مواد ڏانھن هلو

برسات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مينھن ھيڏانھن چوريل آھي، جانور لاء ڏسو مينهن.
Raindrop
پن تي برسات جو ڦڙو

وسڪاري کي سنڌ ۾ گهڻو ڪري ’برسات‘ يا ’مينھن‘ چوندا آهن. برسات فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وسڪارو“، خود برسات لفظ جو مفهوم به ساڳيو آهي.

ٻاڦ يا بخارَ، ٿڌ لڳڻ سان ڦڙن جي صورت وٺندا آهن ۽ گهڻيءَ ٿڌ لڳڻ سان ڦڙن جي صورت وٺندا آهن ۽ گهڻيءَ ٿڌ ۾ ڦڙا ڳرا ٿي هيٺ زمين تي ڪرڻ شروع ٿيندا آهن. ڦڙن جي وسڻ يا وسڪاري کي برسات چئبو آهي. ’برسات‘ گهڻو ڪري شهري ماڻهو چوندا آهن، باقي ٻهراڙيءَ جا رهاڪو ”مِينهن“ يا ’وسڪارو‘ چوندا آهن. ٻاڦ جا ڪڪر گهڻيءَ ٿڌ سبب پاڻيءَ جي ڦڙن ۾ تبديل ٿيندا آهن ۽ جيئن ته اهي هوا کان ڳرا ٿيندا آهن، تنهن ڪري وسي پوندا آهن.

برسات جي تاريخ ڪروڙين سالن تائين ڦهليل آهي. قدرت جا قانون نرالا آهن. ڪٿي بارش بي انداز پوي، ته ڪٿي مينهن جي بوند لاءِ ماڻهو پيا سڪن. پوک جي لاءِ ته برسات جي اهميت کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. دنيا جا ڪيترا علائقا برسات سبب زرعي لحاظ کان خوش قسمت سمجهيا وڃن ٿا ۽ ڪي اهڙا به آهن، جيڪي رڳو انهيءَ ڪري غيرآباد آهن، جو اهي برسات کان محروم آهن. سنڌ به برسات جي لحاظ کان قدري اهم علائقو سمجهيو وڃي ٿو. برسات جو مدار هوا جي رخ (هوا جي وهڪري)، هوا جي تپش ۽ پاڻيٺ يا گهِمَ واري هوا تي آهي. سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾، چؤماسي جي مند ۾، هوا ڏکڻ اولهه کان لڳندي، پر برسات اوڀر ڏکڻ کان ايندي. چؤماسي ۾ ئي سنڌ ۾ بعضي سَر اُتر کان مينهن جهڪ ۽ طوفان سان ايندو آهي. ساڳيءَ مند ۾ بعضي سر اولهه يا ڏکڻ اولهه کان به مينهن ايندو آهي. انهيءَ مينهن جي لاءِ چوندا ته ”ڏکڻ وسي نه، پر جي وسي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري“.

مِنھُن پوڻ کان اڳ يا پوءِ مِٽيءَ منجھان ھڪ سُڳنڌ (خوشبو) ايندي آھي جيڪا ھڪ بيڪٽيريا اسٽريپٽومائيسس منجھان پيدا ٿيندي آھي.[1]

سنڌ ۾ برساتون

[سنواريو]

سنڌ ۾ اتفاق سان پنجين ستين سال زور واريون برساتون پونديون آهن ۽ ملڪ کي ٻوڙي ڇڏينديون آهن. جيئن ته: سال 1929ع واري چؤماسي جي برساتن سڄيءَ سنڌ ۾ اهڙي تباهي آڻي ڇڏي هئي، جيڪا ماڻهن کان اڃا تائين وسري نه آهي. انهيءَ ۾ لاڳيتو 14 15 ڏينهن برسات پوڻ جي ڪري سڀڪجهه تباهه ٿي ويو هو. ماڻهو مرڻ لڳا، جانور مري ويا، فصل ٻڏي ويا، ماڻهن مٿانهن علائقن ۾ وڃي جان بچائي هئي. انهيءَ برسات جي تباهيءَ بابت ڪن سگهڙن تاريخي بيت به چيا هئا. سال 1955ع واريءَ برسات به سڄيءَ سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي، جنهن ۾ درياءُ، ڍنڍون ڍورا سڀ پاڻيءَ سان تار ٿي ويا هئا. درياءُ جي بندن ڀڄڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو هو، جن ۾ هالا، ڪراچي، ڪوٽڙي، ميرپور، ماتلي، ۽ ڪيترا شهر شامل هئا. درياءُ ۾ گهاري پوڻ سبب چؤپايو مال ۽ جهنگلي جانور مرڻ لڳا، وڻج واپار سڀ بند ٿي ويو. سال 1999ع واري برسات، جيڪا ڄڻ ته قدرتي آفت، طوفان جي صورت ۾ نازل ٿي هئي. هيءُ طوفان 24 ڪلاڪ هليو، جيڪو سامونڊي حصن تي اثرانداز ٿيو. حيدرآباد، ٺٽي ۽ ٿر جا علائقا هن طوفان کان متاثر ٿيا. ڇهن ستن مهينن گذرڻ بعد به طوفان وارن علائقن مان مئل ماڻهن جا لاش هٿ اچي رهيا هئا.

برسات جي مند، فائدا ۽ نقصان

[سنواريو]

برسات اونهاري جي مند ۾ ايندي آهي، برسات مان پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا به خوش ٿين ٿا. برساتي پاڻي تمام فائديمند ٿئي ٿو، جنهن سان موسمي گرمي ختم ٿيو وڃي ۽ بيماريءَ جو پڻ خاتمو اچيو وڃي. غيرآباد زمينون آباديءَ لائق بڻجيو وڃن ۽ بيٺل فصلن کي اَوسر ۽ واڌ مليو وڃي. برسات خشڪ ۽ وارياسن علائقن لاءِ ته سچ پچ قدرت جي رحمت ثابت ٿي ٿئي، جهڙوڪ ٿر ۽ ڪوهستان جو علائقو. ليڪن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ۽ لڳاتار برسات زحمت ۽ آفت به بڻجيو وڃي، جنهن سان وڻ ٽڻ، فصل ۽ پوکون تباهه ٿيو وڃن. سالياني برسات جُدا جدا هنڌن تي گهٽ وڌ ٿيندي آهي. خشڪ وارياسن هنڌن تي سالياني ٻه انچ ته پهاڙي علائقن ۽ سامونڊي ڪنارن تي سالياني پنجن انچن تائين وسندي آهي. برسات فطرت جي حُسن ۽ جمال جي نمائنده آهي، برسات زمين تي نباتات کان وٺي جمادات تائين نشونما ۽ تعمير ۾ حصو وٺي ٿي. قديم زماني کان وٺي اڄ تائين دنيا برسات جي محتاج نظر اچي ٿي. درياءَ، چشما، ڍنڍون، ٻنيون ۽ آباديون سڀ برسات جون محتاج آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "برسات پوڻ سان مٽي مان خوشبو ڇو اٿندي آهي؟". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-04-22. 

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Natural resources