جھلم ندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جهلم نديءَ جو نقشو

جهلم ندي پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ندين مان هڪ ندي آهي، جيڪا پنجند واري هنڌ سنڌو درياهه سان ملي ٿي.

جگرافيائي حدون[سنواريو]

هيءَ ندي والاريل ڄمون ڪشمير جي ويرناگ واري هنڌ تان نڪري، پير پنچال جي جابلو سلسلي ڀرسان وهندي وولر ڍنڍ مان گذري ٿي. ڍنڍ کان اڳيان جهلم ندي ست هزار فٽ گهري کاهيءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. آزاد ڪشمير جي ڄمونءَ وارن علائقن ۾ هيءُ ندي ڪشن گنگا درياهه ۾ ملي ٿي ۽ پوءِ ڏکڻ پاسي مُڙي آزاد ڪشمير ۽ سرحد صوبي وچ ۾ لڪير ٺاهي ٿي. هيءَ ندي پاڪستاني علائقي ۾ ڏکڻ واري پاسي، منگلا ڀرسان ميداني علائقن ۾ داخل ٿئي ٿي. جهلم شهر کان درياهه خوشاب طرف وڃي ٿي ۽ اتان ٻيهر ڏکڻ طرف مڙي تريمون ڀرسان چناب نديءَ ۾ شامل ٿئي ٿي.

ڊيگھ[سنواريو]

جهلم نديءَ جي جملي ڊيگهه 725 ڪلوميٽر آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011