مواد ڏانھن هلو

ساهيوال

Sahiwal

ساھيوال
Sahiwal is located in پاڪستان
Sahiwal
Sahiwal
Coordinates: 30°39′40″N 73°6′30″E / 30.66111°N 73.10833°E / 30.66111; 73.10833
ملڪپاڪستان
صوباپنجاب,پاڪستان
ضلعوساھيوال
بنياد رکندڙرابرٽ مونٽگومري
آبادي
 (2016 estimate)
• ڪل1,401,000[1]


(21.6% شھري)
• ڪثافت576 في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (PST)
ڊائلنگ ڪوڍ040
يونين ڪاؤنسلون(ٻھراڙيءَ جون 41, شھري 11)
52

ساھيوال(انگريزي: Sahiwal) پنجاب جو ھڪ مشھور شھر ۽ ساھيوال ضلعي جو صدر مقام آھي.

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

ھي شھر لاھور کان 180 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي آبادي 1998 جي مردم شماري مطابق 207388 آھي. ھي شھر پکيڙ ۾ پنجاب جو چوڏھون وڏو شھر ۽ آبادي ۾ ٻاويھون وڏو شھر آھي. ساھيوال شروع ۾ لاھور ڪراچي ريلوي لائين تي ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھوندو ھو جنھن تي 1865 ۾ پنجاب جي ليفٽننٽ گورنر سر رابرٽ مونٽگومري جو نالو ڏنو ويو. اھڙي طرح مونٽگومري شھر قائم ٿي ويو .[2][3] بعد ۾ ان کي ضلعي درجو مليو. ھتي راجپوتن جي کرل قبيلي جي ھڪ شاخ ساھي جا ماڻھو ڪثرت سان رھندا آھن جنھن ڪري 1967 ۾ ھن مونٽگومري شھر جو نالو تبديل ڪري ساھيوال رکيو ويو.راوي ۽ ستلج جي وچ ۾ واقع ھي شھر گھاٽي آبادي وارو علائقو آھي. ھتان جا مکيہ فصل ڪڻڪ، ڪپھ، تماڪ [4] پٽاٽو , ڦريون [5] ۽ تيلي ٻج آھن.[6]

تاريخ

[سنواريو]

ساھيوال کان 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 2600 ق م جي قديم آثارن جي موجودگيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو تہ ھي علائقو ھڙاپا دور کان وٺي آباد آھي. علائقو ڏکڻ ايشيا جي شاھي حڪومتن جو حصو رھيو آھي ۽ انھن تي وچ ايشيا کان ايندڙ حملو ڪندڙن جو ھڪ رستو پڻ رھيو آھي.مغلن جي ڪمزورٿہڻ ڪري ھي شھر ڏکن جي ڪنٽرول ۾ آيو. انگريزن جي دؤر ۾ ھن علائقي ۾ ثرانس راوي علائقو شامل ڪري ان کي وڌايو ويو ۽ 1852 ۾ ضلعي صدر مقام گوگيرا ۾ ڪيو ويو. جڏھن ريلوي لائن وڇائي وئي تہ ان لڳ ھڪ ڳوٺ جو نالو مونٽگومري رکيو ويو جنھن کي 1865۾ ضلعي جو صدر مقام بڻايو ويو [7] 1857 جي بغاوت ۾ ساھيوال جي مسلمانن بہ آزادي جي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ اتر ستلج وٽ بغاوت ڪئي. مئي 1857 جي پڇاڙيءَ کان پھريان دھليءَ کان نڪتل ھڪ سفارتي وفد جڏھن ھريانا ۾ ندي پار ڪري سيرسا ۽ حصار مان گذريو تہ کرل ۽ ٻين قبيلن جي حملن جي زد ۾ اچي وہو. ضلعي جي اختياري کين منھن ڏيندي پئي آئي. 26 آگسٽ 1857 تي جيل ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ء ساڳي وقت گوگيرا ۾ قيد ٿيل ليڊر آحمد خان کرل حراست مان ڀڄي ويو پر کيس وري گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کائنس سڪيورٽي وٺي آزاد ڪيو ويو. 16 سيپٽمبر تي بغاوت زور ورتو ۽ ڪوٽ ڪماليہ تي حملو ٿي ويو ۽ ميجر چيمبرلين (Major Chamberlain) ملتان مان ھڪ ننڍي فوجي دستي سان مدد لاءِ روانو ٿيو جنھن کي به چيچاوطني ۾ راوي وٽ گھيريو ويو . حالات تمام خراب ٿي ويا ان وچ ۾ لاھور مان ڪرنل پاٽن (Colonel Paton) وڏي نفري سان پھچي باغين تي حملو ڪري پسپا ڪيو ۽ باغي ٻيلن ۾ ڀڄي ويا ۽ نيٺ کين شڪست ملي جنھن بعد برطانوي فوجين باغي قبيلن کي سخت سزائون ڏنيون، انھن جا ڳوٺ ڊاٿا ويا ۽ انھن جو چوپايو مال ضبط ڪيو.[8] پاڪستان ٺھڻ بعد 1966 ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي رڪن مفتي ضياء الحسن جي ڪوششن سان مونٽگومري شھر جو نالو تبديل ڪري ساھيوال رکيو ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Table 209". Punjab Development Statistics 2016 (PDF) (انگريزي ۾). Bureau of Statistics, Government of The Punjab. ص. 335(340). 28 May 2017 تي حاصل ڪيل.
  2. The New Encyclopædia Britannica: Micropædia. Encyclopædia Britannica. 1991. ISBN 978-0-85229-529-8. 18 July 2011 تي حاصل ڪيل.
  3. A history by Sahiwal Police آرڪائيو ڪيا ويا 2009-05-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. Agricultural Research Council (Pakistan) (1 January 1980). Pakistan journal of agricultural research. Pakistan Agricultural Research Council. 18 July 2011 تي حاصل ڪيل.
  5. Nazli, Caesar B. Cororaton, Abdul Salam, Zafar Altaf, David Orden and Reno Dewina, Nicholas Minot, Hina. Cotton-Textile-Apparel Sectors of Pakistan: Situations and Challenges Faced. Intl Food Policy Res Inst. ص. 47. GGKEY:1W7L1FH7N4N. 18 July 2011 تي حاصل ڪيل.{{cite book}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو)
  6. Cotton handbook of Pakistan. Pakistan Central Cotton Committee. 1983. ص. 217. 18 July 2011 تي حاصل ڪيل.
  7. "Montgomery District, Imperial Gazetteer of India, v. 17, p. 410., 1860–1922". Dsal.uchicago.edu. 2013-02-18 تي حاصل ڪيل.
  8. "Montgomery District – Imperial Gazetteer of India, v. 17, p. 411". Dsal.uchicago.edu. 2013-02-18 تي حاصل ڪيل.