پرويز مشرف
ڏيک
جنرل (ر) پرويز مشرف (پيدائش 11 آگسٽ 1943 دهلي) پاڪستان جو ڏهون صدر هو. مشرف 12 آڪٽوبر 1999 تي ملڪ جو فوجي سربراهه جي حيثيت سان مارشل لا لاڳو ڪرڻ کانپوءِ، وزير اعظم نواز شريف کي جبري طورمعزول ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ 20 جون، 2001 تي هڪ صدارتي ريفرنڊم وسيلي صدر جو عهدو سنڀاليو. ان کان اڳ هي ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو (chief executive) سڏيو ويندو هو. مشرف 18 آگسٽ 2008 تي قوم سان خطاب دوران پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو. هن بار بار آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ وڏي واڪي ان ڳالهه کي قبول ڪيائين. 17 ڊسمبر 2019 تي پاڪستان جي هڪ خاص عدالت کيس غداري جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي.