نوابشاھ
نوابشاھ نواب شاھ (Nawab Shah) | |
|---|---|
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مزار | |
| Coordinates: 26°14′39″N 68°24′36″E / 26.24417°N 68.41000°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | شهيد بينظيرآباد |
| ايراضي | |
| • ڪل | 4,239 چورس ڪلوميٽر (1,637 چورس ميل) |
| آبادي | |
| • ڪثافت | 240 في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (PST) |
| تعلقن جو تعداد | 4 |
| يونين ڪائونسلن جو تعداد | 51 |
نواب شاھ (Nawabshah) پاڪستان جي سنڌ صوبي جو هڪ شهر ۽ ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شهر ڪراچيءَ کان 206 ڪلوميٽر پري آهي. 2017ع جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي آبادي 279،688 آهي.[1] سيد نواب شاھه هتان جو مشهور زميندار ۽ راڄ جو چڱو مڙس هو. هن سندس 200 ايڪڙ ذاتي زمين هتان جي ريلوي اسٽيشن جي تعمير لاءِ مفت ۾ سرڪار جي حوالي ڪئي. انهيءَ عظيم خدمت جي مڃتا طور ان وقت جي انگريز سرڪار هن شهر ۽ ريلوي اسٽيشن جو نالو ”نواب شاھه“ رکيو. ھڪ تحقيق مطابق سيد نواب شاھ پٽ نواز علي شاھ جو اصل تعلق سن سان ھيو جتان خاندان سميت لڏي 1881ع ۾ ھتي رھائش اختيار ڪئي.[2]
تاريخ
[سنواريو]18هين–19هين صدي عيسوي
[سنواريو]نوابشاهه سنڌ جي وچولي حصي ۾ سنڌو درياهه جي ويجهو واقع آهي، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي دور کان آباد رهيو آهي.[3] آثار قديمه جي سروي موجب هن علائقي ۾ قبل از تاريخ ۽ هڙاپائي تهذيب جا آثار مليا آهن، ۽ بعد ۾ هي علائقو مختلف مسلمان حڪمران خاندانن جي قبضي هيٺ رهيو.[3] خاص طور تي 18هين ۽ 19هين صديءَ دوران ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانن هتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مقبرا تعمير ڪرايا، جيڪي سنڌي ۽ اسلامي طرزِ تعمير جا نمايان مثال آهن.[3]
برطانوي راڄ
[سنواريو]برطانوي دور ۾ نوابشاهه کي حيدرآباد ضلعي مان الڳ ڪيو ويو. 1903ع ۾ هتي تعلقي (انتظامي ذيلي ورهاست) جو قيام عمل ۾ آيو، ۽ 1 نومبر 1912ع تي نوابشاهه کي سنڌ جي مڪمل ضلعي جي حيثيت ڏني وئي.[4] شهر جو نالو سيد نواب شاهه جي نالي پٺيان رکيو ويو، جيڪو 1881ع ۾ هتي لڏي آيو هو. سندس خاندان برطانوي دور جي ضلعي انتظامي آفيسن جي تعمير لاءِ زمين عطيو ڪئي، ۽ انهيءَ سخاوت جي اعتراف ۾ برطانوي حڪومت شهر جو نالو سندس نالي سان منسوب ڪيو.
1947ع کان پوءِ
[سنواريو]1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ نوابشاهه پاڪستان جو حصو بڻيو. 2008ع ۾ بينظير ڀٽو جي ياد ۾ ضلعي جو سرڪاري نالو بدلائي شهيد بينظيرآباد ضلعو رکيو ويو. تازن سالن ۾ شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي ۽ آبادي، واپار ۽ شهري سهولتن ۾ نمايان واڌ آئي آهي.[4]
ٻوليون
[سنواريو]2023ع جي پاڪستاني آدمشماري موجب، نوابشاهه شهر ۾ سنڌي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ مادري ٻولي هئي، جيڪا 66.9 سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي هئي. ان کان پوءِ اردو 18.9 سيڪڙو، پنجابي 7.5 سيڪڙو، بروهي 2.2 سيڪڙو، بلوچي 1.59 سيڪڙو، ۽ سرائڪي 1.04 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي هئي، جڏهن ته باقي 1.80 سيڪڙو آبادي پاڪستان جون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندي هئي، جن ۾ خاص طور پشتو ۽ هندڪو شامل آهن.[lower-alpha 1][5][6]
ايراضي ۽ آبادي (2014ع)
[سنواريو]| انگ اکر | تفصيل |
|---|---|
| ايراضي[7][8] | 4,239 چورس ڪلوميٽر |
| ڪل آبادي | 1,435,130 |
| مرد | 749,275 |
| عورتون | 685,855 |
| 15 سالن کان گهٽ عمر جي آبادي | 45٪ |
| 15 کان 65 سالن جي عمر واري آبادي | 52.2٪ |
| مسلمان آبادي | 94.1٪ |
| هندو آبادي | 4.2٪ |
بيهڪ
[سنواريو]نواب شاھ جو شهر جاگرافيائي طور تي تقريباََ سنڌ جي مرڪز ۾ آباد آهي. ڪراچيءَ کان روڊ وسيلي لڳڀڳ چئن ڪلاڪن ۾ هتي پهچي سگهجي ٿو. هي شهر سنڌو درياءُ جي کاٻي ڪپ کان 50 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آباد آهي. هتي ريلوي اسٽيشن 1913ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي.
پکيڙ ۽ آبادي
[سنواريو]| پکيڙ | 4,239 چورس ڪلوميٽر |
| آبادي | 1,435,130 |
| مرد | 749,275 |
| عورتون | 685,855 |
| آبادي (15 سالن کان گهٽ ڄمار) | 45% |
| آبادي (15 کان 65 سال ڄمار) | 52.2% |
| مسلمانن جي آبادي | 94.1% |
| هندن جي آبادي | 4.2% |
زراعت
[سنواريو]هتان جي زمين زراعت ۽ باغبانيءَ لاءِ نهايت موزون آهي. هن شهر جي آسپاس جا علائقا ڪمند، انب، ڪپه ۽ ڪيلي جي پيداوار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. خاص طور تي ڪيلي جي پيداوار ۾ هي علائقو سڄي پاڪستان ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو.
آبهوا
[سنواريو]نوابشاه جي آبهوا گرم خشڪ آبهوا واري آهي (ڪوپن درجابندي: BWh). هن شهر کي پاڪستان جي سڀ کان گرم شهرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو، جتي اونهاري ۾ گرمي پد 53 °C or 127.4 °F تائين پهچي سگهي ٿو. مئي جي آخر ۽ جون ۾ گرمي پد جو 45 °C or 113 °F کان مٿي رهڻ عام ڳالهه آهي. سيارو دير سان، لڳ ڀڳ نومبر جي وچ ڌاري شروع ٿئي ٿو ۽ فيبروري جي وچ تائين جاري رهي ٿو. سياري دوران رات جو گرمي پد اڪثر 4 °C or 39.2 °F تائين لهي ويندو آهي، جڏهن تہ جنوري ۾ سراسري طور ٻه يا ٽي ڀيرا گرمي پد 0 °C or 32 °F کان به هيٺ ٿي ويندو آهي.
پاڪستان ۾ هر سال سڀ کان وڌيڪ گرمي پد، جيڪو عام طور 50 °C (122 °F) کان مٿي هوندو آهي، مئي کان آگسٽ تائين اڪثر نوابشاه ضلعي ۽ سبي ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو آهي. هتان جي آبهوا عام طور خشڪ ۽ گرم آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن گرمي پد 0 °C (32 °F) تائين به لهي ويندو آهي. 26 مئي 2010ع تي شهر ۾ رڪارڊ ٽوڙ سخت گرميءَ جي لهر آئي ۽ پارو 52 °C (126 °F) تائين پهتو، جيڪو ان وقت نوابشاه ۾ رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ گرمي پد هو.[10] 7 جنوري 2011ع تي شهر جو گرمي پد 4 °C (39 °F) تائين لهي ويو.[11] هتي رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ سالياني برسات 685 millimetres or 27 inches آهي، جيڪا 2022ع ۾ رڪارڊ ڪئي وئي.
| موسمي رڪارڊ : Nawabshah (1991–2020) | |||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
| وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) | 33.7 (92.7) |
38.0 (100.4) |
45.5 (113.9) |
49.0 (120.2) |
51.0 (123.8) |
50.5 (122.9) |
47.5 (117.5) |
48.9 (120) |
44.5 (112.1) |
43.0 (109.4) |
41.0 (105.8) |
35.0 (95) |
51.0 (123.8) |
| اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
24.1 (75.4) |
28.1 (82.6) |
34.1 (93.4) |
40.6 (105.1) |
44.6 (112.3) |
44.1 (111.4) |
41.0 (105.8) |
39.1 (102.4) |
38.9 (102) |
37.9 (100.2) |
32.2 (90) |
26.2 (79.2) |
35.9 (96.6) |
| روزاني سراسري°C (°F) | 15.4 (59.7) |
18.7 (65.7) |
24.5 (76.1) |
30.4 (86.7) |
34.8 (94.6) |
35.4 (95.7) |
34.2 (93.6) |
32.6 (90.7) |
31.7 (89.1) |
28.6 (83.5) |
22.7 (72.9) |
17.2 (63) |
27.18 (80.94) |
| گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
6.6 (43.9) |
9.4 (48.9) |
14.8 (58.6) |
20.3 (68.5) |
25.0 (77) |
27.5 (81.5) |
27.4 (81.3) |
26.2 (79.2) |
24.4 (75.9) |
19.3 (66.7) |
13.1 (55.6) |
8.3 (46.9) |
18.5 (65.3) |
| گھٽ ۾ گھٽ رڪارڊ°C (°F) |
−2.6 (27.3) |
−3.6 (25.5) |
3.0 (37.4) |
7.0 (44.6) |
15.0 (59) |
17.0 (62.6) |
20.0 (68) |
18.9 (66) |
14.6 (58.3) |
7.5 (45.5) |
2.8 (37) |
−1.0 (30.2) |
−3.6 (25.5) |
| سراسري بارش
mm (inches) |
2.5 (0.098) |
4.9 (0.193) |
3.2 (0.126) |
12.2 (0.48) |
22.8 (0.898) |
39.2 (1.543) |
69.1 (2.72) |
87.2 (3.433) |
32.7 (1.287) |
13.1 (0.516) |
0.4 (0.016) |
3.3 (0.13) |
247.6 (9.748) |
| Average rainy days (≥ 1.0 mm) | 0.6 | 0.6 | 0.7 | 0.5 | 0.4 | 3.5 | 4.7 | 5.5 | 2.2 | 0.3 | 0.1 | 0.4 | 19.5 |
| اس جي ماھوار وقت جي سراسري |
230.1 | 240.1 | 267.0 | 274.4 | 293.8 | 268.8 | 229.4 | 240.9 | 261.1 | 280.0 | 256.1 | — | — |
| Source: NOAA[12][13] Ogimet[14] | |||||||||||||
آمدورفت
[سنواريو]
ريلوي وسيلي
[سنواريو]نواب شاھ پاڪستان جي مکيه ريلوي لائين تي واقع آهي جيڪا ڪراچيءَ کان لاهور وڃي ٿي[15]. هتان ميرپور خاص ۽ سڪرنڊ لاءِ به ريل گاڏيون وينديون هيون پر اهي هاڻي بند ڪيون ويون آهن.
روڊ وسيلي
[سنواريو]- N-5 قومي شاهراھ وايا سڪرنڊ
- سڪرنڊ نواب شاھ روڊ
- قاضي احمد نواب شاھ روڊ
- نواب شاھ سانگهڙ روڊ
- مهراڻ شاهراھ (دوڙ ۽ ٻانڌيءَ کان ڪنب، خيرپور ميرس)
- فوجي چڪ ۽ سٺ ميل نواب شاھ روڊ
- نواب شاھ ڄام صاحب روڊ
- نواب شاھ، ڄام صاحب ۽ پريتم آباد روڊ
- مورو ٻانڌي روڊ
- ٻيا روڊ
هوائي جهاز وسيلي
[سنواريو]هتي هڪ هوائي اڏو به آهي جتان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن لاءِاڏامون هلنديون هيون پر اڄڪلھ اهي اڏامون بند آهن.
آثار قديمه
[سنواريو]ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مزار شهيد بينظيرآباد جي آثارقديمه واري ورثي ۾ خاص اهميت رکي ٿي. هيءَ مزار موري شهر کان 9 ڪلوميٽر اوله طرف موجود آهي[16]. نواب شاھ (هاڻي شهيد بينظيرآباد) ضلعي ۾ لڳڀڳ 1000 سال پراڻو منارو ”ٺل مير رڪن“ ڏسڻ وٽان آهي. هيءُ منارو 60 فوٽ اوچو آهي. هتان زيور، سڪا ۽ ٻيون شيون پڻ مليون آهن. هن مناري ڏانهن وڃڻ لاءِ قاضي احمد کان هڪ روڊ وڃي ٿو. هي دڙو ٻانڌي ريلوي اسٽيشن کان 22 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف ۽ دولت پور کان 13 ڪلوميٽر اوڀر طرف موجود آهي[17]. چانهونءَ جو دڙو به هتان جي اهم قديم آثارن مان هڪ آهي. هي دڙو نواب شاھ کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ موجود آهي. هي دڙو 1930ع ۾ آثار قديمه جي ماهر ناني گوپال مجمدار دريافت ڪيو هو[18].
تقريبون
[سنواريو]نواب شاھ ۾ گلاب جي گلن جو ميلو هر سال ٽي کان چار ڏينهن تائين ملهايو ويندو آهي. هي ميلو 1954ع ۾ مشهور تعليمي ماهر ايڇ ايم خواجه متعارف ڪرايو هو.
تعليمي ادارا
[سنواريو]نواب شاھ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا؛
- قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
- شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽنري ۽ اينيمل سائنسز
- شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظيرآباد
- پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين
- بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز آرڪائيو ڪيا ويا 2020-08-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- سٽي اسڪول، سينئر برانچ، سوسائٽي
- مريم ڪانوينٽ هائي اسڪول
- فائونڊيشن پبلڪ اسڪول
- ايئر فائونڊيشن اسڪول سسٽم
- فوجي فائونڊيشن ماڊل اسڪول، سوسائٽي
- گورنمينٽ حبيب ڪاليج آف ٽيڪنالاجي
- گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاھ (ڇوڪرن لاءِ)
- گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاھ (ڇوڪرين لاءِ)
- گورنمينٽ اسلاميه گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول
- گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نواب شاھ
- گورنمينٽ شاهين ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ نواب شاھ
- زيبسٽ ڪاليج نواب شاھ
- قائداعظم رينجرس پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج
- امپيريل سائنس ڪاليج، سڪرنڊ روڊ نواب شاھ
- ڊيف ريچ اسڪول اينڊ ٽريننگ سينٽر
- هوميوپيٿڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال
- پرو ونشيل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايڊيوڪيشن
- بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ
- ايڪسيلنس ڪاليج آف انفارميشن ٽيڪنالاجي
- گلشن پبلڪ هائي اسڪول
- نور ماڊل پبلڪ هائي اسڪول
اهم شخصيتون
[سنواريو]- آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر
- فريال ٽالپر اڳوڻي ضلعي ناظمه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر
- سيد خير شاهه — 1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
- سيد نظر شاهه — 1962ع ۾ اولهه پاڪستان جي سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو.
- سيد شفقت حسين شاهه — 1997ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار ۽ آصف علي زرداريءَ جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي شڪست ڏني.
- ظفر علي شاهه — اڳوڻو وفاقي قانون وارو وزير.
- گلاب چانڊيو — مشهور سنڌي ۽ اردو اداڪار.
- مصري خان بلوچ — مشهور الغوزو وڄائيندڙ.
- سيد عرفان رفيع زيدي — مشهور ثناخوان ۽ نعت خوان.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Nawabshah (Taluka, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. 2020-01-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Khaskheli A.Z., Socio economic assessment of farmer participation ,in managing irrigation and drainage system: PhD thesis, Department of Economics University of Sindh, Jamshoro, Pakistan
- 1 2 3 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "auto". - 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "auto1". - ↑ "PBS Pakistan Bureau of Statistics". Pakistan Bureau of Statistics (آمريڪي انگريزي ۾). 2025-12-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "TABLE 11: POPULATION BY MOTHER TONGUE, SEX AND RURAL/URBAN, CENSUS-2023" (PDF).
- ↑ "Nawabshah District profile". Sindh Government website. اصل نسخو مان 2012-04-07 تي محفوظ ڪيل. 2023-04-09 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan: Demographic and Health Survey (2012-13) Global Demographic and Health Survey Program، حاصل ڪيل: 9 اپريل 2023ع
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2020-01-14 تي محفوظ ڪيل, 2020-01-18 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Weather Advisory- 3, Government of Pakistan". Pakistan Metreological Department. اصل نسخو مان 18 February 2011 تي محفوظ ڪيل. 9 April 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mercury dips to 4°C in Nawabshah". Dawn (newspaper). 2010-10-13. اصل نسخو مان 25 January 2011 تي محفوظ ڪيل. 2023-04-09 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nawabshah Climate Normals 1991–2020". World Meteorological Organization Climatological Standard Normals (1991–2020). National Oceanic and Atmospheric Administration. 17 September 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nawabshah weather chart". Pakistan Meteorological Department website. اصل نسخو مان 2010-06-13 تي محفوظ ڪيل. 2023-04-09 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "41749: Nawabshah (Pakistan)". ogimet.com. OGIMET. 18 April 2025. 18 April 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nawabshah – Travel guide at Wikivoyage". en.wikivoyage.org. 2020-01-08 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tomb of Mian Noor Muhammad Kalhoro, Shaheed Benazirabad". antiquities.sindhculture.gov.pk (برطانوي انگريزي ۾). 2020-01-18 تي حاصل ڪيل.
- ↑ User, Super. "Sindh Tourism Development Corporation - Buddhist Stupa, Village Thul Mir Rukan, Nawabshah". www.stdc.gos.pk (برطانوي انگريزي ۾). 2020-01-18 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|last=has generic name (مدد) - ↑ Tunio H.; Chanhu Daro — Industrial hub of the ancient world, The Express Tribune, 23rd February 2017. Available at https://tribune.com.pk/story/1336217/treasure-trove-antiquity-chanhu-daro-industrial-hub-ancient-world/
- ↑ هي انگ اکر نوابشاهه تعلقي جي شهري آبادي مان ورتا ويا آهن، جيڪا نوابشاهه ميونسپل ڪاميٽي جي حدن ۽ آبادي سان مڪمل طور مطابقت رکي ٿي.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Coordinates on Wikidata
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 errors: unsupported parameter
- Wikipedia requested charts
- CS1 برطانوي انگريزي-language sources (en-gb)
- CS1 errors: generic name
- سنڌ جا شھر
- پاڪستان جا شهر
- سنڌ جون گُنجان آباديون
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا