عمران خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عمران خان
Imran Khan

ح.ا ح.ڪ
22 هون پاڪستان جو وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
18 آگسٽ 2018
صدر ممنون حسين
پيشرو ناصر الملڪ (نگران)
چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف
دفتر سنڀاليو
25 اپريل 1996
ڊپٽي شاهه محمود قريشي
پيشرو عهدو قائم ٿيو
رڪن قومي اسيمبلي
دفتر سنڀاليو
13 آگسٽ 2018
حلقو تڪ اين اي 95 (ميانوالي 1)
اڪثريت 113,523 (44.89%)
عهدو سنڀاليو
19 جون 2013 – 31 مئي 2018
پيشرو حنيف عباسي
حلقو اي اي 56 (راولپنڊي 7)
اڪثريت 13,268 (8.28%)
عهدو سنڀاليو
10 آڪٽوبر 2002 – 3 نومبر 2007
پيشرو تڪ جو بنياد پيو
جانشين نوابزاه ملڪ احمد خان
حلقو اين اي 71 (ميانوالي 1)
اڪثريت 6,204 (4.49%)
چانسلر بريڊفورڊ يونيورسٽي
عهدو سنڀاليو
7 ڊسمبر 2005 – 2014
پيشرو برونس لوڪووڊ
جانشين ڪيٽ سان
ذاتي تفصيل
پيدائش عمران احمد خان نيازي
آڪٽوبر 1952 (عمر 71 سال)[1]
لاهور، پنجاب
قوميت پاڪستاني
سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف
جيون ساٿي جمائما گولڊ سمٿ (ش. 1995; ط. 2004)
ريحام خان (ش. 2014; ط. 2015)
بشرا مانيڪا (ش. 2018)
گهريلو ساٿي ايما سارجنٽ (1982–86)[2]
سيٽا وائيٽ (ت. 1987–91)[3][4]
ٻار ٻچا ٽيرين[5][3]
سُليمان
قاسم
رهائش بني گلا، اسلام آباد
مادر علمي قيبل ڪاليج، آڪسفورڊ
ڪرت
  • ڪرڪيٽر
  • سياستدان
  • ليکڪ
اعزاز حلال امتياز (1992)
تمغه حسن ڪارڪردگي (1983)
دستخط
عرفيت ڪپتان[6][7]
عمران خان
ڪرڪيٽ معلومات
بيٽنگ انداز ساڄي هٿ سان کيڏندڙ
بالنگ انداز ساڄي هٿ سان تيز بالنگ
ڪردار آل رائونڊر
بين الاقوامي معلومات
قومي ٽيم
ٽيسٽ شروعات (cap 88) 3 جون 1971 بمقابلو انگلينڊ
آخري ٽيسٽ 2 جنوري 1992 بمقابلو سريلنڪا
ھڪ ڏينھن بين الاقوامي شروعات (cap 175) 31 آگسٽ 1974 بمقابلو انگلينڊ
آخري ھڪ ڏينھن (ون ڊي) بين الاقوامي 25 مارچ 1992 بمقابلو انگلينڊ
ڪيريئر انگ اکر
مقابلو ٽيسٽ هڪ ڏينهن فرسٽ ڪلاس اي ڪرڪيٽ
ميچ 88 175 382 425
رنسون ٺاھيون 3807 3709 17771 10100
بيٽنگ 37.69 33.41 36.79 33.22
100s/50s 6/18 1/19 30/93 5/66
ٽاپ اسڪور 136 102* 170 114*
بال ھلايا 19458 7461 65224 19122
وڪٽ 362 182 1287 507
بالنگ 22.81 26.61 22.32 22.31
اننگز ۾ 5 وڪٽ 23 1 70 6
ميچ ۾ 10 وڪٽ 6 0 13 0
بھترين بالنگ 8/58 6/14 8/34 6/14
ڪيچ/اسٽمپ 28/0 36/0 117/0 84/0
Source: ESPNCricinfo, 5 November 2014

عمران احمد خان نيازي (Imran Ahmed Khan Niyazi) پاڪستان جو سياستدان، اڳوڻو ڪرڪيٽ جو رانديگر، پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اَڳوڻو ڪپتان، شوڪت خانم ميموريل اسپتال جو باني ۽ تحريڪ انصاف پارٽيءَ جو سرواڻ 25 نومبر 1952ع ۾ لاهور ۾ اڪرام الله جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو. عمران خان 1971ع کان 1992ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو رهيو آهي.

ذاتي زندگي ۽ تعليم

عمران خان (Imran Khan) جو لاڳاپو پشتونن جي نيازي قبيلي سان آهي. پر سندس ماءُ شوڪت خانم پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو تڻو وقت ميانوالي ۾ گذاريو. عمران خان، اڪرام الله خان نيازيءَ جو اڪيلو پُٽ هو. هن شروعاتي تعليم لاهور جي ڪيٿيڊرل اسڪول ۽ ايچيسن ڪاليج مان ماڻي، ان کانپوءِ وڌيڪ پڙهائي لاءِ انگلينڊ هليو ويو. اُتي رائل گرامر اسڪول ۾ تعليم پرائي ۽ پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اَي جي ڊگري ورتي. عمران خان 1974ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پڻ رهيو.

شوڪت خانم ميموريل اسپتال

عمران خان، 1992ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ ڪَپ کَٽڻ کانپوءِ ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ وٺي ورتي. ان کانپوءِ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ ڪينسر جي مريضن جي لاءِ لاهور ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي اسپتال شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي ذريعي قائم ڪئي.

ڏيهان ڏيهي ايوارڊز

عمران خان کي پاڪستان سرڪار جي پاران صدارتي ايوارڊ به ملي چڪو آهي. ان کانسواءِ 1992ع انساني حقن جو ايشيا ايوارڊ ۽ هلال امتياز (1992غ) پڻ ماڻي چڪو آهي.

جمائما سان وهانءُ

عمران خان 1995ع ۾ برطانوي ارب پتي واپاري سر جيمز گولڊ سمٿ جي ڌيءَ، جمائما گولڊ سمٿ سان وهانءُ ڪيو. ان وهانءَ جي هاڪ ڏيهان ڏيھ تائين ٿي هئي ۽ ڏيهان ڏيهي ميڊيا ان کي وڏي ڪوريج ڏني هئي. 22 جون 2004ع تي ٻنھي ۾ طلاق ٿي وئي.

ريحام خان سان وهانءُ

هن 8 جنوري، 2015ع تي برطانوي ۽ پاڪستان جي ٻٽي شهريت رکندر صحافي ۽ اينڪر ريحام خان سان وهانءُ رَچائي ورتو. 03 اڪٽوبر 2015ع تي ٻنحي طلاق جي ڳالھ جي تصديق ڪري ڇڏي.

بُشرا سان وهانءُ

2017ع جي پڇاڙيءَ ۽ 2018ع جي منڍ ۾ خبرون آيون ته عمران خان پنهنجي پنهنجي روحاني مرشد بِي بِي بشرا وٽوءَ سان وهانءُ ڪري ورتو آهي. ان کانپوءِ 7 جنوري 2018ع تي سندس پارٽي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ هڪ بيان پڌرو ڪري ٻڌايو ته عمران خانَ، بشرا وٽوءَ کي وهانءَ (شاديءَ) جو نياپو موڪليو آهي تنهن کانپوءِ 18 فيبروري 2018ع تي پي ٽي آءِ طرفان پڌرو ڪيو ويو ته عمران خان، بشرا وٽوءَ سان وهانءُ ڪري ورتو آهي. [1]

حوالا

  1. "#HappyBirthdayIK: PTI Chairman Imran Khan turns 62". DAWN.COM (Dawn). 5 October 2014. Archived from the original on 7 April 2017. https://web.archive.org/web/20170407065014/https://www.dawn.com/news/1136414/happybirthdayik-pti-chairman-imran-khan-turns-62. Retrieved 22 October 2016. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named auto1
  3. 3.0 3.1 Hutchins & Midgley 2015.
  4. Morgan 2012.
  5. "The tragedy of Sita, heiress entangled in a murky business". 
  6. "Kaptaan Khan's slog from sports icon to Pakistan's likely new leader", Dunya News. Retrieved on 3 August 2018
  7. "Imran Khan: Forever the Kaptaan", The Hindu. Retrieved on 3 August 2018