شڪارپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ضد ابهام صفحن جي لاءِ معاونت زير نظر مضمون شڪارپور،سنڌ تي آهي۔ پاڪستان جي لاءِ شڪارپور ڏسو۔ ٻين استعمالن لاءِ ٻيا استعمال شڪارپور (سلجھائپ) ڏسو۔
شڪارپور
—  شھر  —
Shikarpur
ملڪ پاڪستانپاڪستان
صوبو سنڌ
اوچائي 13 ميٽر (43 فٽ)
آدمشماري (1998)
 - تخمينو (2009) 155,400
منطقۂ وقت PST (يو ٽي سي+5)
Post Code = 78100
ديوان رام چند جو تاريخي ھوٽل جنھن جو فالودو مشھور آھي

شڪارپور، لاڙڪاڻي ڊويزن جو ضلعو ۽ هڪ شهر آهي. شڪاپور سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ليکجي ٿو. ماضي ۾ هي شهر واپار لاءِ اهم رهيو آهي. قابل، قنڌار، سمر قند، بخارا ۽ تاشقند جا واپاري هتي ايندا هئا. شڪار پور 1843ع ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن مان هڪ هو، سکر پڻ هن ضلعي جو هڪ شهر هو.

تاريخ[سنواريو]

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:«شڪارپور: هي شهر دائود پوٽن جو هو. سنه 1617ع ۾ جڏهن هنن لکي جي مهرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني. تڏهن هيءُ شهر ٻڌائون ۽ پوءِ به سو کن ورهين تائين دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ انهي شهر جي هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ اهو شهر پنوهرن جي هٿ ۾ هو ۽ انهيءَ جو نالو خدا آباد رکيائون. آخر احمد شاھ دراني هٿ ڪري منجهس هڪڙو افغان حاڪم ويهاري، انهيءَ کي سيوي جي پرڳڻي سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ افغاني قافلا اتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ ڪري شاهوڪار اچي گڏ ٿيا. اڪثر شهر ۾ سيد ۽ ملا ۽ افغان رهندا هئا. انهن مان مشهور ماڻهو هي هئا. (1) سيد محمد تقي بخاري ۽ سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد (2) حاجي فقير الله اهي ٻئي فضيلت ۽ علميت ۽ پرهيز گاري وارا ماڻهو هئا. نزديڪي ۾ ماڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لکي پير جي قبر آهي. جنهن جي پٺيان لکيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اتي هڪڙو گرم چشمو به آهي.»[1]شڪارپور اڳي انهيءَ هنڌ ڌاري گهاٽا ٻيلا هئا ۽ حاڪم اتي شڪار لاءِ ايندا هئا ۽ انهيءَ ڪم لاءِ شڪار گاهه مقرر هئا. داؤد خان ڪلهوڙن جي ڏاڏي کي اهو هنڌ مليل هو، جنهن جو اولاد داؤد پوٽا هئا ۽ اُهي انهيءَ هنڌ جا مالڪ هئا. داؤد جي اٺين پيڙهي بهادر خان هو، جنهن کي اورنگزيب بادشاه وٽان لکي ۽ خانپور جاگير ٿي مليا. انهي جو اُٻاوڙي جي مهرن جي سردار شير خان سان تڪرار ٿيو، جنهن لکي کسي پنهنجي هٿ ڪئي. طرفين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي ۽ داؤد پوٽن فتح ڪئي ۽ لکي موٽي ورتي. پوءِ انهيءَ فتح جي يادگيريءَ لاءِ شڪارگاهه جو جهنگ وڍائي ميدان صفا ڪرائي اتي شهر ٻڌايائون ۽ انهي جو نالو شڪارپور رکيائون. اُهو سال سنه 1026هه (سنه 1617ع) هو، جو فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ٿو نڪري، جنهن جي معنيٰ ڏيڏر آهي ۽ جو شهر جي لکي دروازي واري حاجي فقير الله واريءَ مسجد جي هڪڙي پهڻ تي اُڪريل آهي. ميان دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۽ سيويءَ جا حاڪم پنيءَ جا افغان هئا. انهن سان ڪلهوڙن جو جهِيڙو هليو. جڏهن سنه 1124هه (سنه 1712ع) ۾ شاهزادو معزالدين آيو، تڏهن ڪلهوڙا انهيءَ جي لشڪر سان وڙهڻ لڳا، جنهن ۾ ميان دين محمد گرفتار ٿي پيو. پر انهيءَ کان پوءِ ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ وري ڪلهوڙا زور وٺي ويا. شڪارپور ۾ تڏهن پنوهر زور هئا، انهن کان ڪلهوڙن شڪارپور هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجو شهر ٻڌائون، جنهن کي خدا آباد سڏيائون ۽ اتان آسپاس جو ملڪ وٺڻ لڳا. ميان يار محمد خدا يار خان جي خطاب سان سيويءَ جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ پوءِ بکر آيو. داؤد پوٽن ۽ پنين جو فساد ٿيو، جو هن اچي بند ڪيو. اهي ڳالهيون سنه 1130هه (سنه 1717ع) ڌاري ٿيون. يار محمد کان پوءِ ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ سنه 1139هه (سنه 1726ع) ۾ هو وري به داؤد پوٽن سان وڙهيو ۽ نيٺ انهن کي جيتي اچي شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. پر 1150هه (سنه 1737ع) ۾ جڏهن نادر شاه آيو، تڏهن هن شڪارپور وري داؤد پوٽن کي ڏني ۽ سيوي افغانن کي، جيئن اڳي هو. سنه 1197هه (سنه 1782ع) کان پوءِ جڏهن ميان عبدالنبي گاديءَ تي هو، تڏهن تيمور شاه بادشاه سنڌ تي ڪاهيو ۽ سندس لشڪر جو سردار عزت يار خان هو، تنهن کي مير بجار خان شڪارپور وٽ شڪست ڏني، اگرچ داؤد پوٽا، بروهي، افعان ٻيا سڀ شاهي لشڪر سان شامل هئا. تنهن تي تيمور شاه پاڻ آيو، اچي مير بجار خان کي ڏاڍي آبرو ڏنائين ۽ ميان عبدالنبيءَ کي سنڌ جو پڪو حاڪم ڪيائين. سنه 1207هه (سنه 1792ع) ۾ ڪن ماڻهن جي چورت تي تيمور شاهه وري سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ مير فتح علي خان سامهون ٿيڻ لڳس، پر پوءِ صلح ڪيائون ۽ شاهه مير کي پڪو حاڪم مقرر ڪيو. سنه 1218هه (سنه 1803ع) ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ مير غلام علي خان لشڪر وٺي شڪارپور آيو، پر پوءِ ڍل مقرر ڪري پٺ تي موٽي ويو. سنه 1230هه (سنه 1814ع) ۾ شاه شجاع الملڪ عظيم خان کان ڀڄي حيدرآباد ۾ آيو. مير ڪرم علي خان لشڪر ڏيئي شڪارپور ۾ آڻي رهايس. عظيم خان ايوب شاه کي لشڪر ڏيئي هن کي ڀڄائڻ لاءِ شڪارپور آيو. ٻئي لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سگهو ئي ميرن ٻارهن لک رپيا ڏيڻ قبول ڪيا ۽ شاه شجاع اتان ڀڄي لڌياني هليو ويو. سنه 1233هه (سنه 1817ع) ۾ وري راجا رنجيت سنگهه نهال سنگهه جي هٿ هيٺ لشڪر سنڌ ڏي موڪليو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان انهيءَ کي سامهون ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ لشڪر گڏ ڪيو، پر انگريزن جي دست اندازيءَ ڪري صلح ٿيو. سنه 1244هه (سنه 1828ع) ۾ مير مراد علي خان جي وقت ۾ شاهه شجاع الملڪ وري به ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور جو شهر ۽ ان جي پيدائش هن کي رهڻ ۽ خرچ لاءِ ڏني ويئي، پر مير جي مرڻ تي شاه شجاع الملڪ اُتي جو مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ آغا اسماعيل شاه، جو شڪارپور جو ناظم هو، تنهن جي اطلاع ڏيڻ تي مير نور محمد خان لشڪر موڪليو، جنهن سان خيرپور جو لشڪر به شامل ٿيو. طرفين جي وچ ۾ جنگ ٿي. گهڻا ماڻهو مئا.، آخر صلح ٿيو ۽ شاه شجاع ٻارهن لک رپيا وٺي نڪري هليو ويو. سنه 1258هه _سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو ڪيو ته مير انگريز سرڪار کي شڪارپور، ڪراچي، سبزل ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏين ۽ ٻيا به ڪي شرط هئا. ميرن پهرين اُنهيءَ تي صحيح نه ٿي ڪئي، پر آخر ڪيائون.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو