سرائيڪي ٻولي
| سرائيڪي | |
|---|---|
| سرائیکی | |
نستعليق ۾ لکل لفظ "سرائيڪي" | |
| ٻولي جو وطن | |
| خطو | ڏاکڻي پنجاب، پاڪستان |
| نسل | سرائيڪي |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
20 million (2013ع)[1] |
| لھجو | *ملتاني
|
| فارسي-عربي لکت (سرائيڪي اکر) | |
| سرڪاري حيثيت | |
| ريگيوليٽر | ڪوبه آفيشيئل ادارو ناهي |
| ٻولي جا ڪوڊ | |
| ISO 639-3 | skr |
| گلوٽولوگ | sera1259 |
سرائيڪي ٻولي (انگريزي: Seraiki؛ سرائيڪي: سرائیکی)، هند-ايراني ٻولين جي هڪ ذيلي خاندان هند-آريائي سان تعلق رکي ٿي، جيڪا پاڪستاني پنجاب جي ڏاکڻي ڀاڳي ۾ اڪثريت ڳالھائي ٿي. ھن کانسواء سنڌ صوبي جي ڪجهه اترين علائقن ۾ پڻ ڳالھائي ويندي آھي.[3] سرائيڪي ٻولي پاڪستان جي ٻہ ڪروڙ ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. [1]
سرائيڪي بولي معنا سنڌ توڙي سنڌو نديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي، سنڌ جو سرو يا اتر وارو ڀاڱي جي ٻولي،سنڌ ۾ گهڻو ڪري جت، شر ۽ چاچڙ سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري اها جتڪي به سڏجي ٿي. [4]
سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي
[سنواريو]لفظ، "لهندا" اصل ۾ "اُلهندو" کان آهي ۽ خاص طرح معنيٰ اٿس "پنجاب جو الهندو طرف" آهي ۽ اتي جي ٻولي "لهندا" يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي سڏجي ٿي. اها ملتان ڏي ملتاني، بهاولپور ڏي بهاولپوري ۽ سنڌ ۾ سرائيڪي سڏجي ٿي.
سرائيڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي "اُڀي جي ٻولي" پنجاب جي ڏاکڻي ڀاڱي، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اتر وارو ڀاڱو (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين، "اُڀو" سڏجي ٿو. "اُڀو" معنيٰ درياهه جي وهڪري جو مٿيون پاسو ۽ ان جي ضد آهي "لمو" معنيٰ ڏاکڻو يا هيٺاهون ڀاڱو. اُڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن. [5] اها اُڀي جي ٻولي سرائيڪيءَ کانٿوري ڦريل آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀاڳناري ۽ جيڪب آباد ۽ شڪارپور طرف جا ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي، روپاهي ۽ ٻيا ڪيترا هندو، جي اصل قلات طرفان آيا آهن، سي اڄ تائين زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، سرائيڪي ۽ سنڌي ٻيئي ٻوليون ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ جملي هڪ لک کن ماڻهو سرائيڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ڳالهائين ٿا. [6]
سرائڪيءَ ۽ اُڀي جي ٻوليءَ جو جگري ناتو پنجاب جي "لهندا" ٻوليءَ سان آهي، اهي سڀ داردي بنياد جون آهن ۽ پئشاچ لوڪن جي پئشاچي پراڪرت مان پيدا ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان جگري ناتو ڪو نه اٿن. پر "لهندا" ۽ "سنڌي" ٻئي هندستان جي بنهه اتر اولهه طرف چالو آهن. [7]
سرائيڪي ۽ سنڌي ٻولي ۾ هڪجهڙايون سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر ليکيا وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر جنهن لفظ ۾ ايندو آهي سو نج سنڌي ليکيو ويندو آهي. مثلاً: ڄڃ، ٻڌڻ، ڏيڻ، ڳڱ. اهي چارئي اکر نڪي سنسڪرت ۾ نڪي ڪنهن پراڪرت ٻوليءَ ۾ آهن. ته پوءِ اسان ڪٿان آندا؟ پڌرو پيو آهي، ته سرائيڪي ڳالهائيندڙن سان نهايت قديم زماني کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين، گهڻو لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري کانئن سکيا آهيون. سرائيڪي ۾ چارئي اکر آهن. مثلاً:
دم دم سان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان،
ڏاڍا فــــراق لــڳــــڙا، بــرهه باهــيــان ٻــالـيــــان
(بيڪس)
هتي ڏسو ته ٻاليان ۾ "ٻ"، سڄڻان ۾ "ڄ" ’اسان ڏي ۽ ڏاڍي لفظن ۾ "ڏ" ۽ ڳالهيان ۾ "ڳ" آهي. ٻيا مثال:
هندي-سرائيڪي-سنڌي
دينا- ڏيوڻ- ڏيڻ
دانت-ڏند- ڏند
ديکنا-ڏيکڻ-ڏسڻ
اهڙا به ڪيترا مثال آهن جن ۾ اکر "ڙ" جي بدران سنڌي توڙي سرائيڪيءَ ۾ "ڏ" جو اُچار آهي. مثلاً: هندي لفظن "گاڙي" ۽ "ڪؤڙي" بدران سرائيڪيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ "گاڏي" ۽ "ڪوڏي" چوڻ ٿا. سرائڪي ڳالهائيندڙ انهيءَ ريت "ر" کي به مٽي "ڏ" ڪندا آهن. مثلاً: هندي جي لفظن، "ميرا" ۽ "تيرا" جي بدران "ميڏا" ۽ "تيڏا" چوڻ ٿا. هن مان ظاهر آهي، ته اها عادت سرائيڪيءَ ۾ زور آهي. ڊيرا اسماعيل خان پاسي به "د" جي بدران "ڏ" چوندا آهن. مثلاً: دادا، دال ۽ دو جي بدران ڏاڏا، ڏال ۽ ڏون چوڻ ٿا. اهو ساڳو نمونو ملتاني، سرائيڪي ۽ سنڌيءَ ۾ به آهي:
"ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چوي" (شاهه) [7]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 Lewis، Simons & Fennig 2016.
- ↑ "Western Panjabi", Ethnologue, حاصل ڪيل 21 July 2016۔
- ↑ Rahman 1995, p. 16; Shackle 2014b
- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ لنگئسٽڪ سروي، جلد 8، ڀاڱو1: صفحو 360
- ↑ لنگئسٽڪ سروي جلد 8، ڀاڱو 1، صفحو 5
- 1 2 Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)[مئل ڳنڍڻو]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سرائيڪي ٻولي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
| وڪيپيڊيا، آزاد ڄاڻ چيڪلو سرائيڪي ٻولي ۾ |
- A review of the linguistic literature on Saraiki[مئل ڳنڍڻو]
- Saraiki Alphabet آرڪائيو ڪيا ويا 30 November 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. with Gurmukhi equivalents
- Download Saraiki font and keyboard for Windows and Android آرڪائيو ڪيا ويا 3 April 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Saraiki online transliteration آرڪائيو ڪيا ويا 22 October 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Works by Aslam Rasoolpuri at the Internet Archive
- سانچا
- ISO language articles citing sources other than Ethnologue
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از January 2025
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links از December 2024
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- سرائيڪي ٻولي
- ٻوليون
- هند۔ايراني ٻوليون
- سنڌ جون ٻوليون
- انڊيا جون ٻوليون
- پاڪستان جون ٻوليون
- پنجاب، پاڪستان جون ٻوليون
- هندستان جون ٻوليون
- ديوناگري ۾ لکيل ٻوليون
- خيبر پختونخوا جون ٻوليون
- وڏيون پنجابي ٻوليون ۽ لهجا
- بلوچستان، پاڪستان جون ٻوليون
