حليم بروهي
عبدالحليم بروھي | |
---|---|
![]() حليم بروھي | |
پيدائش | 06 آگسٽ 1936 (ھاڻوڪو حيدرآباد), بمبئي, برصغير |
وفات | 28 جُولاءِ 2010 (عمر 73 سال) حيدرآباد |
حليم بروھي (انگريزي ٻولي: Haleem Brohi) سنڌي ٻوليءَ جو مزاح نگار ۽ اديب 6 آگسٽ 1938ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو، ھُن 28 جولاءِ 2010ع تي 76 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
تعارف[سنواريو]
سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري مزاح نگار ۽ ليکڪ جو ادبي نالو حليم بروهي ۽ سندس شهرت جو ڪارڻ سندس منفرد قسم جي مزاح نگاري آهي. دلچسپ ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪرائڻ جي غير معمولي ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ، سنڌ جو هي اڪيلو ۽ انوکو مزاح نگار، 6 آگسٽ 1936ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي.[1] هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو.
تصنيفون[سنواريو]
حليم بروھيءَ جي تصنيفن ۾ سندس ’سنڌي رومن‘ کان علاوه ٻيا بہ ڪتاب شامل آھن جيڪي ھيٺين ريت آھن:
نالو | صنف | سال | ڇپيندڙ |
---|---|---|---|
هٽلر جي ڪهاڻي | سوانح | 1972ع | -- |
هٽلر لکيو | -- | 1972ع | -- |
اوڙاهه | ناول | 1975ع | -- |
حليم شو | مزاحيات | 1983ع | -- |
جيڪي مون لکيو | ڪالم ۽ مضمون | 2002ع | -- |
Solo Decayed | -- | 1967 | -- |
Roman Sindhi Script | -- | -- | -- |
Seeds Columns | -- | -- | -- |
Nothing is Piculiar | -- | -- | -- |
Nothing in Earnest | -- | -- | -- |
آخري وسيلو | ڪھاڻيون ۽ ڪالم | -- | بروھي پبليڪيشن، حيدرآباد |
رومن بابت[سنواريو]
حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ جي حامي هو، جنهن لاءِ سندس خاص نقطئه نظر هو، جيڪو ڪافي سالن کان بحث هيٺ رهندو پيو اچي. سندس چوڻ ھو تہ ”جيڪڏھن سنڌي ٻولي بچائڻي آھي تہ اُن کي عربي سان گڏوگڏ ٻيو اسڪرپٽ پڻ بيلھ ڏِجي“. سندس ڪوششون تنھن دؤر ۾ ناڪام ويون ۽ ماڻهن سندس ترتيب ڏنل رومن اسڪرپٽ تي بحث پڻ ڪيا.
ڪاوش ۾ ڪالمز[سنواريو]
حليم بروھي جا ڪالم روزانه ڪاوش ۾ هڪ عرصي کان لڳاتار ڇپجندا رھيا، جيڪي ھيٺ ترتيب ڏِجن ٿا.
تاريخ | عنوان |
---|---|
ڇنڇر 2 جنوري 2010ع | فئن |
خميس 7 جنوري 2010ع | ڳهي وڃو! |
اڱارو 12 جنوري 2010ع | سُر سنگيت |
ڇنڇر 16 جنوري 2010ع | سازشي ذهن! |
خميس 29 جولاءِ 2010ع | اُٺُ ٻڌڻ |
خميس 15 جنوري 2009ع | پڙهندڙن جي پسند |
سومر 19 جنوري 2009ع | منهنجي ماٺ |
سومر 26 جنوري 2009ع | ڪانٽو ۽ واندا |
سومر 2 فيبروري 2009ع | مختصر |
سومر 9 فيبروري 2009ع | ڦوڪڻا |
سومر 16 فيبروري 2009ع | پاڻ ڇو ٿا لکون؟ |
سومر 23 فيبروري 2009ع | امر جليل، مان ۽ جبار |
خميس 26 فيبروري 2009ع | حواس |
سومر 2 مارچ 2009ع | حق ۽ ناحق |
سومر 9 مارچ 2009ع | ڏَچو |
سومر 16 مارچ 2009ع | فطور |
سومر 23 مارچ 2009ع | سنڌي اکر |
ڇنڇر 28 مارچ 2009ع | محقق! |
سومر 30 مارچ 2009ع | هولي! |
جمع 3 اپريل 2009ع | فائدو؟ |
سومر 6 اپريل 2009ع | مادري ٻولي |
خميس 16 اپريل 2009ع | عقلمند |
سومر 20 اپريل 2009ع | هائي ميرا دل! |
سومر 4 مئي 2009ع | ايجاد |
جمع 8 مئي 2009ع | دبئي ۾ سنڌي! |
سومر 11 مئي 2009ع | مذاڪرات |
خميس 14 مئي 2009ع | گند |
اڱارو 19 مئي 2009ع | ليکڪ |
جمع 22 مئي 2009ع | بڪواس! |
سومر 25 مئي 2009ع | پاڻ سڀيئي! |
خميس 28 مئي 2009ع | مفاهمت! |
اڱارو 2 جون 2009ع | تاريخي حقيقتون! |
آچر 7 جون 2009ع | سوشل سائنس |
اربع 10 جون 2009ع | ڊائس |
ڇنڇر 13 جون 2009ع | هِتان هُتان |
خميس 18 جون 2009ع | پنهنجو اچڻ! |
سومر 22 جون 2009ع | تون ڪير؟ |
خميس 25 جون 2009ع | اربين ورهيه اڳ! |
اڱارو 30 جون 2009ع | بَسون! |
جمع 3 جولاءِ 2009ع | نئين دنيا |
سومر 6 جولاءِ 2009ع | اجايو! |
خميس 9 جولاءِ 2009ع | خاڪي! |
سومر 13 جولاءِ 2009ع | مان! |
ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2009ع | فوٽا |
سومر 21 سيپٽمبر 2009ع | هي ڪير آهن! |
جمع 9 آڪٽوبر 2009ع | ايوارڊ! |
چنچر 28 نومبر 2009ع | ليکڪ! |
ڇنڇر 12 ڊسمبر 2009ع | عمر خيام جي مٽيءَ مان ٺهيل ماڻهو |
اربع 16 جولاءِ 2008ع | قبوليت |
آچر 20 جولاءِ 2008ع | پئسو |
اڱارو 22 جولاءِ 2008ع | اجايون ڳالهيون |
سومر 4 آگسٽ 2008ع | تواريخي ڳالهيون! |
آچر 24 آگسٽ 2008ع | مرڻ ۽ جيئڻ |
ڇنڇر 30 آگسٽ 2008ع | عجيب ڌاريو |
سومر 8 سيپٽمبر 2008ع | اصول! |
جمع 12 سيپٽمبر 2008ع | اهو سادو ماڻهو! |
اربع پهرين آڪٽوبر 2008ع | مشاورت ۽ تحفظات! |
ڇنڇر 11 آڪٽوبر 2008ع | عيب ۽ صبر! |
سومر 20 آڪٽوبر 2008ع | ساڙ ۽ حسد |
اربع 29 آڪٽوبر 2008ع | زمانو ۽ زمانا |
خميس 20 نومبر 2008ع | فطرت |
خميس 27 نومبر 2008ع | سنڌي ادب |
آچر 14 ڊسمبر 2008ع | ٻهراڙيون ۽ انگريزي اکر |
اڱارو 20 جون 2006ع | سيريس! |
سومر 26 جون 2006ع | بادشاهه! |
جمع 30 جون 2006ع | ذهني مريض! |
اڱارو 25 جولاءِ 2006ع | ڊائلاگس آف پلئٽو! |
ڇنڇر 29 جولاءِ 2006ع | تهذيب |
اربع 02 آگسٽ 2006ع | مزاح |
جمع 11 آگسٽ 2006ع | اسٽيفن ليڪاڪ |
سومر 21 آگسٽ 2006ع | انگريزن جي انگريزي ۽ پاڻ! |
وفات[سنواريو]
حليم بروھيءَ ضعيف عُمريءَ جي ڪري 28 جولاءِ 2010ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھ ’صدر حيدرآباد‘ واري قبرستان ۾ آھي.
حوالا[سنواريو]
- ↑ "بروهي عبدالحليم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2018-07-28.