مٿيون ایوان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
فرانس جي سينيٽ

مٿيون ايوان ، ايوان بالا(انگريزي: upper house) ٻہ ايواني(انگريزي: bicameral) يا ٽي ايواني(انگريزي: tricameral) پارليامينٽٽ جو ھڪ ايوان جتي بحث ٿيندو آهي [1] ھي ايوان اختيارن ۾ ھيٺين ايوان کان گھٽ اختيار وارو يا محدود اختيارن وارو آھي. اھڙا قانون ساز ادارا جيڪي ھڪ ايوان وارا ھوندا آھن انھن ۾ مٿيون ايوان يا ھيٺيون ايوان ڪانہ ٿيندو آهي.پارلياماني نظام م سينيٽ جا اختيار محدود ھوندا آھن ء ان جو ڪردار مشاورت ۽ نگراني وارو ھوندو آھي ۽ انتظاميہ تي ان جو ضابطو نہ ھوندو آھي

ايوان جا نالا[سنواريو]

ھن ايوان جا مختلف ملڪن ۾ مختلف نالا آھن جن مان ڪجھ ھيٺ ڏنل آھن.

  • سينيٽ: پاڪستان، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا، آسٽريليا، فرانس، اٽلي
  • راجيہ سڀا: انڊيا
  • ھائوس آف لارڊز: يونائيٽيڊ ڪنگڊم
  • فيڊريشن ڪائونسل:روس
  • شيئانڊ(انگريزي: Seanad): آئرلينڊ
  • ديوان نيگارا: ملائيشيا
  • بنڊس راٽ(انگريزي: Bundesrat):جرمني
  • ڪائونسل آف اسٽيٽس: سوئيٽزرلينڊ

مٿئين ايوان ۽ ھيٺين ايوان ۾ فرق[سنواريو]

مٿيون ايوان ھيٺين ايوان کان ھيٺين مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڳالھ جي ڪري مختلف ھوندو آهي

اختيار:

  • پارلياماني نظام ۾ مٿيون ايوان ھيٺين ايوان کان اختيارن ۾ گھٽ ھوندو آھي، تنھنڪري اھڙن ملڪن ۾ مٿين ايوان ۾
    • ووٽنگ جو عمل صرف محدود قانوني معاملن تي ٿيندو آهي يا
    • امن ۾ مالياتي معاملن ۾ ووٽنگ نہ ٿيندي آهي.
    • ھي ايوان حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ ووٽنگ جو اختيار نہ رکندو آهي.
  • صدارتي نظام ۾
    • ھن ايوان جا اختيار ھيٿين ايوان جي اختيارن برابر ھوندا آھن
    • ھن ايوان کي مخصوص اختيار بہ ھوندا آھن جيڪي ھيٺين ايوان کي نہ ھوندا آھن جھڙوڪ:
      • ھي ايوان ڪابينہ جي وزيرن، ججن ، سفيرن جي مقرري جھڙن معاملن وارن انتظامي فيصلن ۾ مشورو ۽ مرضي ڏيندو آهي.
      • ھيٺين ايوان طرفان قرارداد پاس ٿيڻ جي صورت ۾ ھي ايوان حڪومتي عھدن تي يا آفيسن تي مقرر ٿيلن جي خلاف مواخذي(انگريزي: impeachment) جون ڪاروائيون ڪندو آھي.
      • ھن ايوان کي عھدنامن يا حڪومتي معاھدن جي توثيق ڪرڻ جو بہ اختيار ھوندو آھي.

رتبو

  • ڪجھ ملڪن ۾ ھن ايوان جي ميمبرن جي چونڊ سڌي طرح يا اليڪشن ذريعي نہ ٿيندي آهي پر اڻ سڌي طرح، وراثت ، يا ايڪس آفيشو (مقرري) ذريعي ٿيندي آهي
  • ھن اداري جي ميمبرن جي اليڪشن ۾ ووٽنگ جو طريقو ھيٺين ايوان جي طريقي کان مختلف ھوندو آھي. ھن ايوان ۾ متناسب نمائندگي ذريعي اليڪشن ٿيندي آھي.
  • گھٽ آبادي واري رياستن ، صوبن ۽ انتظامي تقسيم ٿيل علائقن جي ھن ايوان ۾ نمائندگي بھتر طريقي سان ٿيندي آھي. جيئن پاڪستان ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جون سينيٽ ۾ سيٽون آبادي جي تمام وڏي فرق باوجود برابر آھن.
  • ھن ايوان ۾ ميمبرن جو مدو ھيٺين ايوان جي ميمبرن جي مدي کان وڏو ھوندو آھي. ڪنھن ڪنھن ملڪ ۾ تہ ھن ايوان جي ميمبر تاحيات ميمبر رھندو آھي.
  • ڪن ملڪن ۾ مٿئين ايوان جي تحليل نہ ٿيندي آهي
  • اڪثر مٿئين ايوان جا ميمبر تعداد ۾ ھيٺين ايوان جي ميمبرن کان گھٽ ھوندا آھن.
  • ھن ايوان جي ميمبر ٿيڻ لاءِ اميدوار جي عمر جي مقرر حد ھيٺين ايوان جي ميمبرن لاء گھربل حد کان وڏي ٿيندي آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. Bicameralism (1997) by George Tsebelis