وائسراء

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وائسراءِ:(انگريزي: viceroy ) (/ˈvsrɔɪ/) ھڪ عھديدار جو نالو آهي جيڪو شاھي حڪمران يعني بادشاھ، راڻي، شھنشاھ، سلطان وغيره جي پاران ڪنھن بہ قبضي ۾ ملڪ، نوآبادي يا بيٺڪ، صوبي، شھر يا ڪنھن ٻي قوم جي مغلوب رياست جي بطور شاھي نائب يا شاھي نمائندي جي حڪومت ڪندو آهي. لاطيني ٻولي ۾ وائس (vice) لفظ جي معني آهي: ڪنھن جي جاء تي ؛ جڏھن تہ لفظ راءِ (roy) فرينچ ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي: بادشاھ. اھڙي طرح انھن ٻن ٻولين جي لفظن مان ٺھيل لفظ وائسراءِ جي معني بادشاھ جي جاء تي ڪم ڪندڙ عھديدار آھي.[1] وائسراءِ جي اختيار واري علائقي کي وائسرائلٽي چوندا آهن.[2][3] ان عھدي تي مقرر ٿيل عورت کي بہ وائسراءِ سڏيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اھا عورت وائسرين (vicereine) پڻ سڏبي آھي.[4] پر عام طور تي وائسراءِ جي زال کي وائسرين سڏيو ويندو آهي. وائسراءِ ڪو خطاب يا لقب نہ پر ھڪ شاھي مقرري جو نالو آهي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "viceroy". www.dictionary.com. حاصل ڪيل 17 November 2018. Origin of viceroy 1515–25; < Middle French, equivalent to vice- vice- + roy king < Latin rēgem, accusative of rēx 
  2. "viceregal". OxfordDictionariesOnline.com. حاصل ڪيل 22 November 2014. 
  3. "Viceroyal, a", The Oxford English Dictionary, 2nd ed. 1989, OED Online, Oxford University Press, 4 April 2000 <http://dictionary.oed.com/cgi/entry/50277245>
  4. "vicereine". OxfordDictionariesOnline.com. حاصل ڪيل 22 November 2014.