پارليامينٽري نظام

پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام(انگريزي: parliamentary system) خودمختيار رياست جي حڪومت جو جمھوري نظام ھوندو آھي جتي انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ جي تائيد سان حاصل ڪندي آھي ۽ پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندي آھي.پاريامينٽري سسٽم ۾ رياست جو سربراھ ۽ حڪومت جو سربراھ الڳ الڳ ھوندا آھن. اھو ھن نظام جي ۽ صدارتي نظام ۾ فرق ھوندو آھي . صدارتي نظام ۾ رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو ھوندو آھي ۽ انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ کان ناھي وٺندي. پارلياماني جمهوريت وارا ملڪ آئيني بادشاهت وارا بہ ٿيندا آهن جنھن ۾ رياست جو سربراھ بادشاھ ھوندو آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وري پارليامينٽ مان ٿيندو آهي . آئيني بادشاهت وارن ملڪن ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم، ڊينمارڪ،سوئيڊن ۽ جاپان شامل آهن. جتي آئيني بادشاهت ناھي اتي رياست جو سربراھ صدر ھوندو آھي.اھڙن ملڪن ۾ پاڪستان، انڊيا، جرمني،اٽلي، آئرلينڊ. ڪجھ پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام وارا ملڪ اھڙا آھن جتي رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو آهي پر اھو پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندو آھي.انھن ملڪن ۾ بوٽسوانا، ڏکڻ آفريڪا ۽ سري نام شامل آهن.

|
حوالا[سنواريو]
.