بادام

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
بادام

بادام (Almond) وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جو هڪ وڻ آهي جنهن جو ٻج سڪل ميوي طور کاڌو ويندو آهي.

ھڪ ميويدار وڻ ۽ -ان- جو ڦَرُ. هيءُ وڻ آلوبخاري يا آڙوءَ جي قسم جو آهي. هيءُ وڻ خوبصورت ۽ آرائشي ٿيندو آهي. -بادام- مٺا به ٿين ته ڪڙا به ٿين. مٺي -بادام- جو ٻُور پيازي يا گلابي ۽ ڪڙي -بادام- جي ٻور جو رنگ اڇو ٿئي ٿو. ٻنهي وڻن جي بادامن مان روغن نڪرندو آهي. ڪڙي -بادام- جي روغن مان هڪ قسم جو -تيزاب- ۽ زهر ٺهندو آهي. مٺي -بادام- مان حاصل ٿيندڙ -تيل- دماغ لاءِ فائديمند آهي. -ان- -تيل- مان ٻيا به انيڪ فائدا حاصل ڪيا وڃن ٿا. مٺاين ۾ بادامن جا گورا استعمال ٿيندا آهن. -بادام- ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، -جن- مان ڪاغذي -بادام- بهترين قسم جا آهن. انهن بادامن جي کل نرم ٿيندي آهي، تنهنڪري هٿ سان ئي ڀڄي پوندا آهن. ڪوئيٽا -بلوچستان- ۾ بادامن جو فصل ڪثرت سان لهندو آهي. -بادام- کي ’مغز جو -بادشاهه-‘ چيو ويندو آهي. -ان- ۾ اعليٰ درجي جي غذائيت وڏي مقدار ۾ هوندي آهي. -ان- ۾ اُهي سمورا جزا ٿين ٿا، -جن- جي انساني بدن کي ضرورت هوندي آهي. هي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج به آهي. ڪَڙو -بادام- ڪڏهن به خوراڪ طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇوته -ان- ۾ هڪ خطرناڪ زهر پروسڪ ائسڊ ٿئي ٿو. ڪَڙن بادامن جو واپار ڪيو ويندو آهي، -جن- مان -بادام- روغن ۽ خوشبودار ڪاسميٽڪس تيار ڪيون وينديون آهن. -بادام- جو اصل وطن مراڪش آهي. -ان- جو وڻ قديم زماني کان پوکيو ويندو آهي. روم وارا -ان- کي ”گريٽ نٽ“ چوندا آهن. -بائبل- جي دور ۾ هي شام ۽ فلسطين ۾ اپايو ويندو هو. هاڻي هي اڪثر ملڪن ۾ پوکيو ويندو آهي. -ان- ۾ وڌيڪ پيداوار وارا -بادام- مراڪش، -اٽلي-، فرانس، پرتگال، ڪئليفورنيا ۽ -آسٽريليا- ۾ ٿيندا آهن. هي ڏکڻ آفريڪا ۽ -ايشيا- جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوکيو ويندو آهي. ننڍي کنڊ ۾ هي ڪشمير، اترين علائقن، هماچل پرديش ۽ -تبت- جي علائقن تائين محدود آهي. ٻجن ۽ مغزن ۾ -بادام- هڪ بهترين غذا آهي. -بادام- کائڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته -ان- جي ڳڙين کي ڪجهه دير پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکڻ کان پوءِ سٺيءَ طرح پيهي، سنهو ڪري، پيسٽ ٺاهي وڃي. -ان- پيسٽ کي -بادام- جو مکڻ چيو ويندو آهي. هي آسانيءَ سان هضم ۽ بدن ۾ جذب ٿي ويندو آهي. سبزي خور ماڻهو -ان- کي ڊيري جي مکڻ تي ترجيح ڏيندا آهن، هيءُ مکڻ اُنهن پوڙهن ماڻهن لاءِ خاص اهميت رکندو آهي، جيڪي ڏند نه هجڻ سبب گوشت کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ناهن ڪري سگهندا. -بادام- جو مکڻ کائڻ سان اهي نه صرف اعليٰ معيار جي پروٽين حاصل ڪري وٺندا آهن، پر ٻيون اعليٰ خوراڪون به انهن کي ملي وينديون آهن. هڪ سؤ گرام -بادام- جي مغز ۾ 5.2 سيڪڙو رطوبت، 20.8 سيڪڙو پروٽين، 58.9 سيڪڙو سڻڀ، 2.9 سيڪڙو معدني جزا، 1.7 سيڪڙو ريشا ۽ 10.5 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽس موجود هوندا آهن، -ان- جي معدني ۽ حياتي جزن ۾ 230 ملي گرام ڪئلشيم، 490 ملي گرام فاسفورس، 4.5 ملي گرام آئرن، 4.4 ملي گرام ناياسين ۽ ڪجهه مقدار ۾ وٽئمن بي ڪمپليڪس شامل هوندو آهي. هڪ گرام جي غذائي صلاحيت 665 ڪيلريز آهي. بادام جي سڀ کان بهتر غذائي صورت -بادام- جو کير آهي، جيڪو وڏي آسانيءَ سان -بادام- جي ڳڙيءَ کي پيهي ڪري ٺاهيو ويندو آهي. پيهڻ کان پهرين -بادام- کي ڀڄائي -ان- جي گهري رنگ جو ٻاهريون تهه لاٿو ويندو آهي. پيهڻ وقت -ان- ۾ اُٻريل -ٿڌو- -پاڻي- شامل ڪيو ويندو آهي. -ٿوري- کنڊ ملائڻ سان اهو خوش ذائقه ۽ غذائيت بخش مشروب بڻجي ويندو آهي. 250 گرام مغز بادامن مان هڪ ڪلو گرام کير ٺاهي سگهجي ٿو. -بادام- جي کير مان عام کير وانگر ڏهي به ٺاهي سگهجي ٿي. بادامين جو کير وٽئمنز سان مالا مال هوندو آهي، -ان- ۾ عام حيواني کير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوبيون هونديون آهن. هي ڳئون جي کير کان به وڌيڪ هضم ٿيندڙ آهي ۽ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ فائديمند آهي. -جن- کي ڳئون جو کير پسند ناهي هوندو. -بادام- جي سڻڀ ۾ وڌيڪ روغن ناهي هوندو، -ان- لاءِ هن کي هڪ مفيد سڻڀ قرار ڏنو ويندو آهي. هڪ سئو گرام مغز -بادام- ۾ 11 گرام لائينوليڪ ائسڊ هوندو آهي. اهو -تيزاب- ڪولسٽرول جي سطح گهٽ ڪرڻ ۾ ڏاڍو مؤثر آهي. شفا ۽ طبي استعمال: بادامن جي طبي خوبين جو دارومدار بنيادي طور تي ڪاپر آئرن، فاسفورس ۽ وٽئمن بي جي طبي ڪردار تي هوندو آهي. -ان- سان دماغ، هڏين، حواس، دل ۽ جيري جي ڪارڪردگي بهتر ٿي ويندي آهي، -بادام- دماغي قوت برقرار رکڻ، حواسن کي مضبوط بنائڻ ۽ ڊگهي عمر جا امڪان وڌائڻ لاءِ زبردست خوراڪ آهي. آير ويدڪ ۽ يوناني دوائن ۾ ٺهندڙ سموريون معجونون -ان- کان سواءِ ناهن ٺاهيون وينديون. کير جي ڪريم ۽ گلاب جي پنکڙين سان -بادام- جي پيسٽ روزانو چهري تي لڳائڻ هڪ زبردست بيوٽي ايڊ آهي، هيءَ چهري کي صاف نرم ۽ پرڪشش بڻائيندي آهي. -ان- جو باقاعدي استعمال وقت کان اڳي پيدا ٿيندڙ گُهنجن/ جَهرين کي روڪيندو آهي ۽ چهري جي خشڪي ختم ڪري -ان- کي تازو توانو رکندو آهي.

اينميا: طبيبن جي چوڻ موجب -بادام- ۾ نامياتي شڪل ۾ ڪاپر موجود هوندو آهي. -ان- جو مقدار، هڪ سؤ گرام ۾ 15 . 10 ملي گرام آهي، ڪاپر، ٽامون، آئرن، وٽئمنز سان گڏ ملي ڪري رت جي اڇن جُزن جي جوڙجڪ واري ڪيميائي عمل جي ترتيب ڏيندو آهي. هي رت جي کوٽ جي بيمارين لاءِ بهتر غذا آهي.طلب ۾ هي ڪمائتو ميوو آهي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%AF%D8%A7%D9%85