مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مانٽيگو-چيلمسفورڊ سڌارا: (انگريزي: Montagu–Chelmsford Reforms). جن کي مانٽ فورڊ سڌارا بہ چوندا آهن برٽش انڊيا ۾ وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ ۽ برٽش انڊيا جي رياستي سيڪريٽري ايڊون سيموئيل مانٽيگو طرفان تجويز ڪيل سياسي سڌارا ھئا جن ۾ برٽش انڊيا جي راڄ لاء مقامي ماڻھن طرفان چونڊيل حڪومت ۽ خود حڪمراني وارا ادارا قائم ڪرڻ ھيو جنھن ڪري انھن جي نالي سان منصوب ٿيا. ھنن سڌارن جي مانٽيگو چيلمسفورڊ رپورٽ 1918 ۾ تيار ٿي جنھن جي بنياد تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1919 پاس ٿيو. اھي سڌارا آئين متعلق ھيا. انڊيا جي سياسي ڌرين انھن سڌارن کي ناڪافي قرار ڏنو. ھنن سڌارن ذريعي مرڪزي ليجسليٽو ڪائونسل کي ٻن ايوانن ۾ ورھايو ويو جن م امپيريل ليجسليٽو ۽ ڪائونسل آف اسٽيٽس شامل ھيا. صوبا ٻٽي حڪومتي نظام تي ھلڻا ھيا.

سڌارن جا مکيہ حصا[سنواريو]

  • انڊيا جي حڪومت جا معاملا سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي اختيار ۾ ھوندا.
  • مرڪزي قانونساز اداري جا ٻہ ايوان ھوندا جن ۾ ھڪ ڪائونسل آف اسٽيٽ ۽ ٻيون انڊين ليجسليٽو اسيمبلي ھوندي
  • مرڪزي قانونساز اداري کي انڊيا جي سموري معاملن متعلق قانونسازي ڪرڻ جو اختيار ھوندو.
  • گورنر جنرل کي ٻنھي مرڪزي ايوانن سڏڻ جو ۽ انھن کي ٽوڙڻ جو ۽ آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ھوندو.
  • وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ اٺن رڪنن مان ٽي رڪن ھندوستاني ھوندا.
  • صوبن لاء ٻہ ايوانن وارا ليجسليٽو ادارا قائم ٿيندا.
  • پھريون دفعو سڌي سئين چونڊ جو طريقو اختيار ڪيو ويو.
  • 108 ميمبرن تي مشتمل پرنسلي رياستن جي شھزادن جي ڪائونسل جوڙي وئي پر اھو ھڪ بي اختيار ادارو رھيو.

حوالا[سنواريو]