ٽالهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽالھي جو وڻ



ٽالهي:(انگريزي: Indian Rosewood) جنھن جو سائنسي نالو ڊيلبرگيا ليٽيفوليا (انگريزي: Dalbergia latifolia ) ها ڊيلبرگيا سيسو يا ان کي tahli يا tali پڻ سڏين ٿا. سنڌ ۾ ان کي ٽاري پڻ سڏين ٿا. اھو انڊيا ۽ پاڪستان ٻنھي جي پنجاب جو سرڪاري وڻ آھي جنھن کي شيشم: (انگريزي: Sheesham ) پڻ سڏيو ويندو آهي. جنھن عمارتي ڪاٺ ملندو آهي.[1] (Ttaalhee) هڪ قسم جو وڻ، جنهن جي ڪاٺي شيشم وانگر مضبوط ٿيندي آهي. اڪثر واهن جي ڪپن ۽ رستن تي ڇانوري لاءِ ٽالهيءَ جا وڻ پوکيا ويندا آهن. ٽالهيءَ جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان فرنيچر ٺهندو آهي. ٽالهي کي جيڪڏهن سنڌ جو سائو سون چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هي وڻ سنڌ ۾ واهن، شاخن، واٽر ڪورسن جي ڪنارن ۽ زرعي زمينن ۾ عام جام ملي ٿو . ٽالهي سنڌ کان سواءِ پنجاب، سرحد ۽ پاڪستان جي ٻين ميداني علائقن ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود ٽالهي جنهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ (Sisoo, Shisham, Indian Rosewood) چيو وڃي ٿو. ٽالهيءَ جو تعلق ٻوٽن جي فيملي (Leguminosae) سان آهي . دنيا جي مختلف ٻولين ۾ هن وڻ کي الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو ، جيئن: فرانسيسي ۾ ” ابنيئر جئاني “ ، عربي ۾ ” دالبر جيا ، سسو “ ، بنگالي ۾ ” ششو “ ، هندي ۾ ” شيشم ، سيسم ، سسائي ۽ سسوَ “ ، انڊونيشيا ۾ ” دو خائڪ ۽ پرادو خائڪ “ ، جاوا ۾ ” سونو واسيسو “ ، نيپالي ۾ ” شيشم ۽ سسائو “ ، سنسڪرت ۾ ” اگورو ۽ شنشاپا “، اسپينش ۾ ” سِسو “، تامل ۾ ” جيتي، نوڪو ختائي، سسوئتي “ ، ٿائي ٻوليءَ ۾ ” دو خائڪ ۽ پرادو خائڪ “ ، اردو ۾ ” شيشم “ ، پنجابي ۾ ” ٽالي “ ، سرائيڪي ۾ ” ٽالي ۽ ٽالهي“ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽالهي سڏيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ٽالھي جو وڻ

هن وڻ جو اصل ديس هندوستان ، پاڪستان ۽ نيپال وارو خطو آهي. هن دور ۾ ٽالهيءَ جو وڻ دنيا ۾ ڪنڊ ڪڙڇ ٽائين پهچي چڪو آهي. خاص ڪري سريلنڪا، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا، موريشس، گهانا، ڪينيا ، سوڊان، نائيجيريا، زمبابوي، قبرص، عراق، فلسطين، اسرائيل ، آمريڪا ، ڏکڻ آفريقا، تنزانيه، بنگلاديش، ڀوٽان، ايٿوپيا، ٽوگو، ڪيمرون، آسٽريليا ، افغانستان، ايران ۽ فرانس کان سواءِ هي وڻ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين گرم موسم وارن خطن تائين پکڙجي چڪو آهي . سٺي واڌ ويجهه لاءِ ٽالهيءَ کي سج جي روشنيءَ جي گهڻي ضرورت پوي ٿي. سنڌ ۾ هن وڻ جي اوچائي 25 کان 30 ميٽر تائين ٿئي ٿي. ٽالهيءَ جون ٽاريون هيٺ جهڪيل ٿين ٿيون. پن 6 کان 10 سينٽي ميٽر ڊگها ۽ 5 سينٽي ميٽر ويڪرا ٿين ٿا. ٽالهي جا گل اڇا هلڪي گلابي رنگ تي مائل ٿين ٿا. هن ۾ تمام گهڻي خوشبو ٿئي ٿي، گلن جي ڊيگهه 1. 5 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي.

ٽالهيءَ جي ڦري عام طور تي هلڪي سائي رنگ جي ٿئي ، جنهن جي ڊيگهه 4 کان 6 سينٽي ميٽر ، پچڻ کانپوءِ ان جو رنگ هلڪو ڀورو ، جنهن ۾ 3 کان 6 ٻج ٿين ٿا. عام طور تي هن وڻ کي سٺي واڌ ويجهه لاءِ 21 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي جي درجي جي ضرورت پوي ٿي. هي وڻ سخت سيءَ ( پارو ) به برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ 50 سينٽي گريڊ جيتري شديد گرميءَ ۾ به وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽالهي ڏاڍو سخت جان وڻ آهي، جيڪو 500 کان 2000 ملي ميٽر مينهن جي پاڻي ۾ به زنده رهي سگهي ٿو. ڏڪار جي صورت ۾ هي وڻ چار کان 6 مهينا سائو رهي سگهي ٿو. سنڌ جو هي سدا بهار وڻ وارياسي، چيڪي ۽ پٿريلي زمين تي تمام سهڻي ۽ سٺي نموني واڌ ويجهه ڪري ٿو، پر ڪلراٺي ۽ سيلاب واري زمين ٽالهيءَ جي وڌڻ جي صلاحيت تي اثر انداز ٿئي ٿي . هي وڻ -بهار- جي مند يعني مارچ کان -اپريل- تائين ڦٽهڙو ڪري تمام خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو. اپريل ۽ مئي مهينن ۾ ڦريون جهلي ٿو.

ٽالهي سنڌ جو ڏاڍو خوبصورت، ڇانوريدار ۽ قيمتي وڻ آهي، جنهن کي ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ آڻجي ٿو:

1 . پنن جو استعمال: سنڌ ۾ ٽالهيءَ جا پن مال جي چاري طور استعمال ڪيا وڃن ٿا. خاص طور تي سياري جي موسم ۾ -ٻڪرار- ۽ ريڍار ٽالهيءَ جون ٽاريون ڇانگي مال کي ڏين ٿا. پنن جو رس سوڄ ، چمڙي جي بيمارين ۽ اکين جي بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو.

2 . گلن جو استعمال: ٽالهيءَ جا گل انتهائي نازڪ ۽ خوشبودار ٿين ٿا . ماکيءَ جون مکيون ان مان رس چوسين ٿيون ، پر گل نازڪ هجڻ سبب ننڍڙي حرڪت تي ڇڻي پون ٿا . ان لاءِ ماکيءَ جون مکيون انهن مان صحيح فائدو حاصل نه ٿيون ڪري سگهن.

3 . ڦرين جو استعمال: ٽالهيءَ جون ڦريون انتهائي سهڻيون ٿين ٿيون. جيڪي ٻڪريون ۽ رڍون شوق سان کائين ٿيون . سنڌ ۾ ڦرين مان ڀاڄي به تيار ڪئي وڃي ٿي . -ٽالهي- جون ڦريون گرمي ، جگر جي گرمي لاءِ مفيد سمجهيون وڃن ٿيون.

4 . ڇوڏي جو استعمال: ٽالهيءَ جو ڇوڏو ڪيترين ئي بيمارين کان نجات لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو . جيئن گرمي لاءِ ٿاڌل رت جي خرابي ، چمڙي جي بيمارين ، الٽي ، باد فرنگ، خارش، اکين ۽ نڪ جي بيمارين، ڦرڙي ۽ سوري ( پيچش ) لاءِ ڇوڏو مفيد سمجهيو وڃي ٿو.

5 . پاڙن جو استعمال: ٽالهيءَ جون پاڙون ڏندڻ طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون.

6 . ڪاٺيءَ جو استعمال: ٽالهيءَ جي ڪاٺي خوبصورت ۽ قيمتي ٿئي ٿي . جنهن جو رنگ اڇي ڀوري رنگ تي مائل ٿئي ٿو . ڪاٺي جو اندريون تهه -بادامي- رنگ جو ٿئي ٿو.

ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ مان هر قسم جو فرنيچر جنهن ۾ ڪٻٽ، در، دريون، ڪرسيون، ميزون، کٽون، ٻيڙيون ۽ کوکا پيتيون، راندين جو سامان، هاريءَ جي استعمال جون شيون ۽ رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٺاهيو وڃي ٿو . ان کان سواءِ ٽالهي جي ڪاٺيءَ مان مختلف قسم جون شيون ٺاهي سگهجن ٿيون.

سڪندر علي شاه (ڳالهہ) 07:46, 31 جُولاءِ 2016 (UTC)

[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Tudge, Colin (2005). The Tree. New York: Random House. p. 182. ISBN 978-0-307-39539-9. 
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2013