ڀينڊي
ڏيک
| ڀينڊي Abelmoschus esculentus | |
|---|---|
| Okra flower bud and immature seed pod | |
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | نباتات |
| Division: | گلن وارا ٻوٽا |
| درجو: | ٻه ٻجو |
| (unranked): | Rosids |
| ترتيب: | Malvales |
| خاندان: | Malvaceae |
| نسل: | Abelmoschus |
| جنس: | A. esculentus |
| حياتياتي نالو | |
| Abelmoschus esculentus (لني اس) Moench | |
| Worldwide okra production | |
| هم معنيٰ | |
|
Hibiscus esculentus L. | |
ڀينڊي (انگريزي: Okra؛ سائنسي نالو: Abelmoschus ) هڪ ٻوٽي جو ميوو آهي جنهن کي سبزي جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن جو رنگ سائو هوندو آهي۔ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪافي علائقن ۾ پوکي ويندي آهي. هن جو ٻوٽو ٻه ميٽرن تائين ڊگهو ٿي سگهي۔
| وڪيميڊيا العام ۾ ڀينڊي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
ڀينڊيءَ کي هتي ڪاٺتُوري ۽ هندستانيءَ ۾ رامتُرئي چوندا آهن. هن جو وڻ ٻه يا ٽي فوٽ وڏو ٿئي ٿو، اڃا به وڏو. گل پيلا اٿس. ساري هندستان ۾ هيءَ مشهور ڀاڄي آهي. هن جي ڦر ۾ گِگِ يا لِڳِ لِڳِ جهڙي شيءِ رهي ٿي. ڀينڊيون ٻوڙ ۾ وجهندا آهن ۽ ڌار رڌي يا تري به کائيندا آهن. سانوڻ جي شروع ۾ ٻج پوکبو آهي. وڻ وڻ جي وچ ۾ اَٺ ڏهه انچ وڇوٽي هئڻ کپي ۽ چريون هڪٻئي کان ٻه فوٽ پري هئڻ گهرجن. ڀينڊيءَ کي انگريزيءَ ۾ ليڊيز فنگر (يعني زال جي آڱر) يا گوبو چون ٿا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ ڀينڊي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
| ڀينڊي جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
زمرا:
- Articles with 'species' microformats
- Taxoboxes with the error color
- Taxoboxes with the incertae sedis color
- Taxoboxes with no color
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ڀينڊي
- ڀاڄيون
- فصل
- طبي ٻوٽا
- پاڪستاني کاڌا
- ريشي وارا ٻوٽا
- ايشيائي ڀاڄيون
- پاڪستاني ڀاڄيون
- آفريقي کاڌا
- پاڪستان جون پوکون
- ڏکڻ آمريڪا جا کاڌا
- پاڪستان جون قومي علامتون
- آفريڪا مان نڪرندڙ فصلون