بھاولپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بهاولپور کان چوريل)
Bahawalpur
بھاولپور
شھر
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: نور محل، گلزار محل، صادق ھاء اسڪول، دربار محل، الصادق مسجد ۽ باب فريد
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: نور محل، گلزار محل، صادق ھاء اسڪول، دربار محل، الصادق مسجد ۽ باب فريد
Municipal Corporation Bahawalpur
Municipal Corporation logo
Bahawalpur is located in Pakistan
Bahawalpur
Bahawalpur
Bahawalpur is located in Asia
Bahawalpur
Bahawalpur
جاگرافي بيهڪ: 29°23′44″N 71°41′1″E / 29.39556°N 71.68361°E / 29.39556; 71.68361مڪانيت: 29°23′44″N 71°41′1″E / 29.39556°N 71.68361°E / 29.39556; 71.68361
ملڪ  پاڪستان
صوبو پنجاب، پاڪستان& پنجاب
ضلعو بھاولپور ضلعو
تحصيل بھاولپور شھر
يونين ڪاؤنسلون 36
حڪومت [1]
 • قسم ميونسپل ڪارپوريشن
 • ميئر عقيل نجم ھاشمي
 • ڊپٽي ميئر ملڪ منير اقبال چنڙ
پکيڙ
 • ڪل 237.2 ڪ.م2 (91.6 ميل2)
بلندي 181 ميل (702 ft)
آبادي (2017)[2]
 • ڪل 762,111
Bahawalpur / Punjab Portal

بھاولپور(انگريزي: Bahawalpur ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي بھاولپور ضلعو جو شھر ۽ ضلعي ۽ ڊويزنل صدر مقام آھي، ۽ پاڪستان جي يارھين وڏي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آھي جنھن جي آبادي 798,509 آھي.[3] شھر جو بنياد 1748 ۾ پيو. ھي شھر بھاولپور جي پرنسلي اسٽيٽ جو گاديءَ جو هنڌ ھيو 1955 تائين عباسي خاندان جا نواب ان رياست جا حاڪم رھي جن جو فن تعمير بھاولپور جو وڏو تاريخي ورثو آھي.[4] 7 آڪٽوبر 1947 ۾ نواب صادق محمد خان پنجون بطور پرنسلي اسٽيٽ جي سربراهه جي بھاولپور کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي منظوري ڏني.[5]

تعليم[سنواريو]

1971 ۾ شھر ۾ قائداعظم ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿي

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر جو بنياد نواب بھاول خان پھريون 1748 ۾ وڌو.[6] ان وقت ھي شڪارپور کان اچ جي علائقي ۾ لڏي آيو ھو اھڙي طرح نئين شھر جو بنياد وڌائين.[7] دراوڙ کان پوءِ بھاولپور گاديءَ جو هنڌ بڻيو.[8] افغانستان ۽ وچ انڊيا جي واپاري دڳ تي ھجڻ ڪري شھر واپاري ٺڪاڻو بڻجي ويو.[9] 1785 ۾ سنڌ جي ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جي چوڻ تي دراني سلطنت جي ڪمانڊر سردار خان ھن شھر تي حملو ڪري تباه ڪيو .[10] حاڪم خاندان شھر ڇڏڻ تي مجبور ٿي دراوڙ قلعي ۾ اچي پنھنجو دفاع ڪيو نيٺ سٺ ھزار روپيا خراج ۽ قلعي جي سپردگي جي عيوض بھاول خان کي راجپوت رياستن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملي پر جي اچ کان ڦري پنھنجو قلعو واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي بھاولپور ٻيھر حاصل ڪري ورتو. نواب محمد بھاول خان ٻيون 1802 ۾ دراني ايمپائر جي خاتمي بعد بھاولپور جي پرنسلي اسٽيٽ قائم ڪئي

صادق محمد خان پنجون بھاولپور جو آخري نواب ھيو
دراوڙ فورٽ بھاولپور جي حاڪم عباسي خاندان جي طاقت جو مرڪز ھيو
بھاولپور جي مرڪزي لائبريري جيڪا پرنسلي اسٽيٽ ۾ قائم ٿي
بھاولپور جو ڦوهارو چوڪ

سک ايمپائر جي حملي جي خدشي سبب[11] نواب محمد بھاول خان ٽيون برٽش انڊيا سان 22 فيبروري 1833 ۾ معاھدو ڪيو جنھن ۾ نواب جي ۽ بھاولپور جي خودمختياري جي پرنسلي اسٽيٽ جي شڪل ۾ ضمانت ڏني وئي. 1874 ۾ شھر کي ميونسپلٽي جو درجو مليو.[12]

حوالا[سنواريو]

  1. "MC Bahawalpur". MC Bahawalpur. حاصل ڪيل 2018-04-25. 
  2. "DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION SUMMARY WITH REGION BREAKUP: PUNJAB" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 2018-04-24. 
  3. Bahawalpur: Area & Population آرڪائيو ڪيا ويا 9 November 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Official Bahawalpur Government Website, Retrieved 2009-09-17
  4. Dar, Shujaat Zamir (2007) (en ۾). Sights in the Sands of Cholistan: Bahawalpur's History and Architecture. Oxford University Press. https://books.google.com/books?id=W-vivJMCxSMC&dq=bahawalpur+monuments&focus=searchwithinvolume&q=monument+bahawalpurvvv. 
  5. Christopher Buyers, Royal Ark website. "Bahawalpur: The Abbasi Dynasty". وقت 15 November 2007 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-10-13. 
  6. Wright, Arnold, ed (1922). Indian States: A Biographical, Historical, and Administrative Survey. Asian Educational Services. p. 145. ISBN 9788120619654. 
  7. Gilmartin, David (2015-06-05) (en ۾). Blood and Water: The Indus River Basin in Modern History. Univ of California Press. ISBN 9780520285293. https://books.google.com/books?id=5AglDQAAQBAJ&pg=PA22&dq=bahawalpur+sufi&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwj68YakwfXYAhUU-mMKHbGEDGkQ6AEIWzAJ#v=onepage&q=bahawalpur%20sufi&f=false. 
  8. Cotton, James Sutherland; Burn, Sir Richard; Meyer, Sir William Stevenson (1908) (en ۾). Imperial Gazetteer of India .... Clarendon Press. https://books.google.com/books?id=lolDAAAAYAAJ&pg=PA204&dq=empress+bridge+bahawalpur&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiK8Pf8t_XYAhUL3WMKHeHKB_0Q6AEIKTAA#v=onepage&q=empress%20bridge%20bahawalpur&f=false. 
  9. (en ۾) The Asiatic Journal and Monthly Register for British India and Its Dependencies. Black, Parbury, & Allen. 1838. https://books.google.com/books?id=wjk9AQAAMAAJ&pg=RA1-PA1&dq=bahawalpur&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjNu7Wks_XYAhVH2WMKHZj3DRE4FBDoAQhWMAk#v=onepage&q=bahawalpur&f=false. 
  10. Álī, Shahāmat (1848) (en ۾). The History of Bahawalpur: With Notices of the Adjacent Countries of Sindh, Afghanistan, Multan, and the West of India. James Madden. https://books.google.com/books?id=-AteAAAAcAAJ&printsec=frontcover&dq=bahawalpur+history&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwijhJLYovXYAhVDx2MKHXPgBIUQ6AEIKTAA#v=onepage&q=bahawalpur&f=false. 
  11. Burki, Shahid Javed (2015-03-19) (en ۾). Historical Dictionary of Pakistan. Rowman & Littlefield. ISBN 9781442241480. https://books.google.com/books?id=rk-sBwAAQBAJ&pg=PA98&dq=bahawalpur+sufi&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwj68YakwfXYAhUU-mMKHbGEDGkQ6AEINTAC#v=onepage&q=bahawalpur%20sufi&f=false. 
  12. "Bahawalpur | Pakistan" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/place/Bahawalpur.