مواد ڏانھن هلو

پاڪستان جي سينيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاڪستان جي سينيٽ
Senate of Pakistan

ایوانِ بالا پاکستان
سينيٽ جا ميمبر

علامتي نشان
قسم
قسم
مدو
6 سال
تاريخ
بنياد 14 آگسٽ 1973؛ 52 سال اَڳُ (1973-08-14)
نئين اجلاس جي شروعات
10 اپريل 2024؛ 21 مهينو اَڳُ (2024-04-10)
اڳواڻي
سيدال خان ناصر، پاڪستان مسلم ليگ (ن)
9 اپريل، 2024ع کان
سينيٽ ۾ قائد ايوان
اسحاق ڊار، پاڪستان مسلم ليگ (ن)
9 اپريل، 2024ع کان
سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف
شھزاد وسيم، پاڪستان تحريڪ انصاف
5 آگسٽ، 2025ع[1] کان
ڍانچو
سيٽون 96
سياسي ڌڙا
حزب اقتدار (79)

حزب اختلاف (30)

چونڊون
اڻسڌو اڪيلو منتقل ٿيندڙ ووٽ
پويون چونڊون
2 اپريل، 2024ع (37 سيٽن لاء)
ايندڙ چونڊون
2027ع (48 سيٽن لاء)
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ
سينيٽ سيڪريٽريٽ، پارليامينٽ هائوس، ريڊ زون، اسلام آباد
ويب سائيٽ
www.senate.gov.pk

پاڪستان جي سينيٽ (اردو: ایوانِ بالا پاکستان؛ انگريزي: Senate of Pakistan) يا پاڪستان جو مٿيون ايوان، وفاقي سطح تي پاڪستاني وفاقي يونٽن جي ادارتي نمائندي طور ڪم ڪري ٿو. وڌ ۾ وڌ 96 ميمبرن سان، هر هڪ صوبائي اسيمبلي، هڪ منتقلي ووٽ استعمال ڪندي 23 ميمبرن کي چونڊي ٿي ۽ چار ميمبر وفاقي گاديءَ جي نمائندگي ڪن ٿا. سينيٽ جا ميمبر، جنهن کي "سينيٽر" چيو ويندو آهي، ڇهه سالن جي مدت لاءِ چونڊيا ويندا آهن.[2] هر ٽن سالن پوء اڌ ايوان جي چونڊ ٿيندي آهي.[3] قومي اسيمبلي جي برخلاف، اها هڪ مسلسل ايوان آهي ۽ پاڪستان جو آئين سينيٽ جي تحليل جي اجازت نه ٿو ڏئي.[4]

پاڪستان جي پارليامينٽ ٻه ايواني آھي. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي، جڏهن ته ٻيو ايوان ھيٺيون آھي، جن کي قومي اسيمبلي چون ٿا. سينيٽ جي عمارت پارليامينٽ جي اوڀر واري حصي ۾ آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي عمارت اولھه واري حصي ۾ آهي.

سينيٽ جو اجلاس پهريون ڀيرو 1973ع ۾ ٿيو. سينيٽ جي جوڙجڪ ۽ اختيار پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 59 جي تحت قائم ڪيا ويا آهن.[5] هن وٽ ڪيترائي خاص اختيار آهن، جيڪا قومي اسيمبلي کي نه ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ پارلياماني بل، قانون ۾ لاڳو ٿيڻ جي طور تي، ٺاهڻ جا اختيار شامل آهن.


تاريخ

[سنواريو]

آزادي بعد پھرين آئيني اسيمبلي ڊسمبر 1947 ۾ چونڊي وئي ۽ ان کي آئين ٺاھڻ جو ڪم سونپيو ويو. 12 مارچ 1949 ۾ ان اسيمبلي قرارداد مقاصد منظور ڪئي جنھن ۾ بنيادي اُصول وضع ڪيا ويا جيڪي پھرين آئين جو حصو بڻيا پر ان آئين جي ٺھڻ کان اڳ ئي گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي کي آڪٽوبر 1954 ۾ ٽوڙي ڇڏيو. مئي 1955 ۾ گورنر جنرل ٻي آئين ساز اسيمبلي جو اجلاس سڏايو جنھن پھريون آئين تيار ڪيو جيڪو 29 فبروري 1956 ۾ پاس ٿيو ۽ 23 مارچ 1956 کان ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو. اھو آئين پارلياماني نظام ۽ ھڪ ايواني پارليامينٽ وارو ھو.ان پھرين آئين جي نفاذ کان اڳ ملڪ 1935 واری انڊيا ايڪٽ تحت ھليو.7 آڪٽوبر 1958 ۾ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائي آئين کي منسوخ ڪيو ويو. فوجي حڪومت فبروري 1960 ۾ آئيني ڪميشن مقرر ڪري ان کي نئون آئين ٺاھڻ جي ذميداري سونپي جنھن 1962 جو آئين تيار ڪيو جنھن ۾ صدارتي نظام ۽ ھڪ ايواني پارليامينٽ ڏنا ويا. اھو آئين 25 مارچ 1969 ۾ منسوخ ڪيو ويو.ڊسمبر 1971 ۾ سول حڪومت 1970 واري اليڪشن جي بنياد تي قائم ڪئي وئي جنھن 1972 ۾ عبوري آئين ڏنو ۽ نئين آئين ٺاهڻ جي تياري ڪئي. اسيمبلي 12 اپريل 1973 ۾ نئون آئين پاس ڪيو جيڪو 14 آگسٽ 1973 ۾ نافذ ڪيو ويو.ھن آئين م پارلياماني نظام ۽ ٻہ ايواني پارليامينٽ ڏنا ويا.اھڙي طرح ھن آئين تحت پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون دفعو مٿيون ايوان سينيٽ جي نالي سان وجود ۾ آيو.شروعات ۾ سينيٽ جا 45 ميمبر رکيا ويا جيڪي 1977 ۾ وڌائي 63 ڪيا ويا. وري 1985 ۾ وڌائي 87 ڪيا ويا 2002 ۾ پرويز مشرف ليگل فريم ورڪ آرڊر ذريعي تعداد وڌائي 100 ڪيو.وري 2011 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آئين جي 19 ترميم ذريعي 4 صوبن جا 4 اقليتي ميمبر شامل ڪري تعداد وڌائي 104 ڪيو.

سينيٽ جون سيٽون

[سنواريو]
صوبو/خطو جنرل سيٽون ٽيڪنوڪريٽ/عالم عورتون اقليتون ٽوٽل
بلوچستان1444123
خيبر پختونخوا1444123
سنڌ1444123
پنجاب1444123
فاٽا (قبائلي علائقو)88
اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري2114
ٽوٽل6617174104

حوالا

[سنواريو]
  1. "Pakistan watchdog disqualifies National Assembly opposition leader, other Imran Khan aides after riot convictions", Arab News (ٻولي ۾ انگريزي), 05 آگسٽ 2025, حاصل ڪيل 05 آگسٽ 2025۔
  2. [Article 59(1)(a)-59(1)(c) in Chapter 2: The Parliament of Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan
  3. [Article 59(3)(a) in Chapter 2: The Parliament of Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan
  4. [Article 59(3) in Chapter 2: The Parliament of Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan
  5. "History of Senate", www.senate.gov.pk, حاصل ڪيل 26 November 2017۔