مواد ڏانھن هلو

پلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پلو مڇي

پلو (انگريزي:Ilish) سنڌ جي مشهور مڇي آهي. هيءَ اصل سمنڊ جي مڇي آهي. جيڪا سمنڊ ۾ درياهه جي ڇوڙ ڪرڻ وقت اتان آنن ۽ ٻچن ڏيڻ لاءِ درياهه ۾ اچي ٿي، ان کي پلو چوندا آهيون. مڇي جيڪا کاري پاڻي يعني سمنڊ کان هجرت ڪري مٺي درياهه ۾ اچي ٿي، ان هجرت کي ايناڊرامس (Anadromous) هجرت چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح وري ڪا به مڇي مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻيءَ ۾ ويندي آهي ته سندس ان هجرت کي ڪئٽاڊرامس (Catadromous) هجرت چيو ويندو آهي. پلو ايناڊرامس هجرت ڪرڻ واري مڇي آهي. سنڌ جو پلو خاص ڪري عربي سمنڊ ۾ رهندو آهي. پلو سنڌ کان سواءِ ڀارت، بنگلاديش، برما، ايران، عراق ۽ سريلنڪا جي درياهن ۾ پڻ ملندو آهي. پلي جو جديد سائنسي نالو ’تانولوسا اليشيا‘ (Tenualosa ilisha) آهي، جڏهن ته اڳ ۾ اهو ’هلسا اليشيا‘ (Hilsa ilisha) سڏبو هو. سنڌ جي پلي جو سواد ٻين هنڌن تي ملندڙ ساڳئي قسم کان ڪي قدر مختلف هوندو آهي.

سنڌ ۾

[سنواريو]

پلو سنڌو درياهه ۾ مئي مهيني کان سيپٽمبر ڌاري ايندو آهي. جڏهن درياهه ۾ گهڻو تيز وهڪرو ۽ چاڙهه هوندو آهي، تڏهن پلو درياهه ۾ آنا لاهڻ لاءِ ايندو آهي. آنيءَ وارو پلو مادي هوندو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق اڍائي ڪلو وزن جي ماديءَ جي آنيءَ ۾ چاليهه کان پنجاهه لک آنا هوندا آهن. جنهن کي اسان کيرو پلو چوندا آهيون، اهو اصل ۾ نر هوندو آهي. مادي آنا لاهيندي ويندي آهي، پويان نر پنهنجا ’تخمي جِيوَ‘ (Sperm) ڇڏيندو ويندو آهي، ان کان پوءِ آنن جي واڌ وارو عمل پلي جي جسم کان ٻاهر پاڻيءَ ۾ مڪمل ٿيندو آهي. اٽڪل 18 کان 26 ڪلاڪن کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽڻ لڳندا آهن، جيڪي درياهه جي تيز وهڪري سبب وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن ۽ وري جڏهن بالغ ٿيندا آهن، تڏهن وري سمنڊ کان مٺي پاڻيءَ ۾ ايندا آهن، پلو جڏهن درياهه ۾ آني ڏيڻ لاءِ ايندو آهي، ان وقت اُهو پنهنجي جسم ۾ چرٻي يا سانڍيل خوراڪ جمع ڪري ايندو آهي ۽ پوءِ درياهه ۾ جيترو عرصو رهندو آهي، ڪجهه نه کائيندو آهي. آنا لاهڻ کان پوءِ واپس سمنڊ ۾ وڃي ٻيهر کاڌ خوراڪ کائيندو آهي. عام ماڻهو چوندا آهن ته پلو واري کائيندو آهي، پر ائين نه آهي، اهو پاڻيءَ جا ننڍڙا جاندار ‘’پلئنڪٽان‘ (Plankton) کائيندو آهي، تنهنڪري پلي کي Planktivorous مڇي به چيو ويندو آهي.

نسلي افزائش

[سنواريو]

پلو درياهه ۾ آنا ان ڪري لاهڻ ايندو آهي، جو پاڻي لڙاٽيل هئڻ جي ڪري ٿڌو هوندو آهي ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ آڪسيجن، گرم پاڻيءَ کان گهڻي هوندي آهي. پلي جا آنا پلئجڪ (Pleagic) قسم جا هوندا آهن ۽ انهن ۾ تيل (Oil globule) جو مقدار گهڻو هجڻ ڪري اهي پاڻيءَ جي سطح تي ترندا آهن، ان ڪري قدرت پلي کي اها خاصيت ڏني آهي ته اهو آنن لاهڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ ڏانهن هجرت ڪري، پنهنجو نسل اڳتي وڌائي سگهي، ڇو جو سمنڊ جو پاڻي شفاف ۽ صاف هوندو آهي ۽ ان ۾ سج جي روشني گهڻي گهرائيءَ تائين ويندي آهي. اهو پاڻي مٿي سطح تي گرم هوندو آهي ۽ اهو گرم پاڻي پلي جي آنن کي، جيڪي تمام نازڪ ٿين ٿا، نقصان پهچائيندو آهي. وري گرم هئڻ ڪري ان پاڻيءَ ۾ آڪسيجن به گهٽ هوندي آهي، ان ڪري پلو آنا لاهڻ ۽ پنهنجي نسل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ درياهه ڏانهن ايندو آهي.

پاڪستان ۾

[سنواريو]

پاڪستان ۾ پلو ملتان تائين به رڪارڊ ٿيل آهي. بئراجن کان اڳ پلو ٿوري وقت ۾ سمنڊ مان سکر تائين پهچندو هو. ٻين جاندارن وانگر مڇيءَ جي هر جنس ۾ نرماد ٿين ٿا، پر سواءِ ڪن ٿورين جنسن جي ٻين مڇين جا نر- ماد ڏسڻ سان سڃاڻي نٿا سگهجن. پلي جي ماديءَ جي سڃاڻپ عام طور معلوم آهي، جو کيرو پلو، جنهن جي پيٽ ۾ آني ڪانهي، سو نر آهي ۽ آنيارو (آنيءَ وارو پلو) مادي هوندو آهي، پر اها سڃاڻپ آنيءَ جي هئڻ يا نه هئڻ جي لحاظ سان آهي. هيءُ مقرر موسم تي درياهه ۾ چڙهي ايندو آهي. سنڌو درياهه ۾ جنوريءَ کان وٺي آگسٽ تائين رهندو آهي. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ 1954ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ته پلو صرف ۽ صرف ڄام شوري تائين محدود ٿي ويو. انهن پُلين ۽ بئراجن جي ٺهڻ ڪري پلي جو اڳتي وڃڻ بند ٿي ويو. ڇو ته پلي جي فطرت آهي ته اهو پاڻيءَ جي وهڪري جي ابتڙ سفر ڪندو آهي ۽ گوڙ يا ڪا به رنڊڪ وغيره ڏسي واپس هليو ويندو آهي.

نازڪيت

[سنواريو]

پلو مڇيءَ جو هڪ نازڪ قسم آهي. پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ جلدي مري ويندو آهي. پلي جو جسم ٻين مڇين جيان وچ ۾ ٿلهو ۽ منڍيءَ ۽ پڇ وٽ سنهو ٿيندو آهي. پلي جو منهن گول ۽ ننڍو هوندو آهي. ٻين مڇين وانگر پلي ۾ ڏند نه هوندا آهن. پلو ٻن سالن جي عمر ۾ آنا ڏئي ٿو. آنا گول هوندا اٿس. پلو عام طور 8 کان 20 فٽ گهري پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. پلي جي ڊيگهه 60 يا ستر سينٽي ميٽر تائين ٿئي ٿي. سنڌ ۾ پلو ۽ مڇي ٻه جدا جدا جنسون ڪري ليکجن ٿيون. نسل جي لحاظ کان پلو به مڇي آهي، پر پلو ٻين مڇين کان وڌيڪ ذائقي وارو آهي، انهيءَ ڪري پلي کي ٻين مڇين کان جدا سمجهيو وڃي ٿو.

وڌيڪ

[سنواريو]

پلا، ڊونڊين، بتيلن، هوڙن، تُنبن ۽ ماٽين جي مدد سان ماريا ويندا آهن. پلن مارڻ واري رڇ کي سَنڍ يا سُنبهي چوندا آهن. مهاڻي کي ”مارت“ چوندا آهن. سُٺا مارت روز ڏيڍ سؤ پلا ماريندا آهن. هاريءَ ۾ ٻه پلا هڪ کيرو ٻيو آنيارو ٿيندا آهن. هاريءَ ۾ آنيارو پلو کُٽل هوندو ته پوءِ ٽي کيرا پلا هاريءَ ۾ ڳڻيندا. پلو واريءَ ۾ پچندو آهي، تئيءَ تي تربو آهي، ٽانڊن تي پچندو آهي، ٺِڪر جي ڪُنن ۾ سيئبو آهي. پلي جو ٻوڙ به رَڌبو آهي. جڏهن ته پلي جو پلاهه به رڌبو آهي. موجوده دور ۾ درياهه ۾ پاڻي اچڻ وقت پَلو ڄامشوري، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ ماري وڪرو ڪيو وڃي ٿو. پلو شوق سان کائڻ سبب مهانگو به آهي. پر پلو سوکڙيءَ طور ڏيڻ جي روايت به موجود آهي. هاڻي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهٽ آهي. ان ڪري اڪثر گوادري ۽ ايران جا پلا سنڌ ۾ وڪجڻ لاءِ اچن ٿا.[1]

کاڌو

[سنواريو]

سنڌ جو پلو چئي کڻي دنگ ڪريو! هونءَ ته پلو سمنڊ جي ڪنارن تو گوادر ڏي ۽ هندستان ڏي به گهڻو مرندو آهي، پر سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي پلي سان لڳئي ڪونه ! پلي کان وڌيڪ ڇيلري- مڇيءَ ۾ لذت واري ٻي ڪابه مڇي ڪانهي. سنڌ ۾ جڏهن ٿورو سيارو مُڙندو ۽ درياءَ جو ٿورو پاڻي چڙهندو آهي، ته پلو وري سمنڊ کان مٿي درياءَ تي چڙهڻ شروع ڪندو آهي، درياءَ ۾ اچڻ مهل پلو ننڍو هوندو آهي. جڏهن مٿي چڙهندي،حيدرآباد کان مٿي مٽيندو آهي، تڏهن جوان هوندو آهي جنهن کي ”کيرو“ پلو چوندا آهن. وري جڏهن سکر تائين پهچندو آهي، تڏهن پڪو پلو ٿي ويندو آهي، جنهن کي آڃارو (آنيارو- آنيءَ وارو) چوندا آهن، بس سکر وٽ پهتو ته تيرڻ (آنا لاهڻ) شروع ڪندو. ڏٺو ويو آهي ته پلو ڪوشش ڪري مٺي پاڻي ۾ آنا لاهيندو آهي. انهي ڪري سياري کان پوءِ ٿورو پاڻيءَ چاڙهيڪو ڏنو، ته پلي اوڀارو درياءَ ۾ سيرڻ شروع ڪيو. پوءِ انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي ته کاري پاڻيءَ کان جيترو مٿي ٿي سگهي اوترو مٿي مٺي پاڻيءَ ۾ آنا لاهيان. انهيءَ ڪوشش ۾ اوڀارو ڏاڍو تکو سيريندو آهي، ايتريقدر جو اڄڪلهه ڄام شوري وٽ براج ٻَڌڻ جي ڪري، پلو درن ۾ اهڙو زور سان اچيو ٿو لڳي جهڙي گولي! پلي جو منهن اڌو اڌ ٿيو پوي. ائين اڳي پلو مٿي چڙهندو هو، پر سمنڊ کان نڪرڻ ۽ سکر تائين وڌ ۾ وڌ پهچڻ سان تيرڻ جي لائق ٿيو پوي، انڪري اتان ئي آنا لاهڻ شروع ڪريو ڏئي، انڪري سکر کان مٿي ڪونه چڙهي پر انهيءَ کان اڳ ماري، وري تڙ نهاريو بيٺا هوندا آهن. ڪي سنڌين سان، ڪي گهاون ۽ ڀنن سان، پوءِ جيڪي پلا سمنڊ مان آيل مرندا، ۽ تڙ جي مهاڙ ۾ هوندا، سي سڀ کيرا هوندا آهن، ۽ جيڪي مٿان موٽندي، تڙ جي پڇاڙيءَ ۾ مرندا آهن، سي آڃارا هوندا آهن، تيرڻ واري پلي کي ”ڪيرو“ سڏين، پر جيڪو پلو اوڀارو هلندو آهي، ان کي ”سانڍيارو“ سڏين سانڍيارو، کيرو پلو هوندو آهي. ورڻ مهل انهيءَ کي ڪيرو سڏين، ڇو جو ورڻ مهل سندس آنيون ڀرجي وينديون آهن، ۽ تيرڻ شروع ڪندو آهي، کائڻ مهاڙ وارو سانڍيارو پلو جنهن کي کيرو پلو چون، وڌيڪ لذيذ ٿيندو آهي. پوءِ ائين پلا درياءَ ۾ مٿي چڙهندا سکر تائين تيرڻ جهڙا ٿي ويندا آهن ۽ اتان درياءَ ۾ تيرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، وري اهي پلن جا آنا آهستي آهستي درياءَ جي وهڪ سان لڙهندا لڙهندا سمنڊ ڏي ايندا آهن، تان جو سمنڊ ۾ پوڻ کان اڳ مٺي پاڻيءَ ۾ ئي ڦٽي پوندا آهن، ۽ انهن مان ننڍڙيون پلئڙيون نڪرنديون آهن،جيڪي پاڻ بچائينديون بچائينديون درياءَ جو ڪنارو وٺي، سمنڊ ڏي ترنديون وينديون آهن. اهو وقت وري هوندو آهي، ذري گهٽ پاڻيءَ جي ڇِينهرن جو پوءِ اهي ننڍڙيون پلئڙيون ڪجهه وڏيون ٿي، وڃي پنهنجي اباڻي پاڻيءَ سمنڊ ۾ پونديون آهن. جتي سياري جا ڏينهن گذاري جوان ٿي، وري پاڻيءَ جي چاڙهيڪن جي ڏينهن ۾، مٿي درياءَ ۾ آنن لاهڻ لاءِ چڙهنديون آهن. ممڪن آهي ته ٻين دريائن ۾ به ائين سمنڊ کان پلو چڙهندو هجي، پر ههڙو لذت وارو پلو ڪٿي به ڪونه ٿئي! ممڪن آهي خط استوا کان پورو پُنو دور هئڻ ڪري، يا انهيءَ زمين جي ڪري، جنهن مان درياءُ لنگهندو هجي، ان جي اثر ڪري پر پلو لذيذ ڏاڍو ٿو ٿئي! سنڌ ۾ به طرح طرح سان پلي کي کائين. پچائي، سيئي، ٻوڙ رڌي، پلاءُ ڪري، تري، ڪوڪ ڪري، واريءَ ۾ پچائي، مطلب ته عجيب عجيب نموني سان کائينس. پلي جو سٺي ۾ سٺو کائڻ جو حصو آهي پيٽارو (پيٽ) ٻيو نمبر ڦري، پلي جي ڦوٽن جو وري پِتو ڪڍي ڌوئي تري کائين، ائين آنيون به تريندا آهن، يا پلاءُ ڪندا آهن، يا آنين جو جدا ٻوڙ به رڌين. پلي جي پيٽاري تي ته مورڳو پهاڪو به ٺهيل آهي ته ”جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا“[2]

ڪوڪ پلو

[سنواريو]

پلي کي ڪوڪ ڪرڻ کان اڳ ڇا ڪندا آهن،جو پيٽ ڀر چيرائيندا آهن. پر پلو کيرو وٺندا آهن، ڇو جو کيري پلي ۾ ساءُ سٺو ٿيندو آهي، ۽ پاسيرو سيرائيندس، پوءِ انهي مان ڪليون، ڦوٽا، ۽ کيريون ڪڍي صفا ڪري، ڌوئي ٺاهي، پوءِ اڱر ڌڳائي، ان تي پلو ڪوڪ ڪرڻ واري منجڻ رکي، ان تي کڻي پلي کي پيٽ ڀر رکندا، ۽ ٻارڻ کي ماٺو ڪري ڇڏيندا. جڏهن ماٺي ٻارڻ تي پيٽ وارو پاسو ترجي ويندو، تڏهن وري اٿلائي رکندا ڇيلرو پاسو. مٺي سيڪ تي سيڪيندا به ويندا ۽ مٿئين پيٽ واري پاسي تي مکڻ به لائيندا ويندا. ائين تريندا به ويندا، مکڻ به کڻائيندا ويندا، تان جو پلو سڄو ٽانڊن جي مٺي ٻارڻ تي ترجي تيار ٿي ويندو. پوءِ پڇاڙيءَ واري اٿلاڻي تي ڇا ڪندا، جو قدر آهر کٽا ڏاڙهون، ڪارا مرچ، ڪٽيل ڌاڻا گيهه ۾ گڏي ٿورو ٿورو ڪري سيرن ۾ ڏيندا ويندا آهن، تان جو مسالو پلي سان هڪ ٿي ويندو آهي ۽ هيٺيان پلي جا ڇلر ڳاڙها ٿي ويندا آهن، پوءِ لاهي رکندا اٿس رڪيبيءَ ۾. سنڌ جو هي ڪوڪ پلو، پلي-مڇي هي سڀني ٻوڙن کان سٺو ۽ ساءَ وارو ٿئي. اهڙو ته کٽڙو ۽ چهرو ٿئي، جو ڀائنجي ته پيو کائيجيس، ڪوڪ پلي سان وري اڦراٽا ٺهن، چانورن يا جوئر يا باجهريءَ جي مانيءَ سان اهڙو مزو ڪونه ڪري نڪي وري ڀت سان. جيئن سنڌ ۾ مانين رکڻ لاءِ دٻڪيون ٿينديون آهن، تيئن پلي کي وري هالا جي ڪاشيءَ مان ٺهيل ٺڪر جي سڻڪن ۾ رکي کائين.[3]

واريءَ جو پڪل پلو

[سنواريو]

واريءَ جي پڪل پلي ۾ به واهه جي لذت ٿيندي آهي. پر سچ ته هي آهي ته پلي کي ڪوڪ ڪرڻ لاءِ يا واريءَ ۾ پچائڻ لاءِ ڪنهن هاڻي جو هٿ ئي ٺهندو آهي. مهاڻيون واريءَ ۾ پلو هيئن پچائينديون آهن. ڇا ڪنديون آهن، جو کيرو تازو پلو آڻي، انهيءَ کي چيري سيرون ڏئي ڪليون ٻليون ڪڍي، ڌوئي ڌمالي، صاف ڪري، سنهڙو ڪتريل بصر، قدر آهر ڪُٽيل مرچ، ڌاڻا، ڏاڙهون کٽا، گڏي ڪٽينديون، ڪُٽي اهو سنهون مسالو سيرن ۾ ڏئي، پلي جا ٻئي اڌ پاڻ ۾ ملائي بند ڪري، مٿان ويڙهينديس ڌاڳا، اهڙيءَ طرح جيئن مسالو ٻاهر نه نڪري. پوءِ ان جي مٿان رَڇ جو ٽڪرو ويڙهي ان جي مٿان وري ڪپڙو آلو ڪري اهو ويڙهينديون. پوءِ وري ڇا ڪنديون آهن، جو واريءَ تي ڪک ڪهڄر رکي باهه ٻارينديون ته واري گرم ٿئي. جڏهن واري گرم ٿي ويندي، تڏهن ان ۾ اهو پلو پوهي ڇڏينديون آهن. ڪجهه وقت پوهڻ کان پوءِ ڪڍنديون پلي کي ٻاهر، ته پلو پاڻيهي پنهنجي ئي مسالي جي رس ۾ ٺهي تيار ٿي چڪو هوندو. پوءِ ڪپڙو رڇ ۽ ڌاڳا وغيره لاهي، ويهي کائينديون ۽ کارائينديون. هن طريقي سان پلي پچائڻ جو رواج رڳو سنڌ ۾ آهي. اهڙو پڪل پلو واهه جو سوادي ٿئي. پلي لاءِ ميربحرن جو چوڻ آهي ته نه ڌوئيجيس ته چڱو رڳو ڪليون ۽ پِتو ڪڍجيس لاچار ته ڦوٽو کيريون ۽ آنيون به کڻي ڪڍجنس. جي نه، ته ضرورت ناهي. ميربحر جڏهن پلن مارڻ تي هوندا آهن ۽ پاڻ پنهنجي ماني تيار ڪندا آهن، تڏهن ڇا ڪندا آهن، جو پلو چيري صفا ڪري وهندڙ درياءَ مان رڳو هڪڙو ٽوپو ڏيارينس، پوءِ کڻي وجهنس ديڳڙي ۾. اهڙي ذري گهٽ اڻ ڌوتل پلي ۾ ڏاڍو ساءُ ٿئي. اهڙو پلو جهڙو پلاءَ ۾ سوادي ٿئي تهڙو ٻوڙ ۾. لاڙ ۾ لوڻيا پلا، جن کي کارا پلا چون عام استعمال ٿين.[4]

آنين جو ٻوڙ

[سنواريو]

پلي جو ٻوڙ به سٺو ٿئي، پر آنين جو ٻوڙ به پنهنجو مٽ پاڻ ٿئي، هونءَ ته آنين کي تريندا به آهن ته سيئيندا به. پر آنين جو خاص ٻوڙ سڀني کان سٺو ٿئي، زالون ڇاڪنديون آهن، جو تازيون تازيون آنيون وٺي، انهن جا ڳترا ڳترا ڪري ٿوري پاڻيءَ مان اُڇلائينديون. ڇو ته جي گهڻو ڌوئينديون ته آني ذرا ذرا ٿي، رڌڻ کان اڳ ئي ڳري ويندي. پوءِ ڇا ڪنديون، جو ديڳڙي ۾ ججهو بصر سنهي ڪتر ڪري گيهه سان گڏ چاڙهينديون باهه تي. پوءِ بريان وانگر پچائي، ان ۾ وجهنديون مرچ، ڌاڻا، ڏاڙهون سڀ ڪُٽيل، قدر آهر وجهي، ٿورو پچائينديون. مسالي جي پڪي ٿيڻ کان پوءِ آنيون وجهينديون ۽ ٿورو پاڻي به گڏي ڇڏينديون. بس ڪجهه وقت ٻڙڪي کائڻ کان پوءِ ان ۾ ڏاڙهن جي لاس وجهي، لاهي کڻي رکنديون. اهو ٻوڙ به اهڙو ته سٺو ٿو ٿئي، جو وڃي ٿيا خير![5]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}