جست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جست جون حالتون

جست هڪ قسم جو ڌاتو آهي، جيڪو سفيد رنگ جو هوندو آهي ۽ قلعي کان ٿورو دير سان پگھرندو آهي. هيءُ هڪ عنصر (Element) آهي، پر خالص حالت ۾ نه ملندو آهي. هي سلفائيڊ آف زنڪ جي صورت ۾ ملي ٿو، انهيءَ ڪري سلفائيڊ آف زنڪ مان جست ٺاهڻ جا ڪارخانا موجود آهن. قديم زماني مٿئين مرڪب کي ٽامي سان ملائي پتل جا ٿانوَ ٺاهبا هئا.

تاريخ[سنواريو]

پهريون دفعو حـڪـيـم بارڪـل سوس سوئٽزرلينڊ جي رهاڪو 1541ع ۾ هن کي خالص حالت ۾ ظاهر ڪيو. جست جي استعمال ســان ڪـيــڊمـم شيهي ۽ پاري جو زهر ختم ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ جست جي ٿانون جو استعمــال اڃــا رائج آهي، جست جي کوٽ سبب ريٽينا (اک جي بناوٽ جو هڪ حصو) جي گهرڙن ۾ ڀڃ ٽوڙ شروع ٿي ويندي آهي. ٻارن کي دست هجن ته ان لاءِ جست ڪم آڻبو آهي. جست کي عربي ۾ شبه، فارسيءَ ۾ جسر، سنسڪرت ۾ شر، بنگاليءَ ۾ دست، انگريزيءَ ۾ Zinc ۽ لاطينيءَ ۾ Zinc Metalicum چيو وڃي ٿو. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي. سنڌ ۾ آڳاٽي وقت ۾ ٺڪر جي ٿانوَن کانسواءِ جست جا ٿانوَ به استعمال ڪيا ويندا هئا، جن ۾ گلاس، ٿالهيون، وٽيون وغيره شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011