زڪوات
زڪوات (عربی: الزكاة؛ جمع: زَكَوَّت)، ٻوليءَ ۾ معنيٰ: بلند ڪرڻ، وڌائڻ، برڪت، حمد، ثنا، نيڪي، شين جي پاڪائي، نفسي يا روحاني پاڪائي، ۽ معنيٰ: مال جي زڪوات آھي. [1] زڪوات اسلام جي پنجن بنيادي رڪنن مان ھڪ رڪن آھي زڪوٰة جي تعريف اها آهي ته نيڪ ماڻهو جيڪو مال صدقو ڪري ٿو، ان کي توحيد جي مذهبن ۾ هن معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ عبادت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: مال سان خيرات ڏيڻ. ۽ اسلام ۾ زڪوات اٺن خرچن تي مخصوص شرطن تي خرچ ڪيو ويندو آهي، جيڪو مال مان معلوم مقدار مان مقرر، مسلمان تي مخصوص شرطن ۾، مخصوص شين ۾ واجب آهي:
الف. مال الزڪوات
ب. الزكاة الفطر (فطرانو)
اسلامي شريعت ۾ اها عبادت جو هڪ قسم آهي، يعني: فرض طور تي خرچ ڪرڻ ۽ صدقو واجب خرچ وغيره کي چئبو آهي.
جيئن ته ٻين مذهبن ۾، رقم خرچ ڪرڻ جي معني جو ثبوت آهي، يا ضرورتن سان ماڻهن کي رقم ادا ڪرڻ، حڪمرانن جي تفصيل ۾ اختلاف سان گڏ، عيسائييت ۾، مثال طور، اتي لفظ خيرات آهي. اسلامي مذهب عيسائيت ۽ يهوديت سان اتفاق ڪري ٿو خيرات جي عام تصور ۾، اهو هڪ عبادت جو عمل آهي ۽ ماڻهن کي خدا جي ويجهو آڻڻ جو هڪ وسيلو آهي، ۽ اهو ته خير جو دروازو آهي، ۽ اهو ته اميرن کي هڪ حصو ڏيڻ گهرجي. انهن جي پئسي مان غريبن ۽ مسڪينن تائين پهچايو ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي باوجود، انهن جي حڪمن جي تفصيل ۾ اختلاف آهي. اسلامي قانون ۾ زڪوات: ”رقم جو هڪ حصو ۽ ان جهڙو اسلامي قانون ضروري آهي ته غريبن کي خاص شرطن ۾ ڏنو وڃي.[2] يا اهو آهي: ”خاص رقم جو نالو جيڪو ان جي مستحقن کي ادا ڪيو وڃي. مخصوص حالتن هيٺ. ان کي زڪوات چئبو آهي. ڇو ته زڪوات مال کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ۽ زڪوات الفطر روح جي پاڪائي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جيئن زڪوات جي ادائگي مال جي واڌ ويجهه جو هڪ سبب آهي ۽ آخرت ۾ ثواب کي ٻيڻو ڪرڻ جو هڪ سبب آهي. جيڪو خيرات ڏئي ٿو.
زڪوات کي خيرات چئبو آهي، پر خيرات ۾ شامل آهي: واجب ۽ رضاڪارانه عمل، زڪوات جي برعڪس، جيڪو واجب فرضن سان مخصوص آهي. اسلام ۾ زڪوات ڏيڻ هڪ عبادت آهي جيڪو مال سان لاڳاپيل آهي، اهو اسلام جي پنجن ٿنڀن مان ٽيون رڪن آهي ۽ اهو مسلمانن جي اجماع سان لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اهو قرآن ۽ سنت جي ثبوتن ۽ مسلمانن جي اجماع سان لاڳو ڪيو ويو آهي. قرآن ۽ وسيع حديثن مان، جهڙوڪ حديث: "اسلام پنجن بنیادن تي ٺهيل آھي" ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي: "زڪوات ادا ڪرڻ".[3] قرآن مجيد ۾ زڪوات جی متعلق 82 آيتن ۾ نماز سان گڈ آیو آهي، ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن جي وچ ۾ جانشيني تمام ويجهي ۽ آخري آهي، جيئن المناقب البزازية ۾ لکیل آهي.[4] اهو مڪي ۾ هڪ عام معاملي جي طور تي نافذ ڪيو ويو ۽ مديني ۾ هجرت جي ٻئي سال ۾ ان جي شرطن کي واضح ڪيو ويو.[5] زڪوات مالدار جي مال تي هڪ مقرر رقم جي حساب سان واجب آهي، ۽ اها زڪوات جي اٺن مدن ۾ ادا ڪئي ويندي آهي.
اسلامي فقه ۾ زڪوات جو مطالعو شامل آهي، جن م زڪوات جي رقم، ان جي مقدار ۽ مال تي، سون، چاندي، فصلن ۽ ميون جي قسمن تي، واپار جي سامان، معدنيات ۽ ڌاتو تي شام آھن. زڪوات هڪ مربوط نظام سان گڏ هڪ قانوني فرض آهي جنهن جو مقصد عوام ۽ ملڪ جي مفادن کي حاصل ڪرڻ ۽ سماجي ايڪتا، ضرورتمندن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ غريبن کي مالا مال ڪرڻ آهي. زڪوات واجب صدقو آهي، جيڪو معلوم رقم آهي، ۽ اهو عام صدقو نه آهي، بلڪه ان ۾ فرق آهي، ۽ ان جي مقدار ۽ حڪم ۾ ڪو به اختلاف ناهي سواءِ چند ماتحت مسئلن جي، اها زڪوات فرد يا ان جي نمائندي طرفان مستحقن کي ادا ڪئي ويندي آهي، ۽ جيڪڏهن سلطان ان جي درخواست ڪري، اهو ان کي ادا ڪرڻ گهرجي، ۽ هن کي ان کي زڪوات طور تصرف ڪرڻ گهرجي. اهو خيراتي تنظيمن، مسجدن جي تعمير، يا ٻين خيراتي ڪمن تي خرچ نه ڪيو ويجي. زڪوات کان رڪڻ، مال جي تباهي ۽ بربادي ۽ آخرت ۾ عذاب جو سبب آهي ۽ جيڪو ان کي واجب سمجهي ان کان روڪي ٿو ته سلطان ان کي اسلام جي خاطر قتل ڪئي، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ سان سلطان جي وس کان ٻاهر آهي.
زڪوات جي معني
[سنواريو]خُذْ مِنْ اَمْوَالِهِمْ صَدَقَةً تُطَهِّرُهُمْ وَ تُزَكِّيْهِمْ بِهَا وَصَلِّ عَلَيْهِمْ١ؕ اِنَّ صَلٰوتَكَ سَكَنٌ لَّهُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ سَمِيْعٌ عَلِيْمٌ— (التوبة: 103)، [6]
لغت ۾ لفظ زڪوات جون ٻه معنائون آهن: (الف) ڪنهن به شيءِ جو وڌڻ (ب) پاڪ ۽ صاف ٿيڻ. (المعجم الوسيط 1/398) قَدْ أَفْلَحَ مَنْ زَكَّاهَا. تحقيق ڪامياب ٿيو اهو شخص، جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو. (الشمس آيت: 9)[7] ان طرح عربي ۾ ان جون معنائون آهن: الف. وڌڻ ب. پاڪيزو ٿيڻ ج. واڌارو ڪرڻ د. نشو و نما حاصل ٿيڻ ھ. ذبح ڪرڻ[8] انهن ٻنهي معنائن جي پيش نظر مال جو اهو حصو جيڪو سال گذرڻ جي بعد ۽ نصاب کي پهچڻ کان پوءِ مال مان بطور فرض ۽ وجوب جي ڪڍيو وڃي. انهيءَ کي زڪوات چوندا آهن، ڇو ته انهيءَ زڪوات جي ذريعي زڪوات ادا ڪندڙ جون نيڪيون وڌنديون آهن ۽ انهيءَ جي مال ۾ برڪت پوندي آهي ۽ اهو خود گناهه ۽ بخل کان ۽ ان جو مال خبث ۽ حرام کان پاڪ ۽ صاف ٿيندو آهي. اصطلاحًا: شريعت ۾ زڪوات جو مطلب هي آهي ته حق واجب في مال مخصوص لطائفة مخصوصة في وقت مخصوص. (الملخص الفقهي 1/222) يعني اهو حق جيڪو مخصوص مال ۾ هڪ خاص گروهه (مالدارن) جي لاءِ هڪ خاص وقت ۾ ڪڍيو وڃي.[9] زڪوات جي لغوي معني آهي پاڪ ڪرڻ، وڌائڻ. اصطلاح ۾ سال گذرڻ تي پنھنجي مال يا دولت منجھان شريعت جي مقرر ڪيل حصي ڪڍڻ کي زڪوات چوندا آهن.[10]
فرضيت زڪوات جو دليل
[سنواريو]وَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَارْكَعُوْا مَعَ الرّٰكِعِيْنَنماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ رڪوع ڪريو رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ. (البقرة: 43) اهڙي طرح نبي عليھ الصلواة والسلام کي حڪم مليو: خُذْ مِنْ اَمْوَالِهِمْ صَدَقَـةً. (التوبه: 103) اي پيغمبر! توهان انهن کان انهن جي مال مان زڪوات وصول ڪريو.
حديث: اسلام جو بنياد پنجن شين تي آهي، جنهن مان ٽئين نمبر تي ايتاء الزکواة (زڪوات ڏيڻ) به آهي.(بخاري 1/6 ومسلم 1/36)[11]
اهڙي طرح جڏهن پاڻ ﷺ سيدنا معاذ بن جبل کي يمن ڏانهن موڪليائون ته ٻيا احڪام سمجهائڻ کان پوءِ پاڻ فرمايائون:
فَأَخْبِرْهُمْ أَنَّ اللَّهَ افْتَرَضَ عَلَيْهِمْ زَكَاةً فِي أَمْوَالِهِمْ(بخاري 1/187، مسلم 1/39) انهن کي اهو ٻڌائجانءِ ته الله سبحانھ وتعاليٰ انهن تي انهن جي مالن ۾ زڪوات فرض ڪئي آهي.[12]
۽ زڪوات کي ٻين فرضن سان گڏ ادا ڪندڙ شخص لاءِ پاڻ ﷺ جن جنت جي خوشخبري ٻڌائي. صحيح بخاري ۾ روايت آهي. هڪ شخص کي پاڻ ﷺ جن ارڪان اسلام سمجهايائون، جنهن ۾ زڪوات به آهي. انهيءَ وقت اعرابي چيو: الله جو قسم! آئون هن مان ڪجهه به نه گهٽائيندس ۽ نه وڌائيندس. پاڻ ﷺ فرمايائون: جنهن شخص کي شوق هجي ته جنتي شخص ڏانهن ڏسي ته هن ڏانهن ڏسي. (بخاري ومسلم 1/187، رقم الحديث 1397)
زڪوات جا فائدا ۽ انفرادي زندگي تي ان جا اثرات
[سنواريو]پهريون فائدو:
[سنواريو]زڪوات ادا ڪندڙ شخص جنهن خلوص دل سان رضاءِ الاهي جي لاءِ انهيءَ فريضه کي ادا ڪيو، انهيءَ جي دل روحاني بيمارين کان مثلاً بخل، خود غرضي، لالچ ۽ شقاوت کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويندي آهي ۽ انهيءَ جڳهه تي ٻيون بهترين وصفون پيدا ٿينديون آهن، مثلاً ايثار، همدردي، مروت ۽ مؤانست ۽ اهو ئي رازِ حيات آهي. جنهن مال مان زڪوات ڪڍي ويئي، اهو آلائش ۽ مصيبتن کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آهي ۽ اهو مال انهيءَ خزاني جي حڪم ۾ نه ايندو آهي، جيڪو نه صرف انسان کي جهنم ۾ وٺي ويندو، بلڪ انهيءَ شخص لاءِ سخت اذيت جو باعث بنجي ويندو. دليل: پاڻ ﷺ جن ام المؤمنين ام سلمة رضي الله عنها کي فرمايائون: جڏهن تون پنهنجي مال مان زڪوات ڪڍندينءَ ته اهو مذموم خزاني جي حڪم ۾ نه ايندو. (ابودائود 1/225 والحاکم رقم الحديث 390 نصب الراية 2/372) اهو صدقو جيڪو الله سبحانھ وتعاليٰ جي راهه ۾ ڪڍيو وڃي، الله سبحانھ وتعاليٰ انهيءَ کي وڌائيندو رهندو آهي. تانجو معمولي صدقو جبل احد جي برابر بنجي ويندو. (بخاري 1/189، مسلم 1/327)
جيڪو شخص زڪوات ڪڍندو آهي، انهيءَ لاءِ الله جا ملائڪ صبح وشام برڪت جون دعائون گهرندا آهن. (احمد، رقم الحديث 21721، ابن حبان 2/462)
اهو صدقو ۽ زڪوات انسان جي خطائن ۽ گناهن کي دور ڪندو آهي. (ترمذي 2/89، رقم الحديث 2762، ابن ماجة 294) الله سبحانھ وتعاليٰ جي راهه ۾ ڏنل مال قيامت جي ڏينهن انسان جي لاءِ جهنم کان پردو بنجي بيهي رهندو. (احمد، رقم الحديث 24501، صحيح الترغيب 1/819) ۽ صحيح مسلم ۾ آهي ته اگرچه اهو صدقو کجور جي ککڙي برابر ڇو نه هجي. (مسلم 1/327 رقم 1017)
اجتماعي فائدا:
[سنواريو]جيئن ته زڪوات عبادت ماليه جي هڪ ڪڙي آهي، انهيءَ جي ادائگي جي بناء تي معاشري جا غريب ۽ نادار شخص پنهنجي غربت جي دلدل مان نڪري پنهنجي زندگي سڌاري سگهن ٿا.
دولت صرف شاهوڪار انسانن جي هٿن ۾ نه رڪجي وڃي. (الحشر: 7)
جنهن معاشري ۾ زڪوات ادا ڪئي وڃي ٿي، اهو احتڪار يعني خزاني بنجڻ کان محفوظ بنجي ويندو آهي.
اهڙو معاشرو وياج ۽ حرام کان محفوظ رهندو آهي، ڇو ته جنهن جو ارادو ئي اهو آهي ته غريبن ۽ محتاجن جي سار سنڀال لهن، اُهي شخص ڇو غريبن کي وياج وٺڻ تي مجبور ڪندا.
اهڙو معاشرو پاڻ ۾ محبت ۽ اخوت جو مصداق بنجي ويندو آهي، جنهن جي تعريف رب رحمان پنهنجي ڪلام مقدس ۾ ڪئي. (سورة الحشر: 9)
زڪوات نه ادا ڪرڻ جي وعيد
[سنواريو]قرآن:
۽ ويل آهي مشرڪن لاءِ، اهي جيڪي زڪوات نٿا ڏين. (حم السجدة: 6-7)
۽ جيڪي شخص انهيءَ مال ۾ بخل ڪن ٿا، جيڪو الله سبحانھ وتعاليٰ پنهنجي فضل سان انهن کي عطا ڪيو، انهيءَ مال کي پنهنجي لاءِ ڀلو نه سمجهن بلڪ اهو انهن لاءِ برو آهي. قيامت جي ڏينهن ان مال جو انهن کي ڳٽ پهرايو ويندو بسبب تنهن جي جو اهي بخل ڪندا هئا. (آل عمران: 180)
۽ جيڪي شخص سون ۽ چاندي جو ذخيرو ڪندا آهن ۽ انهيءَ کي الله جي واٽ ۾ خرچ نه ڪندا آهن. انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ، جنهن ڏينهن جهنم جي باهه ۾ انهيءَ مال کي گرم ڪيو ويندو، پوءِ انهيءَ سان انهيءَ شخص جي پيشاني پاسن ۽ چيلهن (پاسن) کي ڏنڀيو ويندو ۽ کين چيو ويندو هي اهو مال آهي، جنهن کي توهان خزانو بنايو هو. (التوبه: 34-35)
دليل حديث مان:
سيدنا ابوهريره کان روايت آهي، پاڻ ﷺ جن فرمائن ٿا ته هر اهو شخص جنهن وٽ سون ۽ چاندي آهي ۽ اهو انهيءَ جو حق (زڪوات) ادا نٿو ڪري، مگر ان سون ۽ چاندي کي قيامت جي ڏينهن وڏين شيخن ۾ تبديل ڪيو ويندو. پوءِ انهن کي جهنم جي باهه ۾ گرم ڪري انهيءَ مالدار شخص جي پيشاني، پاسا ۽ پٺ ڏنڀي ويندي. جيئن ئي اهي شيخون ٿڌيون ٿينديون ته ٻيهر گرم ڪيون وينديون، تانجو ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي. اهڙي طرح جنهن شخص جا اٺ هئا ۽ ان مان زڪوات نهڏنائين ته اهڙي شخص کي هڪ وسيع ميدان ۾ اونڌو ڪيرايو ويندو. پوءِ سڀ اٺ گهرايا ويندا. انهن مان هڪ گؤنرو به گم نه هوندو. پوءِ اهي سڀ اٺ انهيءَ شخص کي لتاڙيندا ۽ ڪُٽيندا رهندا، تانجو ٻانهن جو حساب ڪتاب ٿئي ۽ اهڙي طرح ڍڳين ۽ ٻڪرين واري کي گهرايو ويندو. انهيءَ شخص کي به هڪ ميدان ۾ بيهاريو ويندو ۽ کيس ليٽايو ويندو. پوءِ ڍڳيون ۽ ٻڪريون انهيءَ شخص کي لتاڙينديون ۽ سڱن سان مارينديون رهنديون، تانجو ٻانهن جو حساب وڪتاب ٿي وٺي. يعني پنجابب هزار سال. (مختصرًا بخاري 1/188 رقم 1402 – مسلم 1/318 رقم 987)
۽ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته جيڪو شخص زڪوات نٿو ڏئي، انهيءَ جي مال کي قيامت جي ڏينهن گنجي ڪاري نانگ جي شڪل ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيڪو ان مال واري پويان لڳندو ۽ ان کي ڏنگيندو رهندو. (مسلم 1/320 رقم 988 ۽ انهيءَ جهڙي هڪ ٻي حديث مسلم 1/321 رقم 992)
زڪوات ادا ڪرڻ لاءِ شرط
[سنواريو]زڪوات ادا ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريون شرط اهو آهي ته اهو مسلمان هجي. چنانچه ڪافر تي زڪوات واجب نه آهي، اگرچه اهو مرتد ڇو نه هجي.
ٻيو شرط هي آهي ته اهو مسلمان آزاد هجي، چنانچه غلام تي زڪوات فرض نه آهي، ڇو ته غلام وٽ جيڪي ڪجهه آهي، اهو انهيءَ جي مالڪ جو آهي.
جنهن مال مان زڪوات ڪڍي وڃي ٿي، اهو نصاب کي پهتل هجي.
جنهن مال مان زڪوات ڪڍي وڃي ٿي، ان کي مال جي پوري ملڪيت حاصل هجي، پوءِ خواهه اهو انهيءَ جي قبضي ۾ هجي يا نه هجي.
ملڪ تام جو مطلب هي آهي ته ان مال تي هن شخص کي تصرف حاصل هجي.
انهيءَ مال کي هڪ سال گذري چڪو هجي. (بيهقي 4/95، دارقطني 2/90)
مگر هن آخري شرط کان ڪجهه شيون مستثنيٰ آهن، مثلاً اناج وغيره جڏهن لاٿو وڃي ۽ مدفون شيءِ، جڏهن حاصل ٿئي.
جيڪڏهن مقروض جي اها حالت آهي جو سندس سڀ مال قرض ۾ غرق ٿي ويو يا ان وٽ بنيادي حقن کان سواءِ ايترو سامان يا نقد نه آهي، جنهن مان پنهنجو قرض لاهي سگهي ته انهيءَ کي زڪوات معاف آهي. بلڪ قرض جي بعض اهڙي صورتن ۾ اهو مستحق زڪوات آهي جيئن مصارف زڪوات ۾ هڪ مقروض به آهي.
جيڪڏهن مقروض انهيءَ حال ۾ آهي جو انهيءَ وٽ حقيقي ضرورتن کان علاوه ايترو سامان يا نقد آهي جو قرض ادا ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي معيشت برقرار رکي سگهي ٿو ته اهڙي شخص تي زڪوات فرض آهي، بشرطيڪه اهو صاحبِ نصاب هجي.
مٿين ٻن صورتن ۾ فرق ڪرڻ جي وجه اها آهي ته جيڪڏهن پهرئين شخص تي زڪوات کي لازم قرار ڏنو وڃي ته انهيءَ کي مزيد تڪليف ۾ وڌائڻ آهي ۽ جيڪڏهن ٻي شخص کان زڪوات معاف ڪئي وڃي ته پوءِ هر دولت وارو قرض کڻي ڪري زڪوات کان اعراض ڪري سگهي ٿو.
اٺن ۾ پنج کان گهٽ ۾ ڪجهه به زڪوات فرض نه آهي. البته مالڪ پنهنجي خوشي سان صدقو ڪڍي سگهي ٿو، مگر جڏهن اٺ پنج بنجي وڃن ته ان ۾ هڪ ٻڪري زڪوات آهي، ويندي 24 اٺن تائين. هر پنجن اٺن ۾ هڪ ٻڪري، 24 اٺن تائين چار ٻڪريون ۽ جڏهن اٺ پنجويهه بنجي وڃن ته هڪ سال جي هڪڙي گؤنري. جيڪڏهن هڪ سال جي گؤنري نه هجي ته ٻن سالن جو گؤنرو.
اهو حساب 25 کان 35 اٺن تائين هلندو. جڏهن اٺ 36 بنجي وڃن ته ان ۾ ٻن سالن جي اٺڙي زڪوات آهي. اهو حساب 36 کان 45 تائين هلندو. جڏهن اٺ 46 بنجي وڃن ته ان ۾ ٽن سالن جي اٺڙي فرض آهي. اهو حساب 46 کان 60 تائين هلندو. جڏهن اٺ 71 بنجي وڃن ته ان ۾ هڪ چار سال جي اٺڙي زڪوات آهي. اهو حساب 61 کان 75 تائين هلندو. جڏهن اٺ 76 بنجي وڃن ته ان ۾ ٻه عدد ٻن سالن واريون اٺڙيون. اهو حساب 76 کان 90 تائين هلندو ۽ جڏهن اٺ 91 ٿي وڃن ته ان ۾ ٻه ٽن سالن جون اٺڙيون زڪوات آهي. اهو حساب 91 کان 120 تائين هلندو.
120 کان اڳتي هر ڏهن اٺن کان پوءِ چاليهه ۽ پنجاهه وارو حساب لڳايو ويندو. هر چاليهه اٺن تي ٻن سالن جي اٺڙي ۽ هر پنجاهه تي ٽن سالن جي اٺڙي.
پوءِ واپس شروع واري حساب کي نه ڏٺو ويندو. مثلاً اٺ 130 بنجي وڃن ته ان ۾ ٻه ٻن سالن جون اٺڙيون ۽ هڪ ٽن سالن جي اٺڙي، ڇو ته ان ۾ ٻه چاليهه ۽ هڪ پنجاهه آهي ۽ جيڪڏهن اٺ 140 بنجي وڃن ته ان ۾ ٻه ٽن سالن جون اٺڙيون ۽ هڪ ٻن سالن جي اٺڙي، ڇو ته ان ۾ ٻه پنجاهه ۽ هڪ چاليهه آهي. عليٰ هذا القياس (فتاويٰ علماء اهلحديث 7/31)
زڪوات ماليه ۽ پيداوار جو شريعت طرفان مقرر ٿيل حصو آهي، جڏهن ته ٽيڪس جان ومال جي تحفظ خاطر ورتي ويندي آهي.
زڪوات زمين جي پيداوار وغيره تي لاحق ٿيندي آهي، ٽيڪس زمين جي ڪري لاحق ٿيندي آهي. دليل: پاڻ ﷺ جن سيدنا معاذ کي فرمايائون ته زڪوات مسلمانن کان ورتي ويندي ۽ انهن جي فقيرن تي موٽائي ويندي. (تقدم)
مقروض تي زڪوات جا احڪام
[سنواريو]اهو مال جن تي زڪوات فرض آهي
[سنواريو](1) جانورن جي زڪوات
[سنواريو]اٺ جي زڪوات
[سنواريو]تنبيهه: جيڪڏهن هڪ شخص تي زڪوات هڪ سال جي اٺڙي بنجي ٿي ليڪن ان وٽ ٻن سالن جي اٺڙي آهي ته اها ان کان ورتي ويندي. پوءِ زڪوات وٺڻ وارو مالڪ کي ٻه ٻڪريون يا ان جي قيمت ڏيندو. اهڙي طرح ان جي الٽ يعني هڪ شخص تي زڪوات فرض ٻن سالن جي اٺڙي آهي ۽ اها هن وٽ نه آهي. هن وٽ هڪ سال جي اٺڙي آهي ته اها ان کان قبول ڪئي ويندي ۽ گڏوگڏ ٻه ٻڪريون يا ان جي قيمت ڏيندو. اهو ئي حساب مڪمل اڳتي زڪوات ۾ لکيو ويندو. (اٺن جي زڪوات جو مفصل دليل ڏسندا بخاري 1/195)
مسئلو: اٺن جي زڪوات ۾ هڪ سال جي اٺڙي جي عوض ۾ ٻن سالن جو گؤنرو قبول ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪٿي به اٺن جي زڪوات ۾ نر نه ورتو ويندو.
تنبيهه: اٺن جي زڪوات ۾ سيدنا علي کان نقل ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن اٺ 25 بنجي وڃن ته ان ۾ پنج ٻڪريون آهن. اها روايت درست نه آهي. (مجموعة الفتاويٰ 25/31)
ڍڳي جي زڪوات:
[سنواريو]ٽيهن کان گهٽ ڍڳين ۾ زڪوات فرض نه آهي. پر مالڪ پنهنجي خوشي سان ڏيڻ چاهي ته مرضي وارو آهي.
ٽيهن ڍڳين ۾ هڪ سال جو گابو يا گابي. اهو حساب 30 کان 40 تائين هلندو. پوءِ 40 ۾ ٻن سالن جو گابو يا گابي، جنهن کي کير جا ڏند ٽٽي چڪا هجن. 40 کان 50 تائين اهو حساب هلندو. اڳتي پوءِ هر ٽيهن ۾ سال جو گابو يا گابي ۽ هر چاليهن ۾ ٻن سالن جو گابو يا گابي.
مسئلو: ڍڳي جي زڪوات ۾ صرف هڪ سال ۽ ٻن سالن جي ڍڳي ڄاڻايل آهي. ٻي ڪابه عمر حديث شريف ۾ نه آهي. ها، جيڪڏهن مالڪ پاڻ ان کان وڌيڪ عمر واري ڍڳي ڏي ته ان ۾ ڪو حرج نه آهي.
تنبيهه: بعض علماء 40 ڍڳين ۾ اهو شرط لڳائيندا آهن ته ان ۾ زڪوات ٻن سالن جي گابي هجي ۽ گابو نه هجي، ڇو ته حديث ۾ مسنة جو لفظ آيو آهي، يعني مؤنث جو. مگر صحيح هي آهي ته مسن يعني گابو به مسند طبراني جي روايت ۾ آيل آهي، جنهن جا لفظ هي آهن: وفي کل اربعين مسن او مسنة. (بحواله مرعاة ا
ٻڪرين جي زڪوات:
[سنواريو]40 ٻڪرين کان گهٽ ۾ زڪوات فرض نه آهي. البته مالڪ پنهنجي مرضي سان صدقو ڪڍي ته ڪوبه حرج نه آهي. 40 ٻڪرين ۾ هڪ ٻڪري. اهو حساب 40 کان 120 تائين هلندو. 121 کان 200 تائين ٻه ٻڪريون ۽ 201 کان 300 تائين ٽي ٻڪريون. انهيءَ کان پوءِ هر سؤ تي هڪ ٻڪري ۽ جيڪو سؤ پورو نه ٿيو، ان ۾ زڪوات نه آهي. مثلا 399 ۾ 3 ٻڪريون ۽ جڏهن 400 بنجن ته چار ٻڪريون، اهڙي طرح اڳتي حساب.
مسئلو: ٻڪرين جي زڪوات ۾ ان جون تمام جنسون شامل آهن. مثلاً: رڍ، دنبو وغيره.
مسئلو: اڪيليون يا سڀ جنسون ملائي ڪري نصاب کي پهچن ته زڪوات فرض آهي.
مسئلو: چوپايه جانورن ۾ زڪوات ڏيڻ جي لحاظ سان انهن جا ڦر به شمار ڪيا ويندا، مگر اهي زڪوات ۾ ورتا نه ويندا، ڇو ته زڪوات ۾ وڏو جانور ورتو ويندو. (مجموعة الفتاويٰ 25/37)
ٻڪرين جي زڪوات ۾ جيڪڏهن رڍ يا دنبو ڏنو وڃي ته هڪ سال جو ڪافي ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ٻڪري ئي ڏني وڃي ته ڏنديل شرط آهي ۽ ٻڪري جي زڪوات ۾ نر نه قبول ڪيو ويندو. (مجموعة الفتاويٰ 25/34، فتاويٰ علماء اهلحديث 7/31)
مسئلو: زڪوات جي ڊپ کان گڏ ٿيل مال کي ڌار ڪرڻ يا ڌار ٿيل کي گڏ ڪرڻ درست نه آهي. مثلاً هڪ شخص جون چاليهه ٻڪريون آهن. زڪوات وقت انهن کي ڌار ڪري ڇڏي. اهڙي طرح هڪ شخص جون ٻه سؤ ٻڪريون آهن، جن تي ٻه ٻڪريون زڪوات آهي. زڪوات جي ڊپ کان انهن کي ڌار ڪري، تان ته هڪ ٻڪري زڪوات ٿئي، اهو درست نه آهي.
مسئلو: جن چوپاين تي زڪوات فرض آهي، انهن ۾ انهن جا تمام قسم شامل آهن، مثلاً ڳاڙها اٺ، ڪارا اٺ، عربي اٺ وغيره. (مجموعة الفتاويٰ 25/37)
مسئلو: جن چوپاين تي زڪوات فرض آهي، انهن ۾ ٻين شرطن سان گڏوگڏ جهنگ چرو هئڻ شرط هئي. (عن بهز بن حکيم عن النبي ﷺ، ابودائود 1/228 – نسائي 1/5)
مسئلو: جيڪڏهن ڪنهن شخص وٽ مذڪوره چوپاين کان سواءِ ٻيا جانور آهن ته انهن ۾ زڪوات فرض نه آهي. ها، جيڪڏهن انهن کي تجارت لاءِ رکيو ويو آهي ته بسبب تجارت انهن ۾ زڪوات فرض آهي.گهوڙي ۾ زڪوات فرض نه آهي.
(2) زرعي پيداواري ۽ نصاب زڪوات
[سنواريو]زمين مان اڀرندڙ نباتات جيڪي انساني معيشت جو اهم ذريعو آهن، انهن مان بعض تي زڪوات فرض آهي.
دليل: اي ايمان وارؤ! خرچ ڪريو ان پاڪيزه مال مان، جيڪو توهان ڪمايو ٿا ۽ تنهن کان جو اسان ڪڍيوسين توهان لاءِ زمين مان. (البقرة: 267)
اها زرعي پيداوار ۽ ڦل جن تي زڪوات فرض آهي:
هن مسئلي متعلق ائمه حديث جو اختلاف ضرور آهي ته سڀ زرعي پيداوار تي زڪوات فرض آهي يا چند متعين جنسن تي.
سيدنا ابن عمر رضي الله عنهما، موسيٰ بن طلحة، حسن بصري، ابن سيرين، ابن ابي ليليٰ، عبدالله بن مبارڪ رحمهم الله انهيءَ ڳالهه جا قائل آهن ته زڪوات صرف انهن جنسن تي فرض آهي، جن جي صراحت حديث شريف ۾ آيل آهي. اهي هي آهن: ڪڻڪ، جَوَ، کجور، ڪشمش.
دليل: پاڻ ﷺ جن جڏهن سيدنا ابوموسيٰ اشعري ۽ معاذ بن جبل رضي الله عنهما کي يمن ڏانهن موڪليائون ته فرمايائون: توهان صرف انهن چئن شين مان زڪوات وٺجو. (الحاکم 1/401، البيهقي 4/125، الدارقطني 2/98)
هن حديث جي تائيد ۾ حديث موسيٰ بن طلحة موجود آهي، جنهن ۾ آهي ته حجاج، موسيٰ بن مغيرة کي حڪم ڏنو ته هر زرعي پيداوار مان زڪوات وصول ڪر. تڏهن موسيٰ بن طلحة فرمايو ته اسان وٽ سيدنا معاذ جو خط موجود آهي، جنهن ۾ مذڪوره چئن شين جو ذڪر آهي. (بيهقي 4/128، حاکم 1/401، الدارقطني 2/96)
۽ هن مسلڪ کي ترجيح ڏيندي ابو عبيد ۽ ابن زنجويه پنهنجي ڪتاب الاموال ۾ عظيم الفاظ پيش ڪيا آهن: والذي نختاره في ذالک الاتباع لسنة رسول الله ﷺ. (الاموال لابي عبيد 478) هن مسئلي ۾ جيڪا اسان کي ڳالهه پسند آهي، اها پاڻ ﷺ جن جي سنت جي اتباع آهي. يعني صرف چئن مذڪوره شين ۾ زڪوات آهي.
تنبيهه: سنن ابن ماجة ۾ الذرة يعني مڪئي جو به لفظ آهي، ليڪن اهي الفاظ ضعيف آهن.
زرعي پيداوار ۽ ڦلن ۾ زڪوات جو نصاب
[سنواريو]زرعي پيداوار ۽ ڦلن مان جيڪو حصو بطور زڪوات جي ڪڍيو ويندو آهي، اهو عشر ۽ نصف العشر چورائيندو آهي. يعني ڏهون ۽ ويهون حصو. انهيءَ لاءِ شريعت جو مقرر ٿيل نصاب پنج وسق، جيڪو غالبًا 21 مڻ بنجي ٿو. جڏهن پيداوار 5 وسق جي برابر يا ان کان مٿي ٿئي ته ان ۾ زڪوات ڏهون حصو ۽ ويهون حصو آهي.
دليل: سيدنا ابوسعيد خدري کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو: ڪڻڪ ۽ کجور ۾ تيستائين زڪوات فرض نه آهي، تانجو پنج وسق جي برابر پهچي. (بخاري 1/201 رقم الحديث 148 – نسائي ص 281)
هڪ روايت ۾ آهي ته پنج وسق کان گهٽ ۾ صدقو نه آهي. (بخاري 1/201 – مسلم 1/315)
مسئلو: پنج وسق يعني 21 مڻ کان مٿي جيڪڏهن پيداوار آهي ته انهيءَ مان اهڙي لحاظ سان ڏهون ۽ ويهون حصو ڪڍيو ويندو. (فتاويٰ علماء اهلحديث 7/52)
ڏهين ۽ ويهين حصي جي ترتيب
[سنواريو]جيڪڏهن زرعي پيداوار ۽ ڦل اهڙي زمين کان حاصل ٿيل آهن، جنهن زمين جي آبادي برساتي پاڻي، چشمي يا سيلاب يا نهر جي پاڻي تي آهي ۽ انهيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪنهن مشين يا ڪنهن ٻي آلي جي ضرورت نه پوي ته اهڙي زمين مان حاصل ٿيل اناج مان ڏهون حصو ڪڍيو ويندو ۽ جيڪڏهن اناج اهڙي زمين جو آهي، جنهن کي تيار ڪرڻ لاءِ هَر مشين جي سخت ضرورت هجي يا جنهن کي ڪنهن ٽوئيل ذريعي پاڻي پياريو وڃي ته اهڙي زمين مان ويهون حصو زڪوات ڪڍي ويندي.
هاريپ تي حاصل ٿيل ٻنيءَ جا احڪام
[سنواريو]بحيثيت هاريپ جي زمين چند حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جي ترتيب ۽ تفصيلِ زڪوات هيٺ ڏنل آهي:
زمين جو مالڪ ۽ اهو خود هاري به آهي ته اهڙي صورت ۾ مڪمل زڪوات ان تي آهي.
جيڪڏهن مالڪ هاريءَ کي زمين ڪجهه وقت لاءِ اوڌر تي ڏئي ٿو ۽ هاريءَ کان ڪجهه به نٿو گهري، جنهن کي تحفو چيو ويندو آهي ته اهڙي صورت ۾ زڪوات هاريءَ تي آهي، ڇو ته فائدو اهو وٺي رهيو آهي. (المغني 2/592، فقھ الزکواة 226)
باقي رهي اها صورت، جنهن ۾ مالڪ هڪ آهي ۽ هاري ٻيو آهي ته انهيءَ مسئلي ۾ صحيح صورت اها آهي ته زڪوات ٻنهي تي فرض آهي. هر هڪ کي پنهنجي حصي جي زڪوات ڏيڻي پوندي، بشرطيڪه اناج مقرر نصاب کي پهتل هجي. (مجموعة الفتاويٰ 25/54)
ٺيڪي تي کنيل زمين جو حڪم
[سنواريو]جيڪڏهن ڪنهن مالڪ پنهنجي زمين ڪرايه يعني ٺيڪي تي ڏني آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته هاڻي زڪوات ڪنهن تي آهي؟ زمين جي مالڪ تي يا ٺيڪيدار تي؟ هن مسئله ۾ راجع مسلڪ اهو آهي ته انهيءَ صورت ۾ ڏهون يا ويهون حصو ٺيڪيدار تي آهي، ڇو ته زمين مان هن وقت فائدو اهو ئي وٺي رهيو آهي، مالڪ کي ته صرف ڪرايو ملي رهيو آهي. ها، جيڪڏهن مليل ڪرايو مقرر نصاب کي پهچي وڃي ته ان ڪرايه ۾ زڪوات آهي.
ڇا ٺيڪي جو خرچ پهرين ڪڍيو وڃي يا زڪوات؟
[سنواريو]انهيءَ مسئلي ۾ اختلاف ضرور آهي، ليڪن متوسط مؤقف اهو نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن ٺيڪو قرض کڻي ادا ڪيو آهي ته پهرين ٺيڪي جو حساب ڪڍي وٺجي، پوءِ زڪوات ۽ جيڪڏهن ٺيڪو پنهنجي مال مان ڀريو آهي ته شريعت جو حق مقدم آهي انساني محنت کان يعني پهرين زڪوات، پوءِ ٺيڪو. (فتاويٰ اهلحديث 2/178)
مسئلو: هڪ ئي موسم جي ڦلن کي گڏ ڪري جيڪڏهن نصاب پورو ٿئي ٿو ته زڪوات ڪڍڻي پوندي. مثلاً ڪڻڪ ڏهه مڻ، کجور ڏهه مڻ ۽ جَوَ به اهڙي طرح سڀني کي گڏ ڪري زڪوات ڪڍي ويندي، جهڙي طرح ٻڪريون ۽ اٺ وغيره آهن. هنن جي جنسن جي گڏ ٿيڻ سان زڪوات لاحق ٿيندي آهي.
زڪوات ۽ ٽيڪسن ۾ فرق
[سنواريو]مسئلو: زڪوات ۽ ٽيڪس هڪ ئي پيداوار ۾ گڏ ٿي سگهن ٿا. ٽيڪس ڏيڻ جي ڪري زڪوات معاف ٿي نٿي سگهي.
دفن ٿيل خزاني ۽ کاڻن ۾ زڪوات جو حڪم
[سنواريو]دفن ٿيل خزاني کي عربي زبان ۾ رڪاز چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لڪڻ، ڇو ته دفن ٿيل خزانا زمين ۾ لڪل هوندا آهن، جنهن جي بناء تي انهن کي رڪاز چيو ويندو آهي.
کاڻ، جنهن کي عربي زبان ۾ معدن چيو ويندو آهي. حافظ ابن قدامة شرح الکبير ۾ معدن جي تعريف ڪندي لکي ٿو: هو کل ما خرج من الارض مما خلق فيها من غيرها ممالة قيمة. (شرح الکبير 2/580)
يعني هر اها شيءِ جيڪا زمين کان نڪري، جنهن کي الله سبحانھ وتعاليٰ انهيءَ ۾ پيدا ڪيو هجي ۽ اها قيمت به رکندي هجي – ٻنهي ۾ فرق ايترو آهي ته دفن ٿيل خزانو انسان جي هٿن سان زمين ۾ لڪيل هوندو آهي ۽ کاڻون، اهي قدرت طرفان زمين ۾ پيل هونديون آهن.
مدفون خزاني تي مقرر ٿيل نصاب
[سنواريو]سيدنا ابوهريره کان روايت آهي ته پاڻ ﷺ جن فرمايو ته دفن ٿيل خزاني تي پنجون حصو زڪوات آهي. (بخاري 1/203) اهڙي طرح عمرو بن شعيب عن ابيھ عن جده جي روايت سنن النسائي ۾ به موجود آهي. (نسائي 1/283 في الزکوة باب المعدن – بيهقي 4/252)
مسئلو: مدفون مال ۾ نصاب شرط نه آهي، بلڪ جيترو به خزانو هٿ اچي، ان ۾ پنجون حصو زڪوات آهي. (المغني 2/613)
اهڙي طرح سال جو پورو ٿيڻ به شرط نه آهي. (نيل الاوطار 4/611، فتح الباري 3/428)
باقي رهيو مسئلو کاڻن جو، جيڪي زمين کان نڪرن، انهن تي زڪوات معاف آهي. ها، جيڪڏهن انهن کاڻن مان نڪتل مال ڪنهن تجارت ۾ لڳايو وڃي، پوءِ مال تجارت مقرر نصاب کي پهچي ته بوجه تجارت انهن تي زڪوات فرض آهي. والله اعلم!
مسئلو: سمنڊن ۽ دريائن مان نڪتل جواهرات: موتي ۽ مرجان تي زڪوات ڪجهه به نه آهي، ڇو ته انهيءَ جي باري ۾ حديث شريف ۾ ڪابه صراحت موجود نه آهي. اهو ئي مسلڪ امام ابوحنيفه، امام شافعي رحمهم الله جو آهي. (المغني 2/620) امام بخاري رحمھ الله پنهنجي صحيح ۾ سيدنا ابن عباس رضي الله عنهما جو هڪ قول نقل ڪيو آهي: ليس العنبر برکاز هو شيء دسره البحر. (1/203)
يعني عنبر رڪاز نه آهي، هي ته درياء مان نڪتل شيءِ آهي.
[سنواريو]مطلب ته امام بخاري رحمھ الله به مدفون خزاني ۽ درياءَ ۾ پيل شيءِ ۾ فرق ڪيو آهي. دفن ٿيل خزاني ۾ پنجون حصو آهي ۽ درياء مان نڪتل شيءِ ۾ ڪجهه به زڪوات نه آهي.
ماکي ۽ مسئله زڪوات:
[سنواريو]ماکي ان پاڪيزه غذائن مان هڪ آهي، جيڪا الله سبحانھ وتعاليٰ پنهنجن ٻانهن لاءِ مهيا ڪئي آهي، جنهن ۾ غذائيت سان گڏ شفا ۽ جون خصوصيتون موجود آهن. هاڻي مسئلو هي آهي ته ڇا هن ۾ به زڪوات فرض آهي يا نه؟
صحيح مسلڪ اهو ئي آهي ته ماکي ۾ ڪنهن به قسم جي زڪوات فرض نه آهي. البت مالڪ پنهنجي مرضي سان جيڪي ڪجهه ڏئي ته ڏيئي سگهي ٿو. رهي اها حديث جنهن ۾ آهي ته: في کل عشرة ازق زق. (ترمذي 1/137)
ته ماکيءَ جي هر ڏهه ساندارين ۾ هڪ سانداري زڪوات فرض آهي. اها روايت ضعيف آهي. انهيءَ ۾ هڪ راوي صدقة بن عبدالله السمين جيڪو محدثين وٽ ضعيف آهي. (کتاب المجروهين 10/374 – تلخيص الحير 2/167)
اهڙي طرح هڪ قول سيدنا عمر بن عبدالعزيز جو به ماکيءَ ۾ زڪوات جي باري ۾ نقل ڪيو وڃي ٿو، ليڪن اهو به ضعيف آهي.
(3) سون ۽ چاندي تي زڪوات جو حڪم:
[سنواريو]جن چئن قسمن تي زڪوات فرض آهي، سون ۽ چاندي انهن مان هڪ آهي، جنهن جي فرضيت جا دلائل پوئتي گذري چڪا.
نصاب: جڏهن چاندي ٻه سؤ درهم يعني ساڍا ٻاونجاهه توله ۽ ان کان مٿي وڌي وڃي ته ان ۾ چاليهون حصو زڪوات فرض آهي ۽ سون جڏهن ويهه دينار يعني ساڍا ست توله ۽ ان کان مٿي وڌي وڃي ته ان ۾ چاليهون حصو زڪوات فرض آهي. انهيءَ لحاظ سان جيترو به پوءِ سون ۽ چاندي وڌندا رهن، ان ۾ چاليهون حصو زڪوات آهي.
دليل: سيدنا علي کان روايت آهي. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته جڏهن تو وٽ ٻه سؤ درهم چاندي هجي ۽ ان تي هڪ سال گذري چڪو هجي ته ان ۾ پنج درهم زڪوات فرض ۽ سون جڏهن ويهه دينار ٿئي ته ان ۾ اڌ دينار زڪوات فرض آهي. (ابودائود 1/228 رقم الحديث 1573) موجوده ڪرنسي نوٽن تي زڪوات جو حڪم: ڪافي عرصي کان سون ۽ چاندي جي سڪن تي هاڻي ڪرنسي نوٽن جڳهه ورتي آهي، جيڪي سرمايه داري دولت جو هڪ اهم ذريعو آهن. بغير ڪنهن اختلاف جي انهن ۾ به زڪوات فرض آهي. ليڪن اختلاف صرف ايترو آهي ته انهن لاءِ نصاب جو معيار ڇا هئڻ کپي؟ ڇا سون جو نصاب يعني ساڍا ست توله سون جا پئسا يا چاندي يعني ساڍا ٻاونجاهه تولا چاندي جا پئسا؟
جڏهن ته سون جي قيمت زياده آهي ۽ چاندي جي قيمت تمام گهٽ آهي. علماء امت ۽ فقهاء دين جو هر ٻنهي نصابن ۾ اختلاف آهي، جنهن جو تفصيلي بحث ڏسڻ لاءِ ڏسو: فقھ الزکواة 1/353 – فتاويٰ اللجنة 9/259)
مڪمل بحث پڙهڻ کان پوءِ خلاصه ۽ اقرب الي الصحة اها ئي ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته ٻنهي نصابن مان جنهن به نصاب ۾ صاحب دولت ۽ فقراء لاءِ همدردي هجي، اهو ئي نصاب مقرر ڪيو وڃي، ڇو ته جيڪڏهن صرف سون جو نصاب متعين ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته ان جي قيامت زياده آهي، ممڪن آهي ته ڪنهن دور ۾ سون جي قيمت گهٽجي وڃي ۽ چاندي جي زياده بنجي وڃي. (فتاويٰ اللجنة 9/259)
مسئلو: سون ۽ چاندي ملائي ڪري نصاب پورو ٿئي ته پوءِ زڪوات ڪڍي ويندي يا نه؟ مثلاً چاندي ساڍا ٻاونجاهه توله کان گهٽ آهي ۽ سون ساڍن ستن تولن کان گهٽ آهي. ٻنهي کي ملائي ڪري ڪنهن به هڪ جو نصاب پورو ڪيو وڃي. هن مسئلي ۾ راجح مسلڪ اهو ئي آهي ته قرآن ۽ حديث ۾ انهيءَ متعلق ڪابه صراحت نه آهي. حافظ ابن حجر رحمھ الله هن مسئلي تي بحث ڪندي لکي ٿو ته ٻنهي کي پاڻ ۾ ملايو نه ويندو، ڇو ته ٻئي مختلف نصاب آهن. جيڪو نصاب پورو هوندو، ان تي ئي زڪوات ٿيندي. (فتح الباري 3/267)
سون ۽ چاندي جي زيورن تي زڪوات
[سنواريو]زيورن تي زڪوات جي ادائگي جي باري ۾ چار مختلف مذهب آهن، جنهن جو تفصيل ڏسڻ لاءِ (عون المعبود 2/604 – تحفة الاحوذي 3/225 – سبل السلام 1/187.)
خلاصة البحث:
زيور به ته سون ۽ چاندي کان آهن. پوءِ جهڙي طرح سون ۽ چاندي تي زڪوات فرض آهي، اهڙي طرح انهن جي زيورن تي به زڪوات فرض آهي، بشرطيڪه انهن تي هڪ سال پورو ٿي چڪو هجي ۽ نصاب کي به پهتل هجن. سيده ام سلمة، سيده عائشھ، سيده فاطمھ بنت قيس ۽ اسماء بنت يزيد کي پاڻ ﷺ جن مختلف وقتن تي مختلف زيور پائيندي ڏٺو ۽ پاڻ ﷺ ان وقت انهن زيورن مان زڪوات ڪڍڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ زڪوات نه ڏيڻ تي وعيد ٻڌائي ۽ زيورن مان هر سال زڪوات ادا ڪرڻ کپي. (تحفة الاحوذي 3/225 تا 228) باقي رهي اها حديث جنهن ۾ آهي ته ام المؤمنين عائشه رضي الله عنها پنهنجي يتيم ڀائيٽين جي زيورن مان زڪوات نه ڪڍندي هئي، ان جا مختلف جواب آهن:
(1)ممڪن آهي ته اهي زيور موتي ۽ مرجان کان هجن، جن تي زڪوات نه آهي.
(2)اهو زيور نصاب کي نه پهتل هجي.
اهڙي طرح هڪ روايت سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما جي باري ۾ به نقل ڪئي وڃي ٿي ليڪن اها تعارض جي بناء تي قابل حجت نه آهي.
نيز تحفة الاحوذي ۾ دار قطني جي حوالي سان سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما جي باري ۾ مروي آهي ته پنهنجي خازن سالم کي خط لکندو هو ته سندس عورتن جي زيورن مان هر سال زڪوات ڪڍندو رهي. (تحفة الاحوذي 3/236)
تجارت جي مال ۾ زڪوات جو حڪم:
[سنواريو]حلال ۽ پاڪيزه واپار کي الله سبحانھ وتعاليٰ جائز قرار ڏنو آهي. انهيءَ ۾ به زڪوات واجب آهي.
دليل: اي ايمان وارؤ! خرچ ڪيو ان پاڪيزه مال مان جيڪي توهان ڪمايو ٿا. (البقرة: 267) امام بخاري رحمھ الله انهيءَ آيت مان دليل وٺندي باب قائم ڪري ٿو: باب صدقة الڪسب والتجارة (بخاري 1/194) باب: محنت ۽ تجارت جي مال ۾ زڪوات جي باري ۾.
حديث: سيدنا سمره بن جندب کان روايت آهي ته پاڻ ﷺ اسان کي ان مال مان زڪوات ڪڍڻ جو حڪم ڏيندا هئا، جنهن کي اسان تجارت ۾ شمار ڪندا هئاسين. (ابودائود 1/225 – دار قطني 2/128 – بيهقي 4/246 – المغني 2/622 –)
مصارف زڪوات:
[سنواريو]يعني زڪوات ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ۽ ڪير انهيءَ جو وڌيڪ حقدار آهي؟ انهيءَ جي وضاحت سورة بقرة آيت 70 ۾ موجود آهي، جنهن جو تفصيل هيئن آهي:
(1) الفقراء والمساکين:
[سنواريو]زڪوات جو مال سڀ کان پهرين فقيرن ۽ مسڪينن کي ڏنو ويندو. عربي زبان ۾ فقر ۽ مسڪنة کان مقصود محتاجي جون ٻه مختلف حالتون آهن. فقير انهيءَ کي چوندا آهن، جنهن وٽ ضرورياتِ زندگي لاءِ ڪابه شيءِ نه هجي ۽ مسڪين جي لفظ ۾ عاجزي، انڪساري پائي وڃي ٿي. انهيءَ اعتبار سان مسڪين اهي شخص آهن، جيڪي حاجتمندن جي بنسبت ڪجهه اجڙيل حال آهن. جيڪڏهن انهن جي سار سنڀال نه لڌي وڃي ته اهي به فقير ۽ ڪنگال بنجي سگهن ٿا ۽ پاڻ ﷺ جن مسڪين جي تعريف بيان ڪندي فرمائن ٿا ته مسڪين اهو شخص آهي، جنهن کي اهڙا وسائل ميسر نه هجن، جيڪي ان کي شاهوڪار بنائن ۽ جنهن جو فقر ظاهر نه هجي جو ماڻهو ان تي صدقو ڪن ۽ اهو خود ماڻهن جي سامهون اٿي ڪري سوال به نه ڪري. (بخاري 1/199 رقم 1479 – مسلم 1/323 رقم 1039)
(2) عاملين:
[سنواريو]يعني اهي شخص جيڪي صدقات وصول ڪرڻ ۽ وصول ٿيل مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هجن. اهڙا شخص اگرچه فقير ۽ مسڪين نه به هجن، پنهنجي مزدوري صدقي جي مال مان ڪڍي سگهن ٿا.
(3) المؤلفة قلوبهم
[سنواريو]تاليف قلب جي معنيٰ دلجوئي ڪرڻ. هن کان مقصود اهي شخص آهن جيڪي نوان مسلمان ٿيا آهن ۽ جيڪي اسلام جي مخالفت ۾ سرگرم آهن يا ڪفار جي ٽولن ۾ اهڙا شخص آهن، جو جيڪڏهن انهن کي مال ڏنو وڃي ته ڪافرن جي ٽولي مان نڪري مسلمانن جا مددگار بنجي سگهن ٿا ته اهڙن شخصن کي بلا اختلاف مستقل وظيفا يا وقتي عطيات ڏئي ڪري اسلام جو حامي ۽ مددگار بنائي سگهجي ٿو. بوقت ضرورت زڪوات جي مال مان به انهن کي ڏيئي سگهجي ٿو.
(4) الرقاب:
[سنواريو]يعني غلامن کي آزاد ڪرڻ. ان جون ٻه صورتون آهن: 1- غلام جي زڪوات جي پئسن سان مدد ڪرڻ 2- غلام وٺي ڪري پوءِ آزاد ڪرڻ.
(6) الغارمين:
[سنواريو]غرامة. جرماني، نقصان ۽ چٽي کي چوندا آهن. غارم اهو شخص، جيڪو پنهنجي ڪاروبار ۾ نقصان يا ڪنهن ٻي سبب جي بناء تي اهڙي بوجهه ۽ قرض جي ماتحت اچي ويو جو اڪيلو پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ جي طاقت نه رکندو هجي. اهڙن شخصن جو قرض لاهڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ، زڪوات جي مال مان ڪري سگهجي ٿي.
(6) في سبيل الله
[سنواريو]لفظ سبيل جي لفظي معنيٰ واٽ آهي. سبيل الله کان مراد اها واٽ، جنهن کي عملاً واعتقادًا اختيار ڪري انسان رضا الاهي حاصل ڪري سگهي. هاڻي جيڪي به شخص الله جي اهڙي واٽ تي هجن، جيڪڏهن انهن کي ڪنهن وقت مال وملڪيت جي ضرورت پوي ته زڪوات جي مال مان انهن جي مدد ڪري سگهجي ٿي.
(7) ابن السبيل
[سنواريو]اهي غريب الوطن مسافر، جن جو زادِ راهه ختم ٿي چڪو هجي. اهي پنهنجن گهرن ۾ شاهوڪار ڇو نه هجن، ليڪن سفر ۾ جيڪڏهن اهي مدد جا محتاج ٿين ته کين زڪوات مان مددد ڏيئي سگهجي ٿو.
غير مسلم کي زڪوات ڏيڻ:
[سنواريو]غير مسلم جي جيڪڏهن تاليفِ قلب مقصود نه هجي ته ان کي زڪوات نٿي ڏيئي سگهجي. ها، عام صدقه ڏيڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي
فاسق ۽ بي نمازي کي زڪوات ڏيڻ:
[سنواريو]ڪنهن شخص جو فاسق، فاجر يا بي نمازي هئڻ زڪوات کان مانع نه آهي. انهن کان جهڙي طرح زڪوات وٺي سگهجي ٿي ته بوقت ضرورت انهن کي زڪوات ڏيئي به سگهجي ٿي. ها، جيڪڏهن سر عام بدعت ڪندڙ يا بيحيائي ۽ برائي جو رواج وجهندڙ هجي ته اهڙي شخص جي زڪوات جي مال مان مدد ڪرڻ درست نه آهي. (مجموعة الفتاويٰ 25/87)
نوٽ : جيڪڏهن تنبيهه جي خاطر فاسق و فاجر ۽ هٺيلي بي نمازي کي زڪواة نه ڏني وڃي ته بهتر آهي.
حقيقي ڀاءُ ڀيڻ کي زڪوات ڏيڻ
[سنواريو]حقيقي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جيڪڏهن فقير ۽ مسڪين آهن ته انهن کي زڪوات ڏيئي سگهجي ٿي. امام بخاري رحمھ الله هڪ باب قائم ڪيو آهي ته محتاج هئڻ جي صورت ۾ پيءُ جي زڪوات پٽ کي لڳي سگهي ٿي ۽ گڏوگڏ هڪ حديث کان به دليل ورتو آهي.
والدين کي زڪوات ڏيڻ:
[سنواريو]والدين سندس اولاد جي اهل وعيال ۾ شامل آهن. تنگدست هئڻ جي صورت ۾ والدين جو خرچو سندس اولاد تي آهي ۽ کين زڪوات نه ٿيندو.
دليل: ٽن شخصن جو غار ۾ داخل ٿيڻ وارو واقعو. مشڪواة المصابيح باب البر والصلة، بخاري 1/493، رقم 3465 ومسلم 2/253 رقم 2743.
زال کي زڪوات ڏيڻ:
[سنواريو]زڪوات جي معاملي ۾ اهو ذهن نشين هئڻ کپي ته جن شخصن جي ذميواري ڪنهن شخص تي آهي ته ان کي زڪوات نٿو ڏئي سگهي. مثلاً گهر واري، والدين، آباء واجداد. ها، ان جي الٽ يعني گهر واري سندس مڙس کي زڪوات ڏئي سگهي ٿي.
دليل: سيدنا عبدالله بن مسعود جي زال سيده زينب رضي الله عنها کي پاڻ ﷺ فرمايائون: تنهنجي لاءِ ٻه اجر آهن، هڪ قرابت جو ۽ ٻيو صدقي ڪرڻ جو.
امامِ مسجد کي زڪوات ڏيڻ:
[سنواريو]امامِ مسجد کي زڪوات جو پئسو بطور پگهار جي ڏيڻ جائز نه آهي. هي ظلم فوق ظلم آهي. ڪيتري قدر ستم ظريقي آهي جو هڪ شخص پنهنجي محنت ڪري ڊيوٽي ڏئي ۽ آخر ۾ انهيءَ کي غريبن ۽ فقيرن وانگر صدقو ۽ فطرو گڏ ڪري پگهار ڏني وڃي. گويا معاشره ۾ هن کان مٿي ڪو يتيم نه آهي. ها، جيڪڏهن فقير ۽ مسڪين آهي ته پوءِ ان جي مدد ڪري سگهجي ٿي ۽ اصل پگهار حلال پاڪيزه مال مان ڏني وڃي. (فتاويٰ علماء اهلحديث 7/246)
نوٽ :مصارف زڪواة ۾ “في سبيل الله” به آهي جنهن ۾ پيش امام، ۽ ديني مدرسن جي استادن ۽ طالب علمن جو شمار به ٿي سگهي ٿو.
اهي شخص جن لاءِ زڪوات جائز نه آهي:
[سنواريو](1)آلِ محمد ۽ آلِ محمد ۾ بنو هاشم ۽ بنو عبدالمطلب ٻئي مراد آهن. اڪثر دلائل انهيءَ ئي طرف ويندڙ آهن، والله اعلم بالصواب.
(2)اغنياء: اهي شاهوڪار جن وٽ مال موجود هجي يا ڪمائڻ جا ذريعا موجود هجن. (ابودائود 10/238 رقم 1433 – نسائي 1/297)
(3)اهي طاقتور شخص جيڪي ڪمائڻ جي قابل هجن. (حديث المذکور) اهو ڪافر جنهن جي تاليفِ قلب مقصود نه هجي. الله سبحانه وتعاليٰ اسان سڀني کي نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين.
حوالا
[سنواريو]- ↑ مختار الصحاح، لمحمد بن أبي بكر الرازي، باب الزاي، (زكا)، المكتبة العصرية -الدار النموذجية. 1420 هـ/ 1999م.
- ↑ المعجم الوسيط آرڪائيو ڪيا ويا 17 January 2015[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ المبدع شرح المقنع، لأبي إسحاق برهان الدين بن محمد بن عبد الله الحنبلي، (كتاب الزكاة) ج2 ص290 المكتب الإسلامي 1421 هـ/ 2000 م، رابط الكتاب آرڪائيو ڪيا ويا 4 January 2018[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ البحر الرائق شرح كنز الدقائق لزين الدين بن إبراهيم بن نجيم. كتاب الزكاة، ج2 ص217 دار الكتاب الإسلامي ط2 د.ت، رابط الكتاب آرڪائيو ڪيا ويا 4 January 2018[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ المبدع شرح المقنع، لأبي إسحاق برهان الدين بن محمد بن عبد الله الحنبلي، (كتاب الزكاة) ج2 ص290 المكتب الإسلامي 1421 هـ/ 2000 م، رابط الكتاب آرڪائيو ڪيا ويا 4 January 2018[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ القرآن الكريم - تفسير ابن كثير - تفسير سورة التوبة - الآية 103
- ↑ http://www.aljamaa.net/ar/document/57776.shtml
- ↑ اسلامي قانون، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾؛ مولانا فضل احمد غزنوي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2013-07-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-01-18
- ↑ - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري، 2002ع؛ صہ:302
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-05-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-01-18
- ↑ http://sh.rewayat2.com/takhrig/Web/1581/004.htm[مئل ڳنڍڻو]
- زڪوات جي معلومات آرڪائيو ڪيا ويا 2015-02-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.