زردالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زردالو هن کي انگريزيءَ ۾ آپريڪاٽ چون ٿا، هيءُ ٻاهر جو ميويدار وڻ جيتوڻيڪ هندستان جي ڪن ڀاڱن ۾ پوکبو آهي، مگر اڪثر ٻور ڪندو آهي مگر ڦر نه جهليندو آهي، يا جي جهليندو آهي ته به ڪچو ڇاڻي ڇڏيندو آهي. شفتالوءَ جي وڻ تي پيوند ڪرڻ سان زردالو چڱو ٿيندو آهي. ٽَڪرن تي هي وڻ چڱو ٿيندو آهي، جتي اپريل يا مئي ۾ پيوند ڪندا اٿس، يا اک هڻندا اٿس. هن وڻ جو اصلوڪو وطن آريمينيا چون ٿا. هماليه جبل ۾ گهڻو به چڱو به ٿيندو آهي. هن جي ککڙين جو مغز باداميءَ وانگي کائڻ ۾ ايندو آهي. هن مغز مان پيڙي تيل به ڪڍندا آهن، جو وارن کي مکيندا آهن. هن جي وڻ جي به پرداخت اهڙي ٿيندي آهي، جهڙي شفتالوءَ جي زردالوءَ کي موافق اُسَ ۽ گرمي ڀاءِ پوندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو