مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:بهترين مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد

وڪيپيڊيا جا بهترين مضمون

هڪ بهترين مضمون ڪنهن به عنوان بابت قابل تصديق حوالن سان بهترين ڄاڻ ڏيندو آهي، جيتوڻڪ بهترين مضمون چونڊ مضمون جي معيار کان ڪجهه گھٽ هوندو آهي، پر اهڙو مضمون مقرر معيار تي پورو لهندڙ هجي ٿو ۽ بهترين مضمون جي چونڊ لاءِ پهرين اميدوار طور نامزد ڪيو ويندو آهي. اهڙن مضمونن ۾ لاڳاپيل تصويون شامل هونديون آهن، ۽ انهن جي اجازتنامي بابت پڻ معلومات ڏنل هوندي آهي.

هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 21,987 مضمون آهن، جن مان 194 مضمونن کي بهترين مضمون لاءِ چونڊيو ويو آهي. جيڪي ڪُل مضمونن (114 مان 1 مضمون) ٿئي ٿو. وڪيپيڊيا تي جنهن مضمون جي ساڄي پاسي هي (بهترين مضمون جو نشان) نشان هجي، ان مان مراد، اهو مضمون هڪ بهترين مضمون آهن. موبائيل ۾ اهو نشان نظر نه اچي ته، مضمون جي بلڪل هيٺين پاسي ميزڀر کي ٽڙڪ ڪري ڏسي سگھو ٿا.

وڌيڪ بهترين مواد لاءِ ڏسو وڪيپيڊيا:بهترين عنوان.



بهترين مضمون جو طريقيار:

رٿا بابت صفحو

لاڳاپيل صفحا

بلاترتيب بهترين مضمون ڏسو
سمورا بهترين مضمون ڏسو اڳوڻا بهترين مضمون
اڳوڻا سانڍيل بهترين مضمون
بهترين مضمون بلحاظ عنوان

زراعت، کاڌ ۽ خوراڪ
زراعت، کاڌ ۽ خوراڪ

فن ۽ تعميرات
فن ۽ تعميرات

انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي
ڪمپيوٽنگ ۽ انجنيئرنگ · ٽرانسپورٽ

جيوگرافي ۽ جڳهون
جيوگرافي · جڳهون

تاريخ
عالمي تاريخ · بادشاهت، معروفيت، ۽ تخت

ٻولي ۽ ادب
ٻولي ۽ ادب

رياضيات
رياضيات ۽ رياضيدان

ميڊيا ۽ ڊراما
فلم · ٽيليويزن · ميڊيا ۽ ڊراما

موسيقي
ايلبم · ڪلاسيڪل ڪمپوزيشن · گانا · ٻيا موسيقي مضمون

قدرتي سائنس
حياتيات ۽ دوائون · ڪيمسٽري ۽ مٽيريل سائنس · زميني سائنس · فزڪس ۽ فلڪيات

فلسفو ۽ مذهب
فلسفو ۽ مذهب

سماجي سائنس ۽ سماج
ثقافت، سماجيات، ۽ نفسيات · تعليم · معشيت ۽ واپار · قانون · مخزن ۽ پرنٽ صحافت · سياست ۽ حڪومت

رانديون ۽ وندر
فٽبال · بيس بال · باسڪٽ بال · ڪرڪيٽ · هاڪي · پيشورانا ڪشتي · وندر · ٻيا رانديون

وڊيو گيم
وڊيو گيم

جنگ
فوجون ۽ فوجي جٿا · محاذ، مشق، ۽ ڇڪتاڻ · فوجي جنگي جهاز · فوجي سجاوٽون ۽ يادگار · فوجي شخصيتون · جنگي ٻيڙا ۽ بحري فوج جٿا · هٿيار، سامان، ۽ عمارتون

متفرق



ھڪ ساموا گھراڻو جا ڀاتي
لي مافا پاس لڳ اوڀر اوپولو ۾ واقع فاليفا وادي جو ڏيک

ساموا (انگريزي: Samoa) اوشيانيا جي پولينيشيا خطي ۾ ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ واقع هڪ آزاد ٻيٽ ملڪ آهي. هي ملڪ بنيادي طور ٻن وڏن ٻيٽن، سَوائيئي ۽ اوپولو، ۽ ڪجھ ننڍن آباد ۽ غيرآباد ٻيٽن تي مشتمل آهي. گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر اپيا آهي، جيڪو اوپولو ٻيٽ تي واقع آهي. ساموا جي جاگرافيائي حيثيت ان کي پيسفڪ ٻيٽن جي وچ ۾ هڪ اهم مقام ڏئي ٿي. ساموائي ٻيٽن تي لڳ ڀڳ 3,500 سال اڳ لاپيٽا قوم اچي آباد ٿي، جنهن ساموائي ٻولي، سماجي نظام ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي بنياد وڌي. ساموائي ماڻهو سامونڊي سفر ۾ ماهر هئا، جنهن سبب يورپي ڳولا ڪندڙن هن ٻيٽ گروهه کي “نييويگيٽر آئلينڊز” جو نالو ڏنو. اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ساموا جرمن سلطنت جي نوآبادي بڻيو، پر پهرين عالمي جنگ دوران نيوزيلينڊ جي فوجن ان تي قبضو ڪري ورتو. بعد ۾ هي علائقو قومن جي ليگ ۽ پوءِ گڏيل قومن جي ٽرسٽ ٽيريٽري جي حيثيت سان نيوزيلينڊ جي انتظام هيٺ رهيو. 1 جنوري 1962ع تي ويسٽرن ساموا آزادي حاصل ڪري جديد ساموا جي صورت ۾ قائم ٿيو، جيڪو پيسفڪ علائقي جو پهريون آزاد ملڪ هو. 1997ع ۾ ملڪ پنهنجو سرڪاري نالو تبديل ڪري ساموا رکيو. اڄ ساموا هڪ واحد رياستي پارلياماني جمهوريت آهي، جنهن ۾ روايتي ساموائي سماجي نظام ۽ جديد جمهوري ادارا گڏيل طور ڪم ڪن ٿا. ساموا گڏيل قومن سميت ڪيترين عالمي ۽ علائقائي تنظيمَن جو ميمبر آهي، جڏهن ته ملڪ جي دفاع جي ذميواري نيوزيلينڊ ڊفينس فورس سنڀالي ٿي.


ٿرسو اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو ايڊنبرا کان 295 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 818 ڪلوميٽر پري آباد آهي. هيءُ برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان اتريون شهر آهي[1]. مقامي ٻوليءَ ۾ هن شهر کي ”ٿرسا“ ڪوٺيو وڃي ٿو[2]. هيءُ اسڪاٽلينڊ جي هائيلينڊ ڪائونسل واري علائقي ۾ اترئين سامونڊي ڪناري تي آباد آهي. هتي اسڪاٽلينڊ جا ٻه روڊ A9 ۽ A836 پاڻ ۾ اچي ملن ٿا جيڪي هن شهر کي اوله ۾ فورس (Forss) ۽ اوڀر ۾ ڪيسل ٽائون (Castletown) سان ملائين ٿا. 55 ڪلوميٽر ڊگهي ٿرسو ندي (Thurso River) هن شهر جي وچان گذري ٿي. 2018ع جي انگن اکرن موجب، هتان جي آدمشماري 7490 آهي[3]. اوڻويهين صديءَ تائين هن هنڌ کي هڪ اهم بندرگاه جي حيثيت حاصل هئي ۽ هتان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار هلندو هو. ٿرسو ماهيگيري، سوٽي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ ڪافي مشهور هو.


چانڪيا (375–283 ق.م) هڪ قديم ڀارتي ڏاھو فلسفي هو، جيڪو استاد، ليکڪ، حڪمت عملي جو ماهر، فلسفي، معاشيات دان، قانوندان ۽ سياستدان طور سرگرم رهيو. هن کي روايتي طور تي ڪوٽليا يا وشنوگپت سڏيو ويندو آهي، جنهن قديم ڀارتي سياسي ڪتاب ارٿ شاستر لکيو، جيڪو لڳ ڀڳ چوٿين صدي ق.م کان ٽين صدي عيسوي جي وچ ۾ لکيو ويو. چانڪيا کي ڀارت ۾ سياسي سائنس ۽ معاشيات جو باني سمجهيو ويندو آهي، ۽ هن جو ڪم ڪلاسيڪي معاشيات جو اهم پيش رو آهي. هن جا لکيل ڪتاب گپت سلطنت جي پڇاڙيءَ ۾ ڇهين صدي عيسوي ۾ وڃائجي ويا ۽ 20هين صدي جي مُنڍ ۾ ٻيهر ھٿ ٿيا. لڳ ڀڳ 321 ق.م ۾، چانڪيا پهرين موريا حڪمران چندرگپت جي اقتدار ماڻڻ ۾ واھر ڪئي، ۽ هن کي موريا سلطنت اسٿت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار نڀائڻ جو ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو. چانڪيا چندرگپت موريا ۽ ان جي پٽ بندوسار جي مکيه صلاحڪار ۽ وزيراعظم طور خدمتون انجام ڏنيون.


گوتم ٻڌ (Gautam Bhudha)، هندستان ۾ پيدا ٿيو، هو هڪ شاهي گھراڻي مان هو سندس نالو اصل نالو ”سڌارٿ“ هو. هن جي ماءَ مهاراڻي مايا لاءِ پراڻي ڪٿائن ۾ لکيل آهي ته ”مايا، چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پوتر، مانواري ۽ پوڄا جوڳي هئي. هوءَ پنهنجي ارادي ۾ ڌرتيءَ جيان اٽل ۽ ماٺيڻي هئي. هن جي دل ڪنول جيان پاڪ هئي.


نيو ميڪسيڪو جي سڀ کان اوچي پھاڙي چوٽي ”ويلر پيڪ“
نيو ميڪسيڪو اسٽيٽ يونيورسٽي سينٽر فار آرٽس

نيو ميڪسيڪو، آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البڪرڪي ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن.


ايلنور روزويلٽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (انگريزي ۾)، ليڪ سڪسيس، نيو يارڪ جو پوسٽر هٿ ۾ کنيو بيٺو آهي. نومبر 1949ع.
انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 10 ڊسمبر 1948ع

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي.


ڪولراڊو نديء جو گھوڙي جي سنب جھڙو وڪڙ
سيڊونا ۾ ريڊ راڪ ڪراسنگ ويجھو ڪيٿيڊرل راڪ

ايريزونا (انگريزي: Arizona) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان هڪ رياست آهي جيڪا آمريڪا جي پکيڙ جي لحاظ کان ڇهين وڏي رياست ۽ آباديءَ جي لحاظ کان چوڏهين وڏي رياست آهي. هن رياست جي گاديءَ جو هنڌ فينڪس (Phoenix) آهي جيڪو هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر پڻ آهي. هن رياست جي اولھ ۾ آمريڪي رياستون نيوادا (Nevada) ۽ ڪيليفورنيا (California) موجود آهن جڏهن ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ هن جون سرحدون ميڪسيڪو جي سونورا (Sonora) ۽ باجا ڪيليفورنيا (Baja California) سان ملن ٿيون.

ايريزونا آمريڪا جي 48هين رياست آهي جنهن کي 14 فيبروري 1912ع تي آمريڪا جي رياست جو درجو ڏنو ويو. جيئن ته 14 فيبروري ”ويلنٽائن ڊي“ آهي انڪري هن رياست کي ”ويلنٽائن رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو.


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2026/مهينو آگسٽ


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2026/مهينو سيپٽمبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2026/مهينو آڪٽوبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2026/مهينو نومبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2026/مهينو ڊسمبر