پاڪستان جو سينيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پاڪستان جي سينيٽ کان چوريل)
Senate of Pakistan
ایوانِ بالا پاکستان
قسم
قسم
مدو
6 سال
تاريخ
نئين اجلاس جي شروعات
مارچ 12, 2018 (2018-03-12)
اڳواڻي
مير صادق سنجراڻي
آزاد
12 مارچ 2018ع کان
شھزاد وسيم
پي ٽي آءِ
4 جون 2020ع کان
حزبِ اختلاف جو اڳواڻ
ڍانچو
سيٽون 104
سياسي ڌڙا
حڪومتي اتحاد (42)

حزب اختلاف (62)

چونڊون
اڻسڌو اڪيلو منتقل ٿيندڙ ووٽ
پويون چونڊون
3 مارچ 2018ع
ايندڙ چونڊون
مارچ 2021ع (متوقع)
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ
سينيٽ سيڪريٽريٽ
پارليامينٽ جي عمارت
اسلام آباد، پاڪستان
ويب سائيٽ
www.senate.gov.pk

پاڪستاني سينيٽ (انگريزي: Senate of Pakistan) يا پاڪستان جو مٿيون ايوان جيڪو پارليامينٽ يا مجلس شوریٰ جي مٿئين ايوان جو نالو آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جنھن جو ٻيو ايوان ھيٺيون آھي جنھن کي قومي اسيمبلي چون ٿا. ھن ايوان جو پھريون اجلاس 1973ع ۾ آئين جي آرٽيڪل 59 تحت ٿيو.[1] پاڪستان جي ھر صوبي جي نمائندگي ان جا 14 سينيٽر ڪندا آهن ۽ اٺ سينيٽر فاٽا جي علائقن جا آھن ۽ انھن سڀني جي رڪنيت جي مدت ڇھ سالن تائين ھوندي آھي. [2] پارليامينٽ جي اوڀر واري ونگ ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ واقع آهي ۽ نيشنل اسيمبلي اولھ واري ونگ ۾ واقع آهي.[3]سينيٽ جي ھر اڌ ايوان جي اليڪشن ھر ٽئين سال ٿيندي آهي. [4] پاڪستان جو آئين سينيٽ جي تحليل جي اجازت نہ ٿو ڏئي.[5]

تاريخ[سنواريو]

آزادي بعد پھرين آئيني اسيمبلي ڊسمبر 1947 ۾ چونڊي وئي ۽ ان کي آئين ٺاھڻ جو ڪم سونپيو ويو. 12 مارچ 1949 ۾ ان اسيمبلي قرارداد مقاصد منظور ڪئي جنھن ۾ بنيادي اُصول وضع ڪيا ويا جيڪي پھرين آئين جو حصو بڻيا پر ان آئين جي ٺھڻ کان اڳ ئي گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي کي آڪٽوبر 1954 ۾ ٽوڙي ڇڏيو. مئي 1955 ۾ گورنر جنرل ٻي آئين ساز اسيمبلي جو اجلاس سڏايو جنھن پھريون آئين تيار ڪيو جيڪو 29 فبروري 1956 ۾ پاس ٿيو ۽ 23 مارچ 1956 کان ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو. اھو آئين پارلياماني نظام ۽ ھڪ ايواني پارليامينٽ وارو ھو.ان پھرين آئين جي نفاذ کان اڳ ملڪ 1935 واری انڊيا ايڪٽ تحت ھليو.7 آڪٽوبر 1958 ۾ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائي آئين کي منسوخ ڪيو ويو. فوجي حڪومت فبروري 1960 ۾ آئيني ڪميشن مقرر ڪري ان کي نئون آئين ٺاھڻ جي ذميداري سونپي جنھن 1962 جو آئين تيار ڪيو جنھن ۾ صدارتي نظام ۽ ھڪ ايواني پارليامينٽ ڏنا ويا. اھو آئين 25 مارچ 1969 ۾ منسوخ ڪيو ويو.ڊسمبر 1971 ۾ سول حڪومت 1970 واري اليڪشن جي بنياد تي قائم ڪئي وئي جنھن 1972 ۾ عبوري آئين ڏنو ۽ نئين آئين ٺاهڻ جي تياري ڪئي. اسيمبلي 12 اپريل 1973 ۾ نئون آئين پاس ڪيو جيڪو 14 آگسٽ 1973 ۾ نافذ ڪيو ويو.ھن آئين م پارلياماني نظام ۽ ٻہ ايواني پارليامينٽ ڏنا ويا.اھڙي طرح ھن آئين تحت پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون دفعو مٿيون ايوان سينيٽ جي نالي سان وجود ۾ آيو.شروعات ۾ سينيٽ جا 45 ميمبر رکيا ويا جيڪي 1977 ۾ وڌائي 63 ڪيا ويا. وري 1985 ۾ وڌائي 87 ڪيا ويا 2002 ۾ پرويز مشرف ليگل فريم ورڪ آرڊر ذريعي تعداد وڌائي 100 ڪيو.وري 2011 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آئين جي 19 ترميم ذريعي 4 صوبن جا 4 اقليتي ميمبر شامل ڪري تعداد وڌائي 104 ڪيو.

سينيٽ جون سيٽون[سنواريو]

صوبو/خطو جنرل سيٽون ٽيڪنوڪريٽ/عالم عورتون اقليتون ٽوٽل
بلوچستان 14 4 4 1 23
خيبر پختونخوا 14 4 4 1 23
سنڌ 14 4 4 1 23
پنجاب 14 4 4 1 23
فاٽا (قبائلي علائقو) 8 8
اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري 2 1 1 4
ٽوٽل 66 17 17 4 104

حوالا[سنواريو]

  1. "History of Senate". www.senate.gov.pk. حاصل ڪيل 26 November 2017. 
  2. [Article 59(1)(a)-59(1)(c) in Chapter 2: The Parliament of Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan
  3. Google maps. "Parliament House, Pakistan". www.google.com/maps. حاصل ڪيل 23 May 2015. 
  4. [Article 59(3)(a) in Chapter 2: The Parliament of Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan
  5. [Article 59(3) in Chapter 2: The Parliament of Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan