وڪيپيڊيا:بهترين مضمون
وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2025/مهينو فيبروري وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2025/مهينو مارچ هندستاني مذهب، ڪڏهن ڪڏهن ڌرمي مذهبن يا هندستاني مذهبن کي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي اهي مذهب آهن جيڪي هندستاني برصغير ۾ پيدا ٿيا آهن. جن ۾ ٻڌمت ، هندوڌرم ، جين ڌرم ، ۽ سک ازم شامل آهن. جيتوڻيڪ هندستاني مذهب هندستان جي تاريخ سان ڳنڍيل آهن، هي مذهب، مذهبي برادرين جو هڪ وسيع سلسلو آهن، هي رڳو هندوستان تائين محدود ناهن. هندوستاني برصغير ۾ قديم مذهب جا ثبوت ميزوليٿڪ دور جنهن کي پٿرن وارو دور به سڏجي ٿو، جي جابلو غارن اندر ٺهيل چٽسالين مان مليا آهن. سنڌو ماٿري جي هڙاپائي ماڻهن جي تهذيب، جيڪا 3300 کان 1300 ق.م. (بالغ دور 2600-1900 ق.م.) تائين رهي هئي. اها هاڙاپائي تهذيب ۽ ان سان گڏ سنڌو تهذيب هڪ ابتدائي شهري ثقافت ۽ نظام هئي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ويدڪ مذهبن کان به اڳ واريون تهذيبون هيون هندوستاني مذهبن جي تاريخ، جڏهن لکت جي شڪل ۾ سامهون آهي، اتان شروع ٿي ٿئي ڇو ته ان کان اڳ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي ته اهي ڪيئن شروع ٿيون ۽ اڀريون، تڏهن ئي هندوستاني مذهبن جي تاريخ ويدڪ مذهبن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهي ويد سنڌو نديءَ جي ڪنارن ۽ ڪَپن تي ويهي آرين لکيا هئا. انهن شاعراڻي انداز ۾ لکتن کي ويد ۽ اگامس چيو ويندو آهي، سمجهيو ويندو آهي ته اگامس دراوڙي نسل جي ماڻهن لکيا هيا، جڏهن ته ويدن کان پتو پئي ٿو ته اهي شروعاتي هند-آريائي ماڻهن جا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي طريقا هئا. اڄڪلهه ته ان تي به بحث هلي ٿو پيو ته ڪجهه ڊي اين اي رپورٽن آرين جو هندوستان ۾ اچڻ کي چيلينج ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ممڪنه اهي لکتون هتان جي مقامي ماڻهن لکيون هونديون. انهن مذهبي خيالن ۽ انهن جي لکڻين جي ترتيب، ترميم، تبصرن ۽ بحث مباحثن جي دور کي ويدڪ دور چيو ويندو آهي ۽ اهي ويد تقريباً 1750 کان 500 ق. ۾ لکيا ويا هئا. ويدن جي فلسفانه ڪتابن کي اُپشندن چيو ويندو آهي. اُپشند نثر ۾ لکيل فلسفي وارا ڪتاب آهن، جيڪي ويدن جي شعرن جي شرح آهن. هنن جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سئو ٻڌايو وڃي ٿو، جن کي عام طور تي ويدانت - Vendanta پڻ چيو ويندو آهي. ويدانتا Vedānta کي ٻن مختلف طرح سان تشريح ڪئي وئي آهي پهرين تشريع ۾ چوندا آهن ته ويدانيت ان هندي مذهب جا آخري باب ۽ حصا آهن، ٻيو چيو ويندو آهي ته ويدانتا جو مطلب ئي اهو آهي ته موجوده ويدن جو مقصد ئي سڀ کان بلند مقصد آهي يا کڻي ائين سمجهجي ته ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾ ٻڌايل مت ۽ ويچار آهن، اهي ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن. شروعاتي اپنشد عام دور Common Era کان اڳ جا آهن، يارنهن مکيه اپنشدن مان پنج اپشند ممڪن طور تي 6 صدي قبل مسيح کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ خاص ڪري يوگا ۽ موڪش جنهن جو ابتدائي ويدن اندر ذڪر ٿيل آهي. ڇيڄ جو ناچ دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نواڙ جي منجي جنڊيءَ لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيهه ۾ ٻاري ٿالهه ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا ۽ مٺايون وغيره رکي اگربتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهه وڄائيندا هئا. ناچو، ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا: لال جا جهاٽي، چئو جهولي لعل ٻيا بيٺل چوندا هئا جهولي لعل! انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي. ڄام نظام الدين سمو سنڌ ۾ سمن جو راڄ جو آخري حاڪم جنھن کي سنڌ جا ماڻهو قرب ۽ محبت منجهان ڄام نندو سڏيندا هئا. ڄام نظام الدين سمن جي دور جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25 ربيع الاول 866ھ/ 29 ڊسمبر 1461ع کان 914ھ/ 1508ع تائين نه رڳو ملڪ سنڌ تي فرمانروائي ڪئي، پر ماڻهن جي دلين تي به راڄ ڪيو. ڄام نظام الدين حڪومت جي انتظام ۾ مناسب سڌارا آندا ۽ چند لائق وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. اهڙن ناليرن اميرن ۾ دريا خان جو نالو عالم آشڪار آهي. نيو ميڪسيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البقرقي ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن. وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2025/مهينو سيپٽمبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2025/مهينو آڪٽوبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2025/مهينو نومبر اجرڪ سنڌي ثقافت جي مکيہ سڃاڻپن مان ھڪ آھي جنھن کي عام طور تي رسمن ۽ ثقافتي موقعن تي سنڌ جا ماڻهو اوڍيندا آھن. سنڌين پاران اجرڪ مھمانن کي سوکڙي طور ڏيڻ جو رواج پڻ تمام گھڻو عام آھي. ھي ھڪ سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام سهڻي ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال آڳاٽي جُڳ کان ٿيندو اچي. موئن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ نمونو آھي جنھن جو ڍنگ ۽ نمونو بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موهن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس ڏاڍي وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو تہ ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. هن منصوبي ۾ صفائي جي ضرورت آهي. وڌيڪ ڏسو اوزار جو صفحو ۽ وڪي منصوبن جي فهرست. |








