فولاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فولاد: نالا: ع. حديدالجواهر، ف. پولاد، هه. وغيره___ فولاد، شاربو قان، پنرانگ ۽ قزند. هي صفا ڪيل لوهه جو قسم آهي، جيڪو جوهردار اڇي رنگ تي ٿئي ٿو.


طب[سنواريو]

خاصيت: هن کي ڄمونءَ جي ڇوڏن جي رس جي هڪ پاءُ ۾ کرل ڪري سڪائي لغدو ڪري بوتي ۾ رکي مٿان گلحڪمت ڪري ان کي سڪائي، ڏهن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏجي. (اهڙيون چار باهيون ڏجن) ته فولاد تمام چڱو مري ويندو. اهو تيار ٿيل ڪشتو، قوت باهه، طعام جي هضم ڪرڻ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، گڙدن، مثاني ۽ جگر جي بيمارين لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو