي چوري ڪري غير قانوني طور وڪڻندي آهي، ڏهاڙي ڏھ ڪروڙ روپيا ڪميشن بلاول هاؤس ۾ پهچائي ٿي.

پڻ ڏسو[سنواريو]


  1. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/zardari-asif-ali — subject named as: Asif Ali Zardari — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  2. Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000026852 — subject named as: Asif Ali Zardari — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  4. Identifiants et Référentiels — اخذ شدہ بتاریخ: 10 مَئي 2020 — ناشر: Agence bibliographique de l'enseignement supérieur
  5. آصف علي زرداري : (Sindhianaسنڌيانا)