نيرڳ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نيرڳ
کاٻي پاسي مادي ۽ ساڄي پاسي نر
نيرڳي جا ٻول
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): اناس
جنس: Template:Taxonomy/اناس{. پليٽيرائنڪوس
حياتياتي نالو
اناس پليٽيرائنڪوس
ڪارل لينيوئس, 1758
اي.پليٽيرائنڪوس يا نيرڳ جو وطن     پرورش      رھاڪو      گذرگاھ      اڻلڀ       موسمي آمد وارا علائقا

     نابودي بعد متعارف      موجود پر موسمي آمد      موجودگي جو امڪان


نيرڳ يا نيرڳي(انگريزي: Mallard ) (فارسي: اردڪ سرسبز ) (عربي: بط بري) بدڪن واري جنس جو ھڪ پاڻي وارو پکي آھي جيڪو اتر آمريڪا جي گرم علائقن، يورو سائيبيريائي خطي، اتر آفريڪا، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ ايشيا آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو، برازيل، يوراگوئي، ارجنٽينا، چلي ، ڪولمبيا ، فاڪلينڊ آئلينڊز ۾ رهندڙ يا ملندڙ آھي. ھن پکي جو تعلق ايناٽڊاء خاندان جي ذيلي خاندان ايناٽيناء سان آھي جنھن ۾ پاڻي وارا پکي اچي وڃن ٿا. نيرڳ جي نر جي منڍي چلڪڻي سائي رنگ جي کنڀڙاٽيون ۽ پيٽ سرمئي رنگ جو ھوندو آھي. ان جي مادي ڀوري ناسي رنگ جي داڳيل کنڀن واري ھوندي آھي. ٻنھي جي پرن ۾ اڇي رنگ جا ڪاري يا چمڪيلي نيري رنگ جي ڪنارين وارا کنڀ ھوندا آھن. نر ۾ اھي کنڀ گھڻي ڀاڱي چمڪيلي نيري رنگ وارا ٿين ٿا. ھي پکي قد ۾ 50 کان 65 سينٽي ميٽر (20 کان 25 انچ) ڊگھو آھي. ان جي جو کوليل ھڪ پر جو ڦر 51 کان 98 سينٽي ميٽر (32 کان 39 انچ) ڊگھو آھي. چنھنب 4.4 کان 6.1 سينٽي ميٽر (1.7 کان 2.4 انچ) ڊگھي آهي. نيرڳ پاڻي واري زمين تي رھندو آھي ۽ پاڻي وارا ٻوٽا ۽ ننڍڙا جاندار کائيندو آهي. ھي پکي ھميشه پنھنجي گروه سان گڏ ھوندو آھي ۽ پنھجي ننڍن يا وڏن ولرن ۾ اڏامندو. ھي پکي گھريلو بدڪن جي مختلف جنسن جي وڏڙن ۾ شامل آهن. ھن پکي جي مادي 8 کان 13 آنا لاهيندي آهي جن جو کوپو سبز رنگ جھڙو ھوندو آھي. آنن تي آرو 27 يا 28 ڏينھن ڪندا آهن. انڊي مان نڪرڻ بعد ھي فورن ترڻ جي قابل ھوندو آھي ۽ 50 کان 60 ڏينھن ۾ اڏرڻ شروع ڪندو آهي.

حوالا[سنواريو]