ڪتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ڪتو

ڪتو هڪ پالتو جانور آهي. ڪتي جي مادي کي ڪُتِي چيو ويندو آهي. هن جانور کي انسان جو وفادار سمجهيو ويندو آهي.

ڪتو سڀ کان اول انسان جو ساٿي بڻيو. شايد ان زماني کان بہ اڳ جڏھن موجوده ھندوستان سمنڊ مان اڃان نڪتو ئي ڪونہ ھيو يا جڏهن دنيا جو نقشو ھاڻوڪي نقشي کان بلڪل مختلف ھو، تڏھن کان وٺي انسان ڪتي کي پاليندو آيو آهي.انسان ھن کي شڪار لاء ۽ چوپائي مال جي حفاظت لاءِ استعمال ڪيو.[1]ڪتو ھڪ سڌريل بگھڙ آهي.ڊارون جي خيال موجب مختلف قسمن جا ڪتا بگھڙن جي مختلف ذاتين جو اولاد آهن، جن کي جدا جدا ڀاڱن ۾ ۽ جدا جدا وقتن تي پالي، گھريلو بڻايو ويو.اڄ گھريلو ڪتي جون گھٽ ۾ گھٽ 175 جدا جدا ذاتيون ملي سگھن ٿيون. جيئن انسان جي جدا جدا ذاتين جي وچ ۾ ذھني ۽ تهذيبي فرق آهي، ساڳئي طرح ڪتي جي جدا جدا ذاتين ۾ بہ ايئن آهي. ڪولي ڪتا جن کي ريڍار ڪتا پڻ چئبو آهي، ۽ سينٽ برنارڊ ڪتا چيريندڙ ڦاڙيندڙن جانورن جي سڀني ذاتين کان وڌيڪ سڌريل ۽ سمجھو ھوندا آھن.[1]اسڪيمو ڪتا وري پنھنجي مائٽ بگھڙ کان ٿوروئي مختلف آهن.ھنن جي شڪل شبيھ ۽ جھنگلي طبع بلڪل بگھڙن جھڙي ئي آهي.بگھڙن وانگر سندن ڪن ھميشہ کڙا رھندا آھن ۽ انھن جا آواز عام ڪتن واري ڀونڪ وانگر نہ پر ھوبھو بگھڙن جي اوناڙ وانگر آھن.جھنگل ڪتا عام طور تي اوناڙ ڪندا آهن.پر گھريلو ڪتا ڀونڪندا آهن.[2]. اسڪاٽ لينڊ جي ماٿرين ، جتي رڍون عام جام پالجن ٿيون، اتي ڪولي ڪتا نھايت ڪمائتا ثابت ٿيا آهن ھو رڍن جي ھر نموني سنڀال ڪن ٿا. سينٽ برنارڊ ڪتا وڏا ۽ سھڻ آھن.بلڊاگ به ڪتي جو قسم آھي تنھن جون ڏاٺون تمام ٿلھيون ۽ مضبوط ھونديون آھن.پيري يا ڳولو ڪتا ايترا آڳاٽا ناھن آھي اٽڪل 150 يا 200 سال اڳ وجود ۾ آيل ٿا ڏسجن.[3]سنڌ ۾ به ڪن وڏيرن، زميندارن۽ پيرن وٽ ڪتن جون لوڌيون ٻڌل ھونديون آھن . ڪي پيري، ڪي نوسي، ڪي ڳولو، ڪي لوڌي، ڪي ٻھڙا.[4]ڪتي جو سمورو خاندان گوشت کائيندڙ جانورن جي نسل مان آهي.سندن خاندان ۾ بگھڙ، لومڙ، گدڙ اچي وڃن ٿا.ھو سڀ ٻين جانورن جي گوشت ۽ خون تي پلجن ٿا پر گھريلو ڪتا مانيءَ تي ئي گذران ڪن ٿا.پر انھن کي بہ جيڪڏهن ھڏو ھٿ اچي تہ ان کي پيا لڪائيندا ۽ چٽيندا آھن ۽ ڏاڍي مزي سان ڪرٽيندا۽ کائيندا آهن. پالتو ٿيڻ کان پوءِ ڪتي جي طبع ۾ تمام گھڻو فرق اچي ويو آهي.سندس خاندان جا ٻيا فرد نھايت خوفناڪ، ڊوھا ۽ شڪي آھن پر گھريلو ڪتو وفادار ۽ پيار ڏانھن مائل جانور ٿي پيو آهي.[5]

طب[سنواريو]

نالا: ع. ڪلب، ف. سگ، هه. وغيره___ ڪتا، ايت، سلوق ۽ شش پستان.
اثر: گرم خشڪ 2، ____________، وزن: قدر موافق.
سڃاڻپ: مشهور جانور آهي.
خاصيت: هن جو کير سلهه، جلندر، ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. جگر کي تقويت ڏئي ٿو، هن جو جگر پچائي ڇتي ڪتي جي کاڌل کي کارائجي ته ان لاءِ مفيد آهي. هن جا هڏا ۽ زبان ساڙي خاڪ ڪري ٻورو ڪري بادفرنگ جي ڦٽن ۽ ناسور تي لڳائجي ته فائدو ڪندو..[6]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو:13}
  2. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو:14}
  3. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 15 ۽ 16}
  4. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو 16}
  5. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو: 18}
  6. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو