منڇر ڍنڍ
منڇر ڍنڍ انگريزي (Manchhar Lake) سنڌ پاڪستان جي دادو ضلعي ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي.[1][2]
نالي جو پسمنظر
[سنواريو]منڇر ڍنڍ جي نالي جو اچار يا تهجي درست ٿيڻ گھرجي. عام مروج اچار ۾ “ڇ“ تي پيش ڏنو وڃي ٿو جيڪو درست نظر نه ٿو اچي. منڇر جي اچار ۾“ڇ“ تي زبر اچڻ سان اچار اصل ۽ درست ٿيندو. ڇاڪاڻ ته “ڇ“ تي پيش اچڻ سان لفظ جي معنى ڳاڙهو سينکيو يا زهر نڪري ٿي. ساڳي اچار سان مختلف معنائون به ٿينديون آهن پر منڇر لفظ سان اهو قاعدو لاڳو نه ٿو ٿئي. انڪري منڇر جو اصل ۽ درست اچار مروج ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گھرجي. منڇر جي درست اچار جي نسبت سان سوال پيدا ٿين ٿا ته منڇر تي اهو نالو ڪيئن، ڪڏهن يا ڪهڙي پسمنظر ۾ پيو؟ منڇر ٻن لفظن جو مرڪب آهي “من“ ۽ ڇر،“من“ جي معنى “دل“ واري (Hearty) ۽ خوبصورت آهي ۽ ڇر جي معنى پاڻي جي وڏي پکيڙ . منڇر لفظ جي ٻي ترڪيبي معنى ٻڌائي وئي آهي ته منڇر “مينهن“ ۽ “ڇر“ جو مرڪب آهي، سو ممڪن آهي ته اهو لفظ مينهن+ڇر هجي جنهن جو مطلب آهي مينهن جي پاڻي جي پکيڙ. مٿي بيان ڪيل قياسي معنائون مفهوم جي حوالي سان منڇر لفظ سان ٺهڪين.ٿيون پر انهن معنائن يا ترڪيبي مفهومن تي بحث جي توڙ ڪري نه ٿي سگھجي. مٿي بيان ڪيل لفظ“من“ جي لغوي معنى ڏانهن ڌيان ڌرڻ ضروري آهي جيڪو منڇر لفظ جي ترڪيب يا بناوت ۾ شامل آهي.. پرمانند ميوارا جي سنڌي انگريزي لغت ۾“من“ لفظ ٽن معنائن سان ڏنل آهي، “من“معنى شال!(Would that)، “من“ معنى کير ولوڙڻ واري چاڏئ کي ايندڙ ڪاٺ جو ڍڪ (چپو) (a wooden cover over a churning pot fix in the churn staff) ۽ “من“ معنى سوچ، ذهن،لاڙو(thoughts, the mind, inclination). جامع سنڌي لغات جلد پنجين موجب “من“ معنى کير ولوڙڻ واري ماٽي جو ڪاٺ جو ٽنگ سان گول ڍڪ “من“معنى شال، هوندو ۽“من“معنى دل،جيءُ ،قلب،چيتو، لاڙو وغيره . بنيادي طور “من“ لفظ جي لغوي معنى ذهن، دماغ، چتِ لاڙو وغيره آهي. من لفظ دل لاءِ مروج ٿي ويل آهي. دل ۽ من ٻنهي جو احساساتي تعلق آهي. انهيءِ ڪري جڏهن “دل“لفظ“ من“ لاءِ ڪم ايندو ته ان وقت اُن جو مطلب ذهن يا دماغ هوندو آهي. جيئن قوم لفظ قبيلي لاءِ به ڪم ايندو آهي. جڏهن قوم قبيلي لاءِ ڪم ايندو تڏهن. ان جي معنى قبيلو هوندي آهي. حالانڪ قوم ۽قبيلو يا دل ۽ من الڳ الڳ معنى ۽ مفهوم وارا لفظ آهن. سنڌي ۾ هڪ محاورو “دل من هڻڻ“ يعني ڪنهن نتيجي يا فيصلي تي پهچڻ کان اڳ گھرائي سان سوچڻ يا ٻڏتر منجھان گذرڻ آهي.انهي اصلاح ۾موجود دل ۽ من ٻه الڳ الڳ مفهوم وارن لفظن طور آيل آهن. بهر حال هتي “من“ لفظ جي معنى جي نسبت سان سوچڻو آهي ته منڇر لفظ جي ترڪيب ۾ ڪهڙو “من“ شامل آهي. لفظ منڇر جي ترڪيب ۾ دل، دل واري يا سهڻو مهفهوم وارو “من“ شامل نه آهي. اهڙيون ڇَرون يا مينهن جون خوبصورت ترايون سنڌ ۾ کوڙ آهن. منڇر واري ڇر جو لاڳاپو ٻيڙي سان آهي. ساڳيءَ ريت ڪاٺ واري ڍڪ يا چپي جو تعلق ڪاٺ سان آهي. من ۽ ٻيڙيءَ جو به تعلق ڪاٺ سان آهي. انهيءِ ڏس ۾ ويچارڻ گهرجي. ڪتاب منڇر ڍنڍ (lake Manchar) ۾ منڇر جي اوائلي ٻيڙيءَ جي جيڪا تصوير ڏنل آهي، ان ٻيڙيءَ جو ڊول يا شڪل لڳ ڀڳ يا معمولي ڦير گهير سان “من“ يا ڪاٺ جي چپي جهڙي آهي انڪري پرمانند ميوا رام جي سنڌي انگريزي لغت ۾ ڏنل لفظ “من“ مروج نه آهي. ممڪن آهي ته سنڌ جي تناظر ۾ ڏسڻو آهي ، گمان غالب آهي ته لفظ منڇر جي ترڪيب ۾ ڪاٺيءَ جي ڍڪ يا چپو واري معنى وارو “من“ شامل آهي. سنڌ درياھ جي الهندي واري قديم وهڪري جي نتيجي ۾ قدرتي طور جڙي پيل ڍوري يا ڪنب واري ڇر ۾ هلندڙ ٻيڙين جو اوائلي ڊول انهي مخصوص قسم جي ڪاٺ جي ٽڪر جهڙو هو. آهستي آهستي انهيءَ ڍنڍ جي پاڻيءِ ۾ “من” جي ساخت ۽ بناوت جهڙيون ٻيڙيون ججهي انداز ۾ گڏ ٿيڻ يا گهمڻ لڳيون . مقامي ماڻهن پاڻي جي انهيءَ وڏي پکيڙ واري ڇر ۾ اهڙين ٻيڙين جي گهڻائي ۾ موجودگيءَ جي نسبت سان من واري ڇر ڪوٺڻ شروع ڪيو هجي ۽اڳتي هلي منڇر بڻجي ويو. اهو به قرين قياس آهي ته تڏهوڪي زماني ۾ اهڙي ساخت وارين ٻيڙين جو نالو به “من“رائج هجي. هونئن به ڊول، بناوت ۽ڪارج جي لحاظ سان اڄ به ٻيڙين جا جدا جدا نالا رائج آهن. مثال طور دنگي،بتيلو،هوڙو،ڊونڍو،گاليو وغيره. جڏهن ٻيڙي ٺاهڻ جي فن ترقي ڪئي ته من جي ڀيٽ ۾ بهتر ۽ مختلف ساخت واريون ٻيڙيون ٺهڻ شروع ٿيون ته “من“ قسم يا نالي واري ٻيڙي ٺاهڻ ۽هلائڻ وارو رواج ختم ٿي ويو، پر من جي نسبت سان ڍنڍ تي پيل نالو منڇر دائم ۽ قائم رهجي ويو.
تاريخ
[سنواريو]منڇر ڍنڍ ڪيتري قديم آهي ؟ ۽ ڪڏهن يا ڪهڙي دور ۾ صفحهء هستي ته نروار ٿي؟ اها ڪٿي ڪرڻ اوکو ڪم آهي. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته منڇر ڍنڍ سنڌو درياھ جي وهڪري سبب وجود ۾ آيل آهي. قديم زماني ۾ جڏهن سنڌو درياهه يا ان جي وڏي ڇاڙ هتان وهندي وهڪرو بدلايو ته منڇر جي وجود ڪر کنيو. قديم زماني کان اجهل ۽ اوهاڳ سنڌو درياھ سنڌ جي سموري سرزمين تي ليٽ پيٽ ڪئي آهي. هت منڇر وٽ الهندي ۽ ڏکڻ پاسي ٽاڪرو علائقو ڪر کنيو بيٺو آهي. درياهه جي تيز وهڪري کي منڇر وٽ جابلو سلسلي جي رڪاوٽ سان ويڙهادند ڪندي اوڀر طرف سيوهڻ جي علائقي ڏانهن مجبور ٿي موٽڻو يا مڙڻو پيو. وهڪري جي انهي رڪاوٽ يا موڙ جي نتيجي ۾ لٽ يا مٽي کاڄڻ ۽ کڄڻ شروع ٿي،تان جو ڊوري جي شڪل اختيار ڪري وئي. جڏهن درياهي ڇاڙ رخ مٽايو ته زمين تي وڏي پکيڙ ۾ هڪ ڊورو ظاهر ٿيو.اهو ڍورو يا ڪنب اڳتي هلي ڍنڍ سڏي وئي ۽ پوءِ مٿي بيان ڪيل “من“جي لاڳاپي سان منڇر ڪوٺجڻ ۾ آئي.سنڌو درياهه يا ان جي زبري ڇاڙ ڪڏهن وهڪرو تبديل ڪيو؟ ڪڏهن کان هن وهڪري سان وهڻ شروع ڪيائين؟ انهن سوالن جا جواب منڇر جي قدامت کي واضع ڪري سگهن ٿا. هن ڏس ۾ سنڌو درياهه جي انهيءِ قديم وهڪري يا بعد ۾ وهندڙ قديم ڇاڙ جي گذر کي ذهن ۾ رکڻو پوندو. ڌسڻ ۾ اچي ٿو ته اتر پاسي سنڌو نديءِ جو ڪجهه وهڪرو ڪشمور کان هيٺان ته ڪڏهن مٿان ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور وارو وهڪرو هو. دشت _ آب واري ڍنڍ مان سنڌوءَ نالي هڪ ننڍو وهڪرو نڪرندو هو جيڪو ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو ڏئي، موهن جو دڙو کان ٿيندو وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هيء ڇاڙ يا وهڪرو ڪنڌ ڪوٽ جي ڏکڻ کان لنگهي ناري رستي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. ميهڙ ،لاڙڪاڻو۽ شڪارپور جو گهڻو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويندو هو. الهندو نارو به اڀرندي ناري وانگر ڏاڍو ورن وڪڙن وارو آهي، سندس وهڪرو سنڌ درياهه يا آب سنڌ سان پور وڇوٽ ٿي وهندو اچي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.ان کان پوءِ پنهنجي اڙل شاخ وسيلي وڃي سيوهڻ هيٺان سنڌو درياهه ۾ پوندو هو. ظاهر ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو الهندي ناري وارو هو.درياهه جي رخ تبديل ٿيڻ کان پوءِ به وڏي ڇاڙ جي صورت ۾ پوئين زماني ۾ به ساڳي وهڪري سان وهندي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. منڇر وٽ وڪڙ سبب اهو وهڪرو سيوهڻ کان ڏکڻ ۾ لال باغ کان ڀڳو ٽوڙو جبل جي وچ واري ايراضيءَ منجهان گذري لڪي شاھ صدر ۽ آمري شهر ڏانهن ويو ٿي. سيوهڻ لڳ هي وهڪرو بعد ۾ منڇر جو پاڻي درياھ ۾ نيڪال ڪندو هو ته درياھ جو پاڻي منڇر ڏانهن آڻيندو هو جنهن کي پوئين دور ۾ اڙل واھ ڪوٺيو ويو. درياھ جي هن وڏي وهڪرو شايد انڪري بند ٿي ويو هوندو جو بعد ۾ سنڌ درياهه کي مٿان ڪنڌ ڪوٽ واري پاسي ڪا رڪاوٽ آئي يا اڀرندي پاسي درياهه کي لاهندي ملي هوندي ته هن قديم وهڪري ۾ ڦير آيو ۽ پوئين زماني ۾ اهو محض ڇاڙ جي صورت ۾ الهندي ناري واري وهڪري سان وهندو رهيو. عربن جي چڙهائي وقت عرب سپهه سالار جو لشڪر سيوستان (سيوهڻ) جي آس پاس ڪنڀ نهر جي ڪناري سيسم جي قلعي وٽ پهتو هو. اها ڪنڀ نهر ساڳي منڇر ۾ پوندڙ ڇاڙ ئي آهي .ڪنڀ غالبن ساڳي منڇر ڍنڍ آهي جا محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ يقيني طور موجود هوندي. چچ نامي“ ۾ ڍنڍ لاءِ لفظ “دنده“ ڪم آيل آهي، جنهن جي ڊاڪٽر نبي بخش بلاچ تصحيح ۽ تحقيق يا تصديق پڻ ڪئي آهي. مطلب ته ڪاڇو جي لٽاشي ميدان جيان منڇر ڍنڍ سنڌ درياھ جي وهڪري ياان جي وڏي ڇاڙ جي وهڪري جي نتيجي ۾ صفحه هستيءَ تي نروار ٿي. منڇر ڪناري پير لاکيو، لهڙي، پير مشاخ ۽ ٽهڻي جا ماڳ نهايت قديم آھن. اين. جي. مجمدار موجب پير لاکيو جو ماڳ موهن جو دڙو جو همعصر آهي ۽ ٻيا ماڳ اڃا به قديم آهن.
پکيڙ
[سنواريو]منڇر ڍنڍ جي پکيڙ اٽڪل گهٽ ۾ گهٽ 350 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 520 چورس ڪلوميٽر آهي. منڇر کي جبلن مان وهي ايندڙ برساتي نيون ڀرين ٿيون. ان کان علاوه حمل ڍنڍ مان نڪرندڙ ڇنڊڻ (نارا ويلي ڊرين) ذريعي به پاڻي ڏنو وڃي ٿو. آبڪلاڻي ۾ اڙل واھ ذريعي به منڇر ڍنڍ کي پاڻي ڏنو ويندو آهي.
جيوت ۽ معيشت
[سنواريو]منڇر جي معيشت جو دارومدار مٺي پاڻي تي رهيو آهي. مٺي پاڻي جي ڪري مڇي، بِھ، لوڙھ، ڪوڻي، پٻڻ، ٻوراني جام ٿيندي هئي ته پکي به جام ايندا هئا. پاڻي هٽڻ ڪري فصل به جام ٿيندا هئا. منڇر ۾ ٿيندڙ پنيءَ مان تونريون به ٺهنديون هيون ته ٻيڙين جوڙڻ سان گڏ ڄار ٺاهڻ جو ڪاروبار به ٿيندو هو. منڇر جا ماڻهو خوشحال هوندا هئا ته سنڌ جي معيشت کي به هٿي ملندي هئي.جڏهن کان سم نالي (RBOD) جو ڇوڙمنڇر ۾ شروع تيو تڏهن کان منڇر جي معيشت تباھ ٿي وئي.منڇر ڪناري توڙي منڇر ۾ ٻيڙين جي گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو لڏي ويا ۽ منڇر ۽ منڇرجا ڪنارا ويران ٿي ويا آهن.
هاڻوڪي حالت
[سنواريو]هاڻ منڇر گندي پاڻي جو ڍورو بڻجي وئي آهي. سم نالي (RBOD)جي کاري پاڻي سبب نه صرف آبي جيوت پر سڄي معيشت پڻ ختم ٿي وئي آهي. رهجي ويل ماڻهو پئڻ لاءِ مٺي پاڻي ڪاڻ پريشان آهن. ڪيترائي ماڻهو لڏي ويا آهن
حوالا
[سنواريو]- ↑ عزيز ڪنگراڻي. ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي ڄامشورو، 2009ع
- ↑ منڇر ڍنڍ | SindhSalamat, وقت 2016-11-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-05-02