ڪڇي لهجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪڇي لهجو __(Kachhi Dilect):

ڪڇ لفظ جي معنيٰ آهي ڪنڌي يا ڪنارو. ڪڇ اپ ٻيٽ آهي، جنهن کي ٽنهي پاسن کان سمنڊ آهي. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪڇ ، ڀڄ ۽ گجرات جا حصا سنڌ جي اثر هيٺ رهيا آهن؛ اتي هينئر به جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، اها سنڌيءَ جي تمام ويجهي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ننڍو لهجو (sub dialect) چئي سگهجي ٿي. ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ڪڇڪي لاڙي لهجي سان مشابهت رکي ٿي. مثال طور: ڪڇي به لاڙين وانگر پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍيو ڇڏين. ”ا“ هو. اچارن کي سسائين ٿا، ”هه“ جو اچار ڪيترن لفظن مان ڪڍي ڇڏين ٿا. هي عام طور تي ”اين“ جو ڊگهو اچار گڏين ٿا، مثال طور: جانورَ جناورين، ڏينهَن ، ڏينهين، مثال طور هي ”يه“ جو اچار به بدلائي گڏين ٿا. آءٌ ڪرو ڪريان“ يعني مان ڇا ڪريان. ’او-ان ۽ پنڊ‘ ضمير ڪم آڻين ٿا. ڪڇي ٻوليءَ ۾ ڏنائنس کي چون ڏنيس، ڪهڙو کي ڪيرو، کائڻ کي کيئڻ، جبل کي ڏونگر، بابو کي ٻابو، زال کي ٻائي يا ٻايڙي. اتان ۽ جتان بدران ائان ، جئان چون ٿا يعني وچ وارو ”ت“ اکر ڪڍي ڇڏين ٿا. تنهن ۽ ڪنهن بدران چون ”تين ۽ ڪين“ ڪيترن لفظن جي وچ مان ”ر“ ۽ ”ڙ“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن. مثال طور ڳئون چارڻ بدران چون ڳئون چايڻ. ڪڇي لوڪ گيتن ۾ هو جمالو به شامل آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ عام آهي. ڪڇي ’هو جمالي‘ جو ڪجهه نمونو هيٺ ڏجي ٿو: اسين ماڙو ڪڇ جا – هو جمالو مٺا ماڙو ڪڇ جا- هو جمالو ڪارا ڏونگر ڪڇ جا – هو جمالو .[1].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي