مواد ڏانھن هلو

شيخوپوره

Sheikhupura


شیخُوپُورہ
شھر
ھرن مينارجيڪو 1620 ۾ جھانگير بادشاھ شيخوپوره جي ڀرسان تعمير ڪرايو
ھرن مينارجيڪو 1620 ۾ جھانگير بادشاھ شيخوپوره جي ڀرسان تعمير ڪرايو[2]
Sheikhupura is located in پاڪستان
Sheikhupura
Sheikhupura
Sheikhupura is located in ايشيا
Sheikhupura
Sheikhupura
Coordinates: 31°42′40″N 73°59′16″E / 31.71111°N 73.98778°E / 31.71111; 73.98778
ملڪپاڪستان
ضلعوشيخوپوره ضلعو
ايراضي
• ڪل5,960 km2 (2,300 sq mi)
وقتي علائقوUTC+5 (PST)
پوسٽل ڪوڊ
39350
يونين ڪاؤنسلون51

شيخوپوره(انگريزي: Shekhupura) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي شیخوپورہ جو صدر مقام ۔ ھن شھر جو بنیاد مغل بادشاھ جھانگير 1607 ۾ رکيو. ھي شھر آبادي ۾ پاڪستان جو 16 وڏو شھر آھي.[3] ھي شھر صنعت جو مرڪز آھي ۽ لاھور جو سيٽلائيٽ ٽائون آھي جو کائنس اتر اوڀر پاسي 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.[4]

نالي جي معني ۽ پس منظر

[سنواريو]

ھن شھر جتي واقع آهي ان جو علائقي جو اصل نالو ويرڪ ڳڙھ يا ويرڪ فورٽ ھيو ۽ اتي جٽ قبيلي جا ماڻهو رھندا ھيا.[5] 1607 ۾ جھانگير ھن شھر جو بنياد رکي کيس پنھنجو نالو ڏئي جھانگير آباد رکيو ھو ۽ ھن پاڻ اھڙو ذڪر پنھنجي سوانح تزڪ جھانگيري ۾ پڻ ڪيو ھيو.جھانگير جو ننڍپڻ جو پنھنجي ماء جو ڏنل پيار وارو نالو شيخو ھيو. ماڻھن بعد ۾ ھن شھر کي شيخوپورہ سڏڻ شروع ڪيو جنھن جي معنيَ آهي شيخو جو شھر.[6][7]

شيخوپوره قلعو 1607 ۾ قائم ٿيو

تاريخ

[سنواريو]

جھانگير ھڪ پراڻي شھر جانديالا شير خان جي ڀرسان ھن شھر جو بنياد وڌو. ان وقت جانديالا شير خان مغل سلطنت ۾ ھڪ اھم صوبائي شھر ھيو[8] He also erected the nearby ھرن مينار ھتان جو ھڪ اھم ماڳ آھي جيڪو جھانگير بادشاھ پنھنجي پالتو ھرڻ مانسي راج جي مرڻ تي ان جي ياد ۾ ٺھرايو ھو ان وقت اھا جاء مغل بادشاھ جي شاھي شڪارگاھ ھوندي ھئي.[9] مغل سلطنت ڪمزور ٿيڻ بعد ھي شھر ڀٽي قبيلي جي ماڻھن جي ڪنٽرول م آيو.ان وقت ڌاڙيلن ۽ سکن ھن شھر تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ علائقن تي قبضا ڪيا. 1797 ۾ دراني خاندان جي افغاني بادشاھ زمان شاھ دراني لاھور فتح ڪرڻ واري مھم دوران ھن شھر ۽ ان جي قلعي تي مختصر وقت لاءِ قبضو ڪيو هو.[10] ان کان پوءِ شھر جي قلعي تي ھڪ سک ڌاڙيل اندر سنگھ قبضو ڪيو ۽ لھنا سنگھ مجيٿيا جي فوج شھر تي قابض ٿي وئي اھڙي طرح شھر سک حاڪم سڪرچاڪيا مثل جي حڪومت ۾ لھنا سنگھ جي قيادت سميت شامل ٿي ويو. رنجيت سنگھ طاقت جي استعمال سان ڀٽي قبيلن کي نيڪال ڪري پنڊي ڀاٽيان ۽ جلال پور طرف ڌڪي ڇڏيو. 1808 ۾ ھي شھر رنجيت سنگهه جي ڪنٽرول ۾ آيو ۽ 1847 تائين سکن جي حاڪميت ۾ رھيو پر پوءِ ھي شھر برٽش انڊيا جي ڪنٽرول ۾ آيو.انگريزن سکن جي آخري راڻي جند ڪئور کي گرفتار ڪري شيخوپوره واري قلعي ۾ 1848 تائين ڏھ مھينا قيد ۾ رکيو آخرڪار کيس جلاوطن ڪري ملڪ بدر ڪري ڇڏيو . برٽش انتظاميہ ۾ ڀٽين کي سکن ھٿان ڦريل زمينون واپس ڏنيون ويون. درياء راوي ۽ درياءَ چناب وچ واري سموري ايراضي کي گڏائي تمام وڏو ضلعو ٺاھيو ويو جنھن جو صدر مقام شيخوپوره شھر کي ڪيو ويو جيڪو ضلعو ان صورت ۾ 1851 تائين قائم رھيو پوء ان جي ضلعي حيثيت ختم ٿي وئي .1919 ۾ ھن شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ ايم ايم ايل ڪيري ھن ضلعي جو پھريون ايڊمنسٽريٽر ٿيو.[11] پاڪستان ٺھڻ وقت شيخوپوره ۾ سک آبادي ضلعي آباديءَ جو 19 سيڪڙو ھئي ۽ اقليت ھجڻ جي باوجود انھن جو مطالبو ھو ته سرحد واري ڪميشن ھن شھر کي نانڪانا صاحب سميت ڀارت ۾ شامل ڪري ڇوتہ نانڪانا صاحب شھر سک مذھب جي باني گرو نانڪ جي ڄمڻ جي جاءِ ھيو.[12] ھن شھر ۾ وڏي پيماني تي سک مسلم فساد شروع ٿي ويا جيڪي لاھور تائين ڦھلجي ويا. ڏک آبادي ريڊڪلف لائين ڇڪجڻ کان پھريان ڀارت ھجرت نہ ڪئي ۽ 31 آگسٽ 1947 تائين سک ھن شھر ۾ ڦاٿل رھيا ۽ ڪوبہ نڪرڻ جو بندوبست نہ ٿي سگھين . ھن شھر ۾ سکن سچا سودا نالي پناھگير ڪيمپ قائم ڪئي جنھن ۾ گجرانوالا ۽ ٻين پسگردائيءَ وارن علائقن مان ھڪ لک جي لڳ ڀڳ سک پناھ وٺڻ پھتا. 16 آگسٽ کان 19 آگسٽ 1947 تائين ڏھ ھزار ماڻھو ھن شھر ۾ فساد ۾ مارجي ويا. وڏي تعداد ۾ سک عورتن کي پنھنجي مردن ان ڪري قتل ڪيو تہ جيئن اھي مسلمانن جي ھٿ اچي جنسي تشدد جو شڪار نہ ٿي سگھن.

نامور شخصيتون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Centre, UNESCO World Heritage. "Hiran Minar and Tank, Sheikhupura - UNESCO World Heritage Centre". {{cite web}}: Missing or empty |url= (مدد){{|url=http://whc.unesco.org/en/tentativelists/1281/|website=whc.unesco.org|accessdate=29 April 2017|language=en}}
  2. Centre, UNESCO World Heritage. "Hiran Minar and Tank, Sheikhupura - UNESCO World Heritage Centre". {{cite web}}: Missing or empty |url= (مدد){{|url=http://whc.unesco.org/en/tentativelists/1281/|website=whc.unesco.org|accessdate=29 April 2017|language=en}}
  3. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/[مئل ڳنڍڻو]/tables/POPULATION%20SIZE%20AND%20GROWTH%20OF%20MAJOR%20CITIES.pdf
  4. Kot Dayal Das
  5. "Sheikupura City Profile" (PDF). Urban Unit. Government of Pakistan. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (مدد)
  6. "Sheikhupura's historical sites attractive for tourists". The Nation (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-01-21 تي حاصل ڪيل.
  7. District Profile: Central Punjab- Sheikhupura آرڪائيو ڪيا ويا 6 May 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  8. orientalarchitecture.com. "Asian Historical Architecture: A Photographic Survey". www.orientalarchitecture.com. 2018-01-21 تي حاصل ڪيل.
  9. Ruggles, D. Fairchild (2011). Islamic Gardens and Landscapes. University of Pennsylvania. ISBN 9780812207286.
  10. Ali, Aown (2014-09-03). "The crumbling glory of Sheikhupura Fort". DAWN.COM (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-01-21 تي حاصل ڪيل.
  11. Ahmad, Iram. "COLONIAL TRANSFORMATION IN THE DISTRICT OF SHEIKHUPURA, 1849-1947" (PDF). {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (مدد)
  12. Menon, Ritu; Bhasin, Kamla (1998). Borders & Boundaries: Women in India's Partition (انگريزي ۾). Rutgers University Press. ISBN 9780813525525.
  13. https://cricketarchive.com/Archive/Players/19/19517/19517.html