چمڙو
چمڙو | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | چروپٽيرا |
ذيلي ترتيبون | |
(روايتي): (تازو): | |
چمڙن جي جنسن جي عالمي سطح جي ورھاست |
چمڙو (انگريزي: Bat) جنھن کي اردو ۾ چمگادڙ، عربي ۾ خماش، فارسي ۾ شب پره ۽ ھندي ۾ موش ڪور چوندا آهن. ڏينهن جو ٻاهر ڪونه نڪري. سُڃين جاين ۾ يا وڻن جي اونداهن هنڌن تي اوبتو ٽنگيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي يا ڪنهن وڻ جي پور اندر لڪل هوندو آهي. سج لهڻ بعد ڪجهه اونداهي ٿي، ته پوءِ آڏا اُبتا لامارا ڏيندو اُڏامندو رهندو آهي.[1]
طب
[سنواريو]ان جي گوشت جي تاثير گرم خشڪ آهي. ڪوئي جي منهن وارو وڏن کنڀن سان رات جو اُڏامندڙ جانور جنهن کي ڏند آهن. هن کي زنبق يا زيتون جي تيل ۾ ساڙجي، پوءِ اهو تيل فالـج ريشي، سنڌن جي سور، نقرس، عضون جي استرخاءِ وارن هنڌن تي مالش ڪرائجي. ان جي وِٺ اک جي ڦلي، ڌند ۽ اک جي روشنائيءَ لاءِ مفيد آهي، هن جو رت وارن وارين جاين تي لائجي ته وار وري نه ڄمندا. وڏن جابلو چمڙن جو کير جيڪو مادي چمڙي جي ٿڻن مان ڳڙي هيٺ ڪري گڏ ٿئي ٿو، اهو قوت مردميءَ لاءِ مفيد آهي..[2]