ڪيلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ڪيلن جا چار مختلف قسم

ڪيلو هڪ مشهور ميوي ۽ ان جي وڻ جو نالو آهي. هن جو ٿڙ ٿلهو ۽ نرم هوندو آهي، جيڪو پنن جو ٺهيل هوندو آهي. هن جا پن تمام ڊگها ۽ ويڪرا هوندا آهن. پڪل ڪيلو ميوي جي طور ۽ ڪچو سبزي جي طور استعمال ٿيندو آهي.

وڏي ٻج وارو جنگلي ڪيلا

ڪيلي کي سنڌيءَ ۾ ڪيوڙو بہ چيو ويندو آهي. ڪيوڙي کي هندستانيءَ ۾ ڪيلا، فارسيءَ ۾ موز ۽ انگريزيءَ ۾ پلانٽين يا بنانا سڏيندا آهن. هن جا بيشمار قسم آهن جي قد، رنگ، خوشبوءِ، لذت ۽ ٻين ڪن ڳالهين ۾ تفاوت رکن ٿا.

چڱي ڪيوڙي يا ڪيلي جي لاءِ تمام ڀلي زمين گهرجي. ڪيلا هڪٻئي کان ڇهن يا اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي، هڪڙيءَ ڪسيءَ ۾ پوکڻ گهرجن، جا ڪسي هڪ فوٽ يا وڌيڪ اونهي ۽ ٽي فوٽ ويڪري هئڻ گهرجي ۽ انهيءَ ۾ وقت بوقت ججهو پاڻي ۽ تازو ڳائو ڀاڻ وجهڻ گهرجي. هر هڪ وڻ ۾ ٽڻ ٽڙن کان وڌيڪ ٿڙَ رهڻ نه ڏجن. جيڪي اکيون پاڙ مان نڪرنديون وڃن سي هڪدم ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. جيڪو ٿڙ هڪڙو ڀيرو ڦر ڪري، تنهن کي پاڙ کان مٿڀرو زمين جي سنوت ۾ وڍي ڇڏڻ کپي، جو اهو وري ٻيو ڦر نه ڪندو. وڍيل پاڙ کي زمين ۾ تيستائين ڇڏجي، جيستائين ڪا ان جي تازي اک اها جاءِ واري بهتر آهي ته ٻئي يا ٽئي ورهيه ڪيوڙو ڪڍي نئين زمين ۾ رکجي، جو هو جنهن زمين ۾ رهي ٿو انهيءَ کي ٿڪايو ڇڏي. چوندا آهن ته ساڳئي ٿڙ ۾ ٻن قسمن جو ڦر پيدا ڪرائي ٿو سگهجي. هيئن ڪجي جو ٻن قسمن جي ڪيلن جون هڪ جيڏيون اکيون ڪڍي، تکي ڪپ سان اڌ مان چيري، هڪڙي جو اڌ ٻئي جي اڌ سان ملائي، ٻڌي، زمين ۾ هڻي ڇڏجي. سگهو ئي اهي ٻئي اڌ ملي هڪ ٿي ويندا ۽ ڏينهن پُني هڪڙي ٿڙ مان ٻنهي قسمن جو ميوو پيدا ٿيندو.[1] ڪيلي کي گهڻي سردي ساڙيندي آهي. ڪيلي جي لاءِ زمين لوڻائتي بهتر آهي.

سادي قسم جا ڪيلا ماڻهو ڍورن کي کارائيندا آهن. ڪچا ڪيلا ڀاڄيءَ ۾ به ڪم آڻيندا آهن. ڪن مان ته ماني به پچائيندا آهن. جڏهن ڪيلو چڱو ڦر ٿو ڪري تڏهن ته هڪڙو ئي وڻ ستر يا اسي پائونڊن جيترو مال پيدا ڪري ٿو. [1] ”همبولٽ“ صاحب لکي ٿو ته ”ساڳي زمين جا هڪ هزار چورس فوٽ، جي 462 پائونڊ پٽاٽن جا يا اٺٽيهه پائونڊ ڪڻڪ جا اُپائيندا، سي ڪيلن جا چار هزار پائونڊ اُپائيندا ۽ گهٽ عرصي ۾.“[1] ڪيلن جا گهڻا ئي قسم مشهور آهن. لال ڪيلو ۽ سون ڪيلو ته عام آهن. ٻين عمدن قسمن جا هندي نالا هي آهن، چمپا، چيٻي چمپا، مرتبان، ڊاڪائي، ڪڇ ڪيلو، موهن ڀوڳ، رام ڪيلو ۽ ٻيا. [1]

اخذ ٿيل[سنواريو]

ڪيلي جو لفظ پراڪرت مان اخذ ٿيل آهي.

ڪيلي جو وڻ
ڪيلي جي پيداوار اسلامي دورن ۾(700-1500 AD).

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو