ٽنڊو ڄام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽنڊوڄام
شھر
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڄام is located in سنڌ
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڄام is located in Pakistan
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڄام
جاگرافي بيهڪ: 25°25′40.21″N 68°31′40.40″E / 25.4278361°N 68.5278889°E / 25.4278361; 68.5278889مڪانيت: 25°25′40.21″N 68°31′40.40″E / 25.4278361°N 68.5278889°E / 25.4278361; 68.5278889
ملڪ حيدرآباد ضلعو
تعلقو حيدرآباد (ٻھراڙي) تعلقو
ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊوڄام
بلند ترین  پیمائش 23 ميل (75 ft)
آبادي
 • ڪل ~50,000


ٽنڊو ڄام اردو: ٹنڈو جام، (انگريزي: Tando Jam) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي حيدرآباد جو هڪ شهر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هي شهر حيدرآباد جي اوڀر ۾ تقريبن ويھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ اچي ٿو. ھي شھر اين-120 شاھراھ تي واقع آھي. ھن شھر جا مشھور پاڙن ۾ لياقت ٽائون، پٺاڻ ڪالوني، مير ڪالوني، کڏ پاڙو، بسم الله گارڊن، غريب آباد ڪالوني ۽ ائٽامڪ انرجي سينٽر ڪالوني، شاھ لطيف ھائوسنگ ڪالوني، المدينه سوسائٽي ڪالوني، مير پردہ ڪالوني، ڄام گھر ڪالوني وغيره شامل آهن. شھر ۾ ريلوي اسٽيشن پڻ آھي. محبوب ٽائون پڻ آهي.

تعليمي ادارا[سنواريو]

ھتي جي تعليمي ادارن ۾

  • سنڌ زرعي يونيورسٽي سنڌ جي ھڪ وڏي درسگاهه آھي جتي ايٽمي توانائي جو مرڪز ۽ فئڪلٽي آف اينيمل ھسبنڊري، زرعي انجنيئرنگ وارو ورڪشاپ پڻ آهي.
  • شھر ۾ ڊگري ڪاليج ۽ ھاء اسڪول پڻ آھن جن ۾ عيسائين جو مشينري اسڪول پڻ شامل آهي جنھن جو نالو سينٽ پال ھاء اسڪول آھي. ھتي سنڌ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊمي پڻ واقع آهي.

عبادت گاھون[سنواريو]

شھر ۾ مختلف مسلڪن وارين مسجدن ۾

  • ٽالپر مسجد،
  • اولياء جامعه مسجد،
  • قادري مسجد،
  • مدينہ جامعه مسجد
  • حسيني مسجد شامل آهن.

شھر ۾ ھڪ ڪليسا پڻ موجود آهي جنھن جو نالو سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ چرچ آھي.

حوالا[سنواريو]