مواد ڏانھن هلو

منڇر ڍنڍ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منڇر ڍنڍ جو سيٽلائيٽ کان ڏيک

منڇر ڍنڍ (Manchhar Lake) سنڌ، پاڪستان جي ضلعين دادو ۽ ڄامشورو ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي.[1][2] منڇر ڍنڍ جي پکيڙ اٽڪل گهٽ ۾ گهٽ 350 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 520 چورس ڪلوميٽر آهي.

منڇر کي جبلن مان وهي ايندڙ برساتي نيون ڀرين ٿيون. ان کان علاوه حمل ڍنڍ مان نڪرندڙ ڇنڊڻ (نارا ويلي ڊرين) ذريعي به پاڻي ڏنو وڃي ٿو. آبڪلاڻي ۾ اڙل واھ ذريعي به منڇر ڍنڍ کي پاڻي ڏنو ويندو آهي. منڇر ڍنڍ سنڌو درياهه جي وهڪري سبب وجود ۾ آيل آهي. قديم زماني ۾ جڏهن سنڌو درياهه يا ان جي وڏي ڇاڙ هتان وهندي وهڪرو بدلايو ته منڇر جي وجود ڪر کنيو. هت منڇر وٽ الهندي ۽ ڏکڻ پاسي ٽاڪرو علائقو ڪر کنيو بيٺو آهي. درياهه جي تيز وهڪري کي منڇر وٽ جابلو سلسلي جي رڪاوٽ سان ويڙهادند ڪندي اوڀر طرف سيوهڻ جي علائقي ڏانهن مجبور ٿي موٽڻو يا مڙڻو پيو. وهڪري جي انهي رڪاوٽ يا موڙ جي نتيجي ۾ لٽ يا مٽي کاڄڻ ۽ کڄڻ شروع ٿي، تان جو ڊوري جي شڪل اختيار ڪري وئي. جڏهن درياهي ڇاڙ رخ مٽايو ته زمين تي وڏي پکيڙ ۾ هڪ ڊورو ظاهر ٿيو. اهو ڍورو يا ڪنب اڳتي هلي ڍنڍ سڏيو ويو.

"چچ نامي" ۾ ڍنڍ لاءِ لفظ "دنده" ڪم آيل آهي، جنهن جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تصحيح ۽ تحقيق يا تصديق پڻ ڪئي آهي. مطلب ته ڪاڇو جي لٽاشي ميدان جيان منڇر ڍنڍ سنڌ درياھ جي وهڪري ياان جي وڏي ڇاڙ جي وهڪري جي نتيجي ۾ صفحه هستيءَ تي نروار ٿي. منڇر ڍنڍ جي ڪناري پير لاکيو، لهڙي، پير مشاخ ۽ ٺيڙهي جا ماڳ نهايت قديم آھن. اين. جي. مجمدار موجب پير لاکيو جو ماڳ موهن جو دڙو جو همعصر آهي ۽ ٻيا ماڳ اڃا به قديم آهن.

نالي جو پسمنظر

[سنواريو]

منڇر ڍنڍ جي نالي جو اچار يا تهجي درست ٿيڻ گھرجي. عام مروج اچار ۾ “ڇ“ تي پيش ڏنو وڃي ٿو جيڪو درست نظر نه ٿو اچي. منڇر جي اچار ۾“ڇ“ تي زبر اچڻ سان اچار اصل ۽ درست ٿيندو. ڇاڪاڻ ته “ڇ“ تي پيش اچڻ سان لفظ جي معنى ڳاڙهو سينکيو يا زهر نڪري ٿي. ساڳي اچار سان مختلف معنائون به ٿينديون آهن پر منڇر لفظ سان اهو قاعدو لاڳو نه ٿو ٿئي. انڪري منڇر جو اصل ۽ درست اچار مروج ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گھرجي. منڇر جي درست اچار جي نسبت سان سوال پيدا ٿين ٿا ته منڇر تي اهو نالو ڪيئن، ڪڏهن يا ڪهڙي پسمنظر ۾ پيو؟ منڇر ٻن لفظن جو مرڪب آهي “من“ ۽ ڇر،“من“ جي معنى “دل“ واري (Hearty) ۽ خوبصورت آهي ۽ ڇر جي معنى پاڻي جي وڏي پکيڙ . منڇر لفظ جي ٻي ترڪيبي معنى ٻڌائي وئي آهي ته منڇر “مينهن“ ۽ “ڇر“ جو مرڪب آهي، سو ممڪن آهي ته اهو لفظ مينهن+ڇر هجي جنهن جو مطلب آهي مينهن جي پاڻي جي پکيڙ. مٿي بيان ڪيل قياسي معنائون مفهوم جي حوالي سان منڇر لفظ سان ٺهڪين.ٿيون پر انهن معنائن يا ترڪيبي مفهومن تي بحث جي توڙ ڪري نه ٿي سگھجي. مٿي بيان ڪيل لفظ“من“ جي لغوي معنى ڏانهن ڌيان ڌرڻ ضروري آهي جيڪو منڇر لفظ جي ترڪيب يا بناوت ۾ شامل آهي.. پرمانند ميوارا جي سنڌي انگريزي لغت ۾“من“ لفظ ٽن معنائن سان ڏنل آهي، “من“معنى شال!(Would that)، “من“ معنى کير ولوڙڻ واري چاڏئ کي ايندڙ ڪاٺ جو ڍڪ (چپو) (a wooden cover over a churning pot fix in the churn staff) ۽ “من“ معنى سوچ، ذهن،لاڙو(thoughts, the mind, inclination). جامع سنڌي لغات جلد پنجين موجب “من“ معنى کير ولوڙڻ واري ماٽي جو ڪاٺ جو ٽنگ سان گول ڍڪ “من“معنى شال، هوندو ۽“من“معنى دل،جيءُ ،قلب،چيتو، لاڙو وغيره . بنيادي طور “من“ لفظ جي لغوي معنى ذهن، دماغ، چتِ لاڙو وغيره آهي. من لفظ دل لاءِ مروج ٿي ويل آهي. دل ۽ من ٻنهي جو احساساتي تعلق آهي. انهيءِ ڪري جڏهن “دل“لفظ“ من“ لاءِ ڪم ايندو ته ان وقت اُن جو مطلب ذهن يا دماغ هوندو آهي. جيئن قوم لفظ قبيلي لاءِ به ڪم ايندو آهي. جڏهن قوم قبيلي لاءِ ڪم ايندو تڏهن. ان جي معنى قبيلو هوندي آهي. حالانڪ قوم ۽قبيلو يا دل ۽ من الڳ الڳ معنى ۽ مفهوم وارا لفظ آهن. سنڌي ۾ هڪ محاورو “دل من هڻڻ“ يعني ڪنهن نتيجي يا فيصلي تي پهچڻ کان اڳ گھرائي سان سوچڻ يا ٻڏتر منجھان گذرڻ آهي.انهي اصلاح ۾موجود دل ۽ من ٻه الڳ الڳ مفهوم وارن لفظن طور آيل آهن. بهر حال هتي “من“ لفظ جي معنى جي نسبت سان سوچڻو آهي ته منڇر لفظ جي ترڪيب ۾ ڪهڙو “من“ شامل آهي. لفظ منڇر جي ترڪيب ۾ دل، دل واري يا سهڻو مهفهوم وارو “من“ شامل نه آهي. اهڙيون ڇَرون يا مينهن جون خوبصورت ترايون سنڌ ۾ کوڙ آهن. منڇر واري ڇر جو لاڳاپو ٻيڙي سان آهي. ساڳيءَ ريت ڪاٺ واري ڍڪ يا چپي جو تعلق ڪاٺ سان آهي. من ۽ ٻيڙيءَ جو به تعلق ڪاٺ سان آهي. انهيءِ ڏس ۾ ويچارڻ گهرجي. ڪتاب منڇر ڍنڍ (lake Manchar) ۾ منڇر جي اوائلي ٻيڙيءَ جي جيڪا تصوير ڏنل آهي، ان ٻيڙيءَ جو ڊول يا شڪل لڳ ڀڳ يا معمولي ڦير گهير سان “من“ يا ڪاٺ جي چپي جهڙي آهي انڪري پرمانند ميوا رام جي سنڌي انگريزي لغت ۾ ڏنل لفظ “من“ مروج نه آهي. ممڪن آهي ته سنڌ جي تناظر ۾ ڏسڻو آهي ، گمان غالب آهي ته لفظ منڇر جي ترڪيب ۾ ڪاٺيءَ جي ڍڪ يا چپو واري معنى وارو “من“ شامل آهي. سنڌ درياھ جي الهندي واري قديم وهڪري جي نتيجي ۾ قدرتي طور جڙي پيل ڍوري يا ڪنب واري ڇر ۾ هلندڙ ٻيڙين جو اوائلي ڊول انهي مخصوص قسم جي ڪاٺ جي ٽڪر جهڙو هو. آهستي آهستي انهيءَ ڍنڍ جي پاڻيءِ ۾ “من” جي ساخت ۽ بناوت جهڙيون ٻيڙيون ججهي انداز ۾ گڏ ٿيڻ يا گهمڻ لڳيون . مقامي ماڻهن پاڻي جي انهيءَ وڏي پکيڙ واري ڇر ۾ اهڙين ٻيڙين جي گهڻائي ۾ موجودگيءَ جي نسبت سان من واري ڇر ڪوٺڻ شروع ڪيو هجي ۽اڳتي هلي منڇر بڻجي ويو. اهو به قرين قياس آهي ته تڏهوڪي زماني ۾ اهڙي ساخت وارين ٻيڙين جو نالو به “من“رائج هجي. هونئن به ڊول، بناوت ۽ڪارج جي لحاظ سان اڄ به ٻيڙين جا جدا جدا نالا رائج آهن. مثال طور دنگي،بتيلو،هوڙو،ڊونڍو،گاليو وغيره. جڏهن ٻيڙي ٺاهڻ جي فن ترقي ڪئي ته من جي ڀيٽ ۾ بهتر ۽ مختلف ساخت واريون ٻيڙيون ٺهڻ شروع ٿيون ته “من“ قسم يا نالي واري ٻيڙي ٺاهڻ ۽هلائڻ وارو رواج ختم ٿي ويو، پر من جي نسبت سان ڍنڍ تي پيل نالو منڇر دائم ۽ قائم رهجي ويو.

تاريخ

[سنواريو]

منڇر ڍنڍ جي صحيح قدامت ۽ ان جي وجود ۾ اچڻ جي قطعي تاريخ جو تعين ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ اها ڍنڍ قدرتي جغرافيائي ۽ درياهي عملن جي نتيجي ۾ آهستي آهستي وجود ۾ آئي. البت، تاريخي، جاگرافيائي ۽ آثارِ قديمه جي شاهدين مان اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته منڇر ڍنڍ جو وجود سڌي طرح سنڌو درياھ جي قديم وهڪرن ۽ ان جي وڏين ڇاڙن سان لاڳاپيل آهي. قديم زماني ۾ سنڌو درياهه پنهنجي فطري مزاج موجب بار بار رخ بدلائيندو رهيو آهي. جڏهن درياهه يا ان جي ڪنهن وڏي ڇاڙ هن علائقي مان وهندي پنهنجي وهڪري ۾ تبديلي آندي، تڏهن منڇر جي وجود جا ابتدائي آثار ظاهر ٿيا. منڇر جي اولهه ۽ ڏکڻ پاسي موجود ٽاڪرو ۽ جابلو علائقو درياهه جي تيز وهڪري لاءِ قدرتي رڪاوٽ بڻيو، جنهن سبب وهڪرو اوڀر طرف، خاص طور سيوهڻ جي علائقي ڏانهن مڙڻ تي مجبور ٿيو. هن رڪاوٽ ۽ موڙ جي نتيجي ۾ درياهه جي کڄندڙ لٽ ۽ مٽي گڏ ٿيندي رهي، جنهن آهستي آهستي هڪ ڊوري يا ڍوري جي شڪل اختيار ڪئي. جڏهن درياهي ڇاڙ رخ مٽايو ته اها ڊوري وسيع پاڻيءَ واري پکيڙ ۾ تبديل ٿي ۽ وقت سان گڏ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي، جيڪا بعد ۾ “منڇر” جي نالي سان سڃاتي وئي. قديم درياهي وهڪرن جي جائزي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌو نديءَ جا ڪجهه وهڪرا ڪشمور کان هيٺ يا مٿان ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي علائقن مان گذرندا هئا. انهن وهڪرن مان هڪ ننڍو وهڪرو، جيڪو دشتِ آب واري علائقي مان نڪرندو هو، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو ڏئي موهن جو دڙو وٽان ٿيندو منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهيءَ وهڪري سبب ميهڙ، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جا وسيع علائقا وقت بوقت پاڻي هيٺ اچي ويندا هئا. الهندي نارو، جيڪو اڀرندي ناري وانگر گهڻن ورن وڪڙن تي مشتمل هو، سنڌو درياهه سان متوازي وهندو اچي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اتان منڇر جو پاڻي پنهنجي اڙل شاخ وسيلي سيوهڻ کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ شامل ٿيندو هو. بعد جي دور ۾ هن وهڪري کي اڙل واھ جي نالي سان سڃاتو ويو. اهو وهڪرو ڪڏهن درياهه جو پاڻي منڇر ڏانهن آڻيندو هو ۽ ڪڏهن منڇر جو پاڻي درياهه ۾ نيڪال ڪندو هو. تاريخي ماخذن مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن جي سنڌ تي چڙهائيءَ وقت، عرب لشڪر سيوستان (سيوهڻ) جي ڀرپاسي ڪنڀ نهر جي ڪناري پهتو هو. اها ڪنڀ نهر ساڳي منڇر ڏانهن ويندڙ قديم ڇاڙ هئي. “چچناموچچ نامي” ۾ ڍنڍ لاءِ لفظ “دنده” استعمال ٿيل آهي، جنهن جي تصحيح ۽ تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪئي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم جي دور تائين منڇر ڍنڍ يقيني طور موجود هئي. آثارِ قديمه جي شاهدي موجب، منڇر جي ڪناري واقع پير لاکيو، لھڙي، پير مشاخ ۽ ٽھڻي جهڙا ماڳ انتهائي قديم آهن. آثارِ قديمه جي ماهر اين. جي. مجمدار مطابق پير لاکيو جو ماڳ موهن جو دڙو جو همعصر آهي، جڏهن⁠تہ ٻيا ڪجهه ماڳ ان کان به وڌيڪ قديم قرار ڏنا ويا آهن. انهن شاهدين جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته منڇر ڍنڍ، ڪاڇو جي لٽاشي ميدان وانگر، سنڌو درياهه ۽ ان جي قديم ڇاڙن جي فطري وهڪرن جي نتيجي ۾ صفحهءِ هستي تي ظاهر ٿي.

پکيڙ

[سنواريو]

منڇر ڍنڍ جي پکيڙ اٽڪل گهٽ ۾ گهٽ 350 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 520 چورس ڪلوميٽر آهي. منڇر کي جبلن مان وهي ايندڙ برساتي نيون ڀرين ٿيون. ان کان علاوه حمل ڍنڍ مان نڪرندڙ ڇنڊڻ (نارا ويلي ڊرين) ذريعي به پاڻي ڏنو وڃي ٿو. آبڪلاڻي ۾ اڙل واھ ذريعي به منڇر ڍنڍ کي پاڻي ڏنو ويندو آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا مطابق: مانڇر ڍنڍ، جيڪا سنڌو درياهه جي اولهه پاسي واقع هڪ دلدلي نوعيت جي ڍنڍ آهي، گهٽ پاڻيءَ جي حالت ۾ لڳ ڀڳ 14 چورس ميل (36 چورس ڪلوميٽر) ايراضيءَ تي پکڙيل هوندي آهي؛ جڏهن ته پاڻي مڪمل ڀرجي وڃڻ وقت ان جي پکيڙ گهٽ ۾ گهٽ 200 چورس ميل (500 چورس ڪلوميٽر) تائين وڌي وڃي ٿي. اهڙين حالتن ۾ مانڇر ڍنڍ ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏين مٺي پاڻيءَ واري ڍنڍن مان هڪ شمار ٿئي ٿي[3].

جيوت ۽ معيشت

[سنواريو]

منڇر جي معيشت جو دارومدار مٺي پاڻي تي رهيو آهي. مٺي پاڻي جي ڪري مڇي، بِھ، لوڙھ، ڪوڻي، پٻڻ، ٻوراني جام ٿيندي هئي ته پکي به جام ايندا هئا. پاڻي هٽڻ ڪري فصل به جام ٿيندا هئا. منڇر ۾ ٿيندڙ پنيءَ مان تونريون به ٺهنديون هيون ته ٻيڙين جوڙڻ سان گڏ ڄار ٺاهڻ جو ڪاروبار به ٿيندو هو. منڇر جا ماڻهو خوشحال هوندا هئا ته سنڌ جي معيشت کي به هٿي ملندي هئي.جڏهن کان سم نالي (RBOD) جو ڇوڙمنڇر ۾ شروع تيو تڏهن کان منڇر جي معيشت تباھ ٿي وئي.منڇر ڪناري توڙي منڇر ۾ ٻيڙين جي گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو لڏي ويا ۽ منڇر ۽ منڇرجا ڪنارا ويران ٿي ويا آهن. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا مطابق: منڇر ڍنڍ آبي پکين جي وڏي تنوع لاءِ مشهور آهي. هتي مختلف قسمن جا پکين، جهڙوڪ مالارڊ (mallards)، ٽيل (teals)، شَوَيلر (shovelers)، اسپاون (spoonbills)، راڄ هنس (geese)، پوچارڊ (pochards) ۽ ڪاٺي بدڪ () وڏي تعداد ۾ ملن ٿا، جيڪي هن ڍنڍ کي هڪ اهم آبي حياتياتي مرڪز بڻائين ٿا[3].

هاڻوڪي حالت

[سنواريو]

هاڻ منڇر گندي پاڻي جو ڍورو بڻجي وئي آهي. سم نالي (RBOD)جي کاري پاڻي سبب نه صرف آبي جيوت پر سڄي معيشت پڻ ختم ٿي وئي آهي. رهجي ويل ماڻهو پئڻ لاءِ مٺي پاڻي ڪاڻ پريشان آهن. ڪيترائي ماڻهو لڏي ويا آهن

حوالا

[سنواريو]
  1. عزيز ڪنگراڻي. ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي ڄامشورو، 2009ع
  2. منڇر ڍنڍ | SindhSalamat, اصل نسخو مان 2016-11-08 تي محفوظ ڪيل, 2017-05-02 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  3. 1 2 "https://www.britannica.com/place/Pakistan". {{cite news}}: External link in |title= (مدد)