ظفر الله خان جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ظفر لله خان جمالي Zafarullah Khan Jamali
15هون پاڪستان جو وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
23 نومبر 2002 – 26 جون 2004
صدر پرويز مشرف
پيشرو پرويز مشرف (چيف ايگزيڪيٽو طور)
نواز شريف (وزيراعظم طور)
جانشين چوڌري شجاعت حسين
بلوچستان جو وڏو وزير
عهدو سنڀاليو
9 نومبر 1996 – 22 فيبروري 1997
Acting
گورنر عمران الله خان
پيشرو ذوالفقار علي مگسي
جانشين اختر مينگل
عهدو سنڀاليو
23 جون 1988 – 24 ڊسمبر 1988
گورنر محمد موسيٰ
پيشرو ڄام غلام قادر خان
جانشين بخش مري (ايڪٽنگ)
ذاتي تفصيل
پيدائش 1 جنوري 1944(1944-01-01)[1]
ڊيرا مراد جمالي, بلوچستان ايجنسي, برٽش انڊيا
(هاڻي بلوچستان، پاڪستان ۾)
وفات 2 ڊسمبر 2020 (عمر 76 سال)
راولپنڊي, پاڪستان
سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف
ٻيون سياسي
وابستگيون
پاڪستان پيپلز پارٽي (before 1977)
آزاد (1977–1985)
پاڪستان مسلم ليگ (1985–1988)
اسلامي جمھوري اتحاد (1988–1993)
پاڪستان مسلم ليگ (ن) (1993–2002, 2013–2018)
پاڪستان مسلم ليگ (ق) (2002–2004)
مادر علمي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي
پنجاب يونيورسٽي

ظفر الله خان جمالي (انگريزي ٻولي: Zarafullah Khan Jamali) پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم آھي. جيڪو ٻہ ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪري ويو.[2] اصل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حمايتي، ظفر اللّٰه خان جمالي 1970ع واري ڏهاڪي دوران فوجي گورنر رحيم الدين خان جي سربراهيءَ ۾ بلوچستان جي سياست مان اُڀري آيو. هو نواز شريف جي حڪومت جي حصي بڻجڻ بعد قومي شخصيت بڻجي ويو، ۽ بلوچستان جي ٻہ طرفي مامرن جو وزير اعليٰ پڻ رهيو (جون کان وٺي 1988ع تائين ۽ نومبر 1996ع کان وٺي فيبروري 1997ع تائين). جيتوڻيڪ هو نواز شريف جو ڀَروَسي مند ۽ پاڪستان مسلم ليگ (PML) جو هڪ سينيئر اڳواڻ هو پر ظفر اللّٰه خان جمالي ۽ نواز شريف جي وچ ۾ اورڳ (تعلقات) ڍِرا ٿيڻ پُڄاڻان هو جنرل پرويز مشرف جي اڳواڻيءَ ۾ 1999ع واري بغاوت کان پوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿيو. آڪٽوبر 2002ع جي عام چونڊن ۾ کيس پارليامينٽ پاران 21 نومبر 2002ع ۾ وزير اعظم چونڊيو ويو ۽ هن 23 نومبر 2002ع تي حلف کنئي. هن 2004ع ۾ وزارت عظميٰ جي عُھدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو پڙهو ڏنو هو. اُن کان سواءِ جمالي اسپورٽس مين پڻ هو. هن جوانيءَ واري سَمي ۾ سموري سنڌ ۾ والي بال کي هٿي وٺرائي ۽ ڪيئي ٽورنامينٽ مُنعقد ڪرايا. هو 2006ع کان وٺي 2008ع تائين پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر ۽ ڀِن سَمھنِ ۾ انتخابي بورڊ جو رڪن پڻ رهيو.[3]

ابتدائي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

ظفر اللّٰه خان جمالي 1 جنوري 1944 تي بلوچستان صوبي جي ضلعي نصير آباد جي ڳوٺ روجهان ۾ هڪڙي سياسي، مذهبي ۽ جاگيردار گهراڻي ۾ ڄاپيو. هن آرنڀِي ڪيڙ روجهان مان پرائي. کانئس پوءِ سينٽ لارنس ڪاليج مري، ايچيسن لاهور ۾ ۽ بي اي جي ڊگري لاءِ گورنمينٽ ڪاليج ۾ پڙهيو. هن 1965 ڌاري پنجاب يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري ورتي. جمالي پنهنجي سکيا واري عمر کان هڪ سٺو کيڏاري پڻ ھو، اسڪول توڻي يونيورسٽيء جي هاڪي ٽيم جي نمائندگي ڪيائين.[4]

سياسي ڪيريئر[سنواريو]

جمالي پنهنجو سياسي سفر 1970ع ڌاري پ۔پ۔پ ۾ شامل ٿيڻ سان شروع ڪيو. 1970ع جون عام چونڊون وڙھيو پر هارايائين. 1977ع جي عام چونڊن ۾ ۔پ۔پ۔پ جي ٽڪيٽ تي بلوچستان جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. هي نواب محمد خان بروزئيءَ جي صوبائي ڪابينا ۾ بلوچستان جو صوبائي وزير مقرر ٿيو. هن کاڌ خوراڪ، انفارميشن، قانون ۽ پارليامينٽري افيئرس جا تفصيلي کاتا هلايا. پاڪستان ۾ مارشلا نافذ ٿيڻ شرط هي جنرل ضياء سان سلهاڙجي ويو ۽ جنرل ضياء جي وفاقي ڪابينا ۾ اسٽيٽ منسٽر چونڊيو. 1985ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو نصير آباد تڪ تان ميمبر چونڊيو ۽ محمد خان جوڻيجي جي ڪابينا ۾ پاڻي ۽ توانائي جو وفاقي وزير چونڊيو. 1988ع جي عام چونڊن کان پوء ضياء پاران جوڻيجي جي حڪومت ختم ڪرڻ شرط بلوچستان جو عارضي وزير اعلي چونڊيو. 1988ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر بلوچستان جي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ٿيو. 1994ع ۽1997ع ۾ ٻه ڀيرا سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. 1990ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاء وڙھيو پر پ۔پ۔پ جي اميدوار هٿان هار کاڌائين. 1993ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر صوبائي اسيمبليء جو ميمبر چونڊيو ۽ پاڪستان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ وٺي پ۔پ۔پ اميدوار کي هارايائين.1997ع ۾ ٻيهر بلوچستان جو عارضي وڏو وزير چونڊيو.[5]

پاڪستان جو وزيراعظم[سنواريو]

جولاءِ 2002ع ۾ جمالي پاڪستان مسلم ليگ جي باغي پارٽي مسلم ليگ(ق) جوائن ڪئي. 2002ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. نومبر 2002ع ۾ جمالي پاڪستان جو تيرهن وزيراعظم چونڊيو، ٿوري اڪثريت سان قومي اسيمبليءَ پنجن سالن لاء 342 سيٽن مان 182 ووٽ کڻندي. هي پهريون بلوچستان سان واسطورکندڙ سياستدان هو جو وزيراعظم ٿيو.[6]

”جيئن تَ ڪنهن به پارٽي وٽ ڪو نمايان مينڊيٽ ڪونه هيو، تنهنڪري هن جي وزيراعظم واري چونڊ ڪنهن خاص نهڪر کي منهن ڪونه ڏنو.هن هن ايم ڪيو ايم, پي پي پي, متحده مجلس عمل ۽ پي ايم ايل جي باغي گروپن سان هڪ گڏيل حڪومت ٺاهي. هن پاڪستان ۾ ٻه پارٽيء مان گڏيل پارٽي جمهوريت جو رواج وڌو“[2]

پرڏيهي پاليسي[سنواريو]

2004ع ۾ جماليءَ افغانستان جو دورو ڪيو جو پاڪستان جو اتحادي هو. اهو ڪنهن به پاڪستاني ترجمان جو 2001ع کان طالبان حڪومت دوران وڏي ۾ وڏو دورو هو. هن ان وقت جي افغان صدر حامد ڪرزئي کي سپورٽ ڪيو ۽ کيس ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارتي ۽ دهشتگرديءَ خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. جماليءَ ٽن سٶ بسن ۽ ٽرڪن جو چندو ڏيڻ سميت افغان شاگردن لاء اسڪالرشپ ۽ روڊن، ريلن ۽ اسپتالن جي سڌار لاء مدد ڪئي. آڪٽوبر 2003ع ۾ ھن آمريڪا جي صدر جارج بش سان ملاقات ڪري کائنس دهشت گرديءَ خلاف مدد جو اتفاق ڪيو. جماليءَ ڀارت سان بگڙيل رشتن جي بحاليءَ لاء ڪوششون ڪيون ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاء قدم وڌايائين.[7]

استعيفا[سنواريو]

جون 2004ع ۾ جمالي مشرف سان ٽي ڪلاڪ ڳالھ ٻولھ بعد وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا جو اعلان ڪيو. چوٻول هئا ته مشرف سندس ڪارڪردگيءَ مان خوش نه هئو. سياسي پارٽين سندس استعيفا کي جبري ۽ جهموريت جي لتاڙ سڏيو ۽ ان کي ڀَوشِ لاء ھاڃيڪاروِ سڏيو. اهڙي ڇرڪائيندڙ اعلان کان پوءِ جماليء ڪابينا ٽوڙي ۽ چوڌري شجاعت حسين کي ننڍي مدي لاء جانشين چونڊرايو.[2]

وزيراعظميءَ تان استعيفا کانپوءِ[سنواريو]

جماليءَ هاڪي راند جي سڌاري طرف آيو. 2004ع ۾ ئي هي”پاڪستان هاڪي فيڊريشن“ جو صدر چونڊيو ۽ هاڪي ٽيم کي بهتر ڪرڻ لاء اپاء وٺڻ شروع ڪيائين. ان کان اڳ هو پنجاب صوبي جي لاء کيڏي چڪو هو 1984ع جي سمر اولپڪس ۾ قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر طور. 2008ع ۾ ھن ٽيم جي جڏي ڪارڪردگيءَ سبب عهدو ڇڏيو. مئي 2013ع ۾ ھن پاڪستان مسلم ليگ(ن) جوائن ڪئي. هي قومي اسيمبليء جو 2013ع کان مئي 2018ع تائين ميمبر رهيو ۽ استعيفا ڏنائين. جون 2018ع هن مسلم ليگ ڇڏي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان جڙجي ويو.[8]

موت[سنواريو]

29 نومبر 2020ع تي جمالي دل جي سور سبب آرمڊ فورسز انسٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ داخل ٿيو ۽ وينٽيليٽر ڀيڙو ٿيو ۽ آخر 2 ڊسمبر 2020ع تي 76 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. 3 ڊسمبر تي مذھبي رسمن جي ادائگيءَ بعد اباڻي مقام ۾ دفنايو ويو.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. "Detail Information". وقت 21 April 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 2.2 "Detail Information". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-12-05. 
  3. Ali, Saqib. "Who were shortest-serving Prime Ministers of Pakistan?". Pakistan, Our Stories. حاصل ڪيل 2020-12-06. 
  4. "Profile: New Pakistani Prime Minister Mir Zafarullah Khan Jamali - 2002-11-22 | Voice of America - English". www.voanews.com. حاصل ڪيل 2020-12-06. 
  5. "Profile: New Pakistani Prime Minister Mir Zafarullah Khan Jamali - 2002-11-22 | Voice of America - English". www.voanews.com. حاصل ڪيل 2020-12-06. 
  6. "جمالی صاحب کی کہانی- Geo News Urdu". urdu-geo-tv.cdn.ampproject.org. حاصل ڪيل 2020-12-11. 
  7. "جمالی صاحب کی کہانی- Geo News Urdu". urdu-geo-tv.cdn.ampproject.org. حاصل ڪيل 2020-12-11. 
  8. "جمالی صاحب کی کہانی- Geo News Urdu". urdu-geo-tv.cdn.ampproject.org. حاصل ڪيل 2020-12-08. 
  9. "جمالی صاحب کی کہانی- Geo News Urdu". urdu-geo-tv.cdn.ampproject.org. حاصل ڪيل 2020-12-08.